هوا ڄائي فاطمه مهينو پڄاڻان انصاف جي اوسيڙي ۾!
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ملڪي صورتحال تي نظر ڊوڙائبي ته گذريل وقت ۾ ڪيتريون ئي هوا ڄايون انهن وحشي صفت جانورن جي ور چڙهي تذليل جو نشانو بڻجي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺيون آهن پر هڪ روح کي ڪانڊاريندڙ سانحون راڻيپور ويجهو ڪنهن روحاني پيشوا گادي جي حويلي ۾ هڪ وحشي صفت بگڙ اسد شاهه جي عياش سوچن جي ور چڙهيل 10 سالا فاطمه ڦرڙو جي حويلي ۾ عزت لٽي کيس ماريو ويو ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر ۽ حد جي ايس ايڇ اپ کي ڏوڪڙ ڏئي معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائي ڪيس ۾ ماٺار آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ جڏهن فاطمه جو خون انصاف لاءِ روڊن تي آيو تڏهن سنڌ جي شعور مزاحمت ڪئي ۽ ڊي آءِ جي ۽ اتان جي نوجوان ايس ايس پي پاران تحرڪ وٺڻ تي راڻيپور جي حويلي ۾ ڏار پئجڻ شروع ٿيا، سندن نوٽيس وٺڻ کان پوءِ اهو وحشي شاهه ڊاڪٽر ۽ ايس ايڇ او کي لاڪپ ڪيو ويو، قومپرستن، سياسي، سماجي شخصيتن سميت پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ مير ذوالفقار جونيئر تڏي تي پهتو ۽ سندن غريب والدين کي آٿت ۽ سنڌ جو شعور ڏسي متاثرين والدين کي تسلي ٿي وئي ته هاڻ انصاف ضرور پلئه پوندو، ايس ايس پي پاران فاطمه جي قبر ڪشائي ڪرائي وئي ۽ جُزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا ۽ حويلي ۾ موجود تمام مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي ۽ ٻه جوابدار اسد شاهه ۽ امتياز ميراثي هن وقت تائين گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ جوابدار حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي گرفتارين لاءِ مختلف جاين تي ڇاپن جو عمل شروع هو پر ڪالهوڪي وفاقي حڪومتي فيصلي آفيسرن جي مقرررين ۽ بدلين کان پوءِ سنڌ جي شعور ۾ مايوسي ڇانيل آهي، ايس ايس پي راڻيپور ۽ ڊي آءِ جي جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ هاڻي شايد جوابدر ڌر ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مختلف اٽڪلون استعمال ڪندي ۽ هڪ ڀيرو وري فاطمه جي متاثر والدين ۾ مايوسي ڪر کڻندي. آخر ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير، وزيراعظم، هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي جج، چيف جسٽس آف پاڪستان، گهرو کاتي جي نگران وزير، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سٿ، عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي پرزور اپيل آهي ته شهيد فاطمه جي قتل ڪيس ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزائون ڏنيو وڃن ۽ سموري سنڌ کان هٽي حد ۾ ٿيل بدلي کي روڪي اتان جي ايس ايس پي، روحل کوسو ۽ ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي کي واپس اماڻي فاطمه جي علائقي ۾ واپس مقرر ڪيا وڃن ۽ فاطمه جي ڪيس تائين محدود ڪري کين انصاف مهيا ڪيو وڃي جيئن فاطمه جي والدين ۽ مايوس عوام مان مايوسي ختم ٿي سگهي.
عبدالغني “عبد” آريسر/ ڍورونارو
پ پ پ سوشل ميڊيا تي مهم کان پريشان!
سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ان تاثر کي گهڻي هوا ملي رهي آهي ته ڇا ايندڙ ڏينهن جن ۾ احتساب جو عمل شروع هوندو ۽ پ پ پ اڳواڻ خلاف ڪيس بڻجندا، ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا جي حد کان وڌيڪ ۽ ٻين پليٽ فارمن تان اهي خبرون گردش ڪنديون رهيون آهن ته وڏي پيماني تي گرفتارين لاءِ اسٽاپ لسٽ بڻائي وئي آهي جنهن اسٽاپ لسٽ ۾ ڪيترائي اهڙا سياسي اڳواڻن جا نالا شامل آهن جيڪي سنڌ ڪابينا جو حصو رهيا، مرڪزي قيادت کان سواءِ پ پ جي سيڪنڊ لائين ليڊرشپ ۽ عام ڪارڪنن جي سطح تي نگران حڪومت اچڻ بعد کين مٿان مايوسي ۽ ڊپ جي فضا اها رهي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي، پ پ هن وقت سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم کان گهڻي پريشان آهي، پ پ گذريل 15 سالن کان لاڳيتو سنڌ ۾ اقتدار ۾ رهي ۽ ڀرپور ۽ مڪمل حڪومتي مزا ماڻيا، پ پ اڳواڻ ۽ سندن گڏيل ماڻهو جيڪي هڪ اندازي موجب ٻڏتر ۾ آهن ته ڇا واقعي سنڌ ۾ پ پ خلاف ڪي ڪارروائيون شروع ٿيون آهن، تنهن ڪري انتظامي سطح تي حڪمت عملي کان سواءِ پ پ پنهنجي سنڌ جي عهديدارن کي اها هدايت ڪئي آهي ته اهي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڪارڪنن جي جنرل ورڪرز جو انقعاد ڪن، ڪارڪنن کي پارٽي سرگرمين لاءَ متحرڪ ڪن، تان جو عوامي سطح تي ان تاثر کي مضبوط ڪري سگهجي ته پ پ بنا ڪنهن روڪ جي پارٽي جون سموريون سرگرميون جاري رکيو پئي اچي ۽ ڪنهن دٻاءَ جو شڪار ناهي، ورڪر ۽ ڪارڪن سياسي پارٽي جي سڃاڻپ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پارٽي لاءِ خاص ڪري پارٽي ورڪ ۽ سرگرميون جاري رکڻ سان گڏ پنهنجي پارٽي جو آواز بڻجي عوام ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ رڌل رهندا آهن. پارٽي خاطر هر قسم جي قرباني ڏيڻ تائين تيار رهندا آهن، جڏهن ته پارٽي اقتدار ۾ اچي حڪومت ٺاهي اقتدار جا مزا ماڻيندي آهي ته خاص ڪري پنهنجي سرگرم ڪارڪنن جي سار به لهندي آهي، جن جا پنهنجي حڪومت ۾ پنهنجي ڪنٽرول واري سرڪاري مشينري اندر چوڻ موجب فائدا رسائڻ واسطي ڪم ڪاريون ڪندي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻن ڪارڪنن کي وقت تي نظر انداز به ڪيو ويندو آهي کين ڪو فائدو نه ملندو آهي ۽ اهي دل شڪته ٿي پارٽي کان پاسيرا ٿيندا آهن هن وقت پ پ پنهنجي خلاف هر قسم جي پروپگنڊا جي تدارڪ لاءِ سنڌ ۾ رابطه مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جلسن، اجلاسن ۽ ڪنوينشن ۾ عوام کي تاثر ڏنو ويندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، ايندڙ اليڪشن بابت عام اليڪشن ڪڏهن ٿيندي پر پ پ هاڻي کان ئي صوبائي مرڪزي سطح تي پنهنجون تياريون شروع ڪيون آهن، جن لاءِ فريال ٽالپر اميدوارن جي اليڪشن کان وٺي اليڪشن مئنيجمينٽ ۽ ترڪن جي سياسي صورتحال تي صلاحُن ڪري رهي آهي، سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ 15 آڪٽوبر تائين جنرل ورڪر اجلاس مڪمل ڪري تنظيمي عهديدارن جي چونڊ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن بعد بلاول ڀٽو سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياسي چونڊ مهم شروع ڪندو ۽ مختلف ضلعن جا دورا ڪندو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
امام حسين عليه سلام ۽ جانثارن جون لازوال قربانيون!
امام حسين عليه سلام ۽ ان جي وفادار ساٿين ۽ انصارن جي شھادت کان پوءِ سندن ساٿين ۽ ويجھا ھڪ ٻئي پٺيان ويڙھ جي ميدان ۾ اچي شھيد ٿيا، منھنجي ويجھو بني ھاشم مان سڀ کان پھرين جنھن شھادت جو شرف ماڻيو سي عبدالله ابن مسلم ابن عقيل ھئا، پاڻ حضرت علي عليه سلام جي نياڻيءَ رقيه بنت صھبا بنت عباد بن ربيعه بن يحييٰ بن عبدبن علقميه ثعلبيه جا فرزند ھئا، پاڻ ميدان ۾ آيا ۽ اھڙو دليري وارو حملو ڪيائون جو بدڪارن جا حوصلا ٽٽي پيا، پاڻ ٽي حملا ڪيائو ۽ 90 دشمنن کي دوزخ حوالي ڪيائون، جنگ دوران عمر بن صبيح اهڙو تير هنيائون جو سندن پيشاني ۾ اھڙي طرح پيھي ويو جو وري ڌار نه ٿيو، پوءِ ھن ٻيو تير ھنيو پاڻ جيڪو شھزادي جي دل تي لڳو ۽ پاڻ زمين تي آيا (نورالمعين ترجمو ابصار الحسن صفعو 76) کين مٽي ۽ رت ۾ ٻڏل ڏسي سندن ڀاءُ محمد قاسم بن مسلم اڳتي وڌيا ۽ انھن به وڏي ويڙھ ڪئي، نيٺ ابو جرھم ارزدي ۽ لقيط ۽ ابن اياس جھمي کين شھيد ڪيو (بحار الانوار جلد 10 صفحو 302) کانئن پوءِ جعفر بن عقيل ابن طالب عه ميدان ۾ آيا، پاڻ 15 زبردست دشمنن کي موت جي ور چاڙهيائون نيٺ کين بشر بن خوط شھيد ڪيو (ڪشف الغمه صفحو 82) ان کان پوءِ جناب عبدالرحمان ابن عقيل ميدان ۾ آيا زبردست جنگ ڪيائون ۽ کين دشمنن گھيري ورتو، نيٺ عثمان بن خالد معلون جي سخت ڌڪ سان جنت ڏانهن ھليا ويا، ان کان پوءِ عبدالله اڪبر بن عقيل ميدان ۾ آيا ۽ وڏي ڪوس کان پوءِ موسيٰ بن عقيل ميدان ورتو ۽ 70 بدڪارن کي قتل ڪري شھيد ٿيا، ان کان پوءِ عون بن عقيل علي بن عقيل شھادت جي درجي تي فائز ٿيا، امام عه ڪربلا جي شهيدن ۽ جنت جي جوان جا سردار ھئا، پنھنجو سڀ ڪجهه لٽائي دين اسلام خاطر ميدان ڪربلا ۾ لازوال قربانيون ڏنيون، جيڪا 1445 ھجري تائين واقعه ڪربلا کي محب آل محمد تاريخ تائين حسين عليه سلام جي ساٿين جي قرباني ۽ ياحسين ياحسين جون صدائون دنيا گونجي رهيو آهن.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
جيڪو جتي آھي اھو اتي ڪم کي کنيو ويٺو آھي!
ھو ھڪ سرڪاري ملازم ھو، اڄ صبح سبزي وٺي گھر وڃي رھيو ھو، رستي ۾ بيٺل ھڪ ٻئي سبزي واري کان اگھه پڇندي کيس احساس ٿيو ته پاڻ ڦرائي آيو آهي. کيس سبزي ٻيڻي اگھ تي ملي آهي، خير گھر پھچي ھن سبزي جي شاپر کولي ڏٺي ته اڌ کان به وڌيڪ سبزي سڙيل ھئي، ھمراھ سخت ڪاوڙ مان تيار ٿي آفيس پھتو، اتي ھڪ ٺيڪيدار پنھنجو ڪو بل صحيح ڪرائڻ لاءِ موجود ھو، ھو سبزي واري جي حرڪت جي ڪري ڪاوڙيل ھو، ٺيڪيدار کي چيائين تنھنجو بل صحيح نٿو ٿي سگهي، ٺيڪيدار رشوت جي آڇ ڪيس، تنھن مھل آفيسر سوچڻ لڳو ته سبزي وارو ٻه نمبري ڪري سگهي ٿو ته آئون ڇو نٿو ڪري سگھان! ھن رشوت ورتي ۽ بل صحيح ڪري ڇڏيو، ٺيڪيدار رشوت ڏئي پنھنجي آفيس پھتو، پنھنجي ھڪ ڪلائينٽ کي فون ڪري چيائين سيمينٽ لوھ گھٽ آھي، وڌيڪ پئسن جي ضرورت آھي، جيتوڻيڪ سيمينٽ، لوھ، پھريان ئي ڪافي مقدار ۾ موجود ھو. سندس ڪلائنٽ جيڪو پاڻ ھڪ ڊاڪٽر ھو جيڪو سمجھي ويو ته ٺيڪيدار ٻه نمبري پيو ڪري پر ھو ڇا ٿي ڪري سگھيو، وٽس ايترو وقت نه ھو جو ھو ڪلينڪ به ھلائي ۽ ٺيڪيدار جي ڪنسٽرڪشن ڪم جي نگراني به ڪري. ان ڪري ھن پئسه موڪلي ڇڏيا، ايتري ۾ سندس ڪلينڪ تي ھڪ مريض آيو، جنھن کي رڳو کنگھ جي شڪايت ھئي، ڊاڪٽر کيس ڊرپ چاڙهائي مختلف ٽيسٽون لکي مريض کي ھدايت ڪئي ته مخصوص ليب تان ٽيسٽون ڪرائي جلد پھچو. ويچارو مريض ٻين کوڙ مريضن جيان ھزارين رپين جون ٽيسٽون ڪرائي ھڪ سيرپ جي شيشي کڻي گھر پھتو. گھر ويندي ويندي ھو ڊاڪٽر کي پٽون پاراتا ڏيندي ويو. گھر جي گھٽي ڏانھن ويندي ويندي خود ڪلامي ڪندي چوندو پي ويو ته ڊاڪٽر مال ٺاھڻ لاءِ ھيتريون ٽيسٽون لکي ڏنيون، سندس گھر جي ھيٺ ھڪ سندس دڪان ھو جيڪو ڪرائي تي چڙھيل ھو گھر وڃڻ کان پھريان ھو دڪان وٽ بيٺو، دڪاندار کي چيائين ايندڙ مھيني کان ڪرايو وڌي ويندئي، مھانگائي جو وڌي وئي آهي، دڪاندار اھو ئي سبزي وارو ھو، دنيا گول آھي، بابا سماج ۾ سڌارو چاھيو ٿا ته پھريان پاڻ به سڌرو، معاشرو پاڻھي ٺيڪ ٿي ويندو.
الھڏنو راھمون/ سجاول
سائين شوڪت علي شاهه جو وڇوڙو!
فقيري طبعيت جو مالڪ درگاهه طالب شاهه خانپور جو سجادھ نشين سائين شوڪت علي شاھ بخاري بادشاھ اصل شڪارپور ضلعي جي خانپور جو رهواسي هو پر سندس اڪثر ٺڪاڻو اسان جو شهر راڌڻ ۽ نصيرآباد جي ڀرسان حسن آباد ڳوٺ هو، جتي هن جي معتقدن جو وڏو انگ موجود آهي، هن واپڊا جي نوڪري ڇڏي سڄي عمر پنجن ٻارهن جي محبت ۾ گذاري ۽ مختلف ڳوٺن توڙي شهرن ۾ اڌ درجن کن امام بارگاهون ٺھرايون، جن جي سار سنڀال ۽ خرچ پکو به سندس ئي ذمي هو، انهن امام بارگاهن ۾ مختلف ڏينهن مقرر ڪري ڪڏھن مجلس عزا ته ڪڏھن ڪو ٻيو فقراهي سٽاءُ منعقد ڪندو هو، فقراهن جو هڪ وڏو حلقو کيس سان وابسطا هو، قبلا سائين جن سان منهنجي ملاقات تڏھن ٿي، جڏھن قبلا جن راڌڻ جي نادر علي قبرستان ڀرسان ريلوي لائين لڳ لکن رپين ۾ زمين خريد ڪري هڪ عاليشان امام بارگاھ جو بنياد وڌو قبلا سائين شوڪت شاھ بخاري سڄي حياتي شادي نه ڪئي پوري زندگي پنجن ٻارهن جي محبت ۽ انهن جي فڪر ۽ پيغام کي ڦھلائڻ ۾ گذاري، سندن جنازي نماز سندن تعمير ڪرايل امام بارگاهه ۾ رات دير سان ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سندن سوين مريدن ۽ عقيدتمندن سميت وائيس چيئرمين راڌڻ ٽائون ۽ ٻيا شامل ھئا، جسد خاڪي کڄڻ وقت وڏي تعداد ۾ سندس مريد عورتون ۽ مرد زارو زار روئي رھيا ھئا. نماز بعد سائين قبلا جن کي سندس پاران راڌڻ ۾ ٺھرايل امام بارگاھ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
عبدالستار ميراڻي/راڌڻ، دادو
جنم اشٽمي ۽ سناتن ڌرم ۾ ھڪ اوتار جو جنم ڏڻ!
(حصو چوٿون ۽ آخري)
ڳوٺ جي گھٽين ۾ جڏھن گذرڻ ٿئي ٿو، سانوڻي ٽيج جا گيت ٻُڌجن ٿا، جيڏين ۾ ڳالھيون عام ھُجن ٿيون، جنم اشٽمي (ڪانوڙو) ھيل ڪاڪل جي گھر ٺاھبو، ڀرتار ضرور موٽي ايندو، ڪٿي وري ونين ۾ ڀُڻڪو به ٿئي ٿو ته ور وري ئي نٿو ڪانوڙو ڪيئن ڪيان. ڪنھن ڪنوار جي ھٿن جي مھيندي رنگ ڇڏي ڏيندي آھي، وصل جي گھڙي ڏُھاڳ ڏيندي آھي، انھن لاءِ سانوڻي ٽيج، جنم اشٽمي ۽ گڻيش چوٿ جھڙا ڏينھن ڏھاڙا ڪا ئي معنيٰ نٿا رکن ته ڪٿي ڪنوارا وجود ستابي گھرن جي ورن جي چونڊ لاءِ باسون باسيندا آھن. روئڻ ٽانڊو ٿيندي آھي، نخشتر واءُ چڙھندا آھن، آدر ۾ مينھن جي اميد ڪبي آھي، اُتر ڏسا ۾ ڪاري گھٽا ڪر کڻندي آھي، ڀڄنگ نانگ ڀڄي وڃي ٿو، کنوڻ جا تجلا جھڪا ٿين ٿا ۽ اکيون اُڀ ۾ رھجيو وڃن ٿيون. ڪڏھن ٻڪراڙ کنوڻ ڪارونجھر تي ڪاھي پوي ٿي، پٿر پٿر ڌوپجي وڃي ٿو، گھرٽياري ۽ ڀٽياڻي ڀرجي وھن ٿيون، تڏھن سياح وري ٿر لتاڙن ٿا، ڪيميرائن ۾ ڪيئي چوريون ٿين ٿيون، ٿر جي حسن سان ھٿ چراند ٿئي ٿي. تڏھن وري من آپگھات ڪري ٿو، اندر ئي اندر ۾ آھ زاري ٿئي ٿي، پوڙھا ۽ پڪا افسوس ڪن ٿا، سوچيندي چون ٿا وٺو ته ويرين ڪاھ ڇو ڪئي آھي، ٻارڙن جي ھٿن کي ٽنگڻ ڪيئن سيکاريو، اھي لڄ نه مرن اسان کي ئي مارين ۽ ھي حقيقي پورھيو ۾ لالچ وجھن ٿا. تڏھن حياتي ڄڻ بار لڳي ٿي، سانوڻي جا گيت به راس نٿا اچن، زندگي اوڇي گار لڳي ٿي، وسڪاري کان پھرين وکري وڃون ٿا، حياتي تي ھزارين لعنتون اچن ٿيون، تڏھن من منھنجو ويڪل لڳي ٿو، وري زندگي تي آڱر کڻان ٿو ۽ ايئن ماٺ ٿي گھڻيرو مايوس ٿيان ٿو.
انيل ڪمار مڪواڻا/ ڪنري
مائي جندوءَ جي تاريخي جدوجهد!
(حصو ٻيون)
3 جون 1992ع تي ڄامشورو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ملوڪ چنڙ ھڪ ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ ان جڙتو مقابلي جا ھٿرادو تفصيل بيان ڪندي چيو ويو ته ھي مقابلو ڄامشورو ويجھو ٿيو. اسان جا ايس ايس پيز معصوم ماڻھن کي ماري ۽ انھن کي دھشتگرديءَ جو الزام ھڻي پنھنجو پروموشن ڪرائن ٿا. اصل ۾ اھو واقعو ھوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ٽنڊي بھاول ۾ ٿيو ھو. ان واقعي جي ايف آءِ آر جون 8، 1992ع تي ڀرڳري رئيس جي عام مختيار دريا خان عرف خميسي ڀرڳڙي داخل ڪرائي. جنھن ۾ اصل واقعي جا تفصيل ڄاڻايل ھئا. ٽنڊي بھاول واقعي کان پوءِ اصل حقيقت معلوم ٿيڻ بعد، 12 جون 1992ع [GHQ] مان ھڪ پڌرائي جاري ٿي، جنھن ۾ ھن واقعي بابت فوج طرفان معافي گھري وئي. ان ڳالھ جو اڳ ۾ واقعي ڪو مثال نٿو ملي. پڌرائي ۾ اعتراف ڪيو ويو ته ٽنڊي بهاول واري واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهو نه دھشتگرد ھئا ۽ نه ڌاڙيل، بلڪه معصوم ڳوٺاڻا ھئا. ان رات ڳوٺاڻا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ماڻهن جي وچ ۾ ڪو مقابلو نه ٿيو ھو، نه وري ڪي ھٿيار ھٿ آيا ھئا. اھا سڄي ڪارروائي فوج بطور اداري جي نه پر ھڪ فرد طرفان ڪنھن ماڻھو جي مدد ڪرڻ لاءِ ھڪ قدم ھو. ان لاءِ ضروري جاچ ڪئي وئي. قانون موجب ذميوار ماڻهن کي سزا ڏني ويندي. 6 آڪٽوبر 1996ع ٽنڊي بھاول واري مشهور ڪيس ۾ سزا آيل ڪئپٽن ارشد جميل کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاسي تي چاڙهيو ويو. ھي ھئي مائي جندو جنھن جي ھمت کي سلام آهي، جنھن ان فوجي دور ۾ پنھنجي پٽن جي خون سان انصاف خاطر جاکوڙ ڪئي، جنھن دور ۾ عام ماڻھو انصاف جو تصور ئي نه پي ڪري سگھيو پر هن مائيءَ ان دور جي جابر قوتن سان مھاڏو اٽڪائي پنھنجن ڪونڌرن جي رت سان انصاف ڪيو. مائي جندو کي مارائڻ جون سوين ڌمڪيون به ڏنيون ويو ۽ پئسن جي لالچ به ڏني وئي پر ھن سڀ ڪجھ ٿڏي چيو ته مان ان ڏينهن مري وئي ھئس جنھن ڏانھن مون پنھنجن جگر جي ٽڪرن جا لاش ڏٺا، ھاڻ ته مان خون سان انصاف تائين ساھي ڪو نه پٽيندس. سنڌ جي مظلوم عوام تي ھميشه طاقتور قوتن ظلم ڪري سنڌ جي لوئي کي نيلام ڪيو آ، اڄ به سنڌ جي پيڙھيل طبقن ۽ مسڪين ماڻهن تي ظالم حڪمران طبقو حاوي آھي. جي مائي جندو ھمت نه ڪري ھا ته فوج توڙي پوليس انھن وڏيرن جي ونگار وھي وڃي ھا. مائي جندو جي جدوجهد ڏسي سنڌ جي عوام به کيس ساٿ ڏنو جڏھن فوجي طاقتون جندو کان پڄي نه سگهيون تڏھن معافي جا خط به لکيا پر مائي جندو چيو ته مان قاتل کي ڦاسي گھاٽ تي ڏسڻ ٿي چاھيان. جي اسان اڄ به مائي جندو جيان ھمت ڪريون رت جي آخري ڦري تائين جدوجھد ڪندا رھون ته ظلم جو کڙتيل نڪري پوي.
عابد لغاري/سانگھڙ
سياسي ميدان ۾ غلطيون ڪندڙ پارٽيون!
(حصو ٻيون)
۽ حيرت جي ڳالھ اها هئي ته سينيٽ اليڪشن وقت مخالف ڌر اڪثريت ۾ هئي ۽ حڪومتي ڌر اقليت ۾ هئي پر سگهارين ڌرين جي چالاڪين سان وڏي اڪثريت رکندڙ ڌر هارائي وئي ۽ تمام ننڍي اقليت حڪومتي ڌر سينيٽ چيئرمين پنهنجي مرضي جو چونڊرائي وئي ۽ بعد ۾ پ پ کي پڇتاءُ ٿيو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻئي پارٽيون پراڻا اختلاف وساري هڪ پيج تي گڏ آهن، ڪجھ ڏينهن پهرين پيپلز پارٽي جي سربراهي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ ن ليگ سميت مخالف ڌر جي 11 پارٽين جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪئي هئي. ان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سڀني پارٽين عمران سرڪار خلاف تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ڪيو هو
۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس نالي هڪ اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ باقائدي اهو اتحاد ٺهيو جنهن جو سربراھ به مولانا فضل الرحمان کي مقرر ڪيو ويو هو. هڪ ڀيرو ٻيهير پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ عمراني سرڪار خلاف بيهي ۽ کيس اقتدار تان هٽائي دم پٽين. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي عمراني سرڪار کي گهر موڪلڻ سميت ڪيترائي اهم مطالبا کڻي احتجاج لاءِ نڪتي هئي، پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز شريف لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ زبردست ۽ سخت تقرير ڪئي ۽ نواز شريف ان ئي تقرير ۾ واضع ڪيو ته اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر ان کي آڻيندڙن سان آهي. ن ليگ پيپلز پارٽي کان وڌيڪ سخت موقف سان اڳتي وڌنديد رهي ۽ هاڻ سندن حڪومتي مدو پورو ٿيڻ بعد في الحال ته بظاهر ته نواز ليگ سان گڏ هلي رهي آهي. نواز ليگ جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي محتاط انداز سان کيڏي رهي آهي. مخالف ڌر جي ان اتحاد ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ اهي قوتون سرگرم رهيون جن هميشه سياستدانن کي ويڙهائڻ ۾ وڏي مهارت رکي آهي. تڏهن خواجه آصف، آصف علي زرداري بابت ۽ چيو هو ته کيس زرداريءَ تي اڃا به اعتبار ناهي. اهڙي ڳالھ نواز شريف ٻڌي ۽ خواجه آصف کي ڇنڊ پٽي ۽ نيٺ خواجه آصف زرداري صاحب کان معافي ورتي. هاڻ ٻنهي پارٽين پاران لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ سياسي سرگرميون جاري آهن ۽ ڪٽ جوڙ جو عمل به جاري آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ ڪهڙي پارٽي کٽيندي اهو معاملو ايندڙ اليڪشن کان پوءِ واضح ٿيندو، آهستي آهستي ٻئي پارٽيون پنهنجي سياسي پِچ تي اچي رهيون آهن ۽ هڪ ٻئي خلاف آهستي آهستي سرٻاٽن ۾ مخالف به شروع ٿي چڪي آهي، هلندڙ نگران حڪومت هاڻ ڪڏهن ته چونڊون ڪرائي ۽ انهن چونڊن جو فاتح ڪير ٿيندو اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ٻنهي اتحادي پارٽين جو اٺ ڪهڙي طرف ٿو ويهي.
محمد حنيف خاصخيلي/ نندو