ٽپالي!

 

(حصو چوٿون)

 

ڇوڪري جون اکيون ته ڏسوس… پرويز وتايو لڳو پيو هو. اهو ٻڌڻ کان پوءِ وڌيڪ مايوس ۽ شرم مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. مايون اڃا وڌيڪ ڳالهيون ڪن صالح پرويز کي چيو هل ته آئون وڃان پيو ڪم سانگي ويندي ويندي توکي چانھ پياريندو وڃان. اتي ئي رحيمان چيو صالح ڀلا تون ان ڀر واري ڳوٺ ۾ ويندو آهين، پرويز تنهنجو سٺو دوست آهي پنهنجي دوست لاءِ ان درگاهه جي مٽي ۽ ڌاڳو ته وٺي اچجان من منهنجو ٻچو ٺيڪ ٿي وڃي. رستي ۾ پرويز صالح کان سوال ڪرڻ لڳو آئون ڏاڍو ٿڪل پيو محسوس ڪيان مٿي سميت سڄي جسم ۾ سور ۽ ڪمزوري پئي محسوس ٿيئم. ڇا چاچي خيران جي ڳالھ سچي آهي. صالح پرويز کي چيو تون بلڪل ٺيڪ آهين، جن وغيره ناهن هوندا. پاڻ هن آچر تي ڪنهن ڊاڪٽر ڏي هلنداسين. پرويز صالح کان عمر ۾ ننڍو هو پر ٻئي سٺا دوست هئا ۽ پرويز کي صالح تي يقين پڻ هو. صالح جي چوڌاري ٿيندڙ بي تڪين ڳالهين ۽ پريشانين صالح کي وڌيڪ پريشان ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، صالح انهن سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سوچڻ لڳو، سوچيندي سوچيندي هن کي پنهنجي ٽپالي نوڪري جي اهميت جي خبر پئي ڇو نه هن نوڪري ذريعي ئي هن سماج کي هن گگهه اوندهه مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي. صالح خط لکڻ شروع ڪيا پهريون خط ان عورت ڏانهن لکيائين جنهن بادشاهه پير ڏانهن خط لکرايو هو. “منهنجي امڙ! تون سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿي، تنهنجو عقيدو صرف ان ڪري آهي جو تون بيوس آهين، تنهنجي وس ۾ ڪجھ به ناهي، تون هن مرداڻي سماج جي انهن سڀن عورتن جيان ڊنل آهين، هي دعا، هي عقيدو ۽ دعا قبول ڪرائڻ لاءِ وسيلو. تون سمجهين ٿي ته آئون تنهنجو وسيلو ٿيندس بنان تنهنجي يا تنهنجي مڙس جي ڪوششن جي تنهنجي ڪک ڀرجي ويندي اهو ممڪن ناهي، وسيلو بلڪل هوندو آهي ۽ آهي، تنهنجي حالت ۾ تنهنجو وسيلو آئون ناهيان، تنهنجو وسيلو ڊاڪٽر آهي ۽ آئون ايترو به ڄاڻان ٿو ته شايد توکي ڊاڪٽر جي ضرورت نه هجي پر تنهنجي مڙس کي ڊاڪٽر جي ضرورت هجي، پر هن جي ذهن ۾ مرد آهي مرداڻي انا آهي جيڪا تون به ڄاڻين ٿي ته هو نه ويندو. تون ڇو نه ٿي همت ڪري شهر ڪنهن ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻي سان ملين ۽ ان کي پنهنجو ۽ پنهنجي مڙس جو حال احوال ڏين، ڊاڪٽر جي حال احوال کان پوءِ هو جيڪا توکي دوا يا ڏس ڏين اهي پنهنجي مڙس لاءِ مڙس کان لڪي ان کي ڏي سڀ ٺيڪ ٿيندو، بس يقين رک پنهنجي پاڻ تي.” وڃي اهو خط ان عورت کي پڙهي ٻڌايائين، ان عورت چيو مون کي خبر آهي ته تون ڇا ڪري رهيو آهين، مون پنهنجي مڙس کي منٿون ڪيون آهن ته صرف هڪ ڀيرو هلي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون پر هو چوي ٿو مون کي ضرورت ناهي تون وڃ، صالح چيو خط ۾ جيڪي صلاح ڏنل آهي تون ايئن ڪري ته ڏس، ان عورت هائوڪار ڪئي.(جاري)

 

سئم سنڌي/ڪراچي

 

رشتن جي اھميت کي اجاگر ڪندڙ ڏڻ!

 

(حصو ٻيون ۽ آخري)

 

ڇو ته هن راکي جي خوشبو جو ذائقو چکڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، محبت جو هي پاڪ ۽ دامن رشتو ايترو ته مضبوط ۽ اٽوٽ هوندو آھي ڄڻ سنڌو درياهه جون من موھيندڙ ڇوليون جيئن درياهه کان ڌار ٿي نٿيون سگهن ايئن ئي هي ناپاڪ به ٿي نٿو سگهي. هي هڪ نم جي وڻ ھيٺ ھڪ ٿدڙي ڇانءَ آھي ايئن ئي موتين سان ڀريل مالا به آھي. هي رشتو مور پکي جيان هڪ پاڪ رشتو آھي. هن رشتي کي وڻ جي ڪنهن ٻُور جي خوشبوءَ جو ناتي جيان سمجهيو ويندو آھي. هن رشتي جي مهڪ ته گلاب جي گلن جيان هوندي آھي. رڪشا بندن جي ڏينهن جو مزو ڪجھ الڳ ئي هوندو آھي، هرڪو ڀاءُ پيو چاهيندو آھي ته ڀيڻ جي گهر وڃان، کيس راکي ٻڌي اچان، ڀيڻ جي هٿن جي ٺاهيل ماني کائي اچان، ان جي دل مان اها دعا نڪري ته ڀاءُ شل سکيو ۽ ستابو رهي ۽ ڀيڻ ان انتظار ۾ هوندي آھي ته ڪڏھن ٿو منهنجو ڀاءُ اچي ته ان کي راکي جي واس ڏيان ۽ اها ڀيڻ ڀاءُ کي چوڏينھن جي چنڊ کان گهٽ ناهي سمجهندي، هي ماکي کان به مٺڙو هوندو آھي. هي محبتن ڀريو نيڪ رشتو هڪ انمول تحفو آھي. راکي ايتري پيار ۽ محبت سان خريد ڪيل هوندي آھي جو ان کي ڪنهن ندي جي پاڪ پاڻي سان نه پر راکيءَ جي مالا سان ايئن ڳنڊيون ويندو آهي ڄڻ ڪنول جو گل جو ديدار ٿيو هجي. اڄوڪي ڏينهن تي سمورا هندو ڀائر رڪشا بندن جو ڏينهن ملائي پنهنجي ڀينرن کان راکي ٻڌرائي اهو وچن ڪندا آهن ته اسين جتي به هجون اوهان جي رڪشا ڪنداسين، هن سماج ۾ نياڻي چاهي هندو هجي چاهي مسلم هجي، وڏيرڪي سياست اقتداري درين جا پاليل ڏاڍا مڙس وڏيرا ۽ ڀوتار ڇتي ڪتي جيان غريب مظلوم هاري پورهيت جي نياڻي جي جسم کي چچريندا آھن ۽ اهڙا واقعا هزارن جي تعداد ۾ ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا اچن ۽ جي هنن نانگن ۽ ڀوتارن کان بچڻون اٿوَ ته اڄ هن رڪشا بندن جي ڏينهن وچن ڪيو ته هر نياڻي چاهي مسلم هجي يا هندو ڪنھن به مذھب جي ھجي جنهن تي ظلم ٿيندو هجي اهو وچن ڪيون ته اسين ان نياڻيءَ جي لاءِ تحفظ جي ديوار بڻجي وڏيرن جي اکين ۾ مرچ وجهنداسين ۽ نياڻين جي رڪشا ڪنداسين.

 

انيل ڪمار مڪواڻا/ڪنري

 

سيڪريٽريءَ جو ڊرائيور 33 مارڪن تي استاد ٿي ويو!

 

جتي 50 پلس اميدوار ان اميد تي ويٺا ته انھن کي آرڊر ملندا ته اوچتو سيڪريٽري حڪم نامو جاري ڪيو ته پراسيس روڪيو، اليڪشن ويجھو آ، جڏھن اليڪشن ڪميشن اھڙو ڪو به حڪمنامو نه ڏنو ته ھلندڙ ڀرتين کي روڪيو ڪيترن ئي اميدوارن کي ته آفر به پڻ ملي ويا ھئا ان باوجود سيڪريٽري سياسي ونگار وھندي پراسيس کي روڪي ڇڏيو ڇو ته انھن جا پنھنجا ماڻھو 33 مارڪن ٿي آرڊر کڻي چڪا آھن، جيڪي ڊيوٽي ڪن پيا ۽ ذريعن موجب سندس جا مالھي ڊرائيور سڀ 33 مارڪن تي استاد ٿي ويا آھن، باقي رھيا 50 پلس وارا ۽ 40 پلس وارا، سيڪريٽري ڊي اوز جي سست رفتاري خلاف ته ڪجھ ڪون ڪري سگھيو آهي باقي پنھنجي نااھلي لڪائڻ لاءِ پراسيس کي ئي بند ڪري ڇڏيو  اٿس سيڪريٽري تعليم جيڪو پاڻ کي اديب به سڏرائي ٿو پر ھن جا ڪجھ ڪم ھن ڳالھ جي نشاندي ڪن ٿا ته ھي پاڻ ڪي نه اديب نه آھن ھي پئسن عيوض ٻين کان بڪ لکرائي پنھنجو نالو ڏئي ٿو، ذريعن جي دعويٰ آھي ڇو ته تعليم يافتا ماڻھو ئي ڄاڻي ٿو ته پڙھيل لکيل نوجوانن کي ڪيئن ٽريٽ ڪجي، ڪجھ ڏينھن پھريان پڻ ھڪ ناليوار صحافي پڻ اڪبر لغاري ۽ سرادر شاھ جي اصليت سامھو رکي ھئي، جيڪي ڳالھيون پڻ حقيقت تي ٻڌل لڳيون. اسان اميد ٿا ڪريون سيڪريٽري تعليم کي ته اصل حقيقتون قوم جي آڏو رکندو ۽ ھن پراسيس بند ڪرڻ جو جيڪو نقصان ٿيو آھي ان جو آزالو ڪندو نه ته اميدوار پنھنجو حق وٺڻ ڄاڻين ٿا.

 

ساجد علي/ شهيد بينظير آباد

 

درگاهه هاليجي شريف جي گادي نشين جي رحلت!

 

پنو عاقل تعلقو ضلعي سکر جو وڏو تعلقو آهي، جتي ملڪ جي ٻيون نمبر وڏي ڇاوڻي پڻ آهي، ان جي ڀرسان هاليجي شريف ۾ سائين هاليجوي جن جي درگاهه پڻ آهي جيڪا درگاهه هن وقت تائين ڪيترائي عالم، مولانا ۽ مولوي پيدا ڪري چڪي آهي، درگاهه سان وابسته گهڻا ئي مدرسا هن وقت به ديني توڙي دنيوي طالبن ۽ شاگردن ۾ تعليم ڏيڻ واسطي سرگرم ۽ ڪوشان آهن، هن وقت ڳالهه ڪجي ٿي هاليجي شريف جي گادي نشين نيڪ بزرگ شخصيت سائين حماد الله هاليجوي جي 1962 ۾ رحلت بعد سندن نيڪ سيرت فرزند مولانا اسدالله هاليجوي گادي نشين بڻيا ۽ پنهنجي گادي بدولت ديوبند مڪتب فڪر ديني علم حوالي سان ۽ جمعيت علماءِ اسلام ۾ پنهنجون گهڻيون ۽ نه وسرندڙ خدمتون انجام ڏنيون جنهن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي، هن وقت ڳالهه اها آهي ته ڪالهه درگاهه هاليجي شريف جو گادي نشين سائين عبدالصمد هاليجوي ڊگھي علالت بعد وفات ڪري ويا، جن جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن درگاهه شريف پهچي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا جن ۾ راشد محمود سومرو. سراج امروٽي، عبدالعزيز ٻير شريف وارا، ميان درگاهه بائيجي شريف، ثريچاڻي شريف ۽ ٻيا مريد ۽ عقيدت مند شريڪ ٿيا، ڳالهه ڪجي ٿي گادي نشين سائين عبدالصمد صاحب جي ته پاڻ نهايت ساده لوح نيڪ ۽ روحاني شخصيت جا مالڪ هئا، جن جا ڪيترائي مريد هئا ۽ آهن جن وٽان گهڻو ئي عبادت الاهي ذڪر خداوندي ۽ وضيفن ذريعي ڪيترن ئي ظاهر توڙي پوشيده ماڻهن وٽ فيض پهتو ۽ اهي فيضياب ٿي خوش و خرم زندگي گذرين ٿا، جنهن ڳالهه ۾ شڪ ناهي. هاليجي شريف جي گادي نشين جو وقت گهڻو درگاهه تي ايندڙ ماڻهن مريدن ۽ عقيدت مندن لاءَ نيڪ خواهشن، تمنائن، اصلاح ۽ دعائن لاءِ گذرندو هو پاڻ فرقيواريت، تعصب، خلاف انسانيت توڙي تعصب اقليت کان پاسي رهڻ جو درگاهه تي ماڻهن کي حڪم سادر ڪندا ها ۽ سڀني لاءِ دعائن جا هٿ کڻي پنهنجي پاران امن، آتشي، سلامتي، ڀائيچاري وارو سبق ڏيڻ جو پيغام ڏيندا هئا پاڻ با شريعيت طريقت جا پابند موحد ۽ حقيقي معبود ۽ ان جي رسول نبي ڪريم صه سان محبت ۽ سنت رسول صه موجب زندگي گذارڻ جو سبق ڏيندا رهيا جيڪا ڳالهه نيڪ ۽ بزرگ شخصيت لاءِ سڃاڻ رهندي آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل

 

سنڌ ۾ قتلام ڪڏھن بند ٿيندو؟

 

سنڌ ۾ افراتفري رتوڇاڻ، معصوم نياڻين عورتن جا قتل ۽ ذاتي دشمنيون، قبيلائي جھيڙا عروج تي پهتل آھن، ھڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل هوندو آھي، هڪ ڏينهن اڳ جيئن ڪاليج جو ملازم گل بيگ ۽ شاھزيب شيخ کي ڪاليج جي گيٽ جي ٻاھران ظالمن قتل ڪري فرار ٿي ويا. شاھزيب جيڪو يارھين ڪلاس جو ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏسي رھيو ھو، جنھن کي ظالمن قتل ڪري انھن جا خواب ئي ختم ڪري ڇڏيا. سنڌ ۾ ڪيترائي اھڙا ناحق خون ٿي رھيا آھن، پوليس يا انصاف ڏيندڙ ادارا قانوني ۽ آئيني سخت سزا ظالمن کي ان ئي وقت ڏين ته اھڙا سنگين ڏوھ ۽ بي گناھ ماڻھو مرڻ کان بچي سگھن ٿا. جاهن انسان ذاتي دشمنيون اڄ جي جديد دور ۾ نڀائي رھيا آھن، ھيءَ جھالت نه آھي ته ٻيو ڇا آھي؟ سنڌ ۾ ڏوھن ۾ روزانون اضافو ٿيندو پيو ٿو وڃي. ملڪ ۾ آئيني طور قانون به آھي پر انصاف نه آھي، ملڪ جي آئين ۾ واضح طور لکيل آھي ته عوام جي مال ملڪيت جان جو تحفظ حڪومت جو آھي پر ادارا ڪمزور به آھن ۽ مڪمل طور  آزاد به نه آھن، اھي ادارا سياسي رحم وڪرم تي ھلي رھيا آھن، جڏھن اھي سڀ ادارا آزاد ٿي ڪم ڪندا تڏھن ئي ملڪ ۾ عوام سک جو ساھ کڻندا ۽ آزادي سان واپار، نوڪري ۽ ڌنڌو ڪري سگھندا. گل بيگ ھڪ مخلص ۽ ڪاليج جو چوڪيدار ھو. ڪم جو سچو ۽ ايماندار ھو ۽ سندس ڀائٽيو شاھزيب يارھين ڪلاس جو شاگرد ريگيولر ۽ ھوشيار شاگرد ھو پر وقت جي ظالمن ان کي نه سٺو. ھاڻي سوال اھو آھي ته تعليمي ادارا به محفوظ نه آھن، اتي به ظلم بربريت آھي، حڪومت کي گھرجي ته سپريئير سائنس ڪاليج خيرپورميرس ھزارين ٻارڙن جي داخلا آھي ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن گڏجي ان ظلم خلاف ھڙتال ڪئي. اتي پوليس جا 3 ھلڪار مقرر ڪيا وڃن، اھڙن وڏن وڏن ادارن ۾ پوليس جا اهلڪار ڏنا وڃن، بي گناھ گل بيگ ۽ شاھزيب جي قاتلن کي پڪڙي انھن کي قانونن سخت سزا ڏني وڃي، ناحق ٿيل خونن سان انصاف ڪيو وڃي .

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

تاريخ جو هڪ ورق، نمڪ حلاليءَ جو انعام!

 

ڪنهن زماني ۾ درهم بن نصر سبستان جو امير هو، سندس دورِ حڪومت ۾ عمرو ليث ڪجھه دوستن سان گڏجي ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو تيار ڪيو هو ۽ هُو مختلف هنڌن تي چوريون ڪندا هئا ۽ ڌاڙا به هڻندا هئا پر انهن ڌاڙيلن جو اهو اصول هوندو هو ته هُو گھر جو سمورو سامان ڪونه کڻي ويندا هئا فقط ضرورت آهر سامان کڻي ويندا هئا. هڪ رات هنن درهم بن نصر جي خزاني ۾ کاٽُ هنيو، سڄو مال ٻاهر ڪڍي رکيائون، ليث جو پيرُ ڪنهن صاف ۽ شفاف شيءِ تي پئجي ويو، هُن سمجھيو ته ڪو قيمتي پٿر آهي، اونداهي هئي، هُن اها شيءِ کڻي چکي ڏٺي ته معلوم ٿيس ته لوڻ آهي. لوُڻ چکڻ کان پوءِ هُن پنهنجي ساٿين کي چيو ته: “هلو، هتان ڪا به شيءَ ڪانه کڻڻي آهي، سڀ ڪجھه هِتي رکي ڇڏيو.” ٻئي ڏينهن درهم بن نصر کي جڏهن ساري حقيقت معلوم ٿي ته اعلان ڪيائين ته: “جن چورن منهنجي خزاني ۾ کاٽُ هنيو آهي، سي مون وٽ اچن، کين ڪجھه به نه چيو ويندو، کين امانَ ڏني ويندي.” اهو ٻڌي ليث، درهم بن نصر جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، درهم بن نصر کانئس پڇيو ته: “تون منهنجو خزانو ڇو نه کنيو، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟” ليث جواب ڏنو ته اتي لوڻ پيو هو، مون اتفاق سان اهو چکيو، تنهن ڪري مون اهو مناسب نه سمجھيو ته اتان ڪجھه کڻي وڃان، ڇو ته مون اوهان جو نمڪ کاڌو هو، تنهن ڪري مون نمڪ حلال ڪئي.” اهو ٻڌي درهم بن نصر کيس پنهنجو خاص ملازم بڻايو، هو ترقي ڪندي هڪ ڏينهن فوج جو سپهه سالار بڻجي ويو. ڏسو ته نمڪ حلالي انسان کي ڪيترو نه فائدو ٿي پهچائي.

 

مترجم: نواز علي شوق/ڪراچي