وڪڻي ڇڏيائون!
ڪنهن دور ۾ سنڌ کي ڌاريا لٽيندا ڦريندا هئا ۽ قبضا ڪندا هئا، ارغون، ترخان، مغل ۽ قنڌاري پٺاڻ قهري ڪارروايون ڪندا هئا، تنهن ڪري اها چوڻي مشهور ٿي ته “جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو.” پر افسوس جو سنڌ سونهاريءَ کي پنهنجا لُٽي، ڦري، نيلام ڪري رهيا آهن، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جون زمينون، معدني وسيلا، مالِ غنيمت سمجھي هر دور جو حڪمران لٽيندو ڦريند ۽ وڪڻندو رهيو، بحريه کي بحري باز جھپي ويو، سُپر هاءِ کي هاڻون هڙپ ڪري ويا، اتي جيڪي بورڊ لڳل آهن، خبر نٿي پوي ته اهي ڪير آهن؟ اُها رڳو الله کي سُڌ. ٿر ترقيءَ جي نالي تي وڪامجي ويو، ڪارونجھر نيلام ٿي ويو، هينئر باقي وڃي سهڻا سامونڊي ٻيٽ بچيا آهن، تن تي مرڪزي مَواڙ مانگر مڇ جي اک آهي. اسان جي اعليٰ، بلند ۽ بالا اڳواڻن جا جيڪي حال آهن ۽ بادشاهي خيال آهن ته اهي به تين وال ٿي وڪامجي ويندا، جيئن سنڌ جو هاري بٽئيءَ مهل پنهنجي حصي جو انُ وڏيري کان ورتل قرض ۾ ڏئي بوڇڻ ڇنڊي خالي هٿين هليو ويندو آهي، لڳي ٿو ته اسان جو به اهڙو ئي حال ٿيڻ وارو آهي. اسان جيڪڏهن اڃا به اوڳا موڳا ٿي ڀوتارن، سردارن ۽ پيرن جي پُڇَ ۾ چنبڙيل رهياسون ته اهو ڏينهن پري ناهي جو اسان جي هر شيءِ وڪامي ويندي. اهڙين حالتن کان متاثر ٿي امداد حسيني (مرحوم) هڪ تاريخي نظم لکيو هو، هتي ان جون چند سٽون پيش ڪجن ٿيون:
حَسين آرزو کي به وڪڻي ڇڏيائون،
جوان جستجو کي به وڪڻي ڇڏيائون،
مُقدس شهيدن جو هي آهي لَهُو پر،
مُقدس لهُو کي به وڪڻي ڇڏيائون،
اڱڻ ڇا، اڱڻ منجھ پوکي وڏن جا،
انهيءَ نازبُو کي به وڪڻي ڇڏيائون،
اها سنڌ جنهن جا رهيا سِج سلامي،
ان آئينه رُو کي به وڪڻي ڇڏيائون.
مون آخر ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ هڪ منقبت لکي آهي جيڪا پڻ سڄڻن کي پيش ڪرڻ گھران ٿو:
محبت حُسين جي!
انسانيت جو اوج، اطاعت حسين جي، ايمان جو ڪمال، مُحبت حسين جي،
رِندن پروڙيو راز، زماني کي ڪهڙي ڪل، آهي نسورو ناز، شهادت حسين جي،
حيرت زده زمين و زمن ٿي ويا، ڏسي، همت حسين جي ۽ شجاعت حسين جي،
هو سر بسجود، توڙي وسي ٿي مٿس ترار، افضل تڏهن ته آهه، عبادت حسين جي،
اي آسمان! آهي ڪو توکي مثال ياد، ڇا بي مثال ناهه، شهادت حسين جي!
هيءُ عزم، هيءُ جهاد، هيءَ تسليم هيءَ رضا، موليٰ ٿو پاڻ ڄاڻي حقيقت حسين جي،
دنيا غمِ حسين ۾ رئندي ئي رهندي“شوق”، اينديس جڏهن به ياد شهادتِ حسين جي.
نواز علي “شوق”/ڪراچي
قبلا! شايد توهان ڀُليا آهيو، اسان رحم گھريو هو!
۽ جڏهن شهباز شريف پنهنجا شاهاڻا شوق پورا ڪري لنڊن روانو ٿي ويو ۽ ويندي ويندي ملڪ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرضن جو ٽوڪرو وٺي اهو غائب ڪيون هليو ويو، ان کان پوءِ “عوام کي ان جو حساب ڏيڻو آهي” واري نعري تحت نگران حڪومت ايندي ئي آءِ ايم ايف سان ڪيل اڳوڻي حڪومت جي معاهدي تحت پيٽروليم اسمن جي اگھن ۾ واڌ ڪري عوام کي ڀنوانٽيون ڏياريندڙ ڌڪ ئي هڪ هنيون، مهانگائي، بدامني ۽ بيروزگاريءَ جا سئونٽا کائيندڙ عوام سيني ڀَر رڙهيندي ۽ سڏڪا ڀريندي ايندڙ نگران حڪومت جي وڏي ڪرسيءَ ڏي نهاريندي فرياد ڪيو ته بجليءَ جا اگھه گھٽايو ۽ عوام ان معاملي تي روڊن تي نڪري آيو، عوام جي لاڳيتي احتجاج نگران وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا کي ان ڳالهه تي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته هاڻ عوام گھرن کان ٻاهر نڪري بجليءَ جي بلن ۾ ڳاٽي ٽور ٽئڪسن جي واڌ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، ته ان بابت ڪجھه سوچيو وڃي، ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم صاحب عوام کي “ڪجھه ڪرڻ” جو دلاسو ڏئي ڪابينا سميت مٿو جوڙي ويهي رهيا، هڪ ڏينهن، ٻيون ڏينهن، ٽيون ڏينهن! عوام کي وري “نيٺ ته ڀلا هڪ ڏينهن” جو آسرو هو، ان هڪ ڏينهن عوام کي اها خوشخبري ٻڌائي وئي ته آءِ ايم ايف صرف اها رعايت ٿي ڪري ته توهان کان پئسا اوترائي اوڳاڙيا ويندا جيڪي بلن ۾ لڳي آيا آهن، پر اهي بجليءَ جا بِل توهان ڀلي قسطن ۾ ادا ڪيو، پر ڪيو ضرورو! عوام به وَٽڙو ڀنگ جو پي سمهي رهيو. وري ان ئي سلسلي ۾ عوام ڄڻ ته نگران حڪومت کي چيڙائي وڌو هو، ٻيون فيصلو آيو ته هاڻ ڇو نه بجلي چورن خلاف آپريشن ڪجي، “قبلا اسان رحم گھريو هو.” سائين اهو آپريشن اکين تي پر جن بجليءَ فراهم ڪندڙ آفيسرن، لائين مينن ۽ انهن جي ڇارتن جيڪي، اسڪوٽر کان پجيرو تائين پهتا، جيڪي لائين مينن کان ايوانن تائين پهتا، جيڪي ڪک پتيءَ مان ارب پتي بڻيا انهن جو ڇا؟ سائين توهان کان شايد ڀُل ٿي آهي، حيسڪو، سيپڪو ۽ ٻين نه ڄاڻ ڪيترين “ڪو” ڪمپنين پاران هلندڙ آپريشن ۾ سڪن سان گڏ ساوا به سڙن پيا. جن چيو ته اسان بل نه ڀرينداسين، هاڻ اهي ٿيا باقيدار، جنهن تحت ڏنڊو وري به عوام کي آ، سائين هر شهر ۾ غير قانوني ڪنيڪشنن سان گڏ بجلي جي قانوني واهپيدارن جو جيئڻ به جنجال بڻايو ويو آهي. اسان چيو ته اٽو سستو ڪيو ته ايوان مان آواز آيو ته: “ٻن ڊڳڙن بجاءِ هڪ ڊڳڙ کائو، اسان چيو ته نوڪريون ڏيو، ته ايوان مان آواز آيو ته نوڪريون ناهن، ڇولا کپايو! اسان آواز ڏنو ته بدامني آهي ته آواز آيو ته سڪون رڳو قبر ۾ آهي!” سائين! ايٽمي ملڪ به اسان جو، قرض به توهان کڻون، اهي هڙپيو به توهان، مراعتون به توهان حاصل ڪيو، بسڪوٽ ۽ کير مکڻ توهان جا ڪتا کائين، پگھارون به توهان جون وڏيون، اڻ کٽ بئنڪ بيلينس به توهان جا، اي سين وارا ڪمرا به توهان جا، محلن جھڙا گھر به توهان جا، وڏيون گاڏيون به توهان جون، پيٽرول، صحت ۽ ٻيون سهولتون ۽ مراعتو به توهان کي ملن! اچو وڃو به جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن تي، ته سائين ڇا اسان عوام جو ڏوهه صرف اهو آهي ته اسان غلطيءَ سان هِن ملڪ ۾ ڃمي پياسين؟ سائين! اسان جي بس هڪ ئي اپيل آهي ته بکن ۾ پاهه ٿيل معصومن کي نٿا ڏسي سگھون، انگ اگھاڙا وجود هاڻ برداشت نٿا ٿين، ڀلا ٻيو نٿا ڪريون ته اسان عوام کي ان پنهنجي ئي ايٽم بم تي بيهاري اڏائي ڇڏيو، ته مهرباني ٿيندي!
ياسين سومرو/خيرپورميرس
غريب ماڻھو آخر ڪيڏانهن وڃي؟
اڄ جڏهن آئون ڳوٺ جي ويجهو دڪان تان سامان خريد ڪري رھيو ھئس تيستائين ھڪ نياڻي عمر لڳ ڀڳ 6 کان 8 سال ھيس جيڪا اچي دڪاندار کي چيائين ته 2 ڪلو آٽو پاءُ گيھ، کنڊ، چانھ ڏي. جڏهن دڪاندار سڀ سامان ڏئي ڇڏيو ته نياڻي ويچاري پئسا ڏنا پنج سئو رپيا ان تي دڪاندار چيو ته سامان ست سئو جو آهي، نياڻي چيو ته بابا جي مزدوري صرف پنج سئو آهي ٻه سئو سڀاڻي ڏينداسين، دڪانداي نياڻي کي وڏي آواز ۾ چيو ته مون کي پئسا پورا ڏيو، ان وقت ننڍڙي نياڻي جي اکين مان لڙڪ زارو قطار ڪري وهي رھيا ھئا ۽ دڪاندار سامان گھٽ ڪري نياڻي کي صرف پنج سئو جو سامان ڏنو، آخر ڪڏهن ھن منهنجي امير سنڌ جا غريب ماڻهو سک جو ساھ کڻندا ۽ ٽن وقتن جي ماني ڍئو تي کائيندا؟ خدارا اي وقت جا حڪمرانو! ڪجھ خيال ڪريو، ايتري مھانگائي آهي جو غريب مزدور ٽن وقتن جي ماني کي نٿا پھچي سگهن، خدا پناھ ڏئي بيماريون، مرڻا، پرڻا انهن کي ڪيئن منهن ڏيندا؟ جيڪي کائڻ کي نٿا منهن ڏئي سگهن، اھو ڪپڙن لٽن کي ڪيئن پھچن؟ آخر آپگھات ئي ڪندا ۽ روزانون اخبارن ۾ انهن غريب مسڪين مزدورن جو ذڪر ھوندو آهي، اي وقت جا حڪمرانو! مھانگائيءَ تي ضابطو آڻي غريب مسڪين مزدور ماڻهن کي سک جو ساھ ۽ ٽن وقتن جي ماني کائڻ جو موقعو ڏيو، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان اٽي ۽ لٽي جي پريشانين ۾ ورتل ۽ وڪوڙيل آهن، اھا آس سانڍي ويٺا آهن ته ھڪ ڏينهن ضرور سک جو ساھ کڻنداسين ۽ ٽن وقتن جي ماني ڍئو تي کائينداسين.
راجا مبارڪ سولنگي/ ٻيلو شھر
اجرڪ جو شان ۽
ان جو استعمال!
شام جي وقت گهر جي اڱڻ ۾ پيل کٽ تي کير پتي چانھ جون چسڪيون هڻندي ڪو مضمون پي پڙھيم، لکيل هو ته “غلام قومون ڪڏهن به سک جو ساھ ناهن کڻنديون ۽ خود رب پاڪ پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته “آئون ان قوم جون حالتون ان وقت تائين نٿو بدلايان جيستائين پاڻ نٿي بدلجڻ چاهي.” تيستائين ڪنهن ويجهي دوست جي فون آئي ته گهر ۾ ڪو سٺو اجرڪ رکيل اٿئي؟ وراڻيم ڪو ماڻهو گذاري ويو آ يا ڪو مهمان آيو اٿئي؟ وراڻيائين نه نه، رات ڪو نئون ڄائو آھي ان کي اوڍائڻي آھي، هاهاها، وڏا ٽھڪ ڏئي کليس ته پاڻ به کلي پيو، چيم يار پاڻ ته اجرڪ هڪ مئل ماڻھو کي سام طور ڏيندا آھيون ۽ ٻيو آيل مهمان کي تحفي طور پيش ڪندا آھيون ته جيئن هو ان اجرڪ جو مان رکي پنهنجي انگن نگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ سان گڏ دوستي جا ڌاڳا اڃا مضبوط ڪري. وراڻيائين چريا اهو دور گذري ويو، هاڻي اجرڪن جا تحفا ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ ٿا استعمال ٿين. هڪ سٺي اجرڪ کڻي ڏنومانس ۽ پڇيومانس ڪنهن کي اوڍائيندين؟ وراڻيائين يار هڪ ڪم اڻ ٿيڻو هو، ڦلاڻي ماڻھو فون ئي هڪ گهمائي، تو وارا سمورا سنگتي رهجي ويا، منهنجو ڪم ٿي ويو، ان ڪري همراهه کي هڪ ڪيڪ، ڪلو مٺائي ۽ اجرڪ اوڍائيندس. همراهه خوش ٿي ويندو، مطلب چري چوڙي ۾ خوش، اسان پيا مزا وٺون. ٻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي هڪ سنگتي جي دڪان تي وياسين، ڏٺوسين ته همراهه دڪان جي صفائي هڪ پراڻي اجرڪ سان پي ڪئي، چيومانس ته يار صفائي لاءِ ٻيو ڪپڙو به استعمال ڪري سگهين ٿو، ڪجهه ته اجرڪ جو مان رک، طنز مان وراڻيائين ڪامريڊ چئو ته پنهنجي ڪپڙي جو دامن ڦاڙھي صفائي ڪريان؟ هڪ ڏينهن ٻئي سنگتي ڪچھري ۾ ويٺا هئاسين ته چيائين يار کيسي ۾ ڪجهه پئسا بچت ۾ آھن هل ته هڪ هڪ جوڙو وٺي اچون، ٿورو مسڪرائي چيائين غريب حقيقت هيءَ آھي ته ايڏي مهانگائي آھي جو هڪ نئون جوڙو وٺون ٿا ته ٽي پراڻا جوڙا فاٽيو پون. خير وڃي ڪپڙي جي دڪان تي پهتاسين ته هڪ سڃاتل دوست به ڪپڙي جي دڪان تي آيو، سندس دڪان جي سيٺ سان اڳ ۾ واقفيت هئي، ايندي شرط چيائينس ته چانهه گهراءِ پڪوڙا به گهراءِ ۽ 4 اجرڪ به ڏي. دڪاندار چيس ڪامريڊ اڄ وري ڪنهن کي ٿو اجرڪ اوڍائين؟ کلي وراڻيائين پاڻ وارن پراڻن يارن کي، دڪاندار اوڌر واري بندي کولي ۽ چيائينس ته ڪامريڊ هاڻ پورا 27 اجرڪ ٿيا. اسين حيران ٿي وياسين، ڪامريڊ وراڻيو بس فصل تيار ٿئي حساب چڪتو ڪبو. ڪامريڊ دڪان تان لهي ويو، دڪاندار ٻڌايو ته هي ڪامريڊ سنگتين کي اجرڪ ان ڪري اوڍائيندو آھي ته سندس انهن وٽ سڃاڻپ ٿئي ۽ کيس اڀري سڀري نوڪري ملي. هي پنجون سال آھي مون کان اجرڪ کڻندو پيو اچي، مون ۽ دوست اسان هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏٺو، مون کي هڪ ڦلڙي وارپ اجرڪ ڏاڍي وڻي ويو. خريد ڪري دوست کي ڪلهي تي پاتم، اڇو جوڙو پاتل هئڻ ڪري دوست کي اجرڪ ڏاڍو سٺو پئي لڳو، دڪاندار کي ڪپڙن جا پئسا ڏئي ٻاهر نڪري آياسين.
غلام علي گل ٻجورو/ سجاول
ڳوٺن ۾ تعليمي لاڙا پيدا ڪرڻ گهرجن!
ھيءَ 21 صدي آهي جيڪا ترقيءَ جو ھر ڏاڪو چڙھي چڪي آھي ۽ اڃان به سفر تمام تيزيءَ سان جاري آھي ته اسان کي ان تيديلي ۾ پاڻ کي ضم ڪرڻ گھرجي، پنھنجي سوچ تبديل ڪرڻ گھرجي. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڳوٺاڻون نظام تمام گھڻو آھي شھرن کان، ھاڻي ڪافي ڳوٺ شھر جي شڪل ته اختيار ڪري رھيا آھن پر انھن جي سوچ ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آھي. تعليم کي اھي اڪثر وقت جو زيان سمجھندا آھن ته اسان پنھنجا ٻار ڇا پڙھائي ڪنداسين؟ ۽ اھي پنھنجا ٻار ڌنڌن جي پويان لڳائيندا آھن يا ته سعودي يا دبئي ۾ ڪمائڻ جي لاءِ کين موڪليندا آھن. توھان ڏسو ڳوٺن ۾ ھر گھر مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ يا ٻه فرد ته ضرور ملڪ کان ٻاھر ڪمائڻ جي لاءِ نڪتل ھوندا. سنڌ ۾ ڳوٺاڻن جا اڪثر ماڻھو ٻاھرين ملڪن ۾ ڪمائڻ جي لاءِ نڪتل آھن، ڇو ته ھنن کي تعليم ڪو نه ٿي ملي، ھنن کي اھو ماحول ئي ڪو نه ٿو ڏنو وڃي، ھنن کي پنھنجي حقن جي به خبر ڪونھي ڪا، ھنن کي ته اھا به خبر ڪونھي ڪا ته پارليامينٽ ۾ ٿيندو ڇا آھي؟ خدارا! پنھنجن ٻچڙن کي پڙهايو، انھن کي تعليم ڏيو، جي توھان جي ڳوٺ ۾ تعليمي نظام سٺو ناھي ته پنھنجي تڪ تي بيٺل اميدوارن کي سوال ڪريو ته اسڪولن ۾ تعليم ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ پاڻ ۾ سوال پڇڻ جي سگھ پيدا ڪريو. صرف روڊ رستا ۽ ناليون انھن کان ناھن گھرڻان، انھن کان اسڪول تعمير ڪرايو، ڪاليج ٺاھرايو. پاڻ کي ان قابل ڪيو ته وڏيرو ھجي يا آفيسر ان سان اَک اَک ۾ ملائي ان کان سوال ڪرڻ گھرجن، اسان کي پنھنجي سوچ تبديل ڪرڻ گھرجي، پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ.
عبدالصمد ميمڻ/ لاڙڪاڻو
انقلاب ڇا آهي؟
انقلاب ڪنهن به سماج يا نظام ۾ بنيادي ۽ اڪثر وڏي تبديلي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، عام طور تي، انقلاب ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد طرفان آندو ويو آهي، جيڪي تبديلي پسند سڌارن يا موجوده حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهيندا آهن. انقلاب مختلف سببن جي ڪري اچي يا برپا ٿي سگھن ٿا، جهڙوڪ سياسي، سماجي، معاشي يا ثقافتي شڪايتون. تاريخ جي دور ۾ انقلابن قومن ۽ سماجن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن نئين حڪومتن جي قيام، ناانصافين جي خاتمي ۽ انساني حقن جي ترقيءَ جو سبب بڻيا آهن. ڪجهه مشهور انقلابن ۾ آمريڪي انقلاب، فرانسيسي انقلاب ۽ روسي انقلاب شامل آهن. انقلابي تحريڪن جا مثبت ۽ ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جا نتيجا اڪثر پيچيده ۽ گهڻ رخي هوندا آهن. اهو ضروري آهي ته انقلابن جي مقصدن، سببن ۽ نتيجن جو مطالعو ۽ سمجهڻ ضروري آهي ته جيئن انهن جي اهميت ۽ اثرن تي هڪ جامع نقطه نظر حاصل ڪري سگهجي.
مھراڻ دايو/ڳڙھي خيرو
پ پ پ قيادت جي سياسي حڪمت عملي!
(حصو پهريون)
پيپلز پارٽي جي چيئرمين عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي، چونڊ واري معاملي تي بلاول ۽ آصف علي زرداري جا ڌار ڌار موقف به اچي ويا، آصف علي زرداري چوي ٿو ته هن وقت سياست نه معيشت بچايو، چونڊون تڪ بندين بعد ڪرايون وڃن. هوڏانهن بلاول ٿو چوي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ گهرجن، سياسي ڳالھ زرداري نه پارٽي جي مڃيندو آھيان. آصف علي زرداري وڌيڪ چوي ٿو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن تي اعتماد آھي! بلاول ڀٽو چوي ٿو ته چونڊن بابت آصف علي زرداري جي بيان جو پابند ناهيان! پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ فيصلو ٿيو هو ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ کپن، اها ئي آئين جي گهرج آھي، موجوده سياسي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت جو ٻٽو موقف پڻ سامهون آيو آھي، جنهن ۾ پاڻ پارٽي اڳواڻن کان ويندي اهم فيصلا ڪندڙ پيپلز پارٽي فيڪٽر کي ڄڻ ته منجهائي وڌو آھي. اهڙي ٻٽي موقف ته اليڪشن 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن آئين جي گهرج آھي ۽ ٻئي پاسي آصف علي زرداري جو چوڻ آھي ته اسان جو اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن تي مڪمل اعتماد آھي ۽ عام اليڪشن ڀل تڪبندين بعد ٿئي ۽ سياست بعد پهريان معيشت! پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت جي مختلف بيانن جتي پارٽي ۾ بحث سوري وڌو آھي، اتي مختلف حلقا پڻ ان موقف تي حيران ۽ پريشان پڻ آھن ته بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي پارٽي پاليسين موجب موقف ۾ ايڏو وڏو اختلاف ڇو آيو آھي! سياسي ۽ صحافتي ۽ عوامي حلقا ان موقف جي مختلف رخن تي بحث ڪري رهيا آھن پر سياسي نفسيات تي تيز نظر رکندڙ حلقن جو خيال آھي ته پيپلزپارٽي قيادت وٽ ڪو به هڪ ٻئي سان سياسي پاليسي تي اختلاف ڪونهي ڇو ته هو گذريل 15 سالن کان اقتداري ڪاريڊور ۾ گڏ هوندي هڪ ئي پارٽي ۽ سياسي پاليسي جا پيروڪار رهيا آھن ۽ ان پاليسي جو پاليسي ميڪر مفاهمتي سياست جو بي تاج بادشاهه آصف علي زرداري پڻ رهيو آھي، جيڪڏهن پارٽي ۾ خورشيد شاهه، پير مظھرالحق، نادر مگسي، لاڙڪاڻي جي عباسي خاندان کان ويندي پنجاب مان سردار لطيف کوسي، اعتزاز حسين ٿورو به اختلاف ڪيو ته انهن کي اقتداري ڪاريڊور ۽ پارٽي پاليسي وارن سياسي فيصلن کان ڪوهين ڏور رکندي کين شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا. ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال خراب ٿيڻ جا ذميوار گذريل 15 سالن جا سياسي اڳواڻ پڻ آھن، جن کي اقتدار واري واري سان ظاهري طور جهموري طريقي سان ملندو آيو ۽ هو انهن 15 سالن جا ظاهري طور به ته اندروني طور ذميوار آھن پوءِ ڀلي مڃين يا نه مڃين! (جاري)
رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي
مال هڙپ ڪيون رمندا رهيا!
تعليم کاتي جي سار سنڀال ڪرپٽ ماڻهن جي حال تي ڇڏڻ سبب اسڪولن جي مرمت لاءِ ايندڙ ڪروڙين رپين جي بجيٽ ٺيڪدارن، انجنيئرز ۽ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي ڪلارڪن جي ملي ڀڳت سبب ڪرپشن جي ور چڙهي وئي، جنهن سبب تباھ حال اسڪولن جي حال جهڙو جو تھڙو رهجي ويو، سرڪاري کاتن ۾ ڪلارڪن ۽ ٺيڪدارن کان ڪارنامن جي صحيح نموني جاچ ۽ پڇاڻو نه ڪرڻ سبب هرسال اسڪولن جي مرمتن لاءِ آيل ٽينڊر ٿيل رقم ٺيڪدار ڪميشن عيوض ڪلارڪن ۽ انجينئرن سان ملي ڀڳت ڪري ايڊوانس پيمنٽ ۾ ڪڍرائي هڙپ ڪري ويا ۽ ڪم ڪار کي لکت ۾ مڪمل ڄاڻائي ڇڏين، بالا آفيسرن جي وزٽ نه ڪرڻ ۽ سار سنڀال نه لهڻ سبب ٻه ٻه ٽينڊر ٿيل اسڪول به وري تعمير نه ٿي سگهيا، جڏهن ته ڪرپٽ ٺيڪدار ۽ ڪلارڪ تعليم کاتي جي خزاني کي ڪروڙين رپين جي چَتي هڻڻ باوجود ادارن ۽ مالڪن بالا آفيسرن کي تمام گهڻو مطمئن ۽ خوش ڪندا آيا، اھڙو حال سنڌ جي وسيلن سان مالا مال پيپلز پارٽي جو ڳڙھ ضلعي خيروپورميرس جي ڳوٺ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خير محمد ڪٽوهر سان ٿيو، جنهن جي ٺيڪيدار چار سالن کان ڪم اڌ ۾ ڇڏي رولڙي جو شڪار بڻائي ڇڏيو، جنهن سبب پڙهندڙ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيل آهي، دانهن ڪُوڪن باوجود تعليم کاتي ۽ حڪمرانن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ اهي ويندا رهيا، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر هجڻ سبب والدين ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خير محمد ڪٽوهر ۾ 300 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي رهيون آھن، هن اسڪول جي عمارت جو نئين سر تعمير ورلڊ بنئڪ جي سهڪار سان 2016ع ۾ منظور ٿيو ۽ SERP پراجيڪٽ جي زير نگرانيءَ ۾ ڪم شروع ٿيو، جنهن جو 75 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو، چئن سالن کان ٺيڪيدار ڪم بند ڪري غائب ٿي هن وقت تائين گم آهي، اسڪول جي اڻپوري عمارت، جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ جنهن ۾ نه واشرومز، نه بجلي، نه ڪلاس رومز ۾ در نه دريون، نه پورو فرنيچر ۽ نه ئي مين گيٽ آھي، ڳوٺاڻن، والدين، شاگردن، شاگردياڻين ۽ اسڪول جي استادن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، اڳوڻي تعليم جي وزير، اڳوڻي سيڪريٽري تعليم، سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪندي پر نگران حڪومت کان زور مطالبو ڪيو آهي ته خدارا اسان جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خير محمد ڪٽوهر جو 5 سالن کان بند پيل تعميراتي ڪم بابت ٺيڪيدار ۽ واسطيدار عملدار (اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، بنا دير اسڪول جو رهيل تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. اسان اوهان کان ٻيو ڪجهه به نٿا گهرون فقط ٻارن لاءِ معياري تعليمي سهولتون جيڪو هڪ شهري جي حيثيت ۾ اسان جو حق آھي اسان جي ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي.
محمد بخش ڪٽوھر/ خيرپو