جديد دور ۾ هر سهولت کان وانجھيل اسان جو ڳوٺ!
ساهتي پرڳڻي جي شهر ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر نوشهروفيروز جو ڳوٺ ٺٽ سولنگي هن وقت مڙني بنيادي سهولتن کان وانجھيل ۽ محروم آهي، اسان جي ڳوٺ جا اٻوجھه ماڻهو هن وقت تائين پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر رهيا آهن. سدائين هن تڪ تان پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيندا رهيا آهن پر پوءِ ڀوتار ايئن غائب ٿي ويندا آهن جو نه توهان ڏٺا نه اسان ڏٺا. اسان جي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 30 سالن کان پراڻي پرائمري اسڪول جي هڪ پراڻي عمارت آهي جيڪا پڻ زبون حال ٿي وئي آهي، هتي ٻارن جي پڙهڻ لاءِ ڪي به سهولتون موجود ناهن، اسان جي ڳوٺ ۾ نه گنديءَ پاڻيءَ جو نيڪال جو نظام آهي، نه ئي اسان جي ڳوٺ جون گھٽيون پڪيون آهن، اسان جي ڳوٺ ۾ نه ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت آهي نه ئي وري اسٽريٽ لائيٽون آهن، بجلي جو هڪ ڊمي ٽرانسفارمر لڳل آهي، جنهن جو به ڪنيڪش ڪٽيل آهي، بجليءَ جو ته هتي تصور به ناهي. ٺٽ سولنگي هن جديد دور ۾ به گئس جھڙي بنيادي سهولت کان محروم بڻيل آهي، اسان کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاقي تي ڳوٺ موسيٰ پنهور ۾ گئس جي سهولت موجود آهي پر اسان وٽ اها سهولت اڻلڀ ناهي، اسان هن وقت به ڪاٺين، ڪوئلن ۽ ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪري گذران ڪري رهيا آهيون، هن تڪ تان پهريان ڪنڊياري جو سيد خاندان کٽيندو ۽ کائيندو رهيو، ان کان پوءِ ڀورٽيءَ جي ڀرٽ خاندان هتان پي کٽيو آهي، ان کان پوءِ هاڻ مٺياڻيءَ جو ايم پي اي هن تڪ تان چونڊ کٽي چڪو آهي پر اسان جي ننڌڻڪائي اتي جو اتي آهي، نه اسان جون گھٽيون پڪيون ٿيون نه اسان وٽ گندي پاڻيءَ جو نيڪال آهي، نه اسان جي ڳوٺ ۾ ڪا ڊسپينسري يا اسپتال آهي، نه اسان جي ڳوٺ ۾ اسٽريٽ لائيٽون آهن نه پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جون سهولتون آهن، هتان جي جر جو پاڻي سنکيو مليل هجڻ سبب زهريلو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻان بيماريءَ جي ور چڙهيل رهن ٿا. اسان جو ڳوٺ ٺاروشاهه ۽ مٺياڻيءَ جي وچ تي آهي، اسان جي ڳوٺ جي ٺاروشاهه يا مٺياڻي ويندڙ روڊ جي سالن کان مرمت نه ٿي سگھي آهي، جيڪو گاڏين ته ٺهيو پر ماڻهن جي هلڻ جھڙو به ناهي رهيو، اسان جو سنڌ جي نگران حڪومت کي عرض آهي ته اسان جي ڳوٺ جي سار لهي اسان کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن.
عبدالقادر سولنگي/ ٺٽ سولنگي
واهي پانڌيءَ جا روڊ ٺهرائي ڏيو!
واهي پانڌي جي روڊن ۾ هر هنڌ کان گوڏي جيڏا کڏا پئجي ويا آهن، هن وقت تائين جوهي واهي پانڌي جي روڊن جي مرمت ناهي ڪرائي وئي، ڏھ 15 ڏينهن اڳ ۾ واهي پانڌي روڊ جو ڪم تيزيءَ سان جاري هو، چمچاگري ۽ چاپلوسي ڪرڻ جي، پي ايڇ ڊي، ٿيل هڪ جيالا پوسٽ رکي هئي، محبوب اڳواڻ جي حڪم تي واهي پانڌي روڊ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، جيالا پنهنجي مفادن خاطر نوڪري جي آسري تي چاپلوسي چمچاگري ڪن ٿا پر محبوب اڳواڻ عملي ڪم ته نٿا ڪن، روڊ جو تيزيءَ سان جاري ڪم به ٿيو هو وري تيزيءَ سان بند به ٿي ويو، اسان کي ته خبر هئي ته روڊ اڃا 6 اٺ مهينا نه ٺهندو پر هي جيڪي چاپلوسي چمچاگري ڪن ٿا انهن کي شل خدا هدايت ڏي. هاڻ اسان ۽ علائقي واسي انهن چاپلوس واٺن کان پڇون ٿا ته روڊ جو تيزيءَ سان ڪم ڪيڏانهن هليو ويو، هن روڊ جو ڪم هن وقت تائين مڪمل ٿي ڇو نه سگھيو آهي، هن روڊ جي ڪم لاءِ جيڪا ريتي، بجري، ڪريش لٿي سان خلائي مخلوق کڻي وئي يا آسمان کائي ويو. اسان سنڌ جي نگران حڪومت کي عرض ڪنداسين ته واهي پانڌي جوهي جي روڊن جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرائي هتان جي عوام جي اهنجن جو درمان ڪيو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ربيع الاول جي اهميت ۽ عظمت کي سمجھو!
ربيع الاول اسلامي ڪئلينڊر ۾ ٽيون مهينو آهي، عربيءَ ۾ لفظ “ربي” معنيٰ بهار، جڏهن ته “اول” جي معنيٰ آهي پهريون. انهيءَ ڪري ربيع الاول کي مجموعي طور تي “پهرين بهار” ۾ ترجمو ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته ربيع الاول قمري ڪئلينڊر جو مهينو آهي، اهو ڪنهن به موسم ۾ اچي سگهي ٿو. تنهن ڪري، ربيع الاول جو نالو علامتي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو مايوس سياري کان پوءِ خوشي (بهار) جي آمد جي علامت آهي ۽ بهار جي حقيقي موسم نه آهي. ربيع الاول جو نالو ان ڪري رکيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته رسول الله ﷺ جي ولادت کان اڳ ماڻهو جهالت ۽ اونداهي ۾ زندگي گذاري رهيا هئا. اهي مختلف ديوتائن جي پوڄا ۾ مشغول هئا. ماڻهو خدا تعاليٰ جي راهه کان هٽي رهيا هئا. جيئن ته نبي ڪريم ﷺ جن جي ولادت ٿي، پاڻ سان گڏ حق جو پيغام، الله جو پيغام ۽ توحيد جو پيغام کڻي آيو. اهو پيغام ماڻهن کي روشنيءَ جي رستي ڏانهن وٺي ويو، انهن کي حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. تنهن ڪري، مهينو ان لحاظ کان وڌيڪ حوالي سان اشارو ڪري ٿو. اسان سڀ ڄاڻون ڀا ته حضرت محمد ﷺ ڪمال جو مظهر آهي. هو اسان جي لاءِ خدا تعاليٰ جو چونڊيل نمونو آهي ۽ اسان کي ان جي سنت (حديث) تي عمل ڪرڻو آهي ته جيئن هڪ مثالي زندگي گذارڻ جي لاءِ جيڪو نه رڳو اسان لاءِ مذهب ۾ بيان ڪيو ويو آهي پر حقيقت ۾ پوري انسانيت لاءِ فائديمند آهي. جيڪڏهن اسان رسول الله ﷺ جي هن قربت کي محسوس نٿا ڪريون ته ان جو حل آسان آهي: سندس ڪردار ۽ زندگي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻو ۽ قدرتي طور تي اسان جي محبت ان لاءِ وڌندي. اسان فطرتي طور تي ربيع الاول ۾ نبي ڪريم ﷺ جي خوبصورت ڪردار کي وڌيڪ ياد ڪندا آهيون. اسان کي هن مهيني کي سٺيون عادتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موقعو طور استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسين سڄي سال ان جي تقليد ڪري سگهون. سڀ کان وڌيڪ، ربيع الاول الله جي شڪرگذار ٿيڻ جو وقت آهي جيڪو اسان ڏانهن نبي ڪريم ﷺ کي موڪلڻ ۽ ان جي نور ڏانهن رهنمائي ڪرڻ جي شاندار نعمت آهي. اهو وقت آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مقصد ۾ پاڻ کي مضبوط ڪريون ۽ قرآن ۽ سنت جي باري ۾ وڌيڪ سکڻ جي ذريعي الله ۽ ان جي رسول ﷺسان پنهنجو تعلق بحال ڪريون. هي ربيع الاول جي لازوال نعمت ۽ اهميت آهي.
انجنيئر يعقوب علي بلوچ/مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
ويڳاڻپ جو شڪار بڻيل سنڌ!
سنڌ هاڻي شخصيت پرستي جي وبا جي ور چڙهي وئي آهي، جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب سياسي ويڳاڻپ ۽ گهٽ علمي، پيري مريدي ۽ وڏيرا شاهي جي چمبن ۾ جڪڙيل آهي، ان جو سبب تعليم جي اڻاٺ آهي، جتي پڙهائي صرف نوڪر ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهن، اتي هر شخص جي ذهني سوچ به بس غلامي ۽ شخصيت پرستي تائين محدود بڻجي وئي آهي. هتي نفسيات، فلسفي ۽ عالمي جدوجهد جهڙن ڪردارن جي تعليم کان به اسان جي معاشري کي روشناس ڪرائڻ جي وڏي ضرورت آهي. جيڪا نه رڳو اسان جي معاشري جي طبقاتي نظام توڙي سندن معاشي سياسي ۽ شعوري طاقت کي هٿي ڏيندي بهترين آٽو پليٽ فارم جڙڻ ۾ مدد ڪندي ۽ اسان جي قوم ۾ انفراديت ڇڙوڇڙ ۽ دلالي ڪندڙ ڪردارن جي چالن کان بچي هڪ ٿي اجتمائي شعور جو مظاهرو ڪندي هر معاملي کي ذاتي سمجهي هڪ آواز بڻجي پوندا. اسان کي گذريل واقعن مان سبق سکڻ کپي، اسان وٽ سڀ سياسي چهرا ساڳيا آهن. ارشاد رانجهاڻي واقعي کي ڏسو، شهيد ناظم جوکيو جي واقعي کي ڏسو، بلاول ڪاڪا جي واقعي ڏسو سڀني جي خاموشي جي پٺيان پنهنجن جي دلالي جا پيرا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جي رسامي ۾ شعوري فڪر رکندڙ ماڻهن ۾ ڏک مايوسي ڦهلجي ويندي آهي، معالا انفرادي ڏيتي ليتي ۾ ختم فريز ٿي ويندا آهن هر ٻئي ڏينهن نئين ڏک تڪليف سان ڪر ڪڍي وري ساڳي ريت ورجائيندا رهبا آهن. اسان کي دنيا کان سکڻ کپي جيڪي معاشرا مهذب آهن اتي وڌ ۾ وڌ ڪتاب پڙهيا ۽ پڙهايا ويندا آهن ۽ انهن خطن جا ماڻهو اسان جيان ذاتي مفادن کي ڇڏي اجتمائي مفادن تي سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، جنهن ۾ تازو ترڪي جي فوجي بغاوت جي خلاف پوري ترڪ قوم روڊن تي نڪري آئي، جنهن کي موت جو ڪو به خوف نه هو ۽ هو اجتمائي شعور جو مظاهرو ڪندو ملڪ جي طاقتور ترين ڌر کي شڪست ڏئي سرخرو رهيا ۽ هاڻي اسان کي به ايئن خود کي مڃائڻو پوندو هي پاڪستان ۾ ڊوميسائل جو فرق ختم ڪرڻ لاءِ قومپرستن کي ڇڏي تعليمي جدوجهد ڪري پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اجتمائي شعور کان اجاگر ڪرڻو پوندو. نه ته اهو فطرتي عمل آهي جيڪا شيءِ مفاهمت ڇڏي ڏيندي آهي نيست و نابوت ٿي ويندي آهي.
مظفر بهاول لغاري/ گلاب لغاري
ڇا اسين سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ دھشتگرد آھيون؟
مستونگ ۾ خودڪش بمبار جو انٽليجنس پتو نه ته لڳائي سگھي پر سڪرنڊ ۾ مظلومن بيگناھن کي قتل ڪري يڪدم انٽيليجنس ادرا سمجھي ويا ته اهي سڀئي دهشتگرد آهن، ڇا اسين سنڌ ڌرتيءَ تي رهڻ وارا دھشتگرد آھيون؟ پوري ڪراچي دھشتگردن سان ڀري پئي آھي، سدائين سنڌ جي مظلومن کي دھشتگرد قرار ڏئي ڪارروائي ڪيون وينديون آھن. شرم اچڻ گھرجي جيڪي چون ٿا ڳوٺاڻا بمبار ھئا، ھي بيگناھ ھاري مزدور ھئا جن کي بيدرديءَ سان گولين جو کاڄ بڻايو ويو. هڪ ڀيرو ٻيهر ٽنڊي بھاول وارو واقعو قاضي احمد ڀرسان جلباڻي ڳوٺ ۾ ورجايو ويو آهي. سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرس ۽ پوليس جي جهوني قومپرست اَڳواڻ حاجي رجب علي جلباڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چار ديواري جي تقدس پائمال ڪري کيس گرفتار ڪرڻ پئي چاهيو پر حاجي رجب علي جلباڻي گهر ۾ موجود نه هو جنهن تي مقامي ڳوٺاڻن پاران سندن اُن عمل جي مذمت ڪندي. کانئن چڙھائيءَ جو سبب پڇا ڪيو. ڳوٺ وارن انهن جي اڳيان ديوار بڻجي ويا ۽ چيائون ته چارديواري اندر داخل نه ٿيو جنهن تي ڳوٺ جي عيني شاهدن موجب ٻنھي فورسز سڌيون گوليون هلائي 4 ڳوٺاڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ٻنھي فورسز جي ڪارروائي کي دهشتگرديءَ جو رخ ڏنو ۽ انھن مظلومن جو رت ايئن وهايو ويو جيئن ڪاسائي بي پرواھ ٿي جانور تي تيز ڌار اوزار ڦيريندو آهي. سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيھر ڳاڙهي رنگ جي چادر چاڙهي وئي آهي ۽ انهن امڙين جا جگر هميشه لاءِ کانئن وڇڙي ويا. ڪاش اهي امڙيون به مائي جھنڊو وارو روپ اختيار ڪن ۽ انصاف لاءِ پڪار ڪن. رب پاڪ وٽ ته انصاف جا دروازا هميشه لاءِ کليل آهن پر انسانن جي دنيا ۾ رھڻ وارن (عدالتن) کان انصاف جون اميدون گھٽ هونديون آهن.
ظالم کي ھاڻي جواب ڏيڻو پوندو،
غريبن جو رت رائيگان ڪونه ويندو.
محمد علي سيٺار/شڪارپور
جيل جي ديوارن جي پويان ڏينهن گھاري رھيو آھيان!
28 سيٽمبر جي شام جو آئون جيل جي پوڙھين ديوارن کي غور سان گهوري رھيو ھئس ۽ ذھن ۾ ھڪ ئي سوال گردش ڪري رھيو ھو ته: “آئون ته يارنھن ڪلاس جو شاگرد آھيان، ھي عمر ته منهنجي لکڻ پڙهڻ جي بدران جيل جي ديوارن جي پويان ڏينهن گھاري رھيو آھيان سو آخر ڇو؟” جڏهن منهنجي ذھن ۾ ڀڳت سنگهه جي زندگي جو تصور آيو جنهن ۾ ھو لکڻ پڙهڻ جي عمر ۾ باغي ٿي ويو ھو ۽ ھو جلاوطن ۽ باغي ٿي ڌرتيءَ لاءِ سر ڏئي اتم ٿي ويو ۽ ھميشه لاءِ امر ٿي ويو. ڀڳت سنگهه جڏهن پنهنجي والد صاحب ڏانهن ھڪ خط ۾ لکيو هو ته: “منهنجي زندگي پھرين ئي ھڪ اعليٰ مقصد جي لاءِ وقف ٿي چڪي آهي.” تڏهن ھي مٿيون سٽون ھن ڳالهه جون شاھد آهن ته آئون پنهنجي ڪنهن خاص مقصد جي ڪري هن جيل جي اندر آھيان، زندگيءَ جي لاهن چاڙهڻ کان پوءِ شايد اهو مقصد منهنجي سامهون اچي وڃي.
ھالار چانگ/ سينٽر جيل حيدرآباد
اقليتي شاگردن جي اسڪالر
شپ ڪير ڳڙڪائي ويو؟
ھونئن ته سرڪاري ادارن جي نااهلي ڪا ڳجهي ناهي پر ڪجھه عملي طور پاڻ پتوڙيندڙ ادارا به آھن جن جو ٻين جي ڀيٽ ۾ سٺو تاثر جڙيل آھي انھن ادارن مان سنڌ جو اقليتي معاملن وارو کاتو پڻ ھڪ آھي، جنھن جي ڪارڪردگي اڪثر ڪري اتساهيندڙ رھي آھي، پوءِ ڀلي کڻي اھي اقليتن کي پيش ايندڙ مسئلا ھجن، سندن ٻارن جي تعليم ھجي، روزگار جي محدود وسيلن سبب مالي سهائتا ھجي ان ڏس ۾ اقليتي معاملن وارو کاتو ھميشه اڳڀرو رھيو آھي، انھي تسلسل کي برقرار رکندي اقليتي معاملن واري کاتي پاران اقليتن شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ اپريل 2023ع ۾ مخصوص اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ جنهن جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي نگراني ۾ ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ٿيو جنھن جي شيڊول موجب جون 2023ع تائين سمورو عمل مڪمل ڪري مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ جي رقم ڏيڻي ھئي پر بدقسمتيءَ سان اھو شايد پھريون ڀيرو ٿيو آھي جو سٺي ساک رکندڙ اقليتي معاملن واري کاتي جي شاگردن جي مالي سهائتا واري ڪا اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿي ھجي. اھو ئي سبب آھي جو جنھن اسڪالرشپ جا سمورا مرحلا مڪمل ڪري جون 2023ع تائين اسڪالرشپ جي رقم شاگردن تائين پھچڻ گھربي ھئي ان کي اڄ ڇھه مھينا گذري وڃڻ باوجود ڪو ڏس پتو، ڪا اڳڀرائي ناھي ٿي سگھي، جنھن سبب شاگردن ۾ تعليم جي حصول لاءِ مالي سهائتا نه ٿيڻ سبب مايوسي پکڙيل آھي ۽ اھي چوٽ چڙهيل مھانگائي سبب پنھنجا تعليمي خرچ پورا نٿا ڪري سگهن ۽ سخت پريشانين ۽ ذھني دٻاءَ جو شڪار آھن، نه رڳو سندن پڙھائي متاثر ٿي رهي آھي پر سندن تعليمي سفر جاري رکڻ پڻ ھڪ وڏو امتحان بڻجي چڪو آھي. اسين سنڌ جي اقليتي معاملن واري کاتي ۽ سکر آءِ بي يونيورسٽي ٽيسٽنگ سروس سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته 3 ڪروڙ 75 لک رپين جي لاڳت سان منظور ٿيل منارٽي اسڪالرشپ ۾ ٿيل دير جو سختي سان نوٽيس وٺي ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ھنگامي بنيادن تي قدم کڻي اسڪالرشپ جي امانت مستحق شاگردن تائين پهچائي وڃي ته جيئن شاگردن جي پڙهائي بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رکي سگھن ۽ سندن مالي پريشانين سبب متاثر ٿيندڙ تعليم کي برقرار رکي سگھجي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪري سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر ۽ اقليتي معاملن واري کاتي جو گهيراءُ ڪيو ويندو.
پدم ميگهواڙ / سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
غريبن جو سهارو بند نه ٿيڻ گهرجي!
سول اسپتال بدين جيڪا 2016 کان انڊس اسپتال ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سهڪار سان هلي رهي آهي، جيڪا ڪافي عرصي کان ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي نئين عمارت ۾ عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪري رهي آهي. هن وقت اسپتال مالي گهوٽالي جو شڪار آهي، پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ويندي ويندي انڊس اسپتال جي بجيٽ به منظور ڪري وئي هئي پر موجوده نگران سيٽ اپ ۾ اڃا تائين فئنانس ڊپارٽمينٽ مان اها بجيٽ رليز نه ٿي سگھي آهي، جنهن جي ڪري اسپتال انتظاميا کي روزمره جا معاملا هلائڻ ۾ تمام گھڻيون ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهي. هيءَ اسپتال گھڻين شين جي کوٽ هئڻ جي باوجود غريب ۽ لاچار ماڻهن لاءِ هڪ وڏو سهارو بڻيل آهي، نه رڳو ضلعي بدين پر ڪافي ٻين ضلعن جا مريض هن اسپتال ۾ ايندا رهن ٿا، جن جو علاج بلڪل مفت ڪيو وڇي ٿو. هن اسپتال جي روزاني او پي ڊي هڪ هزار کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن بجيٽ جي حوالي سان اهڙي لاپرواهي رهي ته غريب عوام رلي ويندو. اسان موجوده نگران سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته انڊس اسپتال بدين جي بجيٽ فوري طور رليز ڪئي وڃي ۽ پڻ انهي ڳالھ کي يقيني بڻايو وڃي ته ايم او يو موجب اسپتال جي بجيٽ هر ڀيري وقت سر جاري ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي علاج جون مفت سهولتون ملي سگهن. ان کان سواءِ اسپتال جا اهي رهيل ڪم جيڪي سنڌ حڪومت کي ڪرائڻا هئا اهي پڻ جلد کان جلد مڪمل ڪرائي اسپتال جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي.
جبار حبيباڻي/ علي ٽائون، بدين
رڻ ڪڇ ڪيئن تباهه ٿيو!
(حصو ٻيون ۽ آخري)
ڪڇ جو رڻ قديم زماني ۾ اڀرندي ناري وسيلي آباد ٿيندو هو، اهو اڀرندو نارو هاڪڙو جيڪو قديم سنڌ (سڏ سئووير) جي آبپاشي نظام جو هڪ اڻ ٽٽ حصو هو، انهي اڀرندي ناري کي سرسوتي، چتانگ سان گڏ سنڌو نديءَ مان به ڳپل لٽ ۽ ڪجهه پاڻي پڻ ملندو هو، هاڪڙو، پراڻ ۽ پٽيهل درياهه ڪوري ندي ۾ وڃيو ڇوڙ ڪندا هئا. ڪوري ندي ڪڇ جي ماڻھن کي وڏو فائدو ڏيندي هئي ۽ ماڻھو اتي ساريون پوکيندا هئا. جنهن جي اڌ آمدني ڪڇ جي حڪومت کڻندي هئي. (سنڌ جي درٻار سنه 1984ع جيمس برنس) جهاري جبل واري پهرين جنگ 9- ربيع الثاني 1176ھ/ 28 آڪٽومبر 1762ع تي لڳي، ٻي جنگ 2- رجب 1176ھ/ 17 جنوري 1763ع ۾ لڳي، پهرين جنگ کان پوءِ ڪڇ جو راءِ ڏسيل واعدي موجب ميان غلام شاهه کي سڱ ڏيڻ کان نابري وارڻ تي اها ٻي جنگ لڳي هئي. راءَ ڏيسل ڪڇ جو هٺيلو حاڪم هو. ڪڇين جي باغياڻي روئي جي ڪري ميان غلام شاهه پراڻ درياهه تي موري واري جڳهه تي هڪ وڏو بند ڏياريو، جنهن سان ڪوري نار ڏانهن مٺي پاڻي جي پهچ بند ٿي وئي ۽ ڪڇ ۾ سريال فصل وارو ٻني وارو علائقو ويران ٿي ويو. انهي علائقي مان ڀڄ سرڪار کي ساليانو اٺ لک ڪوڙين جي آمدني ٿيندي هئي. ان کان پوءِ سنه 1819ع ۾ آيل زلزلي جي ڪري ڀڄ جو سندري وارو زميني ڀاڱو هيٺ ٿي ويو ۽ ان ۾ سمنڊ جو پاڻي ڪاهي آيو. ان ڪري اهو علائقو کاري پاڻي جي ڍنڍ بڻجي ويو. ان ريت ڪوري ناري کان وٺي ننگرپارڪر تائين وارو علائقو ڪلراٺو رڻ بڻجي ويو ۽ سرحدي ڳوٺ رحمڪي بازار ڀڙڀانگ ٿي ويو. آب ڪلاڻي جي موسم ۾ رڻ ۾ گهڻو پاڻي ڪوري نار کان ايندو هو. اهو کارو پاڻي ڪلهوڙن جي وقت ۾ سنڌ جي ڏاکڻين حصن کي تباهه ڪرڻ لڳو، اهو پاڻي اڃا تائين هر سال 5 کان 6 ميل رڻ جو راڪاس ختم ڪندو رهي ٿو. شروع ۾ 2 کان 4 ميل رڻ ختم ڪندو هو. اهو رڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي. رڻ جي پکيڙ 39 ميل هئي جيڪا هن وقت 52 ميل کان به وڌيڪ آھي، ڇو ته کاري پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڪو بند ٻڌل ناھي. جيڪو سانوڻ ۾ سمنڊ کان ايندڙ پاڻي روڪي سگهي. ان کاري پاڻي جو عمل هن طرح ٿيندو آھي ته سانوڻ جي برسات پوندي آھي ته سنڌو درياهه جو پاڻي عربي سمنڊ ۾ گهڻي انداز ۾ داخل ٿيندو آھي، ڏاکڻيون هوائون زوردار نموني لڳنديون آھن. نتيجي طور عربي سمنڊ جو کارو پاڻي ڏکڻ اولهه کان اوڀر اتر طرف وڌي ٿو. اهڙي طرح کاري پاڻي جو راڪاس ڏکڻ سنڌ جو وڏو دشمن ثابت ٿئي ٿو، هر سال هڪ ٻه ڳوٺ پنهنجي ڀاڪر ۾ آ.
گلزيب ساند/ننگرپارڪر
سينير سٽيزن ايسوسيشن جي تقريب جو احوال!
سينير سٽيزن ايسوسيشن جي Day Centre حيدرآباد ۾ ھر دلعزيز سينير ميمبر ۽ اڳوان محترم ھارون ميمڻ جي سالگرھ جي عاليشان محبتن ڀري تقريب ٿي. ھن سڄڻن جي تقريب ۾ حيدرآباد جيم خانا جو معزز صدر محترم طارق باجاري، اڳوڻو سرگرم صدر محترم ھادي بخش جتوئي، محترم آغا تاج، محترم مالڪ يوسفاڻي سميت ايسوسيشن جي ڪيترن ميمبرن سالگرھ جي ھن خلوص ڀري محفل ۾ شريڪ ٿي انڊلٺي رونقن سان نوازش ڪئي. ايسوسيشن جي جنرل سيڪريٽري آغا سيف الله خان طرفان آيل سڀني مھمانن ۽ ميمبر صاحبن جا ٿورا ادا ڪندي حيدرآباد جيم خانا جي صدر صاحب آڏو سينير ميمبرن طرفان چند گذارشون پيش ڪيون جيئن جيم خاني ۾ ايسوسيشن جي ميمبرن کي ڪجهه سھوليتون ملي سگھن. سائين محمد ھارون پاران سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽڻ بعد معزز مھمانن ۽ ميمبرن طرفان کيس گلن جا ھار، گلدستا، تحفا ۽ اجرڪ جا خوشبودار تحفا پيش ڪنديhappy birth day جنم ڏينهن جون مبارڪون ۽ دعائون ڏنيون، جن جو پاڻ دل جي گھراين سان ٿورو مڃيو. ھن تقريب ۾ عاليشان (refreshment) خاطر تواضح بعد مختصر وقت لاءِ راڳ رنگ جا انتظام پڻ ڪيو ويو هو جنهن ۾ مشھور آرٽسٽ سورٺ ۽ فنڪاره ريشمان پروين پنهنجي وڻندڙ سرن سان شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جا ڪلام پيش ڪري سالگرھ جي رونقن ۾ گلن جا مختلف رنگ ڀري ان کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
منظور ڪالرو/حيدرآباد