پ پ پ چئيرمين جو سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ عام جلسو!.

 

پ پ پ هيٺئين ۽ پيسيل طبقي جي ترجماني لاءِ بڻائي وئي هئي جنهن جو بنيادي مقصد عام ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ هو. سوشلزم ان جو نعرو هو. پارٽي سڀ کان مقبول پارٽي بڻجي اڀري سامهون آئي ۽ اڄ ڏينهن تائين پارٽي پنهنجي مقبوليت سبب عوام ۾ راڄ ڪندي نظر اچي ٿي. ذوالفقار ڀٽو بعد بينظير ڀٽو کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ جڏهن جلسي عام ۾ پ پ پ جي ليڊرشپ خطاب ڪندي هئي ته عوام نڪري پوندو هو ۽ جلسي گاهه ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. هاڻي به خاص ڪري پهريان وانگر ساڳي پڪچر هر هنڌ نظر ايندي آهي، جڏهن بينظير ڀٽو جو پٽ بلاول ڀٽو عوام ۾ اچي جلسه عام کي مختلف هنڌن خطاب ڪندو آهي ته ماڻهو شهيد بينظير ڀٽو جي پٽ ۽ ان جي پارٽي پاران ڪرايل جلسه عام ۾ موجودگي ظاهر ڪري ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڏيکاريندو آهي ته اهي پ پ پ جي عوامي ليڊر کي چاهين ٿا. ان جي پارٽي جو ساٿ ڏيڻ ۽ ووٽ ڪرڻ لاءِ پهريان کان وڌيڪ بلند حوصلي سان سرگرم آهن ۽ رهندا. ڳالهه اها آهي ته سومر تي جڏهن سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ پ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو جلسه عام کي خطاب ڪري رهيو هو ته اتي به هزارين ماڻهن شرڪت ڪري کيس عوامي ميڙاڪي ۾ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اڄ به سکر ضلعي جو عوام هميشه وانگر ۽ آئيندا لاءِ به پنهنجي پ پ پ جي نوجوان چيئرمين سان عهد وفا جو وچن ڪري ٿو ته جڏهن اليڪشن ٿي ته اهي کيس ۽ ان جي پارٽي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي ڏيکاريندا ۽ ووٽ ڪندا. ڇاڪاڻ ته سکر ضلعي جي عوام پ پ پ لاءِ پنهنجو ووٽ ڪندي رهندي جنهن ڳالهه جو ڪريڊٽ خاص ڪري سکر ضلعي جي پ پ پ رهنمائن ڏانهن وڃي ٿو. جن عوام کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي آهي ۽ انهن جي ڏکن جو درمان ٿيا آهن. ماڻهن جا ڪم ڪاريون ٿي مليا آهن. بهرحال هن وقت اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ جي اميدوارن جي ضلعي سکر اندر سوڀ يقيني آهي ۽ پ پ پ ئي ضلعي ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڏيکاريندي. جنهن ڳالهه لاءِ ضلعي سکر جا سمورا رهنما گهڻا خوش آهن ته اهي ضلعي جي عوام وٽ چونڊجڻ بعد قابل قبول ۽ اهميت حامل ڪندا ٿا اچن.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

هن خط ۾ لکيو آھي ته……

 

چانڊوڪي رات جو آسمان ۾ تارن جي جهرمر ۽ کليل اڱڻ ۾ ٿڌڙي هوا جا جهونڪا تنهنجي يادن جا سوين نياپا کڻي آيا هئا. ڀانيان ٿي ته ان ڳالھ کي تقريبن ست اٺ سال ٿي ويا آھن جنهن وقت منهنجي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي وئي هئي. مون اما ۽ بابا کي کوڙ منٿون ڪيون ته امان آئون اڃا پڙھڻ  ٿي چاهيان پر مون کي اهو ئي جواب مليو ته اهڙا ور ۽ گهر ڪڏهن ڪڏهن ملندا آھن. پوء آئون نيٺ پرڻجي ويس. پر سچ اهو آھي ته گل مون توکي پنهنجو بڻائڻ جا خواب ساهه ۾ سانڍي رکيا هئا۔ سانوري رنگ ۽ بيروزگار ڇوڪري ۾ ڇا رکيو هو جو آئون فدا ٿي پيس۔ اڄ سچ ٻڌايانءِ گل! پنهجي ذھني هم آھنگي ڏاڍي هئي۔ تون اڪثر وڃڻ وقت چوندو هئين ته ”جوڳي رمتا ڀلا“  آئون به اهڙي ئي سوچ جي مالڪ هئس ۽ آھيان ته مائٽن تان بار لٿا ته ڀلا. پر ٻڌاءِ گل اها ڇوڪري جيڪا اڃا مئٽرڪ جا امتحان نه ڏئي سگهي هجي، ان تي شادي لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ته ڇا اها پريشان نه ٿيندي؟ گل جنهن وقت منهنجي شادي ٿي رهي هئي، انهن ڏينهن ۾ مون تو پاران موڪليل هڪ ڪتاب پي پڙهيو ته حويلين ۾ سون جهڙيون زندگيون شادي نه ٿيڻ ڪري چاندي بڻجي وينديون آھن۔ پر منهنجي اها عمر ايڏي وڏي ته نه هئي جو هي ظلم مون سان ڪيو ويو هو.  گل آئون ڪنهن امير گهر  ۾ پرڻجي وڃڻ جي ڪري پنهنجي تعليم جاري رکي سگهيس ۽ هينئر استادياڻي بڻجي وئي آھيان پر جنهن وقت شاگردياڻين کي پڙھائيندي آھيان ته سمجهي ويندي آهيان آبادي ۾ واڌ جا ڪارڻ ننڍي عمر ۾ شاديون آھن ۽ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي ڪري نه ماءُ جي ٿي صحت سڌري ۽ نه وري ان جو اولاد۔ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آھيان ته شاگردياڻين کي ٻڌايان ته ان ظلم جو آئون به شڪار ٿي چڪي آھيان پر وري خاموش ٿي ويندي آھيان. ڇو ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ ايڏو شعور ئي ناهي جو انهن کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي سگهجن. خوشحال گهراڻي جي هئڻ ڪري منهنجي ۽ منهنجي اولاد جي صحت بهتر آھي. پر سچ اهو آھي ته ننڍي عمر ۾ شادي نقصانڪار آھي.

ٽھڪن ٽھڪن ۽  درد سان ڀريل ڀوڳن ڀوڳن ۾ تون چوندو هئين ته راڻي! جيڪا عمر محبوب جي ذلفن ۾ آڱريون ڦيرڻ جي آھي ان عمر ۾ اسان جهڙن ڳڀرو پٽن تي گهر جون ذميواريون ۽ ڪلهن تي بار آھن. ۽ آئون توکي چوندي هئس ته جيڪا عمر اسان جي پڙھڻ ۽ کيڏڻ جي هوندي آھي ان عمر ۾ اسان جي شادي ڪرائي وڃي ٿي. تون وڏا ٽھڪ ڏئي وري سنجيده ٿي ويندو هئين ته واقعي ننڍي عمر ۾ شادي هر خوشي جو قتل آھي.

گل آئون ته خوشحال گهراڻي ۾ هئڻ ڪري زندگي جون سموريون خوشيون ماڻيان پئي پر مون جيڏيون ننڍي عمر ۾ پرڻايل ڇوڪريون الائي ته ڪيترن مسئلن کي منهن پيون ڏين. پر ڪجي ته ڇا ڪجي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ وارو سلسلو تيزي سان پکڙجي رهيو آھي. هر ماڻھو ائين ٿو چوي ته موسمي مينهن وٺا ڀلا ۽ نياڻين جا بار لٿا ڀلا.

فقط تنهنجي دوست: کلڻي ڇوڪري

 

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

تنھنجي وڃڻ کان پوءِ منھنجي زندگي

 

تنھجي وڃڻ کان پوءِ زندگي جون سڀ حسناڪيون ڪنھن ويندڙ مسافر جيان منھنجي زندگي مان ھليون ويون. ھي ميلا، رونقون، عيدون ۽ ماڻھن جي چھرن تي خوشي ڏسي  پنھنجي حالت تي ترس ايندو آهي. منھنجي ڪيفيت  اُن ماءُ جيان آهي جنھن کي پندرہن سال کان پوءِ پٽ ڄائو سو بہ مردہ. ھو روئڻ  چاھي ٿي پر روئي نہ ٿي سگھي. ھاڻ اڪثر ڏينھن ۽ راتين جي خبر ئي ناھي پوندي. ھي  بھار جي موسمن جا وڻندڙ ڏينھن ماڻھن لاءِ ڪنھن جنت کان گھٽ نہ آھن پر مون لاء سياري جي سياہه راتين وانگر آهن. تون منھنجي زندگي کان ايترو دور ھلي وئين جو توکي ڏسڻ بہ چاھيم پر  ڏسي نہ  سگھيس. ھا ھي سانوڻ جون برساتون اتر طرف جون ھلندڙ ٿڌيون ھوائون تنھنجي ياد ڏيارين ٿيون ۽ پڻ ڪنھن ڊگھي وڻ تان آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪنديون آهن ۽ آئون آپگھات ڪري ناھيان سگھندو ..!!!

 

اسدالله لغاري/ ڳوٺ فتح محمد لغاري سانگھڙ

ڇا ھن اليڪشن ۾ اسان جو عوام بيدار ٿيندو؟

 

پاڻي نٿو اچي، پگهارون نه ٿيون وڌن، نوڪريون نه ٿيون ملن، بجلي نه آهي، روڊ رستا ٽٽل آهن، گٽرن جا ڍَڪَ غائب آهن، هر طرف گندگي جا ڍير آهن، نه تعليم سٺي آهي، نه صحت جون بهتر سهولتون، نه مظلومن کي انصاف ملي رھيو آھي پر پوءِ به پنهنجي ليڊر کي ووٽ ڏيڻو آهي، پنهنجي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻو آھي. اسان کي منزل جي نه بلڪه رھنمائي جي ضرورت آھي. ڀٽو جو نالو زنده رکڻو آھي، شينھن کي اڳيان آڻڻو آهي، نئون پاڪستان به ٺاھڻو آهي. اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر اهو ٻڌايو ته ڇا توهان جا ٻار انهن سڀني نعرن ذريعي سٺي تعليم حاصل ڪري سگهيا آهن؟ ڇا علاج جون بهتر سهولتون موجود آهن؟ ڇا توهان جون گهٽيون صاف آهن؟ ڇا پائپ ۾ پاڻي آهي؟ ڇا هر وقت بجلي آهي؟ ڇا سماج مان جرم ختم ٿي ويو آهي؟ ڇا مظلومن کي انصاف مليو آهي؟

جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب اوھان وٽ “نه” ۾ آھن ته پوءِ توهان کي پنهنجي پارٽي ۽ پنهنجي ليڊر جي پرواهه ڇو؟ اليڪشن کان اڳ احتساب ڇو نٿو ٿئي؟ اوهان جهڙا سادا ماڻهو جيڪي ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين ۾ رهن ٿا، انهن کي صرف اھي پنھنجي پيرن ۾ ڏسڻ چاهيندا آھن، ليڊرن ۽ انھن جي واٺن کان سوال نه ٿو ڪري سگهجي، صرف سندن حڪم جي تعميل ڪئي وڃي ٿي. جيڪو انھن خلاف آواز بلند ڪري ٿو اھو گم ڪيو وڃي ٿو يا وري قتل ڪيو ٿو وڃي. پر انهن سڀني مظلومن کي انصاف ملڻ هڪ خواب جيان آھي جيڪو ڪڏھن پورو نه ٿي سگھندو.

اچو تہ پنهنجي حق ۽ پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ آواز بلند ڪيون، سوچ ويچار ڪريون، ھمت ڪريون، بھادر ٿيون، فيصلو ڪيون ته ڪير اسان لاءِ بهتر آهي ۽ ڪير نہ. پنھنجي ووٽ جو درست استعمال ڪيون ۽ ان ذھني غلاميءَ کان پاڻ کي آزاد ڪيون.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

بجلي چورن خلاف آپريشن يا غريبن سان ظلم؟

 

اڄ ڪلھ واپڊا پاران بجليءَ جي چورن خلاف ھر ھنڌ آپريشن جاري ۽ ساري آھي. ڪيترن ئي غريبن جون تارون وغيره ڪاٽي رهيا آهن ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو پيو وڃي. سوال اھو آھي تہ بجلي چوري صرف عام ماڻهو ۽ عام دڪاندار ڪري ٿو؟ بلڪل بہ نہ! ھي طاقتور ماڻهن ۾ ھٿ نه ٿا وجهن، جتي ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هلي رھيون آھن. باقي عام غريبن وٽ صرف ھڪ بلب ۽ پکو ھلي رھيو آھي. ھاڻي سمجھ ۾ نٿو اچي تہ جنهن جي پگھار ٽيھ هزار کان گهٽ آهي اهو بجلي جو بل هزارين رپيا ڪيئن ڀري؟ خدارا عوام پھريان کان ئي اٽي لٽي لاءِ پريشان آهي واپڊا کي گهرجي ته سڀ کان پهرين پنهنجي واپڊا اداري ۾ آپريشن ڪري جتي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪندڙ نانگ بلائون ويٺيو آهن، جن جا لاتعداد اثاثا آهن ۽ پگهار کان وڌيڪ آمدني اٿن. جيستائين ادارن ۾ ڪرپٽ ڪامورا هوندا تيستائين چوري ۽ لٽ مار ختم ڪونه ٿيندي…!!

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو

 

ڪاري

 

ڪوڙي غيرت خاطر مرداڻي سماج جيڪي بہ ظالماڻا هٿڪنڊا استعمال ڪيا آهن تن ۾ سڀ کان وڌيڪ وحشياڻو، ڪرڀائتو ۽ ناقابل معافي ناٽڪ  ڪارو ڪاري جي رسم آھي. سماجي اڻ برابري گهٽ ٻوسٽ ۽ عورت جي آزادي کان انڪار کي ڪارو ڪاري جي رسم ۾ لڪايو ويندو آهي. پر انهن رسمن جي ڪري ماڻهو ھن ظالماڻي سماج کان باغي آهن. اسان جي سماج جا ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن کي پسند جي حق ڏيڻ چاهين به ٿا ته به طعني جي ڊپ کان بيگناهن جي خون سان هٿ رڱڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن. ان الزام ھيٺ گهڻو ڪري عورت تي ظلم ڪيو ٿو وڃي ۽ پوءِ ان رسم کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ڪوڙي غيرت جو سهارو ورتو ﭤﻮ وڃي. اهڙي رسم جو قرآن شريف ۾ڪو بہ ذڪر ٿيل ڪونهي پوءِ هي ڪير ٿيندا آھن پيءُ، ڀاءُ يا مڙس جيڪي نياڻين، ڀينرن ۽ ونين کي ڪھاڙين مان ڪڍن ٿا، سو بہ رڳو شڪ جي بنياد ﺗﻲ! اهي رسمون دراصل عورت جي آزادي ۽ مرد جي وچ ۾ حقيقي ۽ سچن رشتن يا سچي محبت جي راھ ۾ رڪاوٽ آهن. جنھن جو مقصد اهو آهي تہ عورت پهنجي مرضي ڪري تہ کيس سماج هٿان مار ڏياري وڃي.

 

معمر علي/لاڙڪاڻو

 

وڏيرا ڀوتار حڪومت کان ڏاڍا

 

تعليم کاتي جي ضلعي دادو ۽ تعلقي جوهي جي آفيسرن جي غلط پاليسين سبب ڪاڇي جا بند پيل  اسڪول کلڻ وارو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي. ڳوٺ پريو جمالي ۾ مقرر ٽيچرن جو تعلق وڏيرن جي گهر سان آهي. ان ڪري اهي ٽيچر ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، آفيسر ڪاروائي ڪرڻ تيار ناهن. افسوس حڪومت جي آفيسرن کان ڀوتار وڏيرا ڏاڍا آهن.

ذريعن مان مليل معلومات موجب ضلعي دادو ۽ تعلقه جوهي جي ڪامورن ۽ ڪلارڪن پاران پئسن عيوض آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي سندن خواهش ۽ مرضي مطابق اسڪولن ۾ جوائننگ ڪرائي وئي آهي. ڪامورن ۽ ڪلارڪن جي اهڙي غلط پاليسي سبب ڪاڇي جا بند پيل اسڪول کلي نه سگهيا آهن. ڪاڇي واسين جو خواب هو ته آءِ بي اي ٽيسٽ کي پاس ڪري استادن کي مقرر ڪرڻ سان  ڪاڇي جا بند پيل  اسڪول  کلندا. پر تعليم کاتي جي ڪامورن ۽ ڪلارڪن رشوت وٺي 25 ٻارن جي انرولمينٽ تي 3 کان 5 استاد مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪاڇي واسين تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي جي تعليم کاتي جي ڪامورن ڪلارڪن جي اهڙي ناانصافي ۽ رشوت عيوض استادن جي مقررين واري معاملي جو نوٽيس وٺي، پريو جمالي گرلس اسڪول ۽ ٻيا بند پيل اسڪول جلد کولرايا وڃن ۽ اتي عملو مقرر ڪري ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

نظم/ دراوڙ جمعو مل

 

شھيد افضل لنڊ جي نانءُ!

 

پاڻ ته ڌرتي ڄاوا آهيون؛

ساڳي پنھنجي ماءُ،

تنھنـجو خـونُ کٿوري ٿيندو؛

افضـل منھنجا ڀاءُ.

 

رت ۾ لٿ پٿ تنھنجو لاشو؛

آزادي جي ساک،

نيٺ ته ٿيندو صبح سويـرو؛

ڦٽندي روشن باک.

 

ھاءِ! ڪنواريون اکيون تنھنجون؛

شھزادا شھزور،

تنھنجا قاتـل؛ خوب سڃاڻان؛

پِنـڊي ۽ لاھــور.

 

تنھنجو- منھنجو خواب سُھانو؛

سنڌ ديش مھانُ!

پنھنـجي دم سان ٿيندو آجو؛

ھر ڪوئي انسان.

تون جي چاھين، روشـن- روشن؛

آزادي جي جوت،

افضل جھڙا منھنجا ساٿـي؛

رت ڏيئي ۾ اوت.

 

اي! وقتِ قضا، ساکـي رھجان؛

ڳڀرو ھا اڻ مـوٽ،

روڊن ۽ رسـتـن تــي گھـايـا؛

افضل جھڙا گهوٽ؛

 

ليکڪ نثار احمد ڀٽي