تاريخ جو هڪ ورق، هڪ ڪاتبِ قرآن جي ڳالهه!
هڪ شخص ڪتابت جي فن جو ماهر هو، پر هن جي عادت هوندي هئي ته اصل مسودي ۾ پنهنجي پاران ڪجھه نه ڪجھه گھٽ وڌاءُ ڪندو رهندو هو، هڪ شخص کيس چيو ته: “تنهنجا اکر سهڻا آهن، ڪتابت جي فن جو ماهر آهين، مون کي سهڻن اکرن ۾ قرآن پاڪ لکي ڏي.” هن هائوڪار ڪئي، ان شخص چيس ته: “تنهنجي عادت آهي ته لکڻ مهل پنهنجي پاران ڪجھه هيراڦيري ڪندو آهين، هي الله جو پاڪ ڪتاب آهي، هن جو خاص خيال رکجانءِ.” ڪاتب جواب ڏنو ته: “ توهان دلجاءِ ڪيو، مسلمان آهيان، ڪلام الله ۾ گھٽ وڌاءُ هرگز نه ڪندس.” ڪجھه عرصي کان پوءِ ڪاتب قرآن لکي اُن شخص کي وڃي ڏنو، هُن قرآن پاڪ اکين تي رکيو ۽ کيس طئي ٿيل اُجورو ڏنائين، هُو جڏهن موڪلائڻ لڳو ته هُن چيس ته: “قرآن پاڪ ۾ ڪو گھٽ وڌاءُ ته نه ڪيو اٿئي؟” ڪاتب جواب ڏنو ته: “ نه، صرف ايترو ڪيو اٿم ته جتي جتي ابليس ۽ شيطان مردود جا لفظ ٿي آيا سي مون قرآن پاڪ ۾ نامناسب سمجھي اتي توهان جي والد صاحب جو نالو لکي ڇڏيو آهي. (تاريخ جو هڪ ٻيو ورق، خيالي پلاءَ جي سزا) هڪ ڀيري حجاج بن يوسف هڪ کير وڪڻڻ واري جي گھر ڀرسان گذري رهيو هو، ڏٺائين ته کير وارو پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو، هو اتي بيهي سندس گفتگو ٻڌڻ لڳو، کير وارو پنهنجي آڏو کير جو ٿانءُ رکي چئي رهيو هو ته: “مان هي کير مهانگو وڪڻندس، پوءِ انهن پئسن مان واپار ڪندس، واپار جي ذريعي مان شاهوڪار ٿي ويندس، پوءِ حجاج جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ کانئس سڱ گھرندس. پوءِ حجاج جي ڌيءُ سان شادي ڪندس، پوءِ ٻار ٿيندا، پوءِ گھر واري مون سان جھيڙو ڪندي ته پوءِ اُن کي هينئن لَت وهائي ڪڍندس.” ايئن ڪندي هن جو لت هلائي ته کير جو مَٽُ ڀڄي پيو ۽ سندس سمورو کير هارجي ويو. حجاج سڄو لقاءُ ڏسي رهيو هو، هن دروازو کڙڪايو، کير واري دروازو کوليو ته حجاج اندر گھڙڻ شرط ئي کيس ڦٽڪڻ سان مارڻ شروع ڪيو. کير واري کي ڏاڍي مار ڏيڻ کان پوءِ کيس چيائين ته: “نڀاڳا، جيڪڏهن تون منهنجي ڌيءُ کي ماريندين ته مان به توکي ايئن ڦٽڪن سان ماريندس.” حجاج بن يوسف وڏو ظالم هو، هڪ ڏينهن هُن عراق جي هڪ بزرگ کي پاڻ وٽ گھرايو، چيائينس ته: “درويش! مون لاءِ خير جي دعا ڪر.” درويش هڪدم هٿ کڻي هيءَ دُعا گھري: “اي الله هن کي مارِ” حجاج حيران ٿي کيس چيو ته: “هيءَ وري ڪهڙي دعا ٿو ڪرين؟” درويش چيو ته: “اهائي خير جي دعا آهي، تو لاءِ به ته ٻين لاءِ به!” حجاج چيو ته: “اهو وري ڪيئن؟” درويش چيو ته: “تون وڌيڪ ظلم ڪرڻ کان بچي ويندين ۽ ٻيا تنهنجي ظلم کان بچي ويندا.”
مترجم: نواز علي شوق/ڪراچي
ٽپالي!
(حصو ٽيون)
“آئون پڙهي لکي ناهيان، آئون جيئن چوندي وڃانءِ تيئن ئي تون لکندو وڃ، لک” “منهنجا بادشاهه پير دستگير” ڪهڙو بادشاهه پير عبدالقادر جيلاني؟ صالح پڇيو؟ “ها ها، تون لک بس!” “منهنجا بادشاهه پير دستگير! آئون هر هفتي تنهنجي نالي تي ديڳڙو چاڙهيندي آهيان ۽ باسون باسيندي آهيان، منهنجو مڙس ٻارن لاءِ پينگهو به وٺي آيو آهي ۽ آئون ان کي خالي ئي لوڏيندي آهيان، ڇا توکي هي سڀ ڪجھ نظر نٿو اچي؟ ڀلو ٿيو جو هي ٽپالي ملي ويو، اڄ سڌو تو ڏانهن پيغام موڪلائي رهي آهيان. منهنجي شادي کي ڇھ، ست سال ٿي ويا آهن، پر منهنجي ڪک خالي آهي، ان ڪري منهنجي سس سان گڏ هن سڄي سماج منهنجو رت سڪائي ڇڏيو آهي، طرح طرح جون ٿا ڳالهيون ڪن ۽ منهنجو جيءُ ڏينهون ڏينهن سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي، منهنجي مڙس جي دلچپسپي به گهٽ ٿيندي پئي ڏسان! او بادشاهه پير دستگير، سڻ منهنجا سڏڙا، ڪي ڏي مون کي پٽڙا” صالح به لکندو ويو، بنا اڳتي سوال ڪرڻ جي، صالح ان عورت جي ڏکن کي مڪمل سمجهي رهيو هو. خط کڻي لفافن ۾ رکيائين. شماع وارو خط به واپس پاڻ وٽ گهر کنيو ويو. اها رات صالح آسمان هيٺان پنهنجا هٿ هٿ ۾ بند ڪري سِر هيٺان رکي کٽ تي چنڊ ۽ تارن کي گهوري گهوري سوچ ۾ جاڳندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته هن عورت جي پيڙاءُ، ڏک ۽ مٿان هن جي ڏنل خط جي ذميداري، ڇا ڀلا بادشاهه پير آهي ڇا؟ جو ان کي وڃي خط پهچايان، جي ناهي ته پوءِ ڇو امان به هر مهيني جي يارنهين تي بادشاهه پير جو ديڳڙو ٺاهي ورهائيندي آهي؟ ۽ هي مون وٽ پيل شماع لاءِ خط ان عورت کي ڪيئن اهو خط پهچايان! ڇا ڀلا آئون اهو خط کولي پڙهان؟ نه نه، اهو صحيح ناهي. صبح وري چڪر لڳائيندس. صبح اٿي اڃا تيار مس ٿيو هو، سندس پاڙي واري گهر مان چاچي رحميان رڙيون ڪري رهي هئي، او صديق او محمد، هيڏانهن اچو… پرويز کي وري ساڳيو جهٽڪو آيو آهي، صالح به تڪڙو تڪڙو وڃي چاچي رحيمان جي گهر پهتو، ڏسي ته پرويز جون اکيون کليون پيون آهن، حواس اڏي چڪا اٿس، وات به ڦريو پيو اٿس، رڙين تي ٻيون به پاڙي جون مايون اچي گڏ ٿيون ۽ رحيمان جا پار ٻڌڻ لڳيون. انهن مان هڪ عورت چيو ته تنهنجي ڇوڪري ۾ غيبات جو اثر آهي، بچو جي ڌيءُ سان به اهڙي ئي حالت هئي، انهن ڀر واري سائين رکيل شاهه جي درگاهه تان ڌاڳو ڦيڻو ڪرايو هو، هاڻ ڇوڪري مڪمل تيار آهي. سائين رکيل شاهه جنن لاءِ هڪ ٽڪ آهي، اصل جن هن کان ڊڄن ۽ ڀڄن ٿا، اتي ٻي عورت وچ ۾ چيو واقعي ۾ به سائين وڏو پهتل پير آهي، منهنجي ننهن کي رڳو ڇوڪريون ٿينديون هيون، اتي وڃي باس باسي آئي هئس، هينئر ٻه ڇوڪرا اٿس ۽ وري پيٽ سان آهي. رحيمان پرويز جي پيرن ۾ ۽ صالح هٿن ۾ تريون مهٽڻ لڳا. ڪجھ دير کان پوءِ پرويز سولو ٿيو، سڀن کي ڏسي پريشان ٿي ويو، پرويز جي سامهون خيران چوڻ لڳي ڇوڪري ۾ واقعي جن آهي.(جاري)
سئم سنڌي/ڪراچي
ڳوٺ پريو جمالي جو گرلس پرائمري اسڪول کوليو!
پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ، نياڻين جي تعليم ضروري آهي، ڪاڇي ۾ نياڻين جي تعليم جي کوٽ آهي، ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، انهن بند پيل اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ تعليم کاتي پاران تازو آءِ بي اي پاس ليڊي ٽيچر مقرر ڪيون ويون آهن، انهن مان ڪيتريون ئي بااثر ۽ تعليم دشمن فيملي سان تعلق رکن ٿيون، جيڪي پگهارون کڻڻ باوجود ڊيوٽي تان غائب آهن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيون آهن، پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ توڙي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل گرلس اسڪول جي بحالي ۽ وڏيرين کي اسڪولن ۾ ڊيوٽي تي پابند ڪرڻ لاءِ سڀني تعليم دوست نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي جيئن ڳوٺ پريو جمالي وارا ڪري رهيا آهن. ڳوٺ پريو جمالي ۾ نياڻين جي اسڪول ۾ ٽن ماسترياڻين جي مقرري باوجود اسڪول کي تالو لڳل آهي، ڳوٺاڻا پنهنجو اسڪول فعال بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ جي نياڻين جي اسڪول ۾ مقرري ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ ماسترياڻين کي وائکو ڪيو ويو آهي ۽ سندن گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، آفيسرن تحرڪ ورتو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ٽي او في ميل ڳوٺ پهچي بند پيل اسڪول جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺاڻن کان تفصيل ورتا آهن، ٻين ڳوٺن جا نوجوان به پنهنجي ڳوٺ جي بند پيل اسڪول غير حاضر رهندڙ ماستر خلاف بنا ڪنهن خوف جي آواز اٿارين ڇو ته ڊيوٽي چور ۽ گوسڙو ماستر تعليم دشمن ۽ سنڌ دشمن آهن، انهن سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه ۽ رعايت نه ڪرڻ گهرجي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
رشتن جي اھميت کي اجاگر ڪندڙ ڏڻ!
(حصو پهريون)
دنيا جو سڀ مذھب انسانيت، پيار ۽ محبت جو درس ڏين ٿا انهن جون ريتون رسمون پيار ۽ محبت جي عڪاسي ڪن ٿيون پر ماڻھو انهن پيار محبتن سان ڀريل ريتن رسمن کي غلط رنگ ڏئي نفرتون ۽ انتشار ڦهلائين ٿا، هندو ڌرم طرفان ملهايو ويندڙ رڪشا بندن جو ڏڻ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي پيار ۽ محبت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، هن نفرتن ڀريل معاشري ۾ جتي نياڻين جي کلڻ ۽ روئڻ تي پابندي هجي، گهمڻ ڦرڻ تي پابندي هجي، جتي نياڻين کي ڪاري ڪري جيئري ماريو وڃي، اھڙي معاشري ۾ هندو ڌرم طرفان ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي محبت جو ڏڻ ملهائڻ ڀيڻ جي هر حال ۾ حفاظت ڪرڻ جو وچن مذھبي ڏڻ سان گڏوگڏ هن معاشري لاءِ هڪ وڏي اهميت ڀريو پيغام آھي، محبت ڪرڻ هڪ فطري عمل آھي پوءِ اها محبت ماءُ سان به ٿي سگهي ٿي ته محبوب سان به ٿي سگهي ٿي، ٻچن سان به ٿي سگهي ٿي، ڌرتي سان به ٿي سگهي ٿي پر جيتري سچي محبت ڀاءُ ڀيڻ جي هوندي آهي شايد ٻين رشتن ۾ ايترو ميٺاڄ يا پيار نه هجي، دنيا ۾ رڪشا بندن جو ڏھاڙو صرف راکي ٻڌڻ جو ڏهاڙو ناهي هوندو پر هڪ پويتر رشتي جو مان ۽ محبت جي احترام سان گڏ نفرتن ۽ انتشار کي مات ڏيڻ جي سڃاڻپ طور به ملهايو ويندو آھي. هي ڏھاڙو ان لاءِ به ملهائڻ ضروري آھي ته رشتا صرف نالن تائين محدود ناهن رهندا پر انهن جي سڃاڻپ، انهن جو مان، انهن جي مرتبي جو احساس به ڏياريو ويندو آھي. اهو انتهائي ضروري آھي ته زنده انسان رشتن جي اهميت کان واقف نه هجي ته ان کي پرکڻ ۽ نڀائڻ جي لاءِ اصل رشتا ۽ انهن جا ڏينهن ملهايا ويندا آھن، ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو هڪ عظيم ۽ پاڪ رشتو تصور ڪيو ويندو آھي، سنتن ڌرم ۾ هن رشتي جي اهميت ڪجھ هن طريقي سان به ڪئي ويندي آھي ته جيڪا ڀيڻ ڀاءُ کي ساڄي هٿ ۾ راکي ٻڌائيندي آھي اهو هٿ صرف ان جي نه پر هر ان ڀيڻ جي سنڀال ۽ حفاظت جو وچن جو ڌاڳو هوندو آھي، اها ڏور هوندي آھي، اها سڃاڻپ هوندي آھي. اهو احساس هوندو آھي جنهن جو قرض ڀاءُ کي ان جي حفاظت جي بدلي ۾ لاهڻو هوندو آھي، پوءِ اها ڀيڻ لازمي ناهي سڳي ڀيڻ هجي ڀاءُ کي اهو احساس ڏياريو ويندو آھي ته جنهن حب ۽ محبت سان هي ٻڌي رهيو آھين ان جو مان به رکجان. (جاري)
انيل ڪمار مڪواڻا/ڪنري
عراق ۾ اربعين جو پيادل سفر!
دنيا خاص ڪري پاڪستان جي ميڊيا ڀلي “سفر عشق” بابت خبرون نه ڏي پر سفرِ عشق پنهنجي خصوصي اھميت، بيمثال جذبن، عقيدت، اھلبيت عه سان حب، ڪربلا جي واقعي تي دلي تعزيت، شھيدن جي غم ۾ پنهنجي شرڪت واسطي دنيا جي ڪيترن ملڪن مان لکن جي تعداد ۾ حاضر ٿيڻ، ھاڻ ڪنھن به معتبر ميڊيا جي چينل توڙي مشھور اخبارن کان لڪائڻ باوجود لڪي نٿو سگھي. اظھار جي آزادي جا غير جانبدار ادارا، چينلز، فيس بڪ، سوشل ميڊيا اھا خبر وڊيو فلمن وسيلي ڏيڻ لاءِ مجبور آھن ته عراق جي شھرن ۾ ٿيندڙ دنيا جي ھن عجيب حيران ڪندڙ پرامن واڪ ذريعي احتجاج جون خبرون نشر ڪجن، اھڙي طرح وڊيو بلاگر پنهنجي طرفان به اربعين جي ھن يادگار سفر جون فلمون لوڊ ڪري دنيا کي سڌو سنئون اکين ڏٺا احوال ڏيکاري ۽ ٻڌائي عجيب سفر جي حيران ڪندڙ مھمان نوازي بابت غير جانبداريءَ سان ٻڌائي تبليغ ۾ اضافو ڪرڻ لڳا آھن. اھو مولا عه جو معجزو سمجھيو وڃي ٿو جو غير مذھبن توڙي ٻين فقھن وارا ماڻهو به ،نجف اشرف کان ڪربلا” جا دلي لڳاءَ وارا محبتي منظر پيش ڪري داد ڏين ٿا. اڄ سموري دنيا مان ڪربلا جي شھيدن خاص طور سيدالشھداءِ حضرت امام حسين عه جي ڪامياب انقلاب جي ياد ۾ جنهن دوران امام حسين ۽ سندس تعظيم ڀري ڪٽنب ۽ وفادار ساٿين جي شھادتن ۽ قيد جي صعوبتن جي بدلي ۾ فتح ٿي ۽ ظالم حاڪم يزيد کي شڪست فاش ملڻ ڪري شھادتن جي “چاليھي/اربعين” جي موقعي 20 صفر تي عراق جي شھرن “نجف اشرف کان ڪربلا” تائين 85 ڪلوميٽرن جو سفر پنهنجي مظلوم اھلبيت عليه سلام جي نانءُ ڪندي بزرگن، عورتن، معصوم ٻارڙن جوانن ۽ ڪيترن مريضن جي ساٿ سان رات ڏينهن پنڌ ڪندا “امام حسين عه ۽ غازي عباس عه“ جي حضور ۾ حاضر ٿي سلامي ٿين ٿا. ھي “سفر عشق” دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ مان اھلبيت جي حبدارن جي خلوص ڀري عشق سان عراق طرف جاري آھيم جيڪو ٻڌائي ٿو ته “حسيني قافلي جي قيد بيبين ڪيئن سفر ڪيا!” ان سفر جي ياد وڏي عزم ۽ عقيدت سان پاڪ لڙڪن جي نذرانن سان نوحا پڙھندي مجلسون برپا ڪندي، نمازون ادا ڪندي قافلا نڪري چڪا آھن، ڪيترا ڪربلا ۾ پھچي ويا آھن، ڪيترا مختلف بارڊرن تان جھازن ۾ ته ڪيترا روڊ رستن تان نجف اشرف طرف پھچڻ لاءِ اميدون کڻيو “سفرِ عشق” ۾ وڏا ننڍا علم پاڪ کڻيو نعراءِ حيدري، لبيڪ ياحسين، لبيڪ يا زھرا جي نعرن سان يزيديت مردھ آباد جا نعرا ھڻندا اڳتي وڌي رھيا آھن.
منظور ڪالرو/حيدرآباد
اسڪولن ۾ مڪمل درسي ڪتابن فراهم ڪريو!
اسان وٽ امير طبقي جو اولاد ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اعليٰ ڊگريون ماڻن جو عادي ٿي ويو آهي پر مڊل ۽ لوئر ڪلاس طبقي جي ماڻهن جو اولاد هاڻي سرڪاري اسڪول ۾ پڙھي ڪنهن عهدي تي فائز ٿيڻ جا خواب ئي ڏسي سگهي ٿو! تعليم حاصل ڪري منزل ماڻڻ جون اُميدون سرءُ ۾ ڇني ويل وڻن جي پنن جيان ذرا ذرا ٿي وکري ويون آهن! سنڌ ٽئڪسٽ بڪ بورڊ هن ڀيري اسڪولن کي مڪمل ڪتاب فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. هن سال سموري سنڌ صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي سخت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، جتي 100 ٻارن جي حاضري آهي، اتي 40 سيڪڙو ٻارن کي درسي ڪتاب ڏنا ويا آهن، يعني شاگردن سان ناانصافي ڪري 60 سيڪڙو ڪتاب گهٽ ڏنا ويا آهن، استادن ۽ شاگردن سان اها ويڌن ٿي رهي آهي. ڪتاب گهٽ ملڻ واري ناانصافي جو استادن ۽ شاگردن پاران سوشل ميڊيا تي بار بار شدت سان اظھار ڪيو پيو وڃي. لوَئر ڪلاس جي ماڻهوءَ لاءِ هن دجالي دور ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگھه موجود نه آهي، جيڪو شخص قرض جي گهيري ۾ ورتل ۽ وڪوڙيل آهي اُهو ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت مارڪيٽ مان ٻارن جي لاءِ مهانگا ڪتاب خريد ڪري سگهندو؟ خُدارا! پيٽ جي غذا ته هونئن به مهانگي ڪئي وئي آهي پر غريبن کي درسي ڪتاب ته مفت ۾ ڏيو جيئن ٻار صحيح نموني تعليم پرائي سگهن ۽ اڳتي منزل تائين پهچي سگهن!
سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر
هڪ عالم جو موت پوري جهان جو موت آ!
سنڌ ڌرتيءَ کي مالڪ سائين پنهنجي اڻ کٽ غيبي خزانن مان ڪيتريون ئي انمول شخصيتون عطا ڪيون آهن ان ڪري ئي هيءَ منهنجي سٻاجهڙي سنڌ صوفين، درويشن، عالمن، پيرن، فقيرن، اوليائن، بزرگن جي ڌرتي سڏجندي آهي سنڌ اها ماءُ آهي جنهن ڪيترن ئي بزرگن ۽ عالمن کي جنم ڏنو آهي، اهڙن ئي عظيم انسانن منجهان هڪ عظيم انسان تازو اڱاري جي صبح ڊگهي عرصي جي علالت بعد 81 سالن جي ڄمار ۾ هن دارِ فاني کي الوداع چئي پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي ملندڙ ولي ڪالم شيخ الحديث و تفسير مشهور عالم دين مولانا سائين عبدالصمد هاليجوي صاحب دامت برڪاتهم العاليه جن پڻ هئا، پنهنجي وقت جا مشهور عالم هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي مشهور درگاھ هاليجوي شريف جا گادي نشين پڻ هئا، جڏهن ته علماءِ ڪرام جي سڀ کان وڏي جماعت جمعيت علماءِ اسلام جا 20 سالن کان لاڳيتو بنامقابلي صوبائي صدر پڻ چونڊبا رهيا، سائين عبدالصمد ھاليجوي رحه ھڪ جامع شخصيت ھئا سنڌ جي اھڙي ڪا به ديني سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيم ناھي جنھن ۾ سائين جن جا عقيدتمند نه ھجن؟ سائين جن جي وفات جي خبر پئٽرول کي لڳل باھ جيان چند منٽن ۾ پوري ملڪ ۾ پکڙجي وئي، مدرسن ۾ سوڳ وارو ماحول هو، سائين جن جا مريد جماعت جا ڪارڪن استاد ۽ شاگرد سائين جن جي وفات جي خبر ٻڌڻ سان اکين منجهان ڳوڙها ڳاڙي ويٺا، هزارين ماڻهن سائين جن جي جنازي جي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سکر جي شهر پني عاقل جو رخ ڪيو، 8 وڳي رات جو جنازي نماز پني عاقل لڳ هاليجوي شريف ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين ڪارڪنن، مريدن، عالمن ڪرامن، جماعت جي عهديدارن سميت سياسي، سماجي، صحافي ۽ ڪاروباري طبقي سان واڳيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جا اڳواڻ پڻ تمام موجود هئا، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومري هاليجوي صاحب جي وفات کي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت کان بعد جماعت ۽ سنڌ لاءِ وڏو سانحو قرار ڏيندي چيو ته سائين هاليجوي جي وفات سان اهڙو خال پيدا ٿيو آهي جنهن کي صدين تائين ڀرڻ مشڪل هوندو، حقيقت به ايئن آهي ڇو ته هڪ عالم جو موت پوري عالم جي موت برابر آ، الله رب العزت کان دعا آهي ته سائين جن کي ڪروٽ ڪروٽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
مير شاهجهان کوسو/ خاڻوٺ، ڄامشورو
مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي!
گذريل سال واري برساتن کان وٺي ھن وقت تائين سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ مڇرن جي آزار سبب مليريا جو مرض وڌي رھيو آھي پر سال گذرڻ باوجود به سنڌ جي اڪثر شھرن توڙي ڳوٺن ۾ مڇرمار دوا جو اسپري نه ڪرائڻ سمجھ کان ٻاھر آھي، لاڳاپيل ادارا نه ڄاڻ ڪھڙي غفلت جي ننڍ ستل آھن جو کين سنڌ ۾ مليريا جو وڌندڙ مرض نظر ڪو نه پيو اچي، مڇرن جي آزار سبب ننڍا وڏا، مرد، عورت توڙي جھونن سميت چوپائي مال لاءِ به آزار لڳو پيو آهي، ھھڙي مھانگائي جي دور ۾ عام ماڻھو روزي روٽي جي ڪري يا علاج ڪرائي تنھن ڪري لاڳاپيل ادارن سميت ضلعي چيئرمين خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي عرض ٿو ڪجي ته ڳوٺ حسين آباد سميت سموري يونين ڪائونسل لياري تعلقو ڪوٽڏيجي ۾ جلد کان جلد مڇرمار دوا جو اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن انسان توڙي چوپايو مال سک جو ساھ کڻي سگھن ۽ مليريا جي مرض کان محفوظ رھي سگھن.
محمد رضا خاصخيلي/حسين آباد، ڪوٽڏيجي
هاڻي لفظ “ماڻهپو” به لغت ۾ اوپرو ٿو لڳي!
گل! توکي ڪيئن چوان ته وساري ڇڏيو اٿئي، ياد اٿم ته هڪ ڀيري توکي وسارڻ جي ميار ڏني هئم پوءِ جڏهن تو چيو هو ته سنڌو تون وسري ڪڏهن آھين جو توکي ياد ڪجي، تڏهن کان توتي ڀروسو اڃا وڌيڪ ٿيڻ لڳو هو پر گل ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو مصروف زندگي مان وقت جون ڪجه گهڙيون ڪڍي پنهنجن کي به ياد ڪندو آھي، گل اڃا اهو پڙھي ختم ئي مس ڪيم ته حضرت امام حسين عليه السلام ٻنهي جهانن جي سردار حضرت علي ۽ سانئڻ امان فاطمه جي پاڪ هنج ۾ پليا ۽ نپنا ته مٿان فاطمه ڦرڙو جي هانءُ ڏاريندڙ خبر ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويس. گل وحشين کي فاطمه نالي جي به حيا نه آيو، نياڻي فاطمه واري واقعي کان پوءِ بخار ۾ پئجي رهي آھيان، امان روز کير ۽ پاڻيءَ مان پٽيون پسائي دماغ تي رکي ٿي ته جيئن بخار لهي وڃي پر امان کي اهو ڪير ٻڌائي ته اهو بخار نه پر نياڻي فاطمه جو درد آھي جيڪو منهنجي رڳن ۾ بخار جي صورت ۾ ڊوڙي رهيو آھي ۽ ڄڻ دماغ جون نسون ڦاڙي رهيو آهي گل! ان کان وڌيڪ ٻي ڀلا ڪهڙي قيامت هوندي جو معصوم فاطمه سان جانورن کان به وڌيڪ ڪلور ڪيا وڃن. فاطمه نه رڳو پنهنجي والدين جي پر تنهنجي منهنجي ۽ سماج جي هر ان فرد جي نياڻي هئي جنهن کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏنل آھي. امداد حسيني ڪيڏو نه سچ چيو هو ته هيڏا چھرا هڪڙي دانگي، ڪهڙي چھري تي ملجي، سچ پڇين ته فاطمه ڦرڙو اسان لاءِ سوين سوال ڇڏي وئي آھي ته ڇا ولين جي سرزمين ڀٽائي جي ڀونءِ، سچل، اياز ۽ بخاري جي نگري ۾ به ڇا ايڏا ڪلور ٿيندا آھن جو ست قرآني سمجهي ويندڙ نياڻي سان ايڏي زيادتي ٿي؟ طارق عالم ابڙي لکيو هو ته “جڏهن چوڪيدار چور ۽ دوستين جا دعويدار ڌاڙيل بڻجي ويندا آھن تڏهن هر شيءِ تان ويساهه کڄي ويندو آھي.” سچ پڇين ته رهبرن جي روپ ۾ رهزنن هٿان جيڪي انسانيت جا ليڪا لتاڙيا ويا آھن ان کان پوءِ ھاڻ پاڻ کي اشرف المخلوقات سڏائيندي به شرم ٿو اچي. گل! نياڻي فاطمه جي واقعي کان پوءِ تو طرفان گفٽ ڪيل ڪنهن ڪتاب جون سٽون ذھن تي تري ٿيون اچن. ٿيندو ايئن جو “هڪ نياڻي ڪتاب کڻي اسڪول ويندي آھي ته واٽ تي هڪ همراهه چوندو اٿس هن گهٽي مان خيال سان وڃجان، ڪتو لڪ ڇپ ۾ ماڻھو کي ڏاڙھي ٿو وجهي، ته اها ڇوڪري هلڪي مسڪراهٽ مرڪي اڳتي هلي ويندي آھي اڳتي هن کي هڪ ٻيو ماڻھو ملندو آھي اهو کيس چوندو آھي ته ڦلاڻي گهٽي مان احتياط سان گذر ڪجان ته اها ڇوڪري ڇرڪي پوندي آھي ۽ سوچيندي آھي ته واقعي جانورن کان بچي سگهان ٿي پر انسان جي روپ ۾ ويٺل بگهڙن کان بچڻ ناممڪن آھي. گل هي فاطمه يا ان جي والدين سان واقعو نه پر سماج جي هر ان فرد سان سان ظلم ٿيو آھي ۽ ٿي رهيو آھي جيڪي صرف مذمت ڪرڻ ڄاڻن ٿا پر مزاحمت نه! اسحاق سميجي به سچ لکيو هو ته “لفظ “ماڻھپو” هاڻي الائي ڇو لغت ۾ بار ۽ اوپرو ٿو لڳي” سو گل، حوس جي گهوڙي تي سوار ۽ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان هيٺ ڪيرائيندڙن کي شال حوا جي هر نياڻي سندن نياڻي محسوس ٿئي ۽ حوا جي ڪا به نياڻي ايئن سڪل گلن جيان ڀيلاڙجي ۽ ڪومائجي نه وڃي، فقط: تنهنجي سنڌو!
غلام علي گل ٻجورو/ سجاول