زندان جي جھروڪن مان، “مون ڇڏيا ڪتاب!”
وقت ۽ حالتون اسان قيدين جي ٻارن کي ڪتاب ڇڏڻ تي مجبور ڪن ٿيون، اهي اسڪول وڃڻ بدران ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجن نازڪ ڪلهن تي گھر جي ذميوارن جو وزن کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا، جيڪو عام طور تي وڏو ٿيڻ کان پوءِ انهن کي کڻڻ گھرجن. ڪڏهن هو ٿال ۾ ڇولا کڻي کپائين ٿا، ڪڏهن هوٽل تي بيرا گيري ڪندي ٿانوَ ڌوئين ٿا ته ڪڏهن سرون ڍوئي نٽهڻ اس ۾ مزدوري ڪن ته ڪڏهن اونهاري ۾ قلفيون کپائڻ جھڙا ڪم ڪن ٿا، جيڪو هو پنهنجي گھر جي ڪفالت لاءِ ڪندا آهن. اهڙين حالتن ۾ ڪير به اهو ناهي چاهيندو ته اهي اسڪول پڙهن ۽ سندن ڪم ڪندڙ نازڪ هٿن ۾ پڙهڻ لاءِ ڪتاب هجن. اسان قيدين جي ٻارن لاءِ ڪو به سرڪاري حڪم نامون جاري نٿو ٿئي. ڪا به حڪومت اسان قيدين جي ٻارن جي ذميواري نٿي کڻي ته انهن کي ڪم ڪار ڪرڻ بجاءِ ڪنهن اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪلين، جتي هو ٻين ٻارن جيان اُهي به اسڪول پڙهن، ڀلا اسان قيدين جي ٻارن جي هيڏي مهانگي تعليم ڪير برداشت ڪندو؟ ڪير چاهيندو ته قيدين جا ٻار به پڙهي وڏين وڏين پوسٽن تي اچن! تعليم ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ وڏڙن جو نالو روشن ڪن. جن ٻارن جا وڏڙا مختلف جيلن ۾ مختلف سزائن ۾ ڪافي سالن کان جيل ڀيڙا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به اهو ناهي سوچيو، اهو ئي سبب آهي ته اسان قيدين جا ٻار دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هو رات ڏينهن محنت مزدوري ڪري اسان کان پوءِ گھر جو گاڏو هلائين ٿا. ننڍڙن هٿڙن سان پاڻ کان وڌيڪ وزن کڻن ٿا، پنهنجي گھر جي ڪفالت ڪن ٿا، انهن معصومن کي جي غور سان ڏسبو ته انهن مان ڪنهن به ٻار کي سٺا ڪپڙا به پهرين ناهن هوندا، جھڙا تهڙا ڪپڙا پاتل هوندا آهن، ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ قيدي دوست جا ٻار سندس ملاقات تي جيل آيا هئا، جن ٻارن کي هُو جيل اچڻ کان اڳ هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرائي آيو هو، جيڪي ٻار اسڪو پڙهي رهيا هئا ته هن کي سزا لڳي وئي. ملاقات دوران انهن ٻارڙن جي هٿن تي سندس نظر پئي، سندس ٻارڙن جي هٿن ۾ لفون پيل هيون، سندس ٻار اهي لفن وارا هٿ پنهنجي والد کان لِڪائي رهيا هئا، گھڻي زور ڀرڻ تي انهن ٻڌايو ته بابا اوهان جي جيل وڃڻ کان پوءِ اسين ٿا گھر جو گاڏو هلايون، انهيءَ لاءِ اسان جي هٿن ۾ لفون پيون آهن. گھر جو گاڏو هلائڻ لاءِ اهي ڪتاب ڇڏي ڏنا آهن، جيڪي توهان اسان کي پڙهڻ لاءِ وٺي ڏنا هئا. اهو ٻڌي ان قيدي دوست جون اکيون ڀرجي آيون. هن قيدي دوست جي ٻارن جيان ٻين قيدين جا ٻار به آهن جيڪي تعليم کان وانجھيل آهن، جن جا والدين جيلن ۾ آهن، انهيءَ لاءِ منهنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته قيدين جي ٻارن ڏانهن به نظر ڪرم فرمايو. معاشري جا ڏوهاري ته انهن جا پيئر آهن، اسان جي معصوم ٻارڙن معاشري جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جي اهي پڙهي پون ۽ معاشري جا سٺا فرد بڻجن ته ان ۾ ملڪ جي به ڀلائي آهي، ڇو ته جيل ۾ رهندڙ هر قيدي گنهگار ناهي هوندو، انهن ۾ گھڻا قيدي زماني ۽ نظام جا ستايل ۽ بيگناهه آهن.
سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد
تون ئي ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان!
ڪالھه رات اوچتو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس، ساهه ٻوساٽجي رهيو هو، ايئن ٿي لڳو بس اجهو مرڻ وارو آھيان پر آءُ مري نه سگهيس، ڇو جو دردن جي رڻ ۾ رلندي بينام منزلن جي راهن تي هلندي شايد اڃا بيگانگيءَ وارو سفر ختم ناهي ٿيو يا اڃا ڪي درد روح کي رانڀوٽا هڻڻ لاءِ اچي رهيا آھن يا اڃا ڏکن جي ڏونگرن کي ڏورڻو اٿم. خالي اکين ۾ ڪي خواب سانڍي جيئڻ جي راهن تي رلڻ جو مقصد ناهيان سمجهي سگهيو، مون کي تاريڪين جي تھه ۾ وٺي پاڻ روشنين جي شھر ۾ رهي ٿي. پاڻ کي رونقن ڀري راهن تي وٺي هلي ٿي، مرڪڻ، ٽھڪ ڏئي کلڻ هن جي عادت ٿي وئي آھي، منهنجي خوابن جي دنيا منهنجي سپنن جي دنيا روز مون مٿان مرڪي ٿي، ڪير سمجهائي انهن الهڙ سپنن کي جيڪي روز مون کي روئارين ٿا، ننڊ منجهان ڇرڪ ڀري اٿارين ٿا، رات به اوچتو ننڊ منجهان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو هئس، نيڻن جي دنيا ۾ بار بار ڪنهن اجنبي جا عڪس ٿي ڦريا، هن ثھڪ ٿي ڏنا ۽ آءُ ڀريل نيڻن سان هن جي گول خوبصورت چهري ۽ خوبصورت اکين ڏانهن ٿي نهاريو انهن نيڻن ۾ به ڪن سالن صدين جا اوجاڳا ٿي ڏٺا، انهن نيڻن ۾ ڀي جوانيءَ جوڀن جي لٽجي ويل پلن جون پيڙائون ٿي نظر آيون، تڏھن ويجهو ويندي چيو مانس ايترو دور ڇو ٿي رهين جڏھن ته اسين هڪ ٻئي جي لاءِ جي رهيا آھيون، محبت ڪندا آھيون، مرڪي ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي، چريو آھين! قربان جيئڻ جي لاءِ صرف محبت ۽ سچائي ڪم ناهي ايندي پر جيئڻ جي لاءِ ڪجھه ھڙ ۾ ھجڻ لازمي هوندو آھي. تنهنجي ۽ منهنجي دنيا ڏينهن ۽ رات جيان الڳ الڳ آھي ڇو ته تون ڪنگال آھين ۽ اسين ڪارين بنگلن ۾ رهڻ وارا ماڻھو، اسان جي به معاشري ۾ ڪا عزت آھي، توساڻ شادي ڪري مان پنهنجو پاڻ کي برادريءَ وارن جي نظرن ۾ ڪيرائڻ نٿي چاهيان، اداس نيڻن سان هن ڏانهن ڏسندي چيم وقت کي ڇا چوان؟ هنن گذرندڙ لمحن کي ڇا چوان؟ اڄ ڪلھه روز مهانگائي وڌندي ٿي وڃي، پاڻ پيٽ جو پورائو ڪريان يا سپنن جي سيج تي سمهان. اسان مسڪين جي ته دنيا ئي الڳ ٿيندي آھي، مرڪي چيائين ته ڪهڙي دنيا ٿيندي آھي، غريبن جي فقيرن جي؟ چيم اسان جي دنيا ۾ صرف درد ۽ پيڙائون هونديون آھن، ڀوڳنائن جا پل هوندا آھن، اسان جون اکيون خوابن کان خالي هونديون آھن، اسين روز پنهنجي هٿن سان حسرتن جا جنازا دفنائيندا آھيون ۽ پوءِ محبت محبت جو راڳ نه ڳائيندا آهيون، چيم تون سچي آھين پر ڇا ڪريان من جي ڪروڌي ٻار کي جيڪو مڃي ئي نٿو، ڇا ڪريان هن من جي ٻار کي جو تنهنجي سار ٿو ڪري، تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟
بلاول چارڻ/ ٻيلو، سجاول
حفاظت ڪرڻ!
پاڪ سرزمين جي ڏاکڻئين حصي ۾سنڌ صوبي جي شهر ٺٽي ۾ 20 ڪلوميٽر ڏور آباد ڳوٺ ۾ هڪ وطن دوست ڪردار، هڪ خوبصورت حب الوطني جو مثال، هڪ بهادريءَ جو اهڃاڻ، لازوال محبتن جو داستان، هڪ اهڙو نظم جنهن کي هر روز امن جي نالي سان پڙهجي، هڪ اهڙو نثر جيڪا تاريخ بڻجي وڃي، هڪ اهڙو غزل جيڪو محبتن جو تمغو هجي، هڪ اهڙي ڪهاڻي جيڪا ٻارن کي برزباني ياد ٿي وڃي، هڪ اهڙي سوانح عمري جيڪا بهادريءَ جي عمر ڀر پيروي ڪري، هڪ اهڙو مڪالمو جيڪو اڄ به دوستن سان گفتگو پيو ڪري، هڪ اهڙو مقالو جيڪو مستقل، دليلن ۽ واضح حوالن سان آزاد آهي، هڪ اهڙو ناول جيڪو زندگيءَ کي وطن لاءِ وقف ڪري محبت ۾ فرض بڻائي ڇڏي. هڪ اهڙو ڳوٺ جنهن ۾ ماضي، حال، مستقبل مڪمل وقت بڻجي، پنهنجي اندر آرامي عاشق تاريخ رکندو هجي، هي صرف هڪ ڳوٺ ناهي، ان ناول جيان آهي جنهن کي شروع کان آخر تائين هڪ ساهيءَ ۾ پڙهيو وڃي. هي پاڪ سرزمين جي هڪ نشاني آهي، جيڪا بهادريءَ جي علامت بڻجي فتح جو اهڃاڻ ڏيکاري ٿي. هي ان ڳوٺ ۾ جھنڊي هيٺان پنهنجي پاڪ وطن جو مورچو بڻجي، امن، آزادي ۽ حفاظت جو پختو عمل بڻجي وڃي ٿو. اوهان حفاظت جو ڪيتري قدر فهم رکو ٿا، اوهان جو فهم ئي ان گھرائيءَ کي سمجھي سگھي ٿو، اوهان حفاظت ۾ ئي سڪون محسوس ڪندا آهيو مثال: اصطلاح طور “حفاظت ڪرڻ” هاڻي سوال اهو ٿو آهي ته ڪنهن جي حفاظت؟ ذاتي حفاظت؟ گھر جي حفاظت؟ فصل جي حفاظت؟ بزنس جي حفاظت؟ پر اهي سڀئي حفاظتون تڏهن ممڪن بڻجنديون جڏهن اول هر فرد جو اهو فرض آهي ته ملڪ جي حفاظت ڪرڻ جو درست ادراڪ رکي ۽ حب الوطنيءَ جو جذبو به رکي. حفاظت جو اعليٰ مثال، زور آور شهيد مهتاب علي پليجو 5 سيپٽمبر 2000ع جنهن چوڪي حاجي پير سيڪٽر ڪشمير بارڊر تي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ وڙهندي شهادت حاصل ڪئي. 5 سيپٽمبر ۽ 6 سيپٽمبر هي ڏينهن روحانيت طور فاتح ۽ جنگجو جي نالي سان ياد ڪيا ويندا. هنن ڏينهن تي انهن آرامگاهن تي لهرائيندڙ پاڪ وطن جا جھندا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته وطن لاءِ عشق ڇا کي چئبو آهي! انهن سماجي سرگرمين کان هڪ طرف ٿي وطن جي حفاظت جي سرگرمين ۾ حصو وٺو، انهن زندگي کي حب الوطني جي رنگ ۾ آڻي ذاتي خوشي ۽ غم کان آزاد ٿيو. ماضيءَ تي جڏهن هڪ نظر وجھبي ۽ تاريخ انهن قديم قبيلن جو ثبوت ڏيندي جيڪي اوچتو حملي آور بڻجي رياستن ۽ شهرن تي قبضا ڪندا هئا ۽ انهن شهرن کي باهيون ڏئي ڦرلٽ ڪري عورتن کي ٻانهيون بڻائي شهر ۽ علائقا ويران ڪري ڇڏيندا هئا، اهڙو ئي هڪ ناپاڪ منصوبو دشمنن طرفان 6 سيپٽمبر تي لاهور شهر لاءِ رٿيو ويو هو پر ان منصوبي کي وطن جي پاسبانن ناڪام بڻائي ڇڏيو، جيڪا تاريخ ياد رکندي. 5 سيپٽمبر تي زور آور شهيد مهتاب علي پليجو به دشمنن جي قبضي جو منصوبو ناڪام بڻائي تاريخ رقم ڪئي. وطن جي بقا جي جنگ ۾ حفاظت ۽ جذبي سان سرشار بڻجي ان کان قابل عمل بڻائي هرپل سهڪاري رهڻ تي اوهان کي سلام.
جرئت علي پليجو/ٺٽو
غربت جي گهاڻي جي پيڙهجندڙ عوام!
ٻار جڏهن ننڍپڻ کان گذري جواني ۾ اچي ٿو ته ان تي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، اهڙيون ذميواريون نڀائيندڙ هڪ شخص گهر جو سودو سامان وٺي رهيو هو. سامان کڻائڻ لاءِ رڪشا واري کي چيائين سامان کڻندو؟ ها ڪندي رڪشا وارو دڪان آڏو انتظار ڪندو نظر آيو. اوچتو رڪشا تان لهي دڪان تي چڙهي آيو ۽ دڪاندار کي چيائين “ٻه بسڪيٽن جو فاريون ته ڏجو” يڪدم سارنگ جي نظر اُن جي اکين تي پئي، اکين ۾ هڪ عجيب منظر ڏِسڻ ۾ آيو، هُن جي اکين ۾ بُک ڇوليون هڻي رهي هئي، مايوسي پنهنجي چادر ويڙهي چڪي هئي، درد ڀڀڪا ڏئي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ھُو پاڻ کي هن سماج ۾ بدنصيب سمجهي رهيو هو، پاڻ کي غريب سمجهي رهيو هو، پنهنجي دردن جي دانهن ڏيڻ لاءِ هم خيال شخص جي تلاش ۾ نظر ڊوڙائيندي نظر آيو، ھُو ڪنهن جي آڏو التجا ڪرڻ پيو چاهي پر هن سماج جي ڀڄ ڊڪ جي هجوم ۾ به اڪيلو پاڻ کي ڏٺائين، ڇا ڪاڻ ته ھُو غريب هو ۽ غريب جو هِن مفادپرست دنيا ۾ ڪوئي ڪونه هوندو آهي. بس هو اڪيلو هوندو آهي ۽ اڪيلو ئي هِن وحشي سماج جي طوفان ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي. سامان رڪشا تي رکڻ کان پوءِ سوچ آئي ته اڳيان نه ويهجي، اُن اکين کان پري ڀڄجي، ڇاڪاڻ اُهي اکيون غربت ڪري باغي ٿي ويون هيون پر مان ڀڄي ڪونه سگھيس، پري ٿي ڪونه سگھيس، ڏسڻ کان به رھي ڪون سگھيس، ٿورڙي دير پويان ويهڻ کان پوءِ نظر ورائي جڏهن پوئتي نهاريم ته مها ساگر ۾ سمايل اکين جو عڪس صاف صاف آئيني ۾ نظر اچي رهيو هو، الاهي ڪهڙو سبب هو جو انهن اکين تي نظر پوڻ سان ئي قيدي بڻائي پيون ڇڏين ۽ اُھو ڪهڙو درد هو جو سوچڻ تي پيون مجبور ڪري ڇڏين. ھُو هن سماج جو حصو هو يا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، ھُو باقي انسانن جيان هڪ انسان هو، ھُو هڪ مزدور هو، اُن جي حالت وقت جي حڪمرانن جي غلطين جو نتيجو هو؟ يا پنهنجي غلطين جو نتيجو هو؟ مان ايترو ڏٺو ته ھُو اُن وقت بيوس هو، لاچار هو پاڻ پتوڙيندڙ هڪ بهادر شخص هو.
اسرار سومرو/ شهدادڪوٽ
اين ٽي ايس پاس نوجوانن سان انصاف ڪيو!
سال 2013ع ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سروس اين ٽي ايس پاران جونيئر اسڪول ٽيچر جي پوسٽ لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن پاران کين آفر آرڊر نه ملڻ خلاف عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست واري فيصلي ۾ عدالت پاران تعليم کاتي سنڌ کي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. جنھن کان پوءِ سرنديءَ وارن ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران وڪيلن جو ڳريون فيون ڀري ڌڙا ڌڙ مختلف عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. اھڙي صورتحال ۾ صرف پئسي وارا پٽيشنرن جن وڪيلن جو ڳريون فيون ڀريون آھن انھن جا نالا ئي ڇنڊڇاڻ لاءِ تعليم کاتي واري ڪميٽي ڏانھن منتقل ڪيا پيا وڃن، جنھن سان اھي اميدوار جيڪي سٺن نمبرن سان ٽيسٽ پاس ڪري چڪا آھن پر وڪيل جي فيس جي رقم نه ھئڻ سبب عدالتن ۾ داخل ڪرايل پٽيشنز ۾ پنھنجو نالو نه ڏئي سگھيا انھن سان ناانصافي ٿي رھي آھي جنھن لاءِ عدالت سڳوري کي سنڌ جي غريب، مستحق ۽ قابل ٽيسٽ پاس اميدوارن جو خيال رکندي ھڪ ئي فيصلو ڏيڻ گھرجي ته مڙني اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ ڪري حقدار اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن. جنھن سان نه رڳو عدالتن جو قيمتي وقت به بچي پوندو ۽ مستحق اميدوارن کي انھن جو حق پڻ ملي پوندو. تعليم کاتي کي به گھرجي ته جيڪڏهن 2013 جي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڪورٽ جي حڪم تحت آرڊر ڏيڻا آھن ته پوءِ ميرٽ تي آيل سڀني قابل اميدوارن کي ڏنا وڃن رڳو عدالتن ۾ ڪيس ڪندڙ اميدوارن کي آرڊر ڏئي وڪيلن جون فيون نه ڀري سگھندڙ غريب ۽ مستحق بيروزگار نوجوانن جي حق تلفي نه ڪئي وڃي.
عبدالحق ميمڻ /سجاول
جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم ڪاڇو!
ڪاڇي ۾ رھندڙ عوام سان جيڪا جٺ ٿيندي آئي آھي ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي، ڪاڇو جتي تقريبن بلوچ قبيلا آباد آھن انھن جا پنھنجا سردار آھن، جن صرف جوهي جي ڪاڇي ۾ ئي 20 کن ننڍا وڏا سردار ھڪ کان وڌيڪ وڏيرڙا ۽ رئيس موجود آھن، جيڪي سڌي اڻ سڌي طرح حڪومتي ڌر جو حصو پئي رھيا آھن، جيڪي جيڪڏهن چاھن ھا ته ڪاڇي جو ھر علائقو روڊ رستا، سٺن اسڪولن صحت مرڪزن سان سينگارجي وڃي ھا پر اھي ماڻھو ڪڏھن به عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي نظر آيا آھن، انھن سردارن، وڏيرن ۽ رئيسن جو ڪم صرف ڪاڇي جا ٺيڪا سياسي سفارش جي عيوض حاصل ڪري انھن ۾ ننھن کان چوٽي تائين ڪرپشن ڪري مال کائڻ آھي ۽ علائقي ۾ جيڪو ماڻھو انھن خلاف ڪو آواز اٿاري ته ان کي پھريان پاڻ راڄوڻي طريقي سان ڌمڪائڻ سميت مارڪٽ، تذليل، زمينن تي قبضن ۽ چند ٽائوٽ ايس ايڇ اوز ھٿان ڪٽرائي ٻڌرائڻ وارو ڪردار رھيو آھي. تنھن ڪري اڪثر اوھان ڏٺو ھوندو ته ڪاڇي جو عوام انھن چونڊيل نمائندن، سردارن، پيرن، ميرن، رئيسن ۽ وڏيرڙن خلاف ڳالھائڻ ۽ لکڻ کان لوائيندو آھي ۽ چند ماڻھو صرف بيورو ڪريسي کي ٽارگيٽ ڪري ھانءَ جي باهه ٿڌي ڪندي نظر ايندا آھن پر اليڪشن ۾ سدائين سور ڏيندڙ واڳن کي ووٽ ڏئي وري پنھنجي تذليل سميت پنھنجي معصوم ٻچن جو مستقبل انھن قوم دشمنن جي ھٿن ۾ سونپي ٿا ڇڏين. ڪاڇي جي عوام کي جيڪڏهن پنھنجي عزت سميت ٻچن جو مستقبل سنوارڻو آھي ته انھن واڳن کان نجات حاصل ڪري سٺا نمائندا چونڊڻا پوندن، پوءِ اوھان جا حق کائڻ جو ڪنھن آفيسر توڙر وڏيرڙي ۾ساهه باقي نه رهندو.
سمير احمد بروهي/واهي پانڌي ڪاڇو
سياسي پارٽيون ۽ نوجوانن جي مالڪي جو سوال!
(حصو پنجون ۽ آخري)
هينئر ته جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جدوجهد ته صرف اي سي ڪمرن ۽ ڊبل ڊور گاڏين تائين محدود آهي، مهاراجا ڏاهر وارن ته پنهنجي فوج جي اڳواڻي پاڻ ڪندي شهادتون ماڻيون، انهن پاڻ به زخم برداشت ڪيا، اوهان ته رڳو نوجوان جي هٿان مفت ۾ رياست مخالف نعرا هڻائي نوجوان مارائي تماشو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي بئنڪن جا اڪائونٽ ٿا ڀريو، اوهان جيڪڏهن عدم تشدد جا پيروڪار به سڏايو ٿا ته پوءِ به اوهان جو اهڙو ته ڪو عمل ئي ناهي جو اوهان کي آزادي پسند چئجي! ڇا اوهان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن لاءِ ڪا اثرائتي جدوجهد ڪئي آهي؟ پوءِ وري اوهان اهي دانهون ٿا ڪريو ته اسان جو عوام جاهل آهي، آزادي جي تحريڪ ۾ ساٿ نٿي ڏئي، عوام ته اوهان جو هر جڳهه تي ساٿ ڏنو آهي، عوام ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اوهان سان گڏ هو، عوام ته ون يونٽ جي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ به اوهان جو ساٿ زور شور سان ڏنو، عوام ته بحريا ٽائون ۾ به اوهان جو ساٿ ڏنو، عوام ته ٻٽي مڪاني نظام خلاف اوهان جو ساٿ ڏنو، عوام اڃا ڇا ڇا ڪري؟ اوهان پهرين هڪ نظر پنهنجي پاڻ تي ته وجهو، ڇا اوهان هيستائين عوام کي اهو يقين ڏياري سگهيا آهيو ته اسان اوهان لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪري رهيا آهيون؟ اسان اوهان جي آزاديءَ، توهان جي سک، توهان جي چين جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اوهان کي اها خبر آهي ته هتان جي هارين، مزدورن، پورهيتم، آبادگارن جا مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ ياد رکو ته انهي کي جدوجهد ناهي چئبو ۽ نه ئي اوهان جي اهڙي عمل تي عوام اوهان سان گڏبو ۽ توهان جو ڪو ساٿ ڏيندو. عوام تيستائين اوهان جو ساٿ نه ڏيندو جيستائين اوهان پارٽي ڪارڪنن جي مالڪي نه ڪندئو ۽ عوام جي وچ ۾ وڃي انهن جي ڏکن، تڪليفن ۾ انهن جا ڀرجهلا نه ٿيندئو، تيستائين ڪجهه نه ٿيندو. لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي پر آخر ۾ نوجوانن کي صرف اها اپيل ڪندس ته مهرباني ڪري ڪنهن به پارٽي يا تنظيم جي هنيل جذباتي نعرن مان متاثر ٿي ڪو به اهڙو قدم نه کڻو جو قوم وري ڪيترائي سال پوئتي هلي وڃي، پهرين انهن کي سمجهيو، سوچيو، پرکيو ۽ پوءِ ڪو فيصلو ڪيو ته اهو توهان ۽ توهان جي گھروارن ۽ پونئيرن جي لاءِ بهتر آهي.
ذوالفقار کوسو/ماتلي، بدين
عوام ۽ رياست ۾ آءِ ايم ايف جا فيصلا!
(حصو ٻيون)
آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ايڏي وڏي مهانگائي سبب سنڌ جي هر غريب کي پنهنجي بکئي پيٽ لاءِ صرف ماني ڳڀي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اقتدار جي بکايلن سنڌ جي حڪمرانن خلق خدا جيءَ کي وڏي عذاب ۽ ڀوڳنائن ۾ وجھي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ غربت جو ماريل هر غريب اٽي جي لپ جي ڳولا ۾ پنهنجا حواس باختا ٿي دربدر بڻيل آهي، غربت جا ماريل غريب هر روز پيٽ بکايل هجڻ سبب دانهون ڪوڪون ڪري احتجاج ڪري ڌرڻا هڻي رهيا آهن ۽ پنهنجي پيٽ بکايل معصوم ننڍڙن ٻچن لاءِ جياپي جي جنگ لڙي رهيا آهن، ڪرپٽ سنڌ جي حڪمرانن کان وڌيڪ سنڌ جا ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا جيڪي پاڻ کي وائسراءِ پيا سمجھن. سنڌ جي حڪمرانن جي ضمير کي ۽ ڪامورا شاهي جي ستل ميمبرن کي ڪميشن جھڙي رشوت آرام جي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهيم انهن جي ضمير کي جاڳاائڻ لاءِ هر غريب غربت سبب آپگھات ڪرڻ ۽ پنهنجي اولاد کي بازارن ۾ وڪرو ڪرڻ جا موقعا ڏيندي ڏٺو وڃي ٿوم هر غربت ماريل غريب احتجاج جو سهارو وٺندو آهي، سنڌ ۾ اها هٿ ٺوڪي مهانگائي سنڌ جي حڪمرانن ۽ ڪامورا شاهي جي چرچ تي ٿي رهي آهي جيڪي انهي سان مهانگائي ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. غربت ماريل غريب هاڻي ذهني ۽ جسماني صلاحتين کي وساري ويٺا آهن، هاڻ رڳو پيٽ ڀرو تحريڪ ۾ مصروف آهن، غربت غريب جي ڪمتري جو شڪار ٿيندي نظر اچن ٿا، انهن کي مهانگائي جي ٻوڏ لوڙهي ڇڏيو آهي، جنهن جو وڏو فائدو ذخيره اندوزي ڪندڙ منافعي خور واپارين کي ٿي رهيو آهي ۽ اقتداري سياسي قوتن کي به پيو آهي ۽ ڪرپٽ ڪامورا شاهي به انهيءَ ۾ ملوث آهن جنهن جي ڪري غريبن لاءِ وڏا بحران پيدا ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ جو هر غريب ڪرپشن ڪندڙ جو ايذايل نظر اچي ٿو، تڏهن سنڌ جو هر غريب پنهنجي جائز حقن جي حاصلات جي لاءِ گهرن کان نڪري روڊن تي پنهنجو آئين ۽ جھموري حق استعمال ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري ٿو، سنڌ تي غريبن کي مهانگائي جي موت حوالي ڪيو ويو آهي، هر غريب زندگيءَ لاءِ موت گھري ٿو، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سياست ڪرڻ جو طريقو هڪ سڪي جا ٻه پاسا واري ڪار آهي. (جاري)
مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن