پ پ پ قيادت جي سياسي حڪمت عملي!
(حصو ٻيون)
پ پ قيادت، ن ليگ قيادت، پي ٽي آءِ قيادت، جي يو آءِ ف جي قيادت مطلب ته جن اقتدار حاصل ڪيو ۽ جيڪي پارليامينٽ ۾ پهتا سي سڀ جا سڀ 15 سالن جي 3 اقتداري دورن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال نه سڌرڻ جا پڻ ذميوار آھن، اسان موجوده سياسي صورتحال کي سامهون رکي پيپلز پارٽي جي سياسي ۽ اقتداري حڪمتي عملي تي ڳالهايون ٿا ته پيپلزپارٽي جنهن کي سنڌ ۾ مڪمل طور 15 سالن کان اقتدار مليل هو ۽ ملڪ جي پنج سالا اقتداري پارٽي هوندي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڪنٽرول ته نه ڪري سگهي پر سنڌ صوبو مجموعي طور اقتداري، سياسي ۽ انتظامي طور ڪنٽرول ۾ رهيو پر ٿيو ڄڻ ته ڪجهه به نه سواءِ چند اسپتالون جوڙائڻ جي باقي ڪل خير، ابتو سنڌ جون زمينن، جبلن ۽ ٻيٽن جا سودا ڪيا ويا، سنڌ جو جتي ادارتي اسٽرڪچر متاثر ٿيو اتي سماجي طور ۽ انتظامي طور اخلاقي قدر تيزيءَ سان ڪرڻ لڳا ۽ عام فهم ٿي ويو ته سواءِ رشوت جي ڪجهه ٿيڻو ئي ناهي، سنڌ جو تباھ حال سماج، مهانگائي جو پيڙهيل عام انسان، بدامني جي باھ جو متاثر دانهين کان دانهين ٿي بيٺو پر ٿيو ڪجهه به ڪو نه نتيجي ۾ اڄ ڀنگ اغوا خلاف سنڌ سراپا احتجاج آھي. انهيءَ سموري سياسي صورتحال ۾ پ پ قيادت جو مٿي آيل موقف ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ خاص طور تي احتساب نالي جيڪا نالي ماتر وٺ پڪڙ شروع ٿي آھي جنهن سان سنڌ ۾ حڪومتي ۽ انتظامي وهنوار کي جيڪو سسٽم ھلائي رهڻ وارو تاثر هو سو پڻ جتي متاثر ٿيو آھي ۽ سندن خلاف گهيرو تنگ ٿيڻ نظر اچي پيو، تنهن کان پوءِ پ پ قيادت جو اليڪشن فوري طور ڪرائڻ وارو مطالبو ۽ اليڪشن مهم جيان بلاول ڀٽو زرداري جو عوام ۾ نڪري اچڻ ٻڌائي ٿو ته پ پ قيادت ڪنهن پريشر جو شڪار ٿيندي پنهنجو سياسي ۽ عوامي دٻاءُ ظاهر ڪندي ڪجهه رليف وٺڻ جو ڄڻ ته سوچي رهي آھي، جتي اهو عمل نظر اچي ٿو اتي وري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جو مختلف بيان ته اليڪشن فوري ٿيڻ کپي ۽ ٻيو چوي ٿو اليڪشن، اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين بعد ٿيڻ گھڙجي ۽ سياست بعد ۾ پهريان ملڪي معيشت بچايو وارو موقف ٻڌائي ٿو ته هن وقت عام اليڪشن واري معاملي تي جتي ملڪ جون سموريون سياسي قيادتون ٻڏتر جو شڪار آھن اتي پي ٽي آءِ قيادت ۽ پ پ قيادت انتهائي حڪومتي ۽ ادارتي ڪاررواين جي دٻاءَ جو شڪار نظر اچي رهيون آھن. انهن کي ملڪ ۽ عوام توڙي ادارن جي بهتري جو ڪو الڪو يا اونو هجي ها ته شايد هن وقت ملڪي سياست ۽ معيشت ايئن ڪو نه هجي ها، جنهن بابت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري بيان بازي ڪري پنهنجي سياسي حڪمت سامهون آڻي رهيا آھن.
رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي
مٺي جي تڪ جي MNA ۽ MPA کي عرض
جيئن جيئن اليڪشن جو وقت ويجھو ايندو ويندو تيئن تيئن تڪ جا چونڊ وڙھندڙ اميدوار ٿر جي ماڻھن کي ويجھو ڪرڻ لاءِ پنهنجي بھانا هيلا ھلائيندا آھن، سڄن سارن پنجن سالن ۾ تڪ جي عوام کي ياد ڪو نه ڪندا آهن، اھڙو ئي اسان جو ڳوٺ بنسيڌر جي ڊاڻي جيڪو بنيادي سھولتن کان محروم آھي، تڪ جا MPA ۽ MNA حال پڇندا ڪو نه آھن، جڏهن اليڪشن ويجھو ايندي آھي ته ڳوٺ جي پٽيل کي پنهنجي آفيس ۾ گھرائي گلن سان ھٿ ڦيري ووٽ وٺي وري پنج سال گم ٿي ويندا آھن، اسان جو ڳوٺ ننڍڙو آھي، جڏهن بلدياتي اليڪشن ھئي تڏهن ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جي بنگلي تي ميٽنگ ٿي ھئي تڏهن ڊاڪٽر جي بنگلي تي ويس تڏهن ڊاڪٽر صاحب کي مون چيو ته اسان جو ڳوٺ ۾ ھڪ ڪلوميٽر روڊ جي ضرورت آھي تڏهن ڊاڪٽر صاحب چيو اڳ ۾ اوھان جي درخواست ڪنهن کي ڏني ھئي، تڏهن مون چيو کليل ڪچهري ڊي سي صاحب منقد ڪرائي ھئي ڪجهه ڏينهن اڳ، انھي ۾ مون درخواست ڏني ھئي، اھا درخواست ڊي سي صاحب بلڊنگ ڊپارٽمينٽ وارن کي ڏئي ھڪ پي سي ٺاھي ڏني ھئي، ڊي سي صاحب چيو اسان وٽ بجيٽ ڪونھي، ايتري توھان تڪ جي MPA يا MNA کي اھا پي سي ڏيو، ڊاڪٽر صاحب چيو اھو پي سي مون کي ڏئي وڃو، پوءِ جڏهن ڊاڪٽر صاحب مٺي ھئا ڪو نه مٿان نئون اي آءِ ٽيون ٽينڊر ٿيا پي، تڏهن اھا پي سي کڻي ڊاڪٽر صاحب جي پي اي سراج الدين سومري کي ڏني، روڊن جا ٽينڊر اچي ويا پر اسان جي ڳوٺ جو ٽينڊر ڪو نه آيو، ھاڻ تڪ جي MPA ارباب لطف الله صاحب ۽ تڪ جي MNA ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي صاحب کي عرض آھي ته اسان جي ڊاڻي جو ھڪ ڪلوميٽر روڊ ٺھرائي ڏيندا ته مھرباني ٿيندي.
منيش ڪمار واسو/ مٺي، ٿرپارڪر
جي 20 ڪانفرنس، دنيا ترقي پئي ڪري ۽ اسان؟
اسان جي ملڪ منجھ مالڪ جي ڏنل هر هڪ نعمت موجود آهي جيڪڏهن اسان وٽ ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي ته اها صرف ۽ صرف ايماندار حڪمراني ۽ ايماندار آفيسر شاهي جي کوٽ آهي، ان جي ڪري ئي اسان جو ملڪ ڏينهنون ڏينهن قرض ۾ دٻجندو پيو وڃي پر مجال آهي جو اسان جي حڪمرانن جا شاهي خرچ گهٽ ٿين. تازو ئي ڀارت ۾ جي 20 ڪانفرنس ٿي گذري جنهن منجھ دنيا جي امير ترين ۽ طاقتور ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي ۽ ڪاروبار جا ڪيترائي معاهدا ڪيا ويا جنهن سان نه رڳو ڀارت پر سعودي عرب کان آمريڪا تائين ملڪ فائدو حاصل ڪندا ۽ معشيت جيڪا پهرين به عروج تي اٿن ان کي وڌيڪ عروج تي پهچائڻ جا پلان جوڙيا ويا آهن، اسان کي ان جي 20 ڪانفرنس مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيون ۽ دنيا ترقي ڏانهن ڪيئن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اسان کي جيڪڏهن دنيا سان گڏ بيهڻو آهي ته سڀ کان پهرين عدل انصاف جو نظام بهتر ڪرڻو پوندو، جتي هڪ سئو جو اسٽامپ پيپر عدالت جي گيٽ تي 300 رپين جو ملي ٿو، ان عدالت مان انصاف جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي! جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيستائين ڪجھ نه ٿيندو ۽ رڳو تجربا ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ 76 سالن کان رڳو تجربا ئي پيا ڪريون، باقي عملي ڪم تمام گهٽ نظر اچي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري نوڪري ته هر ڪو وٺڻ چاهي ٿو پر ڪم ڪير به ڪرڻ نٿو چاهي. هاڻي به وقت ويو ناهي، اسان سخت ترين فيصلا ڪري ملڪ کي ترقي طرف موڙي سگهون ٿا بس نيت جي دير آهي، جيڪڏهن نيت ڪري وٺون ته يقين ڪريو هي پنڻ وارو ڪشڪول هڪ ڌڪ سان ٽوڙي ڇڏينداسين ۽ اوهان 50 ڪرپٽ ماڻهن کي ڦاهين تي چاڙهيو پوءِ ڏسو ته هي طاقتور ملڪ اسان سان گڏ ڪئين ٿا بيهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ايندڙ نسل کي هڪ سرسبز، خوشحال ۽ ڪرپشن فري ملڪ ڏيون جيڪا هر پاڪستانيءَ جي خواهش پڻ آهي. پاڪستاني قوم کي نه جهموري نظام سان محبت آهي نه مارشلا سان محبت آهي، جيڪڏهن پاڪستاني قوم کي محبت آهي ته صرف ۽ صرف ترقي يافتا ۽ خوشحال پاڪستان سان محبت آهي ۽ رهندي ان ڪري خدارا اچو ته گڏجي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري اڳتي وڌون، پاڪستان زنده باد.
دليپ آزاد/ عمرڪوٽ
انڙپور پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ!
پيئڻ جو صاف پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت مان تمام اھم ضروري آھي ڇاڪاڻ پاڻي انسان جانور، توڙي ٻوٽن جي جياپي جو اھم جزو آھي، پاڻي زندگي آھي، يوسي انڙپور تعلقي مانجھند ضلعي ڄامشوري ۾ درياهه جي ساڄي ڪپ تي موجود آھي، انڙپور تاريخي لحاظ کان قديمي ڳوٺ آھي، انڙپور ۾ لاڳيتو گذريل ٻن ھفتن کان پاڻي جي سخت کوٽ آھي، جنھن تي ڪنھن وس واري ڌيان نه ڏنو آهي، ھڪ پاسي يوسي انڙپور پ پ پ جي ڪلين سوئيپ ٿيل علائقو آهي انھيءَ باوجود به انڙپور بيڌياني جي ور ڇو چڙھيل آهي سو ڇو؟ پاڻي لاءِ انڙپور جو ھر ھڪ ماڻھو پريشان آھي، يوسي انڙپور جي يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين علائقي کان ٻاھر غائب آھن، جڏھن انھن کي پاڻي جي مسئلي تي ڪنھن شخص چيو ھوندو ته يوسي جي سرڪاري چڱن (چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين) اھا ڳالھ ڪري اسان جي وس ۾ ڪجھ نه آھي، ايئن چئي پنھنجي فرض کان لاتعلقي ڪئي ھوندي. ھڪ ته يوسي جي چونڊيل نمائندن پاران جواب کان آئون مطئمن نه آھيان، ڇاڪاڻ ته گذريل ٽرم ۾ اھي چونڊيل ھئا، ھن وقت به اھي ئي آھن انھن ڪرسين ۾ ڪجھ ته رکيل آھي جنھن جي ڪري هو انهن تان دستبردار به نٿا ٿين، انڙپور ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ انتهائي ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي، پبلڪ ھيلٿ جا آفيسر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن، پبلڪ ھيلٿ جي ھٺ ڌرمي سبب علائقي واسي دٻن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن، ايئن نه ٿئي جو پبلڪ ھيلٿ جي ملي ڀڳت سان انڙپور واسين جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ رکيل درياهه واريون مشينون ڪنھن بااثر وڏيري زمينن کي آبادي لاءِ کڄي ته نه ويو آھن؟ اي سي مانجھند اوھان کي نوٽيس لاءِ ھن اخبار جي تسلسل سان اوھان کي خط پيو لکان، ڇاڪاڻ ته انڙپور واسين جو اميدون آھن اوھان انڙپور ۾ موجود پاڻي جي کوٽ ڪرائڻ واري مسئلي تي ڌيان پبلڪ ھيلٿ ۽ لوڪل انتظاميه کان پڇاڻو ڪندو. اي سي مانجھند نوٽيس وٺي، پاڻي واري معاملي تي ڌيان ڏئي يوسي انڙپور جي بيوس ماڻھن جي دانھن ورنايو جيئن علائقي واسين ۾ خوشي اچي سگھي.
صوفي طارق علي کوسو /انڙپور
نئين نسل کي تيزي سان تباهه ڪندڙ منشيات!
هونئن ته پوري سنڌ ۾ هر قسم جي منشيات سولائيءَ سان دستياب آھي ۽ اُنھن جي وڪري واهپي تي ڪا به رنڊ روڪ موجود ناهي، جڏھن به ڪو نئون پوليس آفيسر مقرر ٿئي ٿو ته ڪجھه ڏينهن جي وٺ پڪڙ بعد اُھو به مصلحت پسنديءَ جو شڪار ٿي آرامي ٿي وڃي ٿو ۽ منشيات جو ڪاروبار گهٽجڻ بجاءِ وڌيڪ زور وٺي وڃي ٿو. بلڪل اها ئي صورتحال سنڌ جي لاڙ واري ضلعي ٺٽي جي به آھي، گٽڪي، ماوي، گوليمار مين پڙين کان ويندي چرس، آفيم، هيروئن ۽ ھاڻي وري آئيس جهڙي خطرناڪ نشي هن ضلعي جي سوين نوجوانن کي تباهيءَ ڪناري پهچائي ڇڏيو آھي، ڪيترائي نوجوان نشي جا عادي بڻجي چورين ڦرن ۽ ڏوهي سرگرميون ڪرڻ لڳا آھن، ڏينهن هجي يا رات ڪو به شريف شھري هنن جي ظلمن کان بچي ناهي سگهيو، ڪافي نوجوان نشي جي ور چڙھي پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آھن ۽ ڪي وري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن، ڪيئي اهڙا به نوجوان آھن جن نشي جي خاطر پنهنجي گهر جو الھ تلھ کپائي ڇڏيو آهي هاڻي سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. آئيس جهڙي خطرناڪ ۽ موتمار نشي جا هن ضلعي جي سمورن شھرن ۾ اڏا سرعام پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيا آھن ۽ اها ڳالھ ڪنهن کان به لڪل ناهي، پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن پوليسنگ جي معيار کي ايتري حد تائين ڪيرائي ڇڏيو آھي جو هاڻي پوليس اهلڪارن اڳيان به آئيس جا موالي ماڻھن کان موبائيلون پرس ۽ ٻيو سامان ڦُري فرار ٿي وڃن ٿا، انهن مان به اڪثر کي شھري پاڻ مڙسي ڪري پڪڙي وٺن ٿا پر پوليس انھن کي ڇڏي ڏيندي آھي ۽ اُھي ساڳيا موالي اڳتي هلي ننڍن ڏوهن بجاءِ موٽر سائيڪلن جون چوريون ۽ گهرن مان وارداتون ڪرڻ لڳندا آھن ۽ اهڙا ڪافي ثبوت سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ به اچي چڪا آھن. ٺٽي شھر ۾ به هاڻي هر گھٽي ۽ محلي جي اندر آئيس جو اڏو توهان کي هلندڙ ملندو، ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن مڪلي، ڇتو چنڊ، فقير ڳوٺ، گهارو، گُجو ۽ ميرپور ساڪري سميت ڪافي شھرن ۾ آئيس جا موالي شھرين لاءِ عذاب بڻيل آھن. جيستائين ضلعي ٺٽي جي ننڍن وڏن ٿاڻن ۽ پوليس چوڪين تي مقرر عملي کي تبديل نٿو ڪيو وڃي ۽ پوليس جي رِٽ قائم ڪري آئيس جي اڏن جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون نٿو ڪيو وڃي تيستائين نوجوان نسل آئيس جهڙي خطرناڪ نشي ۾ جَڪڙيل رهندو.
امداد بروهي/ٺٽو
بھترين تعليمي اداري جو ڇا ٿيندو؟
(حصو پهريون)
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جھڙو ناليوارو تعليمي ادارو گذريل ڏھن سالن کان مسئلن جي ور چڙهيل آهي. ھيءَ يونيورسٽي صرف ھاڻي ھڙتالون سان ئي سڃاتي وڃي ٿي، روز ڪنھن نه مسئلي تي ھڙتال ٿيل هوندي آھي ۽ اها مسلسل جاري آھي، جڏھن ته شاگردن جي فين ۾ گھاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آھي، يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن مان به يونيورسٽيءَ کي لڳ ڀڳ ٽي اربن کان مٿي روينيو ملي ٿو، ان کان سواءِ روز جي بنياد تي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگرين جا پئسا به يونيورسٽيءَ کي ملن ٿا، ان جي باجود به ملازمن کي وقت تي پگھارون ۽ پينشنرن کي پينشن وقت تي نٿي ملي. ھڙتال ۽ احتجاجن جي ڪري جيڪي شاگردن ٻين ضلعن کان سرٽيفڪيٽن وٺڻ لاءِ اچن ٿا انھن کي تڪليف تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آهي، بنا پنھنجن سرٽيفڪيٽن کان واپس وڃن ٿا. جيڪي شاگرد ٻاھران اچن يا ھاسٽل تي رھن ٿا انھن جي تعليم تي به هر ٻئي ڏينهن جا احتجاجن ۽ هڙتالن جو تمام گھڻو خراب اثر پئجي رهيو آهي. هن اداري جي ڳرين فين شاگردن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. مٿان وري روز ڪنھن نه ڪنھن مسئلي تي ھڙتال آھي ئي آھي. هن يونيورسٽيءَ ۾ شھرين سان گڏ ٻھراڙي وارن علائقن جي مسڪين غريب ماڻھن جا ٻار پڙھڻ ٿا. انھن جي تعليم پڻ متاثر ٿئي رهي آهي. ھر روز فين ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو، جڏھن ته ھاڻي وري ايم فل M.phil جي ڊگري وٺڻ جي في 4500 ۽ پي ايڇ ڊي P.hd جي ڊگري وٺڻ جي في کي 6550 ڪئي وئي آهي ۽ ارجنٽ ڊگري في ڏھ ھزار في ڪئي وئي آھي، ان سان گڏ داخلا جي في ۾ به ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آھي. ھن وقت يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليج جا امتحان 2021 ۽ 2022 جا ٿي نه سگھيا آھن، انهن ڪاليجن جا شاگرد به سخت پريشان آھن ته الائي ڪڏھن سندن امتحان ٿيندا. ٽي ڀيرا ڏنل يونيورسٽي جي طرفان امتحاني شيڊول تبديل ٿي چڪو آھي، ڪاليج جي استادن جا بل رھيل آھن، انھن کي چيڪ نه مليا آھن. ڪاليج جا استاد ڌار رڙيون دانھون ڪوڪون ڪري رھيا آھن. انھن جي بيتن جو ڇا ٿيندو؟ يونيورسٽيءَ جي ملازمن کي ٻه ھفتا ٿي ويا آھن اھي ھڙتال ڪري رھيا آھن، پوري ايڊمنسٽريشن کي تالا لڳايا ويا آھن، نوجوانن کي مارڪ شيٽ، پاس سرٽيفيڪيٽ ۽ ڊگريو انتظاميه نه ڏيندي ته آخر ٻيو ڪير ڏيندو؟ (جاري)
ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
اڳوني ايم اين اي ۽ وفاقي وزير جي سياست تي نظر!
ضلعي سانگھڙ ۾ شازيه عطا مري جي ڪارڪردگي تي هڪ نظر ڊوڙائي ڏسون ٿا ته واقعي شازيه مري هڪ باڪردار، باهمٿ ۽ دلير عورت اڳواڻ ٿي تمام بهترين اسڪيمون ضلعي سانگهڙ جي عوام جي ناءُ ڪيون آهن، شازيه عطا مري ضلعي سانگهڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو 2013ع جي عام چونڊن ۾ ايم اين اي جي سيٽ تي سوڀاري ٿي، ضلعي سانگهڙ جي تڪن تعلقو کپرو ۽ ڄام نواز علي تي تقريبن چاليھ سالن کان پوءِ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي واحد اميدوار سوڀاري ٿي، ايئن ئي 2018ع جي عام چونڊن ۾ مخالفن کي هڪ عورت اميدوار ڏينهن جا تارا ڏيکاري گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي عوامي ڪمن جي شروعات تڪ جي پُٺ تي پيل علائقي اڇڙو ٿر کي اولين ترجيح ڏئي پنهنجي نيڪ نيت خدمت جي شروعات ڪيائين، اڇڙي ٿر ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو پاڻي جو هو، پائيپ لائين جو ڄار وڇائي پوري اڇڙي ٿر کي پاڻي پھچايو ويو، ان کان پوءِ ضلعي سانگهڙ ۾ 90 سيڪڙو روڊن جي حالت زبون حاليءَ جو شڪار ٿيل هئي، ايم اين اي شازيه مري سانگهڙ ضلعي جا مُک روڊ کپرو ٽو سانگهڙ، کپرو ٽو عمرڪوٽ ۽ ٻين لنڪ روڊن جو ڄار وڇائي پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪئي، ۽ ايجوڪيشن، روينيو، لوڪل بورڊ، سماجي ڀلائي توڙي هر اداري ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري نمايان رهي آهي، شازيه عطا مري سنڌ ۾ پٺتي پيل ضلعي سانگهڙ کي پنهنجي نيڪ نيتي سان ڪيل خدمت ڪري سنواريو آھي، وري پيپلز پارٽي جي قيادت مان اها ئي اميد رکجي ٿي ته شازيه عطا مري کي ايندڙ اليڪشن ۾ به ايم اين جي سيٽ ڏئي سانگهڙ جي عوام تي مهرباني ڪندا.
محبت مري/ ڀٽ ڀائٽي، کپرو
سنڌ حڪومت ۽ وفاق کان SM بند جو 41 ميل به ڏور!
(حصو پهريون)
ڳالهه آهي ته جولا مهيني 2023ع جي جڏهن درياهه بند کان تقريبن 400 ميٽر ڏور هو، تڏهن کان ئي اسان بالا اختيارين، ايريگيشن ڊپارٽميٽ کي وربلي، سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي آگاهه پي ڪيو ته بند جي حالت انتهائي نازڪ ٿيڻ جو خدشو آهي، ترت حفاظتي اُپاءَ ورتا وڃن پر ايريگيشن عملي جي مسلسل غير ذميواري سبب گجگوڙ ڪندڙ سنڌو درياهه اچي SM بچاءَ بند جي 41 ميل تي بند سان پڳهه ڏنا. پوءِ ايريگيشن عملي جا وات پٽجي ويا ڊپ ۾ به عادتن به، ايتري ۾ چيف انجيئر سائين سردار شاهه اچي پهتو، بند جي انتهائي نازڪ حالت ڏسي عملي جي غلط انفارميش ڏيڻ تي سٺي بيعزتي ڪيائين ۽ لڳاتار چئن پنجن ڏينهن جي جدوجهد ۽ جاکوڙ کان پوءِ درياهه جي دڙڪن ۽ دهمانن تي قابو پاتو ويو ۽ بند تي تقريبن سئو سوا سئو پٿر جون ٽرڪون لهرائي ڏنائين ته هي پٿر بند جي پيڙهه ۾ ڏيڻ جو چئي ويو، جيئن درياهه بند کي پائڻ بند ڪري، ٻيو پٿر اسٽاڪ ڪرائي رکي ڇڏڻ جون سخت هدايتون ڏئي پاڻ گهر روانون ٿي ويو. ايريگيشن عملي کي پاڻي جي ٻئي ريلي اچڻ تائين تقريبن ويهن ڏينهن جو وقت ملي ويو. پر ايريگيشن عملي چيف انجنيئر سردار شاهه جي ڏنل هدايتن کي فٽبال ٺاهي بند جي ڌوڙ ۾ ويچاري بال کي بيدرديءَ ۽ ناتجربيڪاري سان ڏاڍو ڪٽيو ۽ سائين سردار شاهه جي جمع ڪيل پٿر کي ڦوٽو سيشن ۽ غلط بريفنگ ڏيڻ لاءِ رکي ڇڏيو، ڄڻ دنيا جو اٺون عجوبو هجي. پوءِ ڇا تقريبن ويهن ڏينهن کان پوءِ درياهه کي به اچي ڪاوڙ لڳي ته هي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي پنج هزار سال کان به اڳ پنهنجي موج اچڻ ۾ تباهه ۽ برباد ڪندو پيو اچان، ڪڏهن موهن جي دڙي جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڀرائي جي دڙن جي صورت ۾، پوءِ تقريبن ڏيڍ لک ڪيوسڪ جو پاڻي جو وڏو ريلو آيو ۽ ان ڏيڍ لک ڪيوسڪ جي ريلي ايرگيشن جي پيل اٺين عجوبي کي هڪ ڏينهن ۾ ڳڙڪائي ويو ۽ اٺين عجوبي سان گڏ لاڳاپيل هنڌ تان SMبچاءَ بند جو 75% حصو پنهنجي ويرن جي ور چاڙهي ڇڏيو. اهو ساڳيو بند جنهن گذريل هڪ صدي کان وڏين وڏين ٻوڏن 73، 76، 92، 2010 يا 2015، 2022 وارين مها ٻوڏن سان مهاڏو اٽڪائي سنڌو جي کاٻي ڪپ تي آباد ٿيل نواب شاهه ۽ حيدرآباد ڊويزن جو محافظ بڻيو رهيو، اهو آخري پساهه تي هليو ويو. (جاري)
محمد علي سولنگي/ڪوڙيجا ڀاڻ