ڇا واقعي به افغاني پنهنجي ڏيهه ويندا؟
هڪ ڳالھ ته طئي آهي ته جنهن رفتار سان افغاني هتي آيا هئا يا هن وقت تائين اچي رهيا آهن، انهيءَ رفتار سان ئي انهن کي واڪس موڪلڻ هينئر حڪومت جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي. پهريان حڪومت انهن جي سهولتڪار بڻجي ڌرتي ڌڻين جي لاءِ آزار پاڻ به بڻي ۽ انهن افغانين کي به بڻايو ويو، پوءِ سنڌ جي دل ڪراچي هجي يا لاهور جو ڪو علائقو افغانين جيڪو ويل سنڌ ۽ سنڌين سان ڪيو سو شايد ئي اهڙو ويل ڪنهن ٻئي سان ڪيو هجي. سنڌ ۾ ايران ۽ افغانستان مان ٻه نمبر سستو مال وٺي اچي هتي عام ريٽن کان هيٺ کپائي سنڌ ۽ سنڌين جي واپار کي وڏو نقصان پهچايائون ۽ سستي مال جي چوس وري ماڻهن جي ذهنن مان هنن جي اصل وطن جي سڃاڻپ ئي ڪڍي ڇڏي ته هي ڪير آهن؟ ڪٿان آيا آهن ۽ ڇو آيا آهن؟ واپار کان پوءِ هنن سنڌ ۾ هوٽلون کوليون جٿي کير ۾ هڪ عجيب غريب ڪيميڪل استعمال ڪري ماڻهن کي پنهنجي چانهن جو عادي بڻايو ويو، مطلب ته هنن جو به ڪو به ڪاروبار سڌو ناهي، ڪيئن نه ڪيئن ان ڪاروبار ۾ هنن جي ڳجھي ٺڳي ضرور شامل هوندي آهي. هاڻي اهي افغاني پٺاڻ پاڻ کي ايڏا طاقتور ٿا سمجهن جو هو سرعام پاڪستان جي رياست اندر افغانستان جا جهنڊا لهرائي پاڪستان خلاف نعريبازي ڪن ٿا ۽ پاڪستان اندر افغان رياست ٺاهڻ جي دعوائون پڻ ڪن ٿا. هنن وٽ ايترا پاور ڪٿان آيا؟ حڪومت پهريان هنن جي خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ اهو هڪ وڏو سواليه نشان آهي، هاڻ جڏهن افغاني وائرس ملڪ ۾ بدامني، دهشتگردي، هٿيار فروشي، منشيات فروشي ۽ ٻين غير قانوني ڪمن سميت آپگھاتي بمبار تيار ڪرڻ جھڙا ڪم شروع ڪيا آهن ته حڪومت جون اکيون پٽجي ويون آهن. سنڌين ان وائرس خلاف ڪئين سال اڳ ئي واڪا پي ڪيا ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ بند ڪئي وڃي. سنڌ ڪو يتيم خانون ناهي، اهو وائرس سنڌ کان شروع ٿيو جيڪو هلندي هلندي سموري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪو آهي. جيڪڏهن اتي ڪو سنڌي يا بلوچستان جو ماڻهو اهڙي نعريبازي ڪري ها ته هون ٻه 3 مهينا ته لڀي ئي ڪونه ها! ۽ وري جي لڀي ها ته اڇي ڏاڙي اڇا وار ۽ هاٺي مان ايئن ظاهر ٿيندو ته ڄڻ پنهنجي عمر جا درزن کن سال وڃائي آيو آهي. بهرحال هن نئين هلندڙ آپريشن ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اميد جي نئون ڪرڻون جاڳايو آهي، هاڻ ڏسئون ته نگران ڪيبينيٽ ان ڪرڻي جي اڀرڻ ۽ وسامڻ ۾ پنهنجو ڪيترو ڪردار ادا ڪري ٿي.
ايڊووڪيٽ سولنگي سميع/ڪراچي
اسان جو هڪ سوال آهي!
اسان جو گذريل حڪمرانن ۽ سنڌ جي ڪامورا شاهي ۽ آفيسر شاهيءَ کان اهو سوال آهي ۽ اسان جو هيءُ سوال نه رڳو اسان جي لاءِ آهي پر انهن شعور، علم ۽ ڄاڻ رکندڙن ماڻهن جي لاءِ به آهي، اسان جو اهو نماڻو سوال آهي ته جڏهن کان سانڀر سنڀالي آهي ته تڏهن ملڪ ۾ چونڊيل يا غير چونڊيل حڪومت جا دور اسان پي ڏٺا آهن، انهن دورن ۾ نه ته غير ملڪين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو، نه ته ملڪ ۾ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪو ساکائتو قدم کنيو ويو نه ته ڀاڻ، سايون ڀاڄيون، فروٽ، کنڊون، اٽا، بجلي چورن ۽ آئل مهانگا ڪندڙن خلاف ڪي قدم کنيا ويا، ڇا عوام طرفان چونڊيل حڪومت جو ڪردار صرف هڪ ٻئي سان ڪمپرومائيز ڪرڻ ۽ رڳو ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪرڻ هوندو آهي؟ هن کان اڳ به ته سنڌ ۽ ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتون رهيون آهن هر چونڊيل حڪومت ۾ کنڊ، اٽي، آئل ۽ پيٽرول، بجلي چوري ۽ ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف عوام، آبادگار ۽ واپاري ٻاڪاري ٻاڪاري ٿڪجي پوندا هئا پر انهن جو انهن چونڊيل حڪومت تي ڪو به اثر نه ٿيندو هو؟ ڪالهه وفاق پاران ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين ۽ پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جو وڏو فيصلو ڪيو ويو پر ان خلاف سنڌ جو عوام ڪڏهن کان ٻاڪاريندو ۽ رڙندو پي آيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڪڍو، سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڌارين آبادڪاريءَ تي پابندي لڳايو پر انهن جي ڪنهن به نه ٻڌي، جڏهن افغانين ۽ پرڏيهين جي بيماريءَ اچي ملڪ ۾ پاڙون پڪڙڻ شروع ڪيون ته هاڻ صرف نگران حڪومت انهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، سنڌ جي نگران حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو، سنڌ ۾ نگران حڪومت ايندي ئي سڄي ملڪ ۾ آبادگارن جي شڪايتن جا ازالا ٿيڻ لڳا ۽ زرعي ڀاڻ، کنڊ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو. بجلي چورن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ته پوءِ ڇا اهو تاثر نٿو وڃي ته هتي چونڊيل حڪومت صرف هڪ ٻئي جا ڪڌا ڪرتوت لڪائينديون آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڪجھه کائو ۽ کارايو واري بنياد تي حڪومتون ڪنديون آهن؟ اهو سوال ملڪ جي اڳوڻن سياستدانن جي لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي، جي نگران حڪومتون اهڙيون هونديون آهن ته پوءِ هن ملڪ ۾ اڳتي لاءِ به نگران حڪومت کي ئي رهڻ گھرجي. هنن چونڊيل نمائندن کان ته مَک به ماري نٿي پڄي ته پوءِ انهن جي ملڪي خزاني تي ۽ عوام جي ٽئڪس تي حڪومت ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟ شرم اچڻ گھرجي اهڙين اڳوڻين حڪومتن کي جيڪي صرف کائو ۽ کارايو جي نعري تي حڪومتون ڪنديون رهيون آهن. شرم اچڻ گھرجي انهن سياستدانن کي جيڪي ٺڳين جا ٺاهه ڪري سرڪاري ڪرسيون والاريون ويٺا هئا. ٻڏڻ گھرجي اهڙن ڪامورن ۽ آفيسر شاهي کي جن چونڊيل حڪومت دوران ذخيره اندوزن ۽ بجلي چورن خلاف ڪجھه نه ڪيو هنيئر نگران حڪومت ۾ اٿي کڙا ٿيا آهن ۽ اچي ڀاڻ، ڪلر، اٽي، کنڊ ۽ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو اٿن.
ماجد علي سنديلو/عبدالحڪيم سنديلو، باقراڻي
ڌارين جي لوڌ ۽
ڌرتي جي دانھن!
(حصو پهريون)
دنيا جي حسين تربت وادي ڪيترن ئي پھلوئن آڌار ھيٺ فطرت جا سڀئي حسن پاڻ وٽ سجايون پئي رکي، ھزارين سالن جو تاريخي تسلسل، سھپ، رواداري، برداشت، سيڪولر ۽ صوفي ازم جو انمول مثال چادر ۽ چوديواريءَ جو مثالي ڪردار، سسئي جي لڄ ۽ پنھونءَ جي تھذيب جا ارڏا ڪردار، ھزار سالن جي ويڙھ، ڌرتيءَ جي تھذيب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ جابر ۽ ظالم قوتن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندڙ ڌرتيءَ جا دودا ۽ درياهه خان اڄ اگھور ننڍ ۾ ستل آھن، فطرت جي بلڪل عين مطابق ته جيئن ڏينھن ۽ راتيون بدلجن ٿيون ۽ موسمون به بدلجن ٿيون اھڙي طرح ماڻھو به ڪڏھن سڄاڳ ۽ ڪڏھن ننڍ ۾ رھن ٿا، ماڻھن جيان قومن جون حالتون به بدلجن ٿيون، اھڙي طرح ماڻھن جيان هي قوم وقت جي بي رحم صف منجھ تڏھن اگھور ننڍ ستل آهي جڏھن ارغوني يلغار، منگولن جي جديد تلوارن سان صوفي ازم جي پيروڪار ماڻھن لاءِ بلڪل ايئن ته ڌرتي تنگ ڪندا جيئن اڄ کان 5600 سال اڳ عظيم دراوڙ لاءِ وچ ايشيا جا ڀٽڪيل ۽ وحشي آرين موھن جي دڙي جي تھذيب جو پايو وجھندڙ ڌرتي ڌڻين کي تڙي ڪڍيو هو، ايئن هن وقت به ساڳئي صورتحال آھي جو لکن جي انگ ۾ ڌاريا بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي عظيم تھذيب جي واھڻ وستيءَ ۾ آباد ٿي رھيا آھن، هي منگولن جا پونئير ڌرتي ڌڻين کي تڙي ڪڍندا، ھزارين ڪاھن وحشتن، حملن، فريبن ۽ ڌوڪي جي حريف اٽڪلن ڌرتي جي دولھ پٽن کي ھر دور ۾ قرآن ڏئي پويان ترار وهائي ڪڍي آھي، سڄي سنڌ جي تاريخ تشدد جي تاريخ آھي پوءِ به هزارين مٿير مڙس ماڻھن واڳو سنڀالي ڌرتي جو دفاع ڪيو آھي. اڄ وري ٻيھر ڌرتيءَ پنهنجي بقا لاءِ پنهنجن پٽن کان پناھ جي بخشش پئي گهري ته منهنجي لوئي ۽ لڄ، چادر ۽ چوديواري، تھذيب، ٻولي، قومي ورثو بچايو “ڌرتي جي دانھن” اروڙ جي کنڊرن مان هماليا جبل جيڏا واڪا ڪندي هڪ ڀيرو ٻيھر پنهنجي سلامتيءَ لاءِ پوتي جهليون بيٺي آھي ۽ پليت منگولن کي هڪلون ڏئي خبردار پئي ڪري ته اجهو منهنجا ٻچا جاڳيا ته اوهان کان شاھ بيگ ارغون جا ڪيل ڪوس به ڏن سميت ڏيڻا پوندا! ڌرتي ماءُ پنهنجي ٻچن کي هڪل ڏئي ٻڌائي پئي ته فرنگين جڏھن 1843 تي قبضو ڪيو ان وقت ڪراچي جي ڪل آبادي 1400 ھئي، سنڌ ڌرتي راجا ڏاھر جي ماڙي “ڪارو ڪوٽ بٺ” مان واڪا ڪندي ٻڌائي پئي ته هن رياست جي اتفاقي وجود وقت 1947 ۾ ڪراچي جي ڪل آبادي ٻه لک هئي. (جاري)
انيل ڪمار مڪواڻا/ڪنري
نوشهروفيروز جي ٻيلن جي ڀينگ ڪندڙ وڏيرا ۽ افغاني!
ضلعو نوشهروفيرز جيڪو ساهتي پرڳڻي جو وڏو شهر ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر به آهي، جتي هونئن ته ٻيا مسئلا تمام گھڻا آهن پر هن خطي ۾ امن امان جو مسئلو ۽ ٻيلن جي واڍيءَ وارو مسئلو ڏينهون ڏينهن خراب صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي، نوشهرو فيروز جي آسپاس شهر جي چوڌاري ٻاهرئين طرفن کان هن وقت ڪافي سالن کان غير قانوني طور رهندڙ افغانين زمينن تي قبضا ڪري ويهي رهيا آهن، جن کي هتان جي مقامي وڏيرن جي سپورٽ آهي، نوشهروفيروز جي ٻاهران ٺاروشاهه اسٽاپ کان ويندي مين باءِ پاس روڊ تي لڳ لڳ ڏيڍ ڪلوميٽر جي پٽيءَ تي هن وقت سوين غير قانوني طور رهندڙ افغانين جون بستيون سالن کان قائم ٿيل آهن، هي افغاني هتان جي وڏيرڙن ۽ پاٿاريداري قسم جي ماڻهن جا ٺيڪا کڻندا آهن، هنن افغانين وٽ ٽريڪٽرن کان ويندي ٽرڪون پڻ موجود آهن، جيڪي هن خطي جي ٻيلن، جھنگن امن جي تباهيءَ جو اهم ڪارڻ بڻيا آهن، هي افغاني، وڏيرن ۽ چورن جي نانڙين کان سرڪاري زمينن جا هٿ ٺوڪيا قبضا وٺي انهن تي بيٺل سرڪاري ٻيلن ۽ وڻن جي واڍي ڪري ڀينگ ڪري ڇڏي اٿن، وري هن خطي ۾ منشيات جو ڪاروبار وڏيرن ۽ پوليس سرپرستيءَ ۾ ڪري رهيا آهن. هتان جا مقامي وڏيرڙا، چورن جون نانڙيون ۽ ٿورو گھڻو سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو پنهنجي منهن سرڪاري ٻيلن ۽ انهن جي چوڪڙين جا ٺيڪا انهن افغانين کي ڏئي ڇڏيندا آهن، جنهن کان پوءِ افغاني ٻيلن کي ايئين لڳندا آهن جيئن اڏوهي ڪاٺ کي. هتان جي وڏيرن ۽ وڏيرن جي ڇاڙتن ڪيترائي سرڪاري ٻيلا وڍرائي ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي پنهنجا ذاتي فصل ڪاهي هن وقت تائين ڪروڙين نه پر اربين رپين جا فائدا حاصل ڪري ملڪي خزاني ۽ ملڪ جي ماحول کي خطرناڪ حد جو نقصان پهچائي چڪا آهن پر انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي ڇو ته انهن جي مٿي تي سنڌ تي 15 سال حڪومت ڪندڙن جو هٿ هو، ايئن ئي انهن گذريل 15 سالن دوران سڄي سنڌ جي ڀينگ ڪئي وئي، هتي قانون سان کيڏندڙن ۽ قانون جي رکوالن کي پنهنجن کيسن ۾ رکندڙن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، جو سندن پٺڀرائي ڪندڙ حڪومت ۾ هوندا آهن. هن وقت به ضلعي نوشهروفيروز کان شروع ٿي هڪ پاسي درياهه جي ڪنڌي ۽ ٻئي پاسي سکر طرف ويندي انهن ۽ اهڙن ئي ماڻهن جي بادشاهي ۽ حڪمراني آهي، جيڪي سنڌ جي هر شهر ۾ افغانين ۽ پرڏيهين کي پناهون پي ڏيندا آهن ۽ هٿ سان ويهي سنڌ جي ڀينگ ڪرائيندا آهن. اسان جي نگران وفاقي حڪومت توڙي نگران صوبائي حڪومت کي عرض آهي ته ضلعي نوشهروفيروز مان پرڏيهين جو آزار ختم ڪري سرڪاري ٻيلن جي زمينن تان وڏيرن جا قبضا ختم ڪرائي ڌرتيءَ جي سونهن ٻيلن کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ته جيئن موسمي تبديليءَ جي اثرن تي ٿورو ضابطو آڻي سگھجي ۽ هن پرامن خطي مان منشيات جو واهپو ختم ٿئي ۽ ماڻهو امن سان رهي سک جو ساهه کڻن.
ڪامريڊ خالد “خمار” سولنگي/نوشهروفيروز
نيشنل ڪانفرنس جي ٿيل تقريب!
المصطفيٰ لائبريري ۽ ويلفيير سوسائٽي حيدرآباد جي اڳواڻ سيد فرمان علي شاھ ۽ سندن ساٿين جي جاکوڙ ۽ جدوجهد سان حيدرآباد ڪلب جي ھڪ ھال ۾ عاليشان انتظامن سان “نيشنل ڪانفرنس” منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ مختلف ناميارن اسڪالرن ۽ اڪابرن پنهنجي مقررھ وقت ۾ موضوع موجب چونڊيل شاندار علمي مقالما پڙھندي فيض ۽ آگاھي سان شريڪ ٿيندڙن کي فيضياب ڪيو، هن بهترين تقريب جي آخر ۾ جن اسڪالرن علمي بحث ۾ حصو ورتو تن کي مھمان خاص جي ھٿن مبارڪن سان سندن علمي خدمتن جي عيوض “سرٽيفڪيٽ” پڻ پيش ڪيا ويا، ھن تقريب جي مھمانن لاءِ خاطرتواضح جا انتظام پڻ ڪيا ويا هئا. اسان جي سنڌ حڪومت ۽ هتان جي ساڃاهه وندن کي عرض آهي ته هن قسم جي تعليم ۽ شعور کي هٿي وٺرائيندڙ محفلون ۽ تقريبن جو سلسلو رڪجڻ نه گھرجي.
منظور ڪالرو/ حيدرآباد
شاگردن جي مسئلن تي انتظاميا خاموش ڇو؟
(حصو ٻيون ۽ آخري)
تعارف ڪرائڻ باوجود اھي پھريان کيسي جي جھڙتي وٺي پوءِ ور چيڪ ڪندا آهن ته ڪٿي ھٿيار نه ھجيس ۽ ڳالھائڻ دوران انتھائي خراب لھجي ۾ جواب وغيره ڏيندا آھن ته اسان جي ڊيوٽي آھي خاموش رھو، ھڪ ڀيري مون کي پوليس موٽرسائيڪل تي ھٿ ڏئي روڪيو جتي سنيپ چيڪنگ ھلي رھي ھئي، صبح 7 بجي لڳ ڀڳ مون گاڏي سميت روڪيو ته بيهڻ سان چيائون ته ڪير آھين؟ مون ذات ٻڌائي ۽ ٻڌڻ سان ئي چيائون ته (ڪٿان کان چوري ڪيون ٿو اچين) ھي لفظ اڄ ڏينهن تائين مون کان وسريا ناھن ۽ اھو ٻڌي سسٽم کان نفرت ٿيڻ لڳي ته پوليس جي اھڙن عملن تي ٻين شاگرد تي ڪھڙو اثر ٿيندو هوندو ۽ اھي تعليم کان ادارن کان نفرت ڪرڻ لڳندا هوندا، ھتي شاگردن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، جنھن ۾ پھريان ته شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪول جي عمارتن جي کوٽ آھي، ڪي اسڪول پراڻي زماني جا ٺھيل آھن، تنھن ڪري روز خطرو ھوندو آھي ته متان ڪري نه پون، ٻيون مسئلو اسڪولن ۾ فرنيچر جي سخت کوٽ آھي جيڪو شاگردن جو حق آهي ۽ اسڪولن ۾ 10 پندرھن سالن کان پيل فرنيچر استعمال ڪيو ويندو آهي، ھر سال شاگردن لاءِ سند سرڪار طرفان مفت ڪتاب فراهم ڪيا ويندا آهن پر ھلندڙ سال ۾ انتھائي گھٽ تعداد ۾ ڪتاب ڏنا ويا آھن اسڪولن کي ۽ حڪومت جي ان عمل تي بيحد افسوس آهي ۽ تعليمي تباهيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ان جي ڪري منھنجو حڪومت جي تعليمي کاتي جي اعليٰ منصبن تي ويٺل آفيسرن کي گذارش آهي ته اسڪولن تي ڌيان ڏنو وڃي جيئن شاگرد تعليم صحيح طريقي سان ۽ پرامن طرح حاصل ڪري سگھن، ۽ خاص ڪري قبيلائي علائقن جي اسڪولن لاءِ گذارش آهي ته انھن جي اسڪولن جي عمارتن، فرنيچر ۽ ڪتاب فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ امن امان تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن شاگردن کي زبردستي قبيلائي جھيڙن ۾ شامل نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي شاگردن کي بي گناھ روپوش ڪيو وڃي ته شاگرد توهان جا دعاگو رھندا.
ثناءُالله جکراڻي/ جيڪب آباد
ن ليگ قيادت، سياست
۽ بشير ميمڻ!
(حصو ٻيون ۽ آخري)
پر سندس چوڻ آھي ته مان ڊي جي ايف آءِ اي هوندي پ پ کي انتقام جو نشانو ناهي بڻايو ۽ هن جي خواهش آھي ته جي ن ليگ حڪومت ۾ اچي احتساب ڪندڙ جون ذميواريون ڏئي ٿي ته احسن طريقي سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو. بشير ميمڻ جي مخالفن جو به چوڻ آھي ته بشير ميمڻ پنهنجي علائقي جو خوشحال زميندار گهراڻي جو فرد هوندي هو عوامي طور سٺي سوچ جو مالڪ، ايماندار شخص آھي، هاڻي سوال اهو آھي ته بشير ميمڻ سنڌ ۾ سياسي طور ڪيترو بهتر ۽ هاڪاري سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سو سندس سياسي محنت ۽ سندس قيادت جي فيصلن تي ڀاڙي ٿو ۽ ايئن نه ٿئي ته 5 جنوري 1995 واري واقعي المرتضيٰ هائوس تي ٿيل فائرنگ واري واقعي ۾ بي بي سي جي قطرينا کي ڏنل انٽرويو پويان ان وقت جي ڊي جي آءِ بي لغاري ۽ ان وقت جي صدر پاڪستان فاروق لغاري واري ٿيل ٽيليفونڪ ٽاڪ واري ماجرا جيان هينئر به ڪا ڪهاڻي نه ٿئي، ان وقت پوليس آفيسر طور لاڙڪاڻي ۾ سندس معطلي ۽ اڪرم کي مليل چارج واري قصي جيان نه ٿئي. باخبر ذريعا ٻڌائن ٿا ته تنهن وقت وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه سندس بي بي سي جي عيوضي قطرينا کي ڏنل انٽرويو تي ڪاوڙجي پئي هئي ۽ ان وقت ئي کيس معطلي جا آرڊرز ڏنا. ان وقت جي ڊي آءِ جي نياز صديقي پڻ عمل ڪيو. ميڊيا کي شوق سان فيس ڪندڙ هي اڳوڻو پوليس آفيسر عمران حڪومت ۾ انتقام جي نشاني تي هوندي ميڊيا جي خبرن جي زينت رهيو ۽ 5 جنوري 1995 تي المرتضيٰ هائوس تي فائرنگ ڪيس کان هن وقت تائين ۽ ايندڙ 21 آڪٽومبر 2023 تائين سنڌ جي سياست ۽ نواز ليگ قائد جي ڏيھ واپسي تائين ميڊيا جو سنڌ جي حوالي سان زينت بڻبو. ڏسون ته سنڌ ۾ پ پ قيادت جو سياسي ٽوڙ يا سياسي متبادل وارو سوال هڪ جواب جو گهرجائو آھي ته سنڌ ۾ سياسي متبادل ڪير ٿو ٿئي. جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ قومپرست يا پڻ نواز ليگ بشير ميمڻ جي صورت ۾ ٽوڙ ڪڍي ٿي؟ ان سموري سياسي ماجرا ۾ اڳتي هلي ڪهڙي صورتحال سامهون اچي ٿي ۽ بشير ميمڻ جو سياسي مستقبل ڪٿي ٿو دنگ ڪري يا وري 5 جنوري 1995 واري سندس ڪامورڪي معطلي بابت معلومات ملي آھي ته پويان تنهن وقت جي صدر فاروق لغاري جي منصوبا بندي ڄاڻائي وڃي ٿي ۽ ان واقعي کان پوءِ تنهن وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير صاحبه ۽ صدر پاڪستان فاروق لغاري وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ويا آخري ٽوڙ سندس حڪومت جي معطلي تي ٿيو. بشير ميمڻ لاڙڪاڻي واري نوڪري تان معطلي واري قصي کان وٺي سندس سياسي انٽري ڪٿي دنگ ڪندي ۽ سنڌ جي سياسي ستايل مسڪين ماڻھن جي اهنجن ۽ تڪليفن جو ٽوڙ ڇا هوندو اهو ان جي آڏو اهم سوال آھي.
رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي
هڪ مڻيادار خصيت!
(حصو ٻيون ۽ آخري)
جتي هڪ عاليشان مسجد ۽ امام بارگاھ به قائم ڪري ٻارڙن جي ديني تعليم لاءِ عالم دين پڻ مقرر ڪيائين. مشهور آهي ته نوابشاھ ۾ موجود “زرداري هائوس” لڳ حاجي صاحب جو ذاتي پلاٽ هوندو هو جيڪو وڪڻي مولسنا حيدر علي جوادي صاحب کي ان جي رقم ڏنائين ته جيئن قبلا موصوف ڄامشوري واري مدرسه “مرڪز تحقيقات و تبليغات” جي خرچن ۾ صرف ڪري. ان کان سواءِ دانشگاھ جعفريه واگهريجيءَ کي هر سال وافر مقدار ۾ ڪڻڪ پهچائي ايندو هو ۽ سيوهڻ واري مدرسي “دانشگاهج امام رضا” جي امداد ڪرڻ لاءِ پڻ سيوهڻ وڃي قبلا مرحوم غلام اصغر نجفيءَ کي شرعي حڪم ڏئي ايندو هو. مرحوم حاجي صاحب نه فقط مدرسن جي قيام ۾ خاصي دلچسپي ڏيکاريندو هو پر ڪيتريون ئي مسجدون به تعمير ڪرايائين ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ ديني تعليم جو بندوبست پڻ ڪيائين. سيد ذات جو حد کان وڌيڪ احترام ڪندو هو. ڪنهن به سيد سواليءَ کي خالي نه موٽائيندو هو. ڪيترن ئي سيدن کي روزگار سان لاتائين. نه فقط ايترو پر عام غير سيد غريبن، يتيمن توڙي بيواهن جي به دل کولي مدد ڪندو هو. مرحوم حاجي صاحب توڙي جو ڪنهن ديني مدرسي ۾ نه پڙهيو پر تنهن هوندي به ڀلوڙ مذهبي ڄاڻ رکندو هو. شرعي واجبات ۽ محرمات جي چڱي ڄاڻ هوندي هئس. جڏهن به ڪو فيصلو ڪندو هو ته هر صورت ۾ شريعت کي نظر ۾ رکي عدل ۽ انصاف سان ڪندو هو. پاڻ وڏو زميندار هو پر ڪڏهن به وڏيرائپ جو اظهار نه ڪيائين. سادو پائيندو هو. سادو کائيندو هو ۽ اڪثر عبادت ۾ گذاريندو هو. عبادت جو باقائدي عادي هو ۽ تهجد نماز جو به پابند هو. مجلس عزا ۾ پاڻ لاءِ ڪا به امتيازي جاءِ هٿ نه ڪندو هو، پر عام عزادارن سان ويهي مولا حسين (عه) جي غم ۾ شريڪ ٿيندو هو. ديني تربيت جي اعتبار کان پنهنجي اولاد توڙي ڀائٽين جي به زبردست تربيت ڪيائين، نتيجي ۾ انهن مان هرهڪ زوار، حاجي ۽ نمازي آهي، نه رڳو ايترو پر پنهنجا ٻه پٽ ۽ ٻه ڀائٽيا ديني تعليم حوالي ڪيائين. جن مان سندس پٽ مشهور نالي واري شخصيت، ڪتاب “راھ نجات” ۽ “روح الزيارات” جو مصنف مرحوم مولانا امام بخش امامي، مولوي ذاڪر حسين زرداري (پٽ)، مرحوم مولانا علي حسن امامي ۽ مولوي مهر علي (ڀائٽيا) گهڻو عرصو حوزه علميه، قم، ايران ۾ پڙهي آيا. مرحوم حاجي صاحب ٻين ديني درسگاهن جي معاونت ڪندو هو اتي پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي ذاتي زرعي زمين وقف ڪري عظيم الشان ديني مدرسو نالي “مدينة العلم” قائم ڪيائين. جيڪو سندس عالم دين پٽ مرحوم امام بخش اماميءَ، محترم الطاف حسين ڀوجانيءَ جي محنت ۽ حضرت آيت الله العظميٰ الحاج سيد ابو القاسم موسوي الخوئي عليه الرحمه جي اجازت ۽ شرعي وجوهات جي بنياد تي عاليشان عمارت سان جڙي راس ٿيو جنهن ۾ هن وقت ڪيئي طالب علم ديني تعليم پرائڻ ۾ مصروف آهن. مرحوم حاجي محمد بخش زرداريءَ 85 سال عمر گذاري بتاريخ 15 رجب المرجب سنه 1434ھ مطابق 25 مئي، سنه 2013ع، بروز ڇنڇر پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين.
قربان علي زرداري بلوچ/ سرھاڙي
پيئڻ جو پاڻي ڏيو!
متان ڪير ايندڙ اليڪشن ۾ چوي ته اسان رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، پاڻي جا پلانٽ لڳرايا آھن، ھي ڪاڇي جي يوسي ڳوٺ پريو جمالي آھي، هن ڳوٺ پريو جمالي پ پ جا ووٽر آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا هتان جي ماڻهن جي ڪا به سار سنڀال ناهن لهندا، ڇو ته کين دُڪو پيل آهي ته ووٽ وٺو ۽ پوءِ سليماني چادر اوڙهي غائب ٿي وڃي ايسين وارن بنگلن ۾ سمهي پئو ۽ هتان جي ترقيءَ جي نالي تي ملندڙ فنڊن مان پرڏيهه ۾ وڃي عياشيون ڪيو، هن وقت ڳوٺ پريو جمالي واسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان آهن، تڪ جي چونڊيل نمائندن کي بار بار چوڻ باوجود ان معاملي جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويو، ڳوٺ پريو جمالي واسي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڳوٺ پريو جمالي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بنيادي مسئلو جلدي حل ڪيو وڃي.
سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو