ڊالر نه اٽو

سستو ڪريو!‎

دنيا جا ملڪ ماڻھن جون حقيقي خادم رياستون هونديون آهن ۽ ھي اسان وارو ملڪ ھڪ فلم جيان آھي، جنھن ۾ عام عوام فقط ڏسي سگھي ٿو ته سياستدان، بيوروڪريٽس، سيد، پير، انگريزن جي ناجائز اولادن جا مزا، ڪمند جي پيداوار جي لحاظ کان اسان جو پيارو پاڪستان دنيا جي پنجين نمبر تي آهي ته پوءِ ڇا اسان وٽ کنڊ سستي آھي؟ نه بابا کنڊ سستي ڪٿي آھي؟ ڪڻڪ جي پيداوار جي لحاظ کان دنيا ۾ اٺين نمبر تي، اسان جو ملڪ آھي ته پوءِ ڇا اٽو سستو آھي؟ چانورن جي پيداوار جي لحاظ کان اسين ڏھين نمبر تي آھيون، چانور به سستا ناھن! ڪپھ جي پيداوار ۾ اوھان دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آھيو ته پوءِ ڇا ھر شھري ڪپڙا سولائيءَ سان خريد ڪري سگھي ٿو؟ جي نه! اوھان جو پيارو پاڪستان برف پوش جبلن کان وٺي سرسبز ميدانن، صحرائن ۽ خوبصورت سامونڊي ڪنارن تي وارو ملڪ آھي. معدني دولت سان مالا مال چار موسمن وارو خوبصورت ملڪ آهي، اُنھن سمورين نعمتن جو فائدو ڪنھن کي ٿو ٿئي؟ کير جي پيداوار جي لحاظ کان اوھان جو وطن دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آھي، دنيا کي بهترين معيار جا سامونڊي کاڌا اوھان جي ملڪ مان مھيا ٿين. اوھان جي محنتن سان پيدا ڪيل سايون ڀاڄيون، ميوا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانھن اماڻيا وڃن ٿا پر ڇا عام ماڻھو کي اھي سولائيءَ سان ميسر آھن؟ جي نه! عرض آھي ته جي ھن ملڪ جي ھر گھٽي مان سون، ٽامون، گئس، تيل ملي وڃي ته به فائديمند فقط ملڪ تي مسلط نسل در نسل سياستدان، وڏيرا، ڀوتار، سيد، پير، آفيسر شاھي ٿيندا. سندن چمڪيل قسمت ۾ وڌيڪ چمڪ اچي ويندي، جڏھن ته عوام پنھنجي حسرتن تي ڳوڙها ويٺو ڳاڙيندو. آڻيندي روز چاڙھيندي، روز پيا واڪ لڳن ته ڊالر ڪري پيو، سون جو اگھ به ھيٺ اچي ويو پر ڊالر يا سون سون سان ملڪ جي 90 سيڪڙو ماڻھن جو ڪو واسطو ناھي، عوام جو واسطو اٽي، دال، چانورن، گيھه، کنڊ، کير سان آھي. انھن روزمرھ جي شين جي سستي ٿيڻ جي اميد کڻي ماڻھو جيئن پيا! اوھان وارو ڊالر لٿو، سون لٿو ته ڪھڙو فرق پيو؟ ذخيرہ اندوز سيٺين تي خوب ڇاپا لڳا، مال به مليو پر ٿيو ڇا مال ڪيڏانھن ويو؟ سرويچ چواڻي ته “ھت چور وڏيرا ڪامورا ٽيئي جھڙا ڀائر سڳا.“ خدارا کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ڪريو، ڊالر جي اڌ جيترو ڌيان اٽي تي ڏيو ته هوند بددعائن کان بچو!

الھڏنو راھمون/ سجاول

شھيد جان محمد مهر جا قاتل ڪڏهن پڪڙبا؟

ٻاهرين ترقي يافتا ملڪن ۾ ڪنھن هڪ فرد جو قتل پوري رياست کي لوڏي ڇڏيندو آھي ۽ پوري رياستي مشينري اُن جي قاتل کي پڪڙڻ ۽ ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ نَنھن چوٽيءَ جو زور لڳائي ڇڏيندي آھي پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان روز انسان بي موت ماريا وڃن ٿا، تن بيگناهه انسانن جا قاتل پڪڙڻ ته پري جي ڳالھ پر پوليس پاڻ قاتلن جي طرفداري ڪندي نظر ايندي آھي، جنھن سان يقينن ڏوھ وڌڻ لڳندا آھن، اهڙو ڪو به ڏينهن خالي ناهي جنھن ڏينھن تي ڪو هاءِ پروفائيل ڪيس سامهون نه اچي. چوڻ جو مطلب ته هونئن ته ماڻھو روز سوين ماريا وڃن ٿا پر هاءِ پروفائيل يعني عجيب نوعيت جا ڪيس جن کي ٻڌڻ سان لڱ ڪانڍارجيو وڃن هن ملڪ ۾ ماڻھو کي مارڻ ايترو سولو ٿي ويو آھي جو جيڏي مهل ڪنهن کي کپي ته اهو ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائي ٿو ڇڏي. هونئن ته ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪافي اهڙا واقعا ٿي چڪا آھن پر تازو 14 آگسٽ جشن آزادي جي رات رهزنن هٿان سکر وچ شھر ۾ لوپس پارڪ جي گيٽ وٽ بيدردي ۽ بيرحمي سان شھيد ڪيل صحافي جان محمد مهر جو قتل ڪيس به شايد اڳ وارين ڪيسن جيان ختم ٿي ويندو ۽ قاتل ٻاهر هوندا، ايترن احتجاجي تحريڪن مظاهرن ڌرڻن سوشل ميڍيا ٽرينڊن باوجود سرڪار ايڏي بيوس ڇو آھي؟ ڇا قاتل ايترا سگهارا آھن جو انھن خلاف آپريشن ڪندڙ پوليس آفيسرن جون نوڪريون وڃي سگهن ٿيون؟ ڇا قانون مُک جوابدارن اڳيان بيوس بڻيل آھي؟ ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آ، ذري گهٽ جان محمد مهر جي قتل کي 2 مهينا پورا ٿيڻ وارا آھن پر قاتل اڃا به آزاد آھن. هي ڇا پيو ٿئي سنڌ اندر؟ نگران حڪومت آخر هن معاملي کي سنجيدگي سان ڇو نٿي وٺي؟ لڳي ٿو ته هاڻ سنڌ جا قلمڪار ڌرتيءَ ڌڻي هڪ هڪ ڪري بي موت وچ شھرن ۾ ماريا ويندا ۽ ڪير به داد فرياد ڪرڻ وارو ڪو نه هوندو؟ خدارا چيف جسٽس سپريم ڪورٽ صاحب توهان ئي پاڻمرادو نوٽيس وٺو ۽ پوليس جي ڪن مهٽ ڪريو ته جيئن شھيد جان محمد مهر قتل ڪيس جا مُک جوابدار پڪڙجن ۽ کين سزا ملي سگهي.

امداد بروهي/ ٺٽو

ڏهرڪي جي ٽي روڊ سياست جي ورچڙهي وئي!‎

ڪيترن ئي سالن کان زبون حاليءَ جو شڪار جي ٽي روڊ تعمير ٿيڻ کان پهرين سياست جي ور چڙهي وئي، اوٻاوڙي جي ساستدانن ۽ ڀوتارن دعوائون ته وڏيون ڪيون پر عمل ٽڪي جو به نه ٿي سگھيو، پي ايس 18 جي اڳوڻي ايم پي شهريار شر دعويٰ ڪئي هئي ته جي ٽي روڊ کي تعمير ڪرائڻ لاءِ اسمبلي ۾ بل آئون پاس ڪرايو هو، جنهن جو ڪجهه مهينا اڳ سينيٽر ڄام مهتاب خان ڏهر جي فرزند روڊ تي ڀٿر سٿرائي افتتاح ڪيو هو، جنهن تي شهريار شر جي ورڪرن ۽ سينيٽر ڄام مهتاب خان جي ڪارڪنن ۾ لفظي جنگ پڻ هلي هئي، هينئر ٻه مهينا گذرڻ باوجود جي ٽي روڊ جو مرمتي ڪم شروع ناهي ڪيو ويو، روڊ جي وچ ۾ پٿر پيل هجڻ جي ڪري شهرين توڙي رهواسين کي اچ وڃ ۾ تمام گھڻيون ۽ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري شهر واسين مطالبو ڪيو آهي ته روڊ کي تعمير ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سنڌي علي گل شيخ/ اوٻاوڙو

گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور جا قدم!

اسان سنڌ جي تعليم تي نظر وجھنداسين ته نون استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ سان تعليم جي معيار ۾ بھتري جي اميد آهي. ميرٽ ھڪ تعليم معيار کي بھتر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. اسان سنڌ جي ڪاليجن تي نظر وجھنداسين ته انھن معياري تعليم ڏيندڙ ادارن مان گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور به ھڪ آھي، جتي پڙھائي ۽ ڪلاسن وٺڻ تي ڪمپرومائيز ناهي ٿيندو. ريگيولر بنياد تي ڪلاس ھلن ٿا ۽ شاگردن کان ھفتيوار، ماھوار ٽيسٽون به ڪرايون وڃن ٿيون. ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر لعل بخش سوھو جي ڪاوشن کي ساراھجي ٿو جنهن ڪاليج لاءِ فوٽو اسٽيٽ مشين خريد ڪئي آھي جيئن شاگردن کي ٽيسٽن جي ڦوٽو ڪاپي ڪرائڻ جا پئسا ڀرڻا نه پون. شاگردن کي سھولت ڏني آھي، ڪاليج جي پروفيسرز ۾ پروفيسر ممتاز ٻرڙو زولاجي، پروفيسر محمد صديق ڀيو فزڪس، پروفيسر راشد سولنگي فزڪس، پروفيسر امجد ميتلو ڪيمسٽري، پروفيسر ظفر سولنگي زولاجي، پروفيسر عبدالخالق جانوري اردو ۽ پروفيسر سيد باقر رضا ٽيسٽون اردو پروفيسر مير خادم ٽالپر سنڌي جون ٽيسٽون ورتيون. ٽيسٽن جي نگراني پرنسپل جي سرپرستيءَ هيٺ ٽيم ۾ پروفيسر ولي الله مھيسر، پروفيسر مير ذوالفقار ٽالپر، پروفيسر شفيق وساڻ، پروفيسر اشفاق ميمڻ، پروفيسر نعمت الله سولنگي، پروفيسر عبدالله ميمڻ، پروفيسر جنيد منگي ۽ پروفيسر انعام الله لاڙڪ جي نگرانيءَ ۾ ٽيسٽون ٿيون. اڳ جي ڀيٽ ھن سال 22 سئو کان مٿي يارھين ڪلاس ۾ داخلا ٿي آھي، گذريل سال جڏھن ته 1500 داخلا ٿي ھئي. ھن ڪاليج ۾ صحتمند سرگرميون به وقتن به وقت ڪيون وڃن ٿيون. ٽيچرس جو ڏينھن ملھائڻ جو پروگرام، ڪئير ڪائونسلنگ سيشن جا ليڪچر پروگرام به منعقد ڪرايا ويا. تعليمي اداري ۾ صحتمند سرگرميون شاگردن جي ذھنين کي اجاگر ڪن ٿيون. گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر لعل بخش سوھو ۽ سندس ٽيم جي تعليم جي معيار کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪوشان آھن. ڪاليج جي شاگردن کي ڪاليج جا استاد پنھنجي اولاد جيان سمجھن ٿا ۽ پنھنجي ڏنل فرض ۾ ڪوتاھي نٿا ڪن. شاگرد مستقبل جو سرمايو آھن سرڪاري ڪاليجن ۾ پڙھائي آھي، اسان جي سماج ۾ رھندڙ ماڻھن جي ذھنن ۾ رڳو خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ئي پڙھائي جو تصور جڙيل آھي، جتي والدين ڳريون فيون برداشت ڪن ٿا پر والدين کي پنھنجي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪلين ۽ ادارن جي مالڪي ڪن، استاد جي سڃاڻپ شاگرد ھوندا آھن، شاگرد ئي جج ھوندا آھن، شاگردن کي علم جي لاٽ کان روشناس ڪرڻ بھترين استادن جو ڪم آھي.

سدائين سونھن ٿيون بزم محفلون،

اڄ جا ھي ننڍڙا ۽ نازڪ گلاب،

سڀاڻي سڏبيون وڏيون حستيون.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

ساهتي پرڳڻي جو ڀلوڙ نعت خوان!

اسان جي سنڌ صوبي ۾ سنڌ جا مشهور نعت خوان ٿي گذريا آهن، جن ۾ حاجي غلام نبي مهيسر، حاجي جان محمد ابڙو، ليمون فقير جت، احمد علي جتوئي، عبدالمجيد ميراسي، عبدالحق، فقير عبدالستار مشوري ۽ استاد انور علي جتوئي انهن ۾ شامل آهن، انهن نعت خوانن ۾ ڳڻيو ويندڙ فقير عبدالرحمٰن مشوري به هڪ آهي. اسان جي ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهروفيروز ۾ فقير عبدالرحمٰن مشوري 5 درجا پاس ڪري نعت خواني ۾ آيو، جنهن جو استاد سنڌ جو مشهور نعت خوان جانڻ فقير ابڙو هو جنهن کان فقير عبدالرحمٰن مشوريءَ سکيا ورتي ۽ ان کان ئي شاگرديءَ جو سڳو ٻڌرايو. 1978ع ۾ درگاهه مشوري شريف تي پهرين شروعاتي نعت شريف ليمي فقير سان گڏ درگاهه مشوري شريف جي اسٽيج تي خوش خير محمد هيسباڻي جي ڪافي پيش ڪئي. هن ڀلوڙ سريلي نعت خوان ليمون فقير ساب پنهنجي سفر جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ سندس نعت خوانيءَ جو سلسلو هلندو رهيو. فقير عبدالرحمٰن مشوري اڳتي هلي پنهنجي استاد جانڻ فقير سان پوري سنڌ ۾ گڏ هليو، ان دور ۾ فقير عبدالحق به ساڻس گڏ هوندو هو، جن نعت خوانن سان هن مولود شريف چيا انهن ۾ حاجي غلام نبي مهيسر، ليمون فقير، جانڻ فقير، فقير عبدالحق، عبدالمجيد ميراسي، استاد انور علي جتوئي، احمد علي جتوئي، سيد علي گوهر شاهه ۽ فقير عبدالستار مشوريءَ سان گڏ تمام گھڻي نعت خوانيءَ جا جوهر ڏيکاريا. فقير عبدالرحمٰن مشوريءَ موجوده وقت ۾ به بهترين آواز ۾ نعت شريف چوندو آهي، فقير عبدالرحمٰن مشوري هن وقت نوجوان نعت خوانن واجد قاسمي، عاجز جماليءَ سان به ڪڏهن ڪڏهن جوڙ ڪندو آهي. اسان سڀني دوستن جون فقير عبدالرحمٰن مشوريءَ سان دعائو گڏ آهن، الله سائين فقير عبدالرحمٰن جي آواز ۾ اڃا به برڪتن ڀريو سوز آڻي، آمين.

اشفاق علي ميمڻ/نوشهروفيروز

خودڪشين کي روڪڻ ۾ حڪومت جي ذميواري!

ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته دين اسلام ۾ خودڪشي کي حرام قرار ڏنو ويو آهي پر ان جي باوجود ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن. اڪثر خودڪشي جا واقعا بيروزگاريءَ ۽ غربت سبب پيش اچن ٿا. انهن وڌندڙ واقعن جي ذميدار وقت جي حڪومت آهي حڪمران طبقو پنهنجي زندگي عيش عشرت ۽ لگزري گذاري پيو انهن کي عام ماڻهو جي زندگين سان ڪو سروڪار ڪونهي، حڪمرانن کي خبر هجڻ گهرجي ته پنهنجن ماڻهن جي اهنجن کي ختم ڪري آساني پيدا ڪرڻ ۽ روزگار فراهم ڪرڻ حڪومت وقت جي ذميواري آهي پر هتي ان جي ابتڙ حڪومت سولائيءَ پيدا ڪرڻ بجاءِ عام ماڻهن جي لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي جنهن جو تازو مثال آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ويٽنگ تي موجود استاد آهن جنهن جا آفر آرڊر تيار هجڻ باوجود  اڳوڻي سيڪريٽري ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري ڪورٽ جو غلط حوالو ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڀرتي عمل کي روڪيو جڏھن اميدوارن ۽ ٻين پڙهيل لکيل ماڻهن سيڪريٽري جي اھڙي عمل تي سندس کي ٽرول(troll) ڪريو ته سيڪريٽري صاحب فيس بڪ تي لائيو live آيو ۽ چيائين ته پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي تي ڪورٽ بين ناهين لڳايو ۽ پوئين حڪومت تي الزام لڳائيندي چيائين توهان تي گذريل حڪومت بين لڳايو آهي ۽ جڏهن پوئين حڪومت طرفان انهن ڳالهين جي ترديد ڪئي وئي ته سيڪريٽري صاحب پراسيس کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ سمري لکي اڳتي موڪلي جيڪا وزير اعليٰ تائين ته پهتي پر ٻن هفتن کان مسلسل گم آهي ۽ ان جي نتيجي ۾  بيروزگار نوجوانن تي ذهني دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان پنهنجو حوصلو وڃائيندي نظر اچن ٿا جنهن جا نتيجا خراب ۽ خودڪشين جي صورت ۾ نظر اچي سگهن. هاڻي حڪومت وقت جي ذميداري آهي ته نوجوانن کي انهن حالتن مان ٻاهر ڪڍي ٿي يا وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٿي.

اظهر علي مهر/لکي، شڪارپور

ڌارين جي لوڌ ۽ ڌرتي جي دانھن!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

ڌرتي ماءُ عربن سان گوريلا ويڙھ ڪندي “چندا رام ھالو” کي ٻڌائي پئي ته 1972ع ۾ اوچتو منهنجي دل ڪراچي ۾ 15 لک ماڻھن جو اضافو ٿيو جو بنگلاديش آزاد ٿيو ۽ غير قانوني طور سمنڊ پار ماڻھو سنڌ پھتا، ڌرتيءَ جو ارڏو پٽ شھيد مھاراجا ڏاھر ڪاوڙ منجھ ڌرتيءَ جي دفاع جي دعا واسطي ڀِٽ جي نگري ۾ اداس ويٺل سوچي پيو ته 1987ع ۾ افغانستان ۾ انقلاب آيو، مذھبي ڌرين مزاحمت ڪئي، ھڪ اندازي موجب 30 لک افغاني سنڌ آيا، ڌرتي ماءُ جي ريھن ۽ رڙين تي ضيائي آمريت هٿان شھيد ٿيندڙ نظير عباسي ماتم پئي ڪيو ته هڪ منزل جي وحشت اڳيان آڻ نه مڃي ها ۽ زخمن جا تاب برداشت ٿين ها ته 2004ع ۾ هن چوٿين جنرل جي جرئت نه ٿئي ها جو سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرائي کين قانوني حيثيت ڏئي ها پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ به گذريل 10 سالن دوران افغاني پٺاڻن جي لوڌ ۾ بي پناھ واڌ ٿي وئي آھي، خاص طور تي ٿرپارڪر ضلعو ھميشه امن جو گھوارو رھيو آھي پر ھن علائقي ۾ به افغاني پٺاڻن پنھنجا ديرا ڄمائي ورتا آھن ۽ مختلف ڪاروبارن جي آڙ ۾ ڌرتي ڌڻين جي زمينن تي قبضا ڪري پنھنجا اڏا بڻائي ڇڏيا آھن، جنھن تي ھتان جي سرڪاري مشينري مڪمل طور تي ناڪام بڻيل آھي، ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته رڳو افغاني نه پر جيڪي به ڌاريان سنڌ تي قابض ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن پيا انھن کي نيڪالي ڏئي انھن خلاف وٺ پڪڙ ڪئي وڃي پر اهي ته پري پر افغاني پٺاڻ به سرڪار کي نظر نٿا اچن، ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪنري، ننگرپارڪر توڙي بدين جي ساحلي پٽي ۾ به افغاني پٺاڻ ھزارن جي تعداد ۾ پهتل آھن ۽ اتي هوٽلون، پٿارا، جوتا، ڪپڙا، ڪوئلن جون بٺيون ۽ لنڊي جا مال کپائي پنھنجا اجھا ٺاھي ويٺل آھن، جيڪي روزانون سنڌ ڌرتيءَ جي اصلوڪي وارثن تي ڪاھ ڪري ساڻس جهيڙا ۽ ڦڏا فساد ڪرڻ ۾ رڌل آھن، کين نادرا جي ڪرپٽ ڪامورن پاران لکين رپين عيوض جعلي سڃاڻپ ڪارڊ به جاري ڪيا ويا آهن، ان سموري صورتحال ۾ سرڪار کي گھرجي ته هو سنڌ جي ساھتي پرڳڻي ۾ اڏا ۽ اجھا قائم ڪندڙ افغانين جي لوڌ کي فوري نيڪالي ڏئي انھن جي سهڪارين ۽ سھولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، يقينن ان لاوارث ماتم سان سنڌ جون حالتون، قومي بيداري نظام جي تبديلي جو سبب ته نه بڻبو پر منهنجي من جي بيچيني گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ وقت لاءِ سڪون پذير ضرور ٿيندي.

توسان ڪيئن مان ملڻ جو واعدو ڪيان،

اي سنڌ امان، منهنجي جيجل، سنڌ امان!

انيل ڪمار مڪواڻا/ڪنري