ذخيرو ڪندڙن خلاف بي مقصد ڇاپا حل ناهن!

اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي اڪثر ڪري اک کلندي ناهي، جيڪڏهن اک کلي به ٿي ته برساتي ڏيڏر وانگر برسات کان پوءِ گم ٿي ويندا آهن، ان کان سواءِ اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڪري غريب ۽ ننڍڙا ڊيلر سيڪيورٽي ادارن جي ور چڙهي ويندا آهن جڏهن ته وڏا مگر مڇ آزاد هوندا آهن، هڪ ننڍڙو مثال هڪ پان سگريٽ جي ڪئبن وارو سئو مين پڙيون وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين مين پڙيون پهچائيندڙ ڊيلر کي لهر نه ڪو لوڏو! اهڙي طرح سان ڪجھه ڏينهن کان کنڊ ۽ ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي پر ان ڪريڪ ڊائون جو عوام کي ڪا خاص فاعدو نه ٿي سگهيو آهي، ڇو ته اهو ڪريڪ ڊائون رڳو ننڍڙن ڊيلرن تائين محدود رهيا آهن ان مان صاف ظاهر آهي ته عوام جي خدمت لاءِ ڪير نه پيو سوچي بس رشوت جي بازار گرم ڪرڻ لاءِ رڳو خانا پوري پئي ٿئي. جيڪڏهن گورنمينٽ سچي نيت سان ڪريڪ ڊائون ڪري ها ته اڄ کنڊ نوي رپيا ڪلو هجي ها، اٽو چار هزار رپيا مڻ هجي ها ۽ پئٽرول ٻه سئو رپيا ليٽر هجي ها، جنهن جو سنئون سڌو فائدو عام غريب ماڻهو کي ٿئي ها پر افسوس هي ڇاپا هاٿي جي ڏند وانگر نڪتا. سري عام رشوت جون بازارون لڳل آهن ٻه ٽي لک رپيا پگهار وارا آفيسر ٽيهه هزار رپيا پگهار وارن کان رشوت پيا وٺن ان کان وڌيڪ مرڻ جو ٻيو ڪهڙو مقام هوندو! اسان جي ملڪ تي قرض جا انبار آهن پر مجال آهي جو اسان جا آفيسر ۽ سياستدان پنهنجا شاهي خرچ گهٽ ڪن، جيڪڏهن اها ئي صورتحال ڪجھه سالن تائين جاري رهي ته اسان جو ملڪ دنيا ۾ بلڪل تنها ٿي ويندو ۽ ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان عام ماڻهو کي ئي ٿيندو باقي ته ڪرپٽ هڪ ئي چڪر ۾ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا. اسان اها اپيل ئي ڪري سگهون ٿا ته خدارا ملڪ تي رحم ڪريو حقيقي ڏوهارين کي سخت کان سخت سزائون ڏيو ته جيئن اسان به ٻين سڌريل ملڪن سان گڏ بيهي سگهون باقي پوليس کي سڀ خبر آهي ته چرس ڪٿي ٿو وڪجي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

بجلي چوري روڪڻ لاءِ غريبن

بجاءِ اميرن کي پڪڙيو!

(حصو پهريون)

اسان وٽ جڏهن به ڪنهن برائيءَ خلاف حڪومتي آپريشن ٿيندا آھن ته انهن ۾ اڪثر اهو ڏٺو ويو آھي ته ان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عام پورهيت ۽ غريب طبقو ٿيندو آهي، مثال طور رمضان المبارڪ ۾ اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪنهن شھر جو اي سي يا مختيارڪار شھر ۾ لھي ٿو ته مسڪين ريڙھي وارا ۽ ننڍا دڪاندار لپيٽ ۾ اچيو وڃن، جڏهن ته وڏا سيٺ واپاري يا شيون ذخيرو ڪري انهن کي وڌيڪ اگھه تي کپائڻ وارا آجا هوندا آھن، جي منشيات، مين پڙي يا زيڊ ايڪيهه خلاف ايڪشن کڻڻو آھي ته وڏا وڏا منشيات فروش، مين پڙي زيڊ ايڪيهه جي ڊيلرن کي پڪڙڻ بجاءِ پوليس هڪ اڌ پڙي کائڻ واري جا کيسا تلاش ڪري انهن کي پڪڙي رشوت عيوض ڇڏي ڏيندي آھي، جيڪڏهن ڌاڙيلن يا دهشتگردن خلاف آپريشن ٿيندا آھن تڏهن به ٻھراڙين ۾ رهندڙ اڪثر عام ماڻھو ويل ۾ هوندا آھن جيڪي پوليس جي عتاب هيٺ اچي ويندا آھن، هاڻ تازو بجلي چوري خلاف جنهن آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آھي، ان جو هن وقت تائين جيڪو نتيجو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي ۽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي پڻ سخت تنقيد جو نشانو بنجي رهيو آھي ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ وڏين فيڪٽرين، ڪارخانن، بنگلن سميت مختلف وڏن ڪاروبارن تي ٿيندڙ بجلي چوري روڪڻ بجاءِ سنڌ جي اڪثر ننڍن شھرن ۾ وڏن ماڻھن ۽ طاقتور ڌرين کي ڇڏي صرف هڪ پکو 2 بلب هلائڻ وارن مسڪينن خلاف آپريشن ڪري ان ۾ مسڪين پورهيت گهراڻن جي فردن خلاف بجلي چوري جا ڪيس داخل ڪرائي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آھي، هتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿو ٿئي ته بجلي چوري ڇو ٿي ٿئي ۽ ڪير ٿو ڪرائي؟ ان ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بجلي چوري ٿئي ٿي پر اصل بجلي چوري ڪير ٿو ڪرائي ۽ ڪير ٿو چوري ڪري، ان سوال کي سلجھائڻ ۽ ان تي عمل جي هن وقت سخت ضرورت آھي ڇو ته ملڪ ۾ هر ايندڙ ڏينهن هڪ ته بجلي جي کوٽ آھي ٻيو وري بجلي چوري سبب لائين لاسز ۽ ٻين سببن جي ڪري بجلي جون قيمتون وڌنديون پيون وڃن، ان صورت ۾ بجلي چوري خلاف ڪو مضبوط ۽ لاڀائتو قانون جوڙڻ وقت جي ضرورت پڻ آھي پر جيڪڏهن قانون ٺھيل آھي ته پوءِ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي به ڪيفر ڪردار تي پھچائڻ ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آھي. (جاري)

قاسم خاصخيلي/سڪرنڊ

ڳڙهي حسن جا

تباهه ٿيل روڊ !

چونڊيل نمائندن جي بيڌياني ۽ روڊس کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن جي نااھلي جي ڪري ڳڙھي حسن کان بلوچستان طرف ويندڙ مين رستي جُون مُختلف ھنڌن تي پُليُون ٽٽي پيُون آهن، جنھن سبب سوين ڳوٺن ڳوٺ محمد يوسف کوسو، پارو کوسو، حبيب کوسو ، ڪلر ڪوٽ، پناهه کوسو، شريف کوسو، پيارو کوسو، ڳوٺ محمد ايوب کوسو، عبدالقادر بروهي، سميت مُختلف ڳوٺن جو ڳڙھي حسن شھر ۽ پنھنور سنھڙي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي،  جنھن جي ڪري اتان جا رھواسي سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھن، ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت ۽ روڊس کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مُطالبو ڪندي گُھر ڪئي آھي ته ڳڙھي حسن کان پنھور سنھڙي طرف ويندڙ رستي جي ٽٽل پلين جي مرمت فوري تي ڪرائي روڊ جو ڪم مُڪمل ڪرائي رستو بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ايم صديق کوسو/ڳڙهي حسن

سياسي ميدان بلاول ڀٽو ۽ سندس رابطه عوامي مهم!

سنڌ ۾ مختلف حلقن طرفان ملڪ ۾ عام اليڪشن 90 ڏينهن جي آئيني مدي ۾ ڪرائڻ جو مطالبو شدت اختيار ڪري رهيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قافلي جي صورت ۾ سکر ۽ اتان ملتان ۽ بعد ۾ لاهور لاءِ روانو ٿي ويو، جنهن 90 ڏينهن ۾ عام اليڪشن ڪرائڻ جو زور ڏئي مطالبو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين جي قيادت ۾ رابطا عوامي مهم مخالفن جون ڏکيائيون وڌايون آهن، نگران حڪومت آئي ته پ پ  مخالف پارٽيون پراميد هيون ته مهنگائي ۽ سنڌ ۾ بدامني سبب پ پ اڳواڻ پسمنظر ۾ وڃڻ ۾ شروع ٿي ويندا ۽ سنڌ ۾ سياسي ميدان انهن جي حق ۾ هموار هوندو، پ پ  جي سنڌ ۾ حڪومت ختم ٿيڻ بعد اهو تاثر سامهون اچي رهيو هو ته پ پ جي اڳواڻن اڳوڻن وزيرن ميمبرن خلاف ڪاروايون ٿينديون، جنهن سان سنڌ ۾ پ پ ڪمزور هوندي پر هاڻي پ پ سنڌ کان پنهنجي عوامي رابطا مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دورا ۽ جلسه ڪيا آهن جيڪي پنهنجي مخالف سياسي پارٽين کي پنهنجي پوزيشن ڏيکارڻ لاءِ پ پ طرفان رهيا آهن سنڌ ۾ سياسي صورتحال هن وقت تائين ته اها رهي آهي ته بلاول ڀٽو جي رابطا عوامي مهم مان صاف ۽ ظاهر آهي ته خاص ڪري سنڌ ۾ پ پ جي ڪا وڏي مدمقابل پارٽي ناهي جي ڊي اي، نون ليگ، جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وڏي حد تائين محدود آهن ۽ ڪنهن وڏي سياسي سرپرائيز ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن به اميدوار لاءِ پ پ جي ٽڪيٽ وڏي ۽ مضبوط ٽڪيٽ هوندي پر اها ڳالهه به صاف ظاهر آهي ته هاڻي پ پ وٽ وڌيڪ ماڻهو پارٽي ۾ آڻڻ جي ضرورت ناهي پر پ پ ۾ جي اندروني اختلاف نه هجن ته پ پ اميدوارن کي سنڌ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪو وڏو خاص خطرو درپيش نه هوندو، بهرحال سياست ۾ هر نئين ڏينهن نئين ڳالهه هوندي ۽ ٿيندي آهي هن وقت به پ پ پنهنجون سرگرميون وڌائي پنهنجي سياسي مخالفن کي پٺتي ڪرڻ لاءِ مڪمل عمل پيرا آهي پ پ قيادت اليڪشن ۾ ڪجهه تڪن اندر اميدوارن کي مائنس ڪرڻ جي باري ۾ به سوچي رهي آهي اها ڳالهه به ظاهر ٿي رهي آهي ۽ ذريعن موجب ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ قيادت ان باري ۾ به غور ڪري رهي آهي ته بلاول ڀٽو کي شڪارپور کان قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ آصفا ڀٽو کي سجاول کان اليڪشن ۾ بيهاريو وڃي. مطلب ته ايندڙ اليڪشن ۾ مختلف حلقن اندر پ پ پنهنجي پاران بهترين اميدوار ڏيڻ جي پوزيشن ۾ رهندي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

سياسي پارٽيون ۽ نوجوانن جي مالڪي جو سوال

(حصو پهريون)

سنڌ ڌرتي جيڪا تحريڪن جو ڳڙهه سمجهي ويندي آهي، سنڌ ڌرتي جا نوجوان هر ظلم خلاف آواز اٿارڻ ۾ اڳڀرا هوندا هوندا آهن، پوءِ چاهي اهو ظلم سنڌ ۾ ٿئي يا پوري ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ پر نوجوان ان عمل خلاف آواز ضرور اٿاريندا آهن ۽ نوجوان جي اهڙي عمل جي ڪري ئي سنڌ ڌرتي سموري دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، تازو ئي فاطما ڦرڙو، صحافي جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل ۽ سردارن جي پاليل ڌاڙيلن طرفان عام شهرين، ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ڀنگ ڏيڻ ۽ مغوين تي تشدد ڪري وڊيوز وائرل ڪندڙ ڌاڙيلن خلاف سموري سنڌ بنا ڪنهن سياسي ليڊر يا سياسي پارٽي جي پاڻمرادو روڊن تي نڪري آئي ۽ ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا ۽ انهن ڌرڻن ۾ سڀ کان گهڻو تعداد نوجوانن جو هو، جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن مان قافلن جي صورت ۾ مختلف ڌرڻن ۾ اچي شريڪ ٿيا هئا،  جنهن وقت ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس لٺبازي، شيلينگ ڪئي ۽ ڌرڻي ۾ ويٺلن تي حملو ڪري ڏنو ۽ تنبو پَٽي ڇڏيا، ان وقت اهي نوجوان ئي هئا جن ڀرپور مزاحمت ڪئي، نوجوانن کي ڇرا لڳا، لٺيون لڳيون، انهن جا مٿا ڦاٽا، اکين ۾ ڇرين جي حملي جي ڪري وڍ پئجي ويا، پر ڌرڻو ختم نه ٿيو، ان وقت نوجوانن جو جوش ڏسڻ وٽان هو، انهي سڄي صورتحال کي ڏسندي ذهن ۾ ڪيئن سوال اڀري رهيا آهن ته عام عوام خاص ڪري نوجوانن جي اهڙي جوش ۽ جذبي کان پوءِ به سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم آخر ختم ٿيڻ جو نالو ڇو نٿا وٺن؟ سنڌ ۾ اهڙي ڪا اثرائتي تحريڪ جنم ڇو نٿي وٺي جيڪا تحريڪ هن سرمائيداري، جاگيرداري، سرداري نظام جو انت آڻي ڇڏي ۽ اسان جي ڌرتي تان ظلم جبر جو مڪمل خاتمو ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته آئون غلط هجان ۽ منهنجا سوال به غلط هجن پر آئون انهن سڀني شين جو ذميوار اسان جي سنڌ پرست سڏرائيندڙ پارٽين جي اڳواڻن کي سمجهان ٿو، جن سدائين نوجوانن کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي، ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن قوم ۽ ڌرتي جي آزادي جي نالي، جنهن جو واضع مثال  افضل لنڊ جو قتل آهي، جنهن کي ڪجهه سال پهرين کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ کيس هڪ چائينيز جي قتل ڪيس ۾ ظاهر ڪيو ويو ۽ مٿس ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين کيس “اڻڄاتل ماڻهن” وچ شهر ۾ گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو  ۽ انهي ڳڀرو نوجوان جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو، افضل لنڊ جي جنازي ۾ ملڪ مخالف نعرا هنيا ويا ۽ نوجوانن ۾ رياست مخالف هڪ تمام وڏي نفرت جي لهر ڏسڻ ۾ آئي، ٻڌڻ ۾ اهو به اچي رهيو آهي ته افضل لنڊ جي جنازي ۾ انعام عباسي کان سواءِ ڪنهن به قومپرست تنظيم جي ليڊر شرڪت نه ڪئي. (جاري)

ذوالفقار کوسو/ماتلي، بدين

سچ ڪوڙ ۽ سوشل ميڊيا

دنيا ۾ هر ماڻهون جي خواهش هجي ٿي ته هو لگزري زندگي گذاري، ان لگزري زندگي گذارڻ جي خواهش رکڻ به ڪو گناهه ناهي انسان پهنجي جاکوڙ سان پهنجي زندگي جي ڏکيائين کي سهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪي ماڻهون ان خواهش جي پورائي لاءِ پرديس وڃي پورهيو ڪري ڊالر ۽ ريال ڪمائن ٿا ڪي وري پهنجي ديس ۾ رهي ڪنهن جا حق غضب ڪري پهنجي خواهش جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ڪنهن جا حق ماري لگزري زندگي گذارڻ غلط عمل آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي جيڪي ضرور سٺا به هوندا پر اڪثر ماڻهو جنهن ۾ سياستدان بيوروڪريٽ ٻي به گهڻي سنگت آهي جن پهنجي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا آهن، جيڪي ماڻهو وزير، مشير يا سڻڀي پوسٽ تي مقرر ٿيڻ کان اڳ بلڪل مڇي ماني لائق هئا پر جڏهن انهن کي عوام جي خدمت جو موقعو مليو انهن پهنجو پاڻ کي ئي عوام سمجهي پهنجي لاءِ خوب ملڪيتون بنگلا گاڏيون پرديس ۾ ملڪيتون خريد ڪيون آهن، دبئي، لنڊن، آمريڪا ۾ انهن جون ملڪيتو آهن، جڏهن ته سنڌ پاڪستان ۾ سڻڀي پوسٽ ملڻ کان اڳ انهن وٽ هڪ جريب زمين به نه هئي. جيڪي هاڻي ڪيٽين جا مالڪ آهن فارم هائوس آهن  اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي  سياستدانن بيوروڪريٽس ۽ ٻين اهم ماڻهن جون لسٽون سوشل ميڊيا تي پيون تيار ٿين نالن جي خبر ناهي باقي تعداد گهڻو آهي سوشل ميديا تي هلي ٿو پيو ته فلان فلان اهم شخصيتون نيب جي ريڊار تي آهن سوشل ميڊيا تي هر روز اهم سياسي ماڻهن جي گهرن تي ڇاپا به لڳن پيا حقيقت جي خبر ئي ناهي سوشل ميڊيا تي اربين رپيا روڪ ملڪي توڙي غير ملڪي ڪرنسي سان گڏ هزارين تولا سون ۽ اهم دستاويز هٿ اچن پيا. سوچڻ تي مجبور آهيون ته ايتري دولت حڪومت پاڪستان کي سوشل ميڊيا تان يا سوشل ميڊيا تي سياستدانن جي گهران هٿ اچي پئي ته اهو سڀ ڏوڪڙ وڃن ڪاڏي پيا نه پاڪستان جي قرضن ۾ گهٽتائي ٿي اچي نه ئي پاڪستان مان مهانگائي جي شرح گهٽ پئي ٿئي، هفتو اڳ ڊالر به 24 رپيا سستو ٿيو پر هتي روزمره جي هر شيءِ هر روز مهانگي پئي ٿئي، هتي جيڪو حڪمران اچي ٿو عوام لاءِ ڪات ڪهاڙا تيار ڪيون ٿو اچي، الزام اهو ته ان کان اڳ واري حڪومت خراب هئي، اڳ واري حڪومت خراب هئي ته ان جو حساب ان کان وٺو عوام ته بيڏوهي آهي ان کي هر روز مڏي ڪاتي سان ڇو پيا ڪهو؟ هتي حمڪراني ڪندڙ حڪمران به عجيب آهن جن سڄو ملڪ کاڌو اربين ڊالر ڪرپشن ڪئي انهن جو ڪير نالو وٺڻ لاءِ به تيار ناهي.

سڪندر بوزدار/بوزدار وڏا

تعليم جو

عالمي ڏينهن

تعليم حاصل ڪرڻ هر فرد جو بنيادي حق آھي 8 جنوري تي تعليم جو عالمي ڏينهن ملھايو ويندو آھي، تعليم انسان کي شعور سمجھه عقل دانائي جهڙن عظيم ڪردارن سان نوازي ٿي، تعليم هر فرد کي اصل روپ جو آئينو ڏيکاري ٿي، تعليم هڪ ذريعو آھي جيڪو توهان کي اونداهي مان ڪڍي روشنين ۾ آڻي ٿي، تعليم حاصل ڪرڻ هر فرد تي عين فرض آھي، تعليم ۾ عمر رنگ نسل جي تقاضا ناهي هوندي ھي ايئن کڻي چئجي هڪ ڏات آھي جنهن کي جيڪو سمجهي تعليم انسان کي اهڙن روشنين کان واقف ڪرائي ٿي جيڪي انسان، فرد پنهنجي ڏنل نظر سان ناهي ڏسي سگهندو تنهن جي لاءِ چوندا آھن علم انسان جي ٽين اک آھي، تنهن جي لاءِ پنهنجي هر فرد جي لاءِ تعليم پرائڻ لازمي آھي تعليم سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار آهي جنهن کي توهان دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. تعليم جو مقصد هڪ خالي ذهن کي کليل ذهن سان تبديل ڪرڻ آهي،  اسڪولن ۾ تعليم جو بنيادي مقصد مردن ۽ عورتن کي پيدا ڪرڻ گهرجي جيڪي نيون شيون ڪرڻ جي قابل آهن، صرف اهو نه ورجائي ته ٻين نسلن ڇا ڪيو آهي. قومن جي تقدير تبديل ڪرڻ ۾ تعليم جو مکيه ڪردار آھي. ڇو ته دنيا جي اندر اھي قومون وڌيڪ ترقي يافتا بڻجي ويون آھن جن تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو آھي، اسان وٽ تعليم جو معيار ڪيئن آھي؟ سنڌ جي خواندگي جي شرح ڪيتري آھي؟ تعليمي سطح تي سالياني سطح تي لاڳيتو اضافو ٿيڻ باوجود خواندگيءَ جي شرح ۾ سڀني صوبن سنڌ کي اڳتي ڪري ڇڏيو ڇو ته ان جي اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي داخلا گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول ڇڏڻ جو تناسب وڌي ويو آهي. سنڌ ۾ اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي داخلا جو تناسب 61 سيڪڙو ڇوڪرن جي مقابلي ۾ 39 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب، سنڌ ۾ پرائمري ڪلاسن ۾ شاگردن جي تعليم ڇڏڻ جي سراسري شرح 23 سيڪڙو آهي. تحقيق، اسٽيڪ هولڊرز جي انٽرويوز ۽ داخل ڪيل مشاهدن تي ٻڌل تحقيقاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڳوٺاڻن علائقن ۾ گهٽ داخلا ۽ اسڪول ڇڏڻ جو وڏو سبب ڳوٺن ۽ ٻين آبادين کان 5 کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اسڪولن جي جڳهه آهي. ٻيا سبب آهن اسڪول جي فنڊن ۾ مٿين کان تعلقي سطح تائين ڪرپشن، ٽرانسپورٽ جي عدم دستيابي، غربت، 13 سالن کان مٿي عمر (والدين پاران ڇوڪرين کي اجازت نه ڏيڻ)، اسڪول جي رستن تي ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ، 99 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ عورتن جي استادن جي غير موجودگي. اسڪول. جڏهن ته اهي عنصر شهري علائقن ۾ 50 سيڪڙو گهٽ آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته شهرن ۽ شهرن ۾ خواندگي جي شرح وڌيڪ آهي.

فقير اياز عمراڻي/سانگھڙ

ضلعي ٿرپارڪر جي ٽريفڪ انتظاميه خاموش ڇو؟

اسان هر حادثي تي افسوس ڪري، خاموش ٿي ويهي رهندا آهيون روز مرهه جي حادثن کان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن بچائجي، انهي لاءِ ڪجھه ڪرڻ کپي، جنهن تيزي سان حادثا پيش اچي رهيا آهن، اهو تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا. مٺي شهر جي ٽريفڪ نظام تي افسوس آهي جو هر ٻئي ڏينهن تي ڪنهن نه ڪنهن جي اڱڻ تي معصوم گل ڪفن ۾ چچرجي ملن ٿا منهنجو حڪومت کان مطالبو آهي ته شهر ۾ بريڪر،  اسپيڊ چيڪ جو بندوبست هجڻ کپي، سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن، ڊرائيور جي غلطي جي صورت ۾ سزائون هجن نه ڪي معافيون. موٽر سائيڪل هلائيندڙن جا لائسنس، ڪاغذ ۽ هيلمنٽ لازمي قرار ڏنا وڃن. ٻي صورت ۾ ٽريفڪ چالان ٿيڻ کپي، وڏين ڪوچن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هجي، مٺي شهر کي هڪ نئون باءِ پاس ڏنو وڃي، موجوده باءِ پاس تي اسپيڊ بريڪر لڳايا وڃن، ٽريفڪ پوليس کي پنهنجو ڪردار پيش ڪرڻ کپي.

ڊاڪٽر جمن لعل آسواڻي/ نهٽو، ٿر

راڳ جو بيتاج بادشاهه جلال چانڊيو!

سنڌ ڌرتي ڏات ۽ فڪر جي ڌرتي آھي، شاهه، سچل ۽ سامي کان وٺي ڪيترا صوفي ۽ فنڪار جنميا آھن اھڙن بيباڪ شخصيتن مان ھند توڙي سنڌ ۾ مشھوري ماڻيندڙ جلال چانڊيو به ھڪ آھي، جلال پنهنجي راڳ سان ٿوري عرصي ۾ ئي ماڻھن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ڇڏي ھئي، ان ڪري ھن کي راڳ جو بيتاج بادشاهه به سڏيو ويو آھي، ھن پاڻ نه رڳو سريلي آواز جا مالڪ ھئا پر پرڪشش شخصيت ھنجي نمايان سڃاڻپ ھئي. نراڙ تي سنڌي ٽوپي پائڻ جو رواج سنڌي ماڻهن ۾ ھن پيدا ڪيو،  چوندا آھن جيڪا شيءِ توھان جي روح ۾ رچي وڃي ان سان فنا ٿي وڃڻ جي حد تائين عشق ٿي ويندو آهي ۽ ھن کي راڳ سان اھو ئي عشق ھو، جنهن جي ڪري ھو راڳ ڳائيندو نه ھو پر راڳ سان عشق ڪندو ھو، اھو عشق جيڪو ھن کي پنھنجي مجازي محبوب سان ٿيون ۽ ان جي چڻنگ جلال کي سنگيت ۾ آڳ الا بڻجي روشناس ڪرايو، ھو بي پناهه سرائيڪي ۽ سنڌي جي شاعري برزبان ڳائيندو ھو ۽ ماڻهن کي جھومائي ڇڏيندو ھو،  ھن موسيقي کي شھر جي بند ڪمرن بوٽ سوٽ ماڻھن جي ھجومن مان ڪڍي سنڌ جي واھڻ وستين ۾ متعارف ڪرايو. جلال چانڊيو ايڏي وڏي شھرت ماڻڻ جي باوجود سادو ۽ نھٽو ماڻهو ھوندو ھو. ھن جي لاءِ ڪابه ننڍ وڏائي نه ھئي ھو مسڪين مددگارن جي مدد راڳ ڳائي ڪندو ھو، ھن جي ڪلامن جو ھزارين ڪيسٽون نڪتيون جنهن ان ڪيسٽي دور ۾ سنڌي موسيقي لاءِ ھڪ وڏو انقلاب آندو ھو ۽ ڪيسٽ جي دنيا ۾ سنڌي موسيقي جا دروازا کولي ڇڏيا. پاڻ سنڌ جي ميلن جو مور ھوندو ھو، ھن لوڪ ٻولي کي راڳ جي ذريعي جدت بخشي، ھن جا شاگرد ھزارين جي تعداد ۾ آھن جن ۾ تمام گھڻي مشھوري ماڻيندڙ جوڳي جلال روھڙي وارو، ارباب سولنگي، گلشير تيوڻو، محمد عرس چانڊيو، جگر جلال ۽ ٻيا ڪيترائي آھن. ھو ١٠ جنوري ٢٠٠١ تي جسماني طرح اسان کان جدا ٿي ويو پر موسيقي جي دنيا ۾ ھو روحاني طور زنده جاويد آھي، سندس آخري آرامگاهه مورو ڀرسان ڦل شھر ۾ آھي، سندن پٽن ۾ قلندر بخش ۽ دلبر چانڊيو پر ڳائيندا آھن.

سائين بخش مري/ڀٽ ڀائٽي