مولانا راشد کي ڌرتي گهرجي يا سياسي اتحاد‎!

مولانا راشد محمود سومرو جيڪو سنڌ ڌرتي لاءِ هميشه آواز اٿاريندو رهندو آهي ۽ سنڌ حڪومت جي خلاف عوامي آواز بڻجندو رهيو آهي، هن هميشه اها دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ منهنجي ماءُ آهي، سنڌ جا دشمن منهنجا دشمن آهن. جي يو آءِ جو اتحاد ايم ڪيو ايم سان ڪجھه عجيب لڳو،  ڇا ايم ڪيو ايم وارا سنڌ ڌرتي جا وفادار آهن؟ اها اسان سڀني کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪڏهن به خيرخواه ناهي. اها ڄاڻ مولانا راشد سومري کي چڱي طرح آهي. ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن پارٽي آهي پوءِ به انهن سان اتحاد ڪرڻ سنڌ ماءُ سان سڌو سنئون دوکو آهي. مطلب صاف آهي ته پيپلزپارٽي وارا به پنهنجي مفادن لاءِ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪندا رهيا آهن ۽ جي يو آءِ وارن به پنهنجي مفادن لاءِ اتحاد ڪيو آهي. هاڻ ٻئي هڪڙي صف ۾ شامل آهن  اڄ کان پوءِ مولانا راشد محمود سومرو سنڌ ڌرتي کي امڙ چوڻ ڇڏي ڏئي ۽ سنڌ جي عوام کي بيوقوف نه بڻائي ته بهتر آهي. هي هڪ سياسي ماڻهو آهي جيڪو سياست ۾ هوندو آهي، اهو سنڌ جي نعرو هئڻ ان لاءِ مناسب ناهي  هيٺ ڏنل ڪجھه جهلڪيون ٻنهي جي اتحاد قائم ٿيڻ کان پوءِ گڏجي ڪانفرنس جو حوالو  مولانا راشد محمود سومرو چيو ته اسان گڏجي جاکوڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اتفاق راءِ سان ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ رد ڪريون ٿا، ايماندار آفيسرن جي پوسٽنگ جو مطالبو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا نتيجا رشوت وٺي ڏنا ويا، سنڌ ٻوڏ متاثرن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان 60 ارب جو قرض ورتو، اڄ به ٻوڏ متاثرين مسئلن جو شڪار آهن. هنن چيو ته اليگزينڊر ڪميشن کي جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ اسان جا بدلين، مقررين ۽ تڪبندين تي خدشا دور ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته گڏجي مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪندا. مولانا سومرو موجب جي يو آءِ مسلم ليگ ن جي اتحادي آهي، اسان جو پيپلز پارٽي سان ڪڏهن به اتحاد ناهي رهيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته پ پ جي اڳواڻن کي سنڌ سان ظلم ڪرڻ وارو دور ياد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ سنڌ ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ مولانا راشد محمود سومرو صرف سنڌ لاءِ صرف سياسي ڪارڊ استعمال ڪري رهيو آهي. جماعت اسلامي وارن جيڪو سنڌين سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي مٽايو. هڪ ٻيو اتحاد ڪرڻ کان پهرين ضرور سوچ ويچار ڪرڻ لازمي آهي.

 

محمد علي سيٺار/شڪارپور

شاهه لطيف جي اک ۽ ٿر!

 

شاگگ عبدالطيف ڀٽائي رحه پنھنجي دور کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھو اڪيلو شھنشاهه شاعر رھيو آھي جنھن جي شاعري عالمي ليول جو دليلن سندو جواب آھي! ھو محبتن کي، تصورن کي ۽ دنيا جي گوناگون روايتن کان وٺي ھر پيچري تائين پڙاڏو بڻجي وٺو آھي، سندس ڪڪر پنھنجا آھن ته ڏيهه به پنھنجو، رڳو ھي هڪڙي سٽ پڙھي ڏسو ته محبت انھي شيءِ جو عنوان آھي: “ميخُون محبت سنديون، ھينئڙي منجھه ھزار!” مُرشد لطيف، ولھار واسي ٿو، حُب الوطنيءَ تائين ٿر کي سُر سارنگ ۾ ۽ سُر مارئي ۾ مھڪائي، ڏيھه پرڏيھه تائين چورائي ٿو ته: “اڱڻ تازي، ٻاھر ڪنڍيون، پکا پٽ سُونھن!” يا ھُوءَ ٿر جي ڀٽن ۾ ھلندي ھلندي پيرون پچڻ واري موسم کي دلربا ۽ واڳڻائي ريکا سان جڙائي ٿو. ھو چوي پيو ته؛ “اي وڙ ويڙھيچن مون لوڏائي لکيا!” پنھنجي زندگيءَ جي تسلسل ۽ آواره نرالي ڪماليات رڳو ڀٽائي کان ئي سکجي. ھُو ڀٽن تي ويندڙ اُٺ جي پاڇي سان سج کي ڏسي چئي ٿو ته: “عُمر تنين ڪاڻ، منھنجو روح رڙيون ڪري!” حياتي رھي ته آئون مُرشد ڀٽائي کي ٿر جي حوالي سان مقالو لکندس، بلڪل اھو ئي ٻڌائيندس ته لاکيڻي لطيف جي اک ٿر کي ڪئين ڏٺو؟ لطيف سرڪار پنھنجي پيرن کي پارڪر تائين ڪيئن پڄايو؟ “ڍٽ ڍري، پٽ پيون،پاسي پارڪر!”

 

ڪيلاش ميگھه/ٿرپارڪر

 

ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائيءَ جو ذميوار ڪير؟

 

هڪ طرف ملڪ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آھي، پئٽروليم شين جي اگھن ۾ لاڳيتي واڌ جي ڪري عام واهپي جي شين جا اگھه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آھن، مزدور طبقي کان ويندي وچيون طبقو به هاڻي پنهنجي ٻچن کي 2 ويلا کارائڻ لاءِ سخت پريشان بڻيل آھي ته ٻئي طرف وري سياست ڪندڙ ڌريون نگران حڪومت کي مهانگائي جو ذميوار قرار ڏين پيون پر ٿوري دير کڻي سوچجي ته انھن مان اڪثر سياسي ڌريون پي ڊيم ايم جو حصو رهيون آھن ۽ کين هڪ کان ڏيڍ سال لاءِ ملڪ جون واڳون به ملي چڪيون آھن پر انھن عوام کي ڪھڙو رليف ڏنو؟ اهو به سڀني جي اڳيان آھي! گذريل پي ڊي ايم جي حڪومت کان پهريان عمران خان جي اقتداري سالن ۾ به عوام کي لاڀ نه مليو آھي، ان جا سبب ڪھڙا آھن، مختلف سياسي تجزيا هلي رهيا آھن پر انهن مان ڪو به حل اڃا تائين نڪري ناهي سگهيو. جيڪڏھن مهانگائي وڌائڻ جي ضرورت ھجي ته اتي گهٽ ۾ گهٽ عوام کي رليف ته ڏنو وڃي پر شايد اها شيءِ اقتداري ڌرين جي ايجنڊا ۾ ناهي. هاڻي عوام کي گهرجي ته ٽرانسپورٽ کي هڪ ڏينهن لاءِ ملڪ اندر مڪمل طور بند ڪيو وڃي ته جيئن حڪمرانن کي ڪو احساس ٿئي ۽ ملڪ کي مهانگائي جي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون وٺن.

امداد بروهي / ٺٽو

لٿيون شامون لڪن پويان!

 

(حصو ٻيون)

گذريل وقت ياد ڪندي ماضي جي جهروڪن ۾ ٽٻيون هڻندي جڏهن ويل وقت ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اکيون لڙڪ لاڙين ٿيون، اڄ اهي ڏينهن ياد پون ٿا اڄ اهي ولر ياد پون ٿا جن ۾ چنگ ٻڌي چارڻ ويندا هئاسين. ولر وارڻ ڇانگون ڇيڪارڻ لڪ لڪوٽي راند ڪري هڪ جيڏن سان ڪيل اهي حجتون ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون شامون، سنڌ جي سينڌ جهڙا اهي صبح ڪنهن سان ڪيل وچن واعدا، اهي ڏينهن هٿن مان ايئن هليا ويا جيئن ٿر جي گهڻن ڳوٺن مان فوڳ جا وڻ هليا ويا آهن! گذريل وقت جا سٺا پل اڄ به يادن جون لوليون ڏئي دل کي وندرائين ٿا. شل اهڙا رب ڪري وري ڏينهن موٽي اچن، ان وقت ڏنل ٽهڪ ڪنهن لاءِ لڪي لاڙيل لڙڪ ڪنهن کي حجتن مان پارايل هار محبت مان هنيل ڪنهن محبوب جي هٿن تي ميندي تحفي ۾ ڏنل ڇلن جي جوڙي مرڪي موٽ ۾ ورتل منڊي ۽ گهڻو ڪجھه وقت جو باز پيار جا پاليل پاريل فٽي ويو آهي! اڳي جڏهن وسڪاري جي ويل شامون لڪن پويان لڙنديون هيون، تڏهن ڀٽن تي بيهي اوٺي وڳ جو انتظار ڪندا هئاسين، اوٺارين کان ورتل تازو کير اڪ جي پڙن ۾ پي هٿ لوڏيندا هليا ايندا هئاسين، پيرون پچندا هئا ته وڻن تان ڪيل اکين جا اشارا هڪ محبوبا جو پيروئن جي لپ چنڊي پنهنجي عاشق ڏانهن اماڻڻ بهار جي موسم ۾ بوڙينڊا وڄائڻ سياري جي ڊگهين راتين ۾ ڪنهن جي سڪ ۾ جاڳي ڪيل اوڄاڳا ٻيو گهڻو ڪجھه زماني جو مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو آهي! نه اهي اڳيان يار رهيا جيڪي مائٽن هٿان مليل رپيو خرچي به ونڊي ورڇي کائيندا هئا نه اهي ياريون رهيون نه اهي روح جا راڻا رهيا جن سان جڏهن رسندا هئاسين ته روئي پرچائيندا هئا. نه اهي ڪيل رهاڻيون رهيون جيڪي هڪ جيڏن سان هٿ هٿن ۾ ڏئي ڪبيون هيون! رهيون ته وڃي بس پويان يادون ئي رهيون آهن. جن جي سهاري جيون جا پل ڪٽيون پيا. رهيا ته بس اهي سار جا سارس پکي وڃي رهيا آهن جيڪي اڄ به جڏهن شامون لڪن پويان لهنديون آهن، واهونديون ورنديون آهن برساتون بيوفايون ڪنديون آهن، تڏهن پيار جا اهي پکي محبت جو مٺڙيون ٻوليون ٻولي ويل وقت جي ياد ڏياري ويندا آهن. اڄ به جڏهن شامون لڪن پويان لڙنديون آهن ويل وقت جون سارون دل جي ڀٽ تي چڙهي اينديون آهن، تڏهن ماڻهو ماضي جي جهروڪن ۾ ايئن وڃائجي ويندو آهي جيئن نابين ٻارن جي هٿن مان مليل سڪا وڃائجي ويندا آهن! اڄ به وقت جون رهجي ويل حسين يادون جڏهن دل جا درد تازا ڪرڻ هليون اينديون آهن. ماضي جون پچارون ڪندي اڄ به ڪنهن پوڙهي ماڻهو سان شام ٽاڻي ڀٽن جي ڀر ۾ ويهي پراڻين ريتن رسمن تي قرب ڀري ڪچهري ڪندي روح ڀري رهاڻ ڪندي ويل وقت جون سارون جڏهن دل جون تارون ڇيڙي ڇڏينديون آهن.

 

بلاول چارڻ/ ٻيلو، سجاول

 

سياسي پارٽيون ۽ نوجوانن جي مالڪي جو سوال!

 

(حصو چوٿون)

آئون ته ايتري قدر چوندس ته ٻاهرين ملڪن ۾ هتان جي قومپرست اڳواڻن جي نام نهاد ۽ نوجوان دشمن آزادي جي تحريڪن جون ڳالهيون ٻڌائجن ته اتي جا ماڻهو اسان تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا ته اها ڪهڙي قسم جي آزادي جي جدوجهد آهي، جنهن ۾ ڪارڪن کنڀيا وڃن ٿا، انهن کي ماري انهن جي لاشن کي ڪنهن چوڪ يا روڊ ڪناري اڇليو وڃي ٿو، ڪارڪنن کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو پر انهن جي اڳواڻن کي جيڪي سرعام هلن ٿا، جلسا، جلوس ڪڍن ٿا، لينڊ ڪروزرن ۾ گهمن ٿا، عاليشان بنگلن ۾ رهن ٿا انهن جو ڪير نالو ئي نٿو وٺي ۽ اهي اڳواڻ ڪروڙين رپيا بئنڪ بئلينس رکندي به ڪارڪنن جي مالڪي نٿا ڪن. مون هيستائين ملڪن جي آزادي تي لکيل تحريرون ۽ ڪتاب پڙهيا آهن ۽ اهي سڀ پڙهڻ کان پوءِ اسان وارن اڳواڻن جي آزادي جون تحريڪون اِٽي ڏڪر راند لڳنديون آهن، جنهن به ملڪ ۾ آزادي جون تحريڪون هليون آهن انهن جي اڳواڻن پارٽي جي ڪارڪنن کي پنهنجي جسم جو حصو سمجهيو آهي ۽ انهن اڳواڻن اهڙي طرح سان پارٽي ڪارڪنن جي مالڪي ڪئي آهي جو عوام انهن کي ڏسي، انهن جي عمل ۽ نوجوانن سان محبت کي ڏسي پاڻمرادو ان آزادي جي تحريڪ هلائيندڙن جو ساٿ ڏنو آهي،  هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ کان پوءِ هاڻي لازمي ڳالهه آهي ته اسان جا نام نهاد ليڊر اهو چوندا ته  رڳو اسان جي تحريڪن ۾ نوجوان ناهن شهيد ٿيا، اسان تي الزام هڻڻ کان پهرين اهو به ڏسو ته مهاراجا ڏاهر به وڙهيو ۽ نوجوان شهيد ٿيا، دودو سومرو به وڙهيو ۽ نوجوان شهيد ٿيا، دولهه درياهه خان به وڙهيو تڏهن به نوجوان شهيد ٿيا، آئون انهي سوال جو اهو جواب ڏيندس ته راجا ڏاهر تلوار هٿ ۾ کڻي وطن دشمنن سان وڙهيو، دودو سومرو، دولهه درياهه خان  پنهنجي وطن خاطر هٿيار هٿ ۾ کڻي وڙهندي شهيد ٿيا، انهي ئي ويڙهه دوران نوجوان شهيد ٿيا، اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر انهن جي جدوجهد ۽ ويڙهه کي اسان جي قومپرستن سان گڏائڻ ڪهڙي نه شرمندگي جي ڳالهه آهي.(جاري)

 

ذوالفقار کوسو/ماتلي، بدين

 

نيب اختيار بحال ۽ سنڌ جا ڪرپٽ ڪامورا!

 

(حصو ٻيون ۽ آخري)

مثال ننڍڙو اسان ڏينداسين ته صرف اهو اختيار سنڌ ۾ هلائيندي ڪرپٽ مافيا ۽ خاص طور تي سياسي، انتظامي ۽ ڪاروباري ڪرپٽ عنصرن جي ئي جاچ ھيٺ آڻي يا پهريان کان داخل ڪيل ڪيسن ۽ واپس ورتل ڪيسن ترميم موجب کي بحال ڪري سخت کان سخت احتساب بنا ڪنهن متڀيد جي ڪيو ويو ته سنڌ جو لٽيل عوامي خزانو ڀرجي سگهي ٿو ۽ ڪرپشن ڪندڙ ۽ ملوث ڪردار ڪيفر ڪردار تي پهچي سگهجن ٿا ۽ انهن سان ٿيل قانون موجب ڪارروائي ڪنهن ٻئي لاءِ عبرت کان گهٽ نه هجڻ کپي. سنڌ صوبي ۾ خصوصي طور ڪرپٽ ڪاموري ۽ ڪرپٽ مافياز ايترو ڪجهه لٽيو ڦريو آھي جو هن وقت سرڪاري ادارا هلڻ محال ٿي پيا آھن ۽ سواءَ ڪرپشن جي ٻوليءَ جي ٻي ڪا به ڳالھه نٿا ڪن، اسان عدالت سڳوريءَ کان سواءِ احتساب ڪندڙ ادارن جي سربراهن آڏو ۽ خصوصي طور ارباب اختيار رکندڙ ذميوارن کي اها به صلاح ڏينداسين ته سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڪرپٽ، ڪامورا جن جا ڪيس عدالتن اندر، اينٽي ڪرپشن کان ويندي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم ۽ نيب وغيره ۾ هلندڙ آھن يا وري هلي چڪا آھن يا اڃا به ڪن سببن جي ڪري ضمانتن تي هوندي هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ساڳين پوسٽن تي اچي پروموشن به وٺندي پنهنجي سينيارٽيون به وٺندي ساڳي ڪرپشن ڪري رهيا آھن. سپريم ڪورٽ جي موجوده آيل فيصلي موجب هاڻي ميان نوازشريف، يوسف رضا گيلاني، آصف علي زرداري، شهباز شريف ۽ هوڏانهن ڪيتراي ڪامور آھن جن خلاف ختم ٿيل ڪيس وري کلي سگهن ٿا. اهڙي ئي نموني سان سنڌ ۾ اهم پوسٽن تي ويٺل ڪرپٽ ڪامورا به جيڪڏهن درست احتساب ٿيو ته نيب جي پڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا. هن وقت به سنڌ جي اهم ۽ بهترين کاتن جي اهم پوسٽن تي ڪرپٽ ڪامورا ويٺل آھن، جن جو تفصيل ڪجهه ڏينهن اندر هن فيصلي اچڻ سان سامهون اچي ويندو ۽ انهن جي سخت پڪڙ ڪري ڪرپشن کي ڪنٽرول ٿي وئي ته سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ پيدا ڪيل ڪرپشن وارو تاثر ختم ٿي سگهي ٿو.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

عوام ۽ رياست ۾ آءِ ايم ايف جا فيصلا!

 

(حصو پهريون)

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ هلائڻ ۽ قوم جي خدمت خاطر جيڪي به ادارا ٺهيا انهن سڀني ڪجھه سال ڪارڪردگي ۽ ڪارروائي سبب ڪمال طرف وڌندا رهيا ان کان پوءِ خاص ڪري 71 مغربي طرز جي جمهوريت ميدان ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪي ادارا زوال ۾ ڪرڻ لڳا، ملڪ ۾ سڀني ادارن جو زوال جو سبب سياسي مداخلت آهي، جنهن جي ڪري ادارن ۾ من پسند ماڻهن جو هجڻ، ادارن جي عهدن تي نااهل ماڻهن جو قبضو آهي،  ان کان سواءِ اسيمبيلن ۾ وزارتن ۽ صدارتن  تي اچي اهي ماڻهو ويٺا جن وٽ قومي مفادن بجاءِ ذاتي مفادن گروهي مفاد تي آهي، ڪجھه اهڙا به ماڻهو موجود آهن جن جو مقصدن ۾ قومي مفادن جو خيال ئي ناهي، انهن ماڻهن ملڪي ادارن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت پنهنجي ذاتي مفادن خاخر استعمال پيا ڪن، جنهن جي ڪري ملڪ جي غريبن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي چڪي آهي. سياستدان ۽ سياسي پارٽن کان نفرت جو اظهار عروج تي آهي ڇو ته هاڻي عوام ۽ رياست جي وچ ۾ آءِ ايم ايف پئي پنهنجا فيصلا ڪري، ملڪ جي خودمختياري واري مهار هاڻي آءِ ايم ايف جي هٿ ۾ آهي. اسان جي ملڪ ۾ گئس، تيل ۽ بجلي جا اگھه مقرر ڪرڻ به آءِ ايم ايف جي ذميواري آهي، پاڪستان جي حڪمراني جون حڪومتون هلائڻ وارو رموٽ ڪنٽرول به آءِ ايم ايف وٽ آهي. پاڪستان جي سياستدانن مان نظرياتي سياست جو زوال ٿي چڪو آهي. مزاحمتي ڪردار رکندڙ سياسي پارٽن جا سياسي ورڪر سياستدانن جي اهڙي منافقتي واري سياسي نظري کان ڪنارا ڪشي ڪندي نظر اچن ٿا، هاڻي سمجھه ۾ ٿو اچي ته ڄڻ نظرياتي سياست کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، انهن سياستدانن جي سياست کي اقتدار جي حرض ۽ حوس انڌو ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ سياسي نظريي مٿان ناقابل ضمانت جا وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن. سياسي جماعتن جي هر ليڊرشپ ملڪي عوامي جي لاءِ پارٽي منشور ٺاهيندي ته آهي پر افسوس اهي سياسي ماڻهو انهيءَ منشور کي عملي جامو ناهن پارائيندا، ان منشور جا پاڻ انڪاري ٿي انهيءَ تي عمل ناهن ڪندا. نظرياتي سياست جو سج لهي چڪو آهي، پاڪستان جو پاپولر سياسي پارٽين جي ليڊرشپ جو اهو عمل ڏسي ملڪي عوام مايوس ٿيندي نظر اچي ٿو. سياسي پارٽن جي سياستدانن مان نظرياتي سياست دم ٽوڙي چڪي آهي. بک، غربت سان گڏجي سنڌ جي هر غريب کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي. (جاري)

 

مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن

ڪاڇي ڪي واهي پانڌي کي بنيادي سهولتون ڏيو!

 

دادو ضلعي کان تقريبن 40 کان 45 ڪلوميٽر پري ڪاڇي ۾ يوسي واھي پانڌي واقع آهي! ڪاڇو واھي پانڌي قدرتي وسيلن سان مالامال زرعي علائقو پڻ سڏيو ويندو آھي. ڪاڇي ۾ قدرتي جبل مان قدرتي گئس ڊيزل ڪڍيدڙ ڪمپنيون پڻ موجود آهن جيڪي ھڪڙي ڏينھن ۾ ڪيترائي ڪروڙ ڪمائي رھيون آھي ۽ ٻئي طرف اھي ڪمپنيون انھن جبل مان ريتي بجري وغيره به کڻي لکين رپين جو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن، پر هتان جا رھواسي ۽ ماروئڙا مزدوري کان به محروم بڻيل آهن. ٻاھرين علائقن مان ماڻھو کڻي ڀرتي ڪري علائقي واسين کي ڄاڻي واڻي روزگار کان محروم رکيو پيو وڃي. يوسي واھي پانڌيءَ جا ڪيترائي ڳوٺ بجلي، پاڻي، روڊ، اسڪولن، اسپتالن ۽ ڊرينج سسٽم کان مرحوم بڻيل آھن. ڳوٺ غلام علي رستماڻي، ڳوٺ صاحب خان لغاري، ڳوٺ دودو خان لغاري، ڳوٺ علي گل لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ آھن جيڪي بنيادي سهولتن کان مرحوم بڻيل آھن ۽ ڪاڇي جا ماڻھو سخت ڏکيائين جو شڪار بڻيل آھن. ٻئي پاسي ڪاڇو واھي پانڌي ھجي يا شاهه کودڙيو ھجي يا سالاري يا تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ھجي يا مست ڪيھر شاهه يا قصبو گاج ھجي سڀ ھن جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن کان محروم آھن، سو آخر ڇو؟ ايف پي بچاءُ بند کان کيرٿر جابلو علائقن تائين ڪاڇو ڪشمير جي وادين جھڙو سرسبز ۽ خوبصورت بڻجي سگھجي ٿو. اسان اعلي ٰعملدار کي ۽ دادوءَ جي ايم اين اي ۽ واھي پانڌيءَ جي چيئرمين رئيس علي غلام لغاريءَ کي اپيل ڪريون ٿا ته خدارا اسان جي ڪاڇي جي پوئتي پيل علائقن ڏانهن ڌيان ڏيو ۽ اسان جي شھر واھي پانڌيءَ کي پنهنجا ضرورت وارا حق ڏيو ۽ واھي پانڌيءَ کي بنيادي سھولتون ڏيڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو جيئن اسان جا ٻارڙا اسڪول اسپتال يا ڪنھن وڏي شھرن تائين بي کٽڪائي سان پھچي سگھن.

 

امتياز احمد لغاري/ يوسي واھي پانڌي