تاريخ جو هڪ ورق، عبدالرحيم
خانِ خانان جي ڏاهپ ۽ سخاوت!
عبدالرحيم خانِ خانان جي سخات ۽ درياهه دليءَ جا ڪيترائي واقعا مشهور آهن، هڪ ڀيري هُو گھوڙي تي سوار ٿي پنهنجي درٻارين سان ڪنهن طرف وڃي رهيو هو ته واٽ تي هڪ مسڪين جي هٿ ۾ هڪ بوتل هئي، هُن خانِ خانان کي ڏسي پنهنجي بوتل ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦُڙو وجھي، اها بوتل خانِ خانان کي ڏيکاري، پوءِ ان مان اهو ڦڙو به هاري ڇڏيائين، خانِ خانان ان شخص کي پنهنجي گھر وٺي آيو، کيس پئسا ڏوڪڙ ڏئي واپس روانون ڪيائين، ماڻهن کائنس پڇيو ته هي معاملو ڇا آهي؟ اسان کي ته ڪجھه سمجھه ۾ ئي نه آيو، خانِ خانان انهن کي چيو ته: “ هُن مسڪين اشاري ۾ چيو ته منهنجي عزت جو هڪ ڦڙو وڃي بچيو آهي، اها به وڃڻ واري آهي. تنهن ڪري ان مسڪين جي مدد ڪئي ته جيئن سندس عزت آبرو محفوظ رهي.” (تاريخ جو ٻيون ورق، زيب النساءِ “مخفي” جي حاضر جوابي!) حاضر جوابي به هڪ فن آهي، اها ڏات هزارن مان ڪنهن هڪ کي حاصل هوندي آهي، تاريخ ۾ ان جا ڪيترائي گھڻا مثال موجود آهن، هتي ٻه مثال پيش ڪريان ٿو، مغل شهنشاهه اورنگزيب جي ڌيءُ زيب النساءِ فارسي زبان جي شاعره هئي، سندس تخلص “مخفي” هو، سندس فارسي ديوان ڇپيل آهي، هوءَ هڪ ڏينهن پنهنجي محل جي باغ ۾ سير ڪري رهي هئي ۽ هي شعر جھونگاري رهي هئي:
چهار چيز ز دل غم برد، ڪدام چهار،
شراب، سبزه، آبِ روان و رُصي نگار،
ترجمو: چار شيون دل جو غم دور ڪن ٿيون،
شراب، ساوڪ، وهندڙ پاڻي ۽ حسين عورت.
ايتري ۾ اورنگزيب اچي ويو، ان پڇيس ته “ڇا جھونگاري رهي هئينءَ؟” زيب النساءِ يڪدم شعر جي ٻي مصرعه تبديل ڪري کيس ٻڌايو ته “مان هي شعر جھونگاري رهي هيس: ته “چهار چيز ز دل غم برد ڪدام چهار، نماز، روزه، تسبيح، توبه استغفار” اهڙيءَ ريت ڳالهه مئخاني کان وڃي مسجد تائين پهتي. صوهي درياهه خان ڪنڊڙيءَ واري چيو آهي ته: “مئخاني وچ مليا يار، وڃڻ مسيتن ڪيها مقصد.” اورنگزيب جي شاهي محل ۾ هڪ نوڪرياڻي آئينو کڻي اچي رهي هئي ته اتفاق سان آئينو هيٺ ڪري پيو ۽ ڀورا ڀورا ٿي ويو، افسوس مان چيائين ته: “از قضا آئينه چيني شڪست” زيب النساءِ اتي جو اتي ٻي مصرعه چئي ته: “خوب شد اسباب خود بيني شڪست.” نوڪرياڻيءَ چيو ته: “قضاءِ الاهيءَ سان آئينو ڀڄي پيو.” زيب النساءِ چيو ته: “چڱو ٿيو جو خود بينيءَ جو سامان ضايع ٿي ويو.”
مترجم: نواز علي شوق/ڪراچي
ميرپورخاص جو قيدي!
(حصو چوٿون)
اصل ۾ مون هُن لاءِ هڪ ڪي چين مڇيءَ وارو تيار ڪيو هو جيڪو هن کي پيِلي رنگ جي ڪري پسند نه آيو، جنهن جو مون کي تمام گھڻو افسوس آهي، بهرحال هن جي مون سان محبت ۾ مون کي ڪا به کوٽ يا گھٽتائي نظر ڪو نه آئي، هُن مون کي ٻڌايو ته انتظاميا مون کان پڇي پوءِ ئي توهان کي هتي شفٽ ڪيو هو، هُن چيو ته اهي خاصخيلي ڀائر مڙس ماڻهو ۽ ڌاڙيل آهن ۽ انهن جي لاءِ ئي مون توهان کي انهن سان گڏ رکيو آهي. (09 جون 2023) اڄ زاهد ٽوٽل ڪٽرائي ڪنهن گوپانگ ڏي ٿي ويو، مون هُن سان منهن ماري ڪئي، جنهن کان پوءِ هو تمام گھڻو رنون ۽ هُن سان گڏ خاصخيلي ڀائر به جذباتي ٿي روئڻ لڳا. کوليءَ جو ماحول تمام گھڻو جذباتي ۽ سوڳوار ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ڀائو شاهنواز سموري ماحول کي ٺاهي ڇڏيو. مون کي پنهنجي ان عمل تي (جيڪا مون ڪاوڙ ڪئي) تمام گھڻو خراب به محسوس ٿيو. رات جو ٻوڙي اسان ڏي گھران آيل ماني اسان ڏانهن رواني ڪئي. رات جو تارن کي تڪيندي مون سوچيو ته شايد مون ڪو زاهد کي ڪجھه برو ڀلو نه ڳالهائي ڇڏيو هجي، مون هُن کي چيو ته ڪنهن جي به اڳيان هٿ ٽنگڻ تمام خراب عمل آهي، اصل ۾ زاهد گوپانگ وٽ پئسا به ناهن هوندا ۽ هو سگريٽن جو ڇتو موالي آهي ۽ هو سگريٽن کان سواءِ رهي به نٿو سگھي، هو سگريٽ قيدين کان گھري ٿو جنهن کان پوءِ مون هُن کي ان ڳالهه تان روڪيو ته ٻين قيدين کان اهي سَٽ جا سگريٽ نه وٺندو ڪر، ڇو جو ان ۾ عزت ناهي، اهڙي نشي کان ڀينگ ئي ڀلي آهي، جيڪو عزت جو دشمن هجي، پر منهنجو ان سان به ڇا! (10 جون 2023) اسان قيدين جي لاءِ آچر وارو ڏينهن ڪنهن ڪاري ڏينهن کان گھٽ ناهي هوندو، ڇو ته ان ڏينهن تي نه اسان کي کولين کان ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، نه پسار ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، آچر جو سڄو سڄو ڏينهن اسان کي کولين ۾ ٻانگون ڏيندي گذارڻو پوندو آهي، اڄ وري منهن ۾ آچر جو ڪارو ڏينهن پيو آهي، شل خدا هر انسان کي قيد ۾ اهڙي ڏينهن کان بچائي. (11 جون 2023).
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ميرپورخاص
راڻيپور جي معصوم نياڻيءَ جو قتل!
سائنس جتي ڊجيٽل شيون ايجاد ڪري انسان کي غارن مان ڪڍي آسمان تي پهچايو آهي اُتي اڃان به پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ جي عقيدي واري ڪُوڙي ڄار ۾ عام خلق کي ڦاسائڻ جو عمل پڻ برقرار آهي ۽ رهزني هٿن تي اعتقاد ۽ ڀروسو انسانيت جي رشتي کي تار تار ڪندو نظر اچي پيو! ڏھن سالن جي معصوم نياڻي فاطمه راڻيپور جي حويليءَ ۾ ريپ ۽ تشدد جي اذيت بعد تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو! اهڙا خانگي بنگلن ۾ ڪوڙين ڪرامتن جا ڪئي سرٽيفڪيٽ ھولڊر مرشدن جي روپ ۾ حويلين جي ديوارن پويان موجود آهن، جتي ڪئين نياڻيون ٻانهيون بڻجي هوس جو نشانون بنجنديون ۽ موٽ ۾ والدين کي خاموشيءَ جي لڙڪن سان چچريل لاشن جا تحفا ملندا رهيا آهن، جيئن انسان مادي ترقي جي عروج ڏانهن وڌيو آهي تيئن ان مان حياءُ ۽ احساس نڪري وحشيت پروان چڙھندي نظر آئي آهي، ويساهه گهاتين جا گهاءُ ڏسي ٻارن کي غير محرم فرد جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪئي ڀيرا سوچڻ گهرجي. انساني حقن سان وابسته ادارا ۽ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان راڻيپور جي حويليءَ ۾ رهزن ھٿان بيدرديءَ سان قتل ٿيل فاطمه جي قاتل اسد شاھ کي فقط شيخن پويان بيهارڻ جي بجاءَ کين عبرتناڪ سزا ڏئي سنڌ ڌرتيءَ جي مقتول نياڻيءَ سان انصاف ڪيو وڃي!
سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر
ڪشمور ضلعي ۾ تاريخ جي بدترين بدامني!
سنڌ جي آخري ڇيڙي تي قائم پوئتي پيل علائقو سمجهيو ويندڙ اتر سنڌ ۾ بدامني جي ڪري مشهوري ماڻيندڙ ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ تاريخ جي بدترين بدامني جي دور مان گذري رهيو آهي، هتي ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا جهڙيون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، ڌاڙيل رياست اندر پنهنجي الڳ رياست قائم ڪيون ويٺا آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادرا ڌاڙيلن آڏو بلڪل بيوس بڻيل آهن، ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيارن جي موجودگي به سواليه نشان بڻيل آهي، ان موضوع تي بعد ۾ روشني وجهنداسين، پهريان علائقي واسي روڊن رستن تي محفوظ نه هئا رياست جي ڪمزوري ڌاڙيلن کي اڃا وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي عوام پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهي، ڌاڙيل جديد دور سهولت سوشل ميڊيا جو آزاداڻون استعمال ڪندا آهن، مغوين جو نازيبا وڊيوز مخلتف وقتن جي جاري ڪري اڃا مغوين جي وارثن ۾ بيچيني وڌي ٿي وڃي. ڌاڙيل جديد هٿيارن جي نمائش به آزادڻي نموني ڪندا آهن، علائقي جو امن بلڪل تباهه ٿي چڪو آهي. پوليس مختلف وقتن تي ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن پر اهي سڀ ناڪام ٿي ويا آهن، اسين حڪومت پاڪستان جي وزيراعظم، آرمي چيف، وفاقي گهرو وزير ۽ سنڌ صوبي جي گهرو وزير کان پوليس سان گڏ فوجي ۽ رينجرز آپريشن ڪري علائقي جو امن امان بحال ڪرائڻ جي گھر ٿا ڪريون.
دوست محمد/ ڪنڌڪوٽ
ڪاڇي واسين سان وڏو ظلم آهي!
ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪاڇي واسي نوجوان اڄ به بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڪاڇي ۾ صحت جي ڪا سهولت ناهي، گرلس ڪاليج گرلس اسڪول ناهي دنيا چنڊ تي پهتو آهي، ڪاڇي واسي بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، پولش ڪمپني جيڪا ھر سال ڪروڙين رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ ڏي ٿي ته اھا رقم ڪٿي خرچ ٿئي ٿي؟ ڪاڇي ۾ اھا ترقي نظر ڇو نٿي اچي؟ ڪاڇي جي ڳوٺن جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، صحت جون سھولتون اڻپوريون آھن، علائقي ۾ TCF جھڙو ڪو ماڊل اسڪول ڪونھي، پولش ڪمپني جي ويجھو شھرن واھي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي ٽنڊورحيم خان، گاجي شاھ ۽ ڇني ۾ پولش ڪمپني جي طرفان ڊي سي دادو جي معرفت ملندڙ ساليانون رائلٽي جي مد ۾ ڪروڙين رپين مان جيڪڏھن ٿوري رقم به علائقي جي ماڻھن تي خرچ ٿي ته ھي کوڙ مسئلا حل ٿي پون پر افسوس ھتي ڪمپني ضلعي انتظاميا چونڊيل نمائندن ۽ تر جي ڀوتارن جا ڀڀ ڀري ٿي باقي علائقي جي ڀلائي بھبود لاءِ ڪو منصوبو ناھي هنن وٽ ھن کي بس نمائندن تر جي ننڍن وڏن وڏيرن فيس بڪي دانشور سميت سڀن کي شناختي ڪارڊ تي فرضي نالن ته پئسا ڏئي علائقي جي ڀلائي بھود لا آيل پئسا ھڙپ ڪري وڃن ٿا.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
بنيادي سھولتون تڏهن ملنديون جڏهن عملي ميدان ۾ ھونداسين!
بنيادي سھولتن کان محروم آھيون ڪافي وقت کان وٺي ان جي اصل سبب توهان اسان جي خاموشي جي ڪري اسين اھي ماڻهو آھيون جو اسين پنهنجي حق وٺڻ کان قاصر آھيون، سجھڻ جي ضرورت آهي ته اسان جي خاموشي اسان کي رھندو حقن کان محروم ڪندي. ھتي ٿيندو ايئن آهي جو ماڻهن پنهنجي ذھنن ۾ اھا ڳالهه ويھاري ڇڏي آهي ته ٿيندو ڪجهه ڪو نه، باقي ھروڀرو رڙيون ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو؟ انهن کي اھا خبر ناهي ته توهان جي خاموشي پاڻي سميت ٻين بنيادي سھولتن کان محروم ٿيندا پيا وڃو، ياد رکو ھاڻوڪي خاموشي ايندڙ وقتن ۾ ظالم توهان جي مٿان ايترو ھاوي ٿي ويندا جو توهان کي ھر ڪم انهن کان پڇا ڪري ڪرڻو پوندو، ايئن نه ڪيو ڪجهه پنهنجي مٿان رحم ڪيو، ايم سي ٻولھاڙي جي عوام کي گذارش ڪندس ته انهن ظالمن کي منھن تي ظالم چوڻ شروع ڪيو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ گڏجي جدوجهد ڪيون، پنهنجا حق سڃاڻو ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پئون، بنا دير نه ته اھي سڀ سھولتون کسي توهان کي توهان جون جڳھون ڀڳڙن مٽ کپائڻ تي توهان کي مجبور ڪندا، ھاڻي ٻه ڳالھيون آهن يا ته ظلم کان تنگ ٿي لڏي وڃو يا ظلم خلاف آواز اٿاريون، ھاڻي توهان جي ھٿن ۾ آهي، جي ظلم خلاف اٿڻو آهي ته اسان جو ساٿ ڏيو ته گڏجي جدوجهد ڪريون.
عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي
سنڌ صدين کان سوجهرو ۽ دنيا اڳيان رهي مثال آ!
(حصو ٻيون)
نماڻي عرض جي درخواست لکان پيو، پاڪستان زنده آباد جي نعري سان لڳايان پيو، تعليم کي اجاڳر ڪرائڻ اسان جو فرض آھي، روڊن رستن کي سجائڻ اسان جو ئي ڪم آهي، پيٽ بکايلن لاءِ سهائتا ٿي گهرجي، نڪي عياشي نڪي ڪا غلامي ٿي گهرجي، سرڪاري اسپاتالن ۾ مفت دوا ۽ ساڻ سٺو علاج ٿو گهرجي، ملڪ پاڪستان ۾ نڪي مهانگائي ٿي گهرجي، ضرورتن جي موجب يتيمن مسڪينن، بيواهن، غريبن لاءِ هر سهائتا ٿي گهرجي، ڪوڙي سياست کي ڪڍي ڪري هڪ سهڻي عظيم پاڪستان رياست ٿي گهرجي، ملڪ پاڪستان کان بس ٿوري محبت ۽ سنڌ وارن لاءِ ٿوري شفقت ٿي گهرجي، ته مهانگائيءَ تي ٿورو گهڻو ڪنٽرول ڪريو، بجليءَ جي بلن تي اضافي لڳل ٽئڪس ختم ڪيو، اهڙي طريقي عوام کي لاءِ ڪجھ سوچيو ۽ انهن جي مدد ڪيو، باقي حال اسان جو اوهان کي معلوم آھي. (روٽي ڪپڙا اور مڪان) جي نالي سان جهالت سماج کي ٿا ٺڳيو وتون، ان نماڻي عرض کي ملڪ جي خيرخواهن جي ٿو اڳيان رکان، تنهن ۾ ڪجھ دوستن کي هن ريت ٿو شامل ڪيان، جيئن اسان جي ڌرتيءَ تي محقق نامور قانوندان آھن، بئيرسٽر، بيروڪريٽ، ايڊوڪيٽ ۽ ڪجھ سچا سياستدان به آھن! منهنجا ساٿي، اديب، دانشور ۽ ڪجھ سچا ليکڪ به آھن، جنهن کي ڌرتيءَ وڏي عزت ڏني آ، اهي سڀ منهنجا دوست هڪ آواز بڻجو، ڪڍي غلاميءَ جي زنجير کي هڪ آواز بڻجو، مقدر ۾ لکيل آهي جيڪو سو آ، اها ئي ملندي انهيءَ سوچ کي ڪڍي هڪ پاسي رکو، سنڌ! ۽ سنڌين کي مرڪز تائين پڄايو! حق ۽ سچ کي ڪنهن مقام تي پڄايو، اميري غريبيءَ کي فرق مان ڪڍي مظلوم قوم سنڌيءَ کي اگهور ستل ننڊ مان اٿاري بيهاريو، بس انهيءَ فرض کي پنهنجي دل سان لڳايو! پاڻ کي مڃرائي ۽ پنهنجي پياري وطن پاڪستان کي مڃرايو! ظاهر آ جڏهن هيءَ قوم ترقي ڪندي ته انهيءَ مان ملڪ جي عزت پئي وڌندي ۽ ظالم جي هڪ ڪرسي واندي ٿيندي، جنهن ۾ نئين نسل کي ڪا سجاڳي ايندي! گهڻو ڪجھ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پيون ملڪي حالتون گردش ۾ آھن، ڪنهن ڌارين جي ڪري نه ڪوڙن سياستدانن جي ڪري آھن! سچي محافظ جي جيڪا تلاش ھئي، ان نئين آرمي چيف کي سنڌ ڌرتيءَ تي اچڻ لاءِ ڀليڪار چئون ٿا، منٿ سان گڏ ايلاظ ڪيون ٿا ۽ ان مان ڀلائيءَ جي اميد ۽ ڪاميابي چاهيون ٿا! ان کان پوءِ شايد چونڊجي متان ڪي نوان چھرا اچن، ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪي ڪردار اچن، عوام کي سڄائيءَ جا انتخاب اچن، پوءِ هن ملڪ جا هاڻ حالات شايد ڪي خوشحال ٿين، اڳ جيان نڪي حالات هجن، ملڪ پاڪستان اسان ننڌڻڪن جي متان ڪا مالڪي ڪري، ظالمن کي ڪڍي نست ۽ نابوت ڪري، معيشت کي وڌائي واڌو ڪري، اسان لاءِ نون شھرن کي آباد ڪري، اها سوچ اسان جي ازل کان اٽل آ، جنهن ۾ شڪ نڪي وري ڪا شبات آ، ۽ ان درد ڀري دل سان جيڪو آ آواز نڪتو، جنهن کي نه وڻيو هجي، ان کان مان ويندي ويندي معذرت گهران ٿو.
اصغر پنهور/ بلال ڪالوني، ڪراچي
ٽپالي!
(حصو ٻيون)
صالح اُٺن پٺيان رهجي ويو ۽ ان ڌوڙ ۾ پنهنجي پيءُ کي ڳولڻ لڳو، ماڻهن جي ميڙ ۾ صالح جو پيءُ سيٺ جي دڪان جي دڪي تي ويهي اکين ۾ ڳوڙهن کي رکي بس ويندڙ اٺن کي تڪي رهيو هو. “بابا سيٺ چاچا وارا ڪيڏانهن پيا وڃن! ۽ ڪڏهن واپس ايندا؟” “پٽ هڪ وقت هو هر سال پنهنجي ڳوٺ مٿان ڪونجون گذرنديون هيون ۽ ڍنڍ واري ڍوري تي ويهي آرام ڪنديون هيون، آرام ڪرڻ کان پوءِ وري پنهنجي سفر ڏانهن روانيون ٿينديون هيون، پر هڪ ڀيري موسي جي پٽ انهن ڪونجن مٿان بندوق جا فائر ڪري هڪ ڪونج کي ماري ڇڏيو هو، ان ڏينهن کان پوءِ هاڻ ڪونجن جو ٽولو ڳوٺ مٿان ڪونه ٿو گذري” صالح ڳالھ کي سمجهي چڪو هو ته هاڻ هن پکين جو ٽولو به ڪڏهن ڏسڻ لاءِ نه ملندو. سيٺ بيکارام ويندي ويندي پنهنجي زمين پنهنجن هارين ۾ ورهائي ويو هو، جنهن زمين جو ڪجھ حصو صالح جي پيءُ کي پڻ مليو. سيٺ جو دڪان به ڦٽي ويو هو. زمين جو حصو ملڻ ڪري ان زمين جي مڪمل اپت صالح وارن کي ملڻ لڳي ۽ صالح کي به گهڻو وقت مليو پڙهڻ لاءِ. صالح ست فائنل ڪري نوڪري جي ڳولا ۾ ڀڄندو رهيو، پاڪستان پوسٽ سروس کي سرگرم ڪيو ويو هو ۽ جنهن ۾ صالح کي ڀر واري ڳوٺ ۾ ٽپاليءَ جي نوڪري ملي. پاڪستان ٽپال کاتي طرفان سائيڪل پڻ ملي هئي. جنهن تي سفر ڪرڻ کان صالح بلڪل بيزار هو. صالح کي انگي حساب سان گڏ جيوگرافي پسند هئي هن اهڙي ڪنهن کاتي ۾ ڪم ڪرڻ پي چاهي جتي هو پنهنجي ذهني صلاحيت صحيح استعمال ڪري وڌائي سگهي پر ان کي نوڪري ته ڪرڻي هئي. صالح جي نوڪري ملڻ سان فرق بس اهو پيو ته پهرين هو سرون ڳڻيندو هو ۽ هاڻ هو سِرن بجاءِ لفافا ڳڻڻ لڳو. لفافا ورهائيندي ورهائيندي هن جي دلچپسي تڏهن وڌي هئي جڏهن هن هڪ لفافو شماع جي نالي سان ڏٺو هو، جيڪو لفافو هن وٽ رهجي ويو هو، ٻي صبح جلدي وڃي شماع جي پتي تي پهتو، ڳوٺ ۾ در نه هئڻ ڪري ڪنهن مرد جي نالي سان هوڪو يا آواز ڏبو هو فلاڻا هوءِ… پر هي ته عورت جو نالو هو، صالح ويچارو ڪيئن ڪنهن عورت جي نالي سان سڏ ڪري! پنهنجي ئي سائيڪل جي گهنٽي وڄائڻ لڳو، پر ڪو به ٻاهر نه نڪتو. ايئن ئي سائيڪل جي گهنٽي وڄائڻ ڪري ڀر واري گهر مان هڪ عورت نڪتي ۽ صالح کي چيائين “ٽپالي آهين نه؟ مون کي هڪ ٽپالي جي ئي ڳولا هئي، جيڪو منهنجو نياپو پهچائي، پهچائيندين نه؟” ها، ها ضرور، صالح تڪڙو تڪڙو جواب ۾ چيو “پوءِ هيڏانهن اچ، پين ۽ پنو اٿئي؟” ها. (جاري)
سئم سنڌي/ڪراچي
سنڌ جي زراعت جي زبون حالي ۽ زراعت کاتو!
(حصو ٽيون)
ان ڪري اسان هتي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) باقر مقبول ۽ سندس ٽيم آڏو اها ڳالھ رکون ٿا ته سنڌ جهڙي زرخيز زراعتي زمين کي تباهيءَ تي پهچايندڙ ذميوارن جو وڏي پئماني تي احتساب ٿيڻ کپي ۽ ذميوار عملدارن کي هر مهيني جي نه ته 3 مهينن تي ٻڌل پراگريس رپورٽ وٺڻ کپي ته اوهان مختلف شعبن جي ذميوارن جي ڪهڙي پراگريس آھي! ان رپورٽ جي آڌار تي کين مڃتا ۽ سزا پڻ ڏني وڃي، ٻي گذارش ته اداري کي هر 3 ماهي بجيٽ به رليز ٿئي ٿي ان جي ڪا به رپورٽ پبلڪ نٿي ٿئي جيڪا اصولن ٿيڻ کپي ته کاتي کي ڪهڙا پئسا ڪهڙي مد ۾ مليا ۽ اهي ڪٿي خرچ ٿيا. هر ٽن يا 6 مهينن اندر زرعي کاتي جي ذميوار آفيسرن، وزيرن کان ويندي آبادگارن جي هڪ گڏجاڻي ٿئي جنهن ۾ زرعي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي نمائندن کي به ويهاري ميٽنگ ڪري سگهجي جيئن زرعي اپت، خدوخال کان ويندي جديد زرعي لاڙن ۽ سڌارن تي ويچاري سگهجي .اهڙي نموني مٿي ڄاڻايل زرعي کاتي جي مختلف شعبن جي سربراهن کي اهليت جي بنياد تي رکي سندن بهتر رپورٽن جي بنياد تي اڳتي هلڻ ڏنو وڃي ۽ هنن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي شعبي جو ذميوار آھي ۽ هن وٽ سياسي ۽ اقربا پروري واري مداخلت به روڪي وڃي جيئن ان شعبي جي سربراهه کي ڪم ڪندي ڏکيائي پيش نه اچي. ريسرچ مرڪز هوندي، زرعي ورڪشاپ هوندي ۽ اڃا ٻيا شعبا هوندي بيٽ استعمال ڪندي اسان جي زراعت سڌرندي نذر نٿي اچي ته سمجهي ڇڏيو ته چور گهر جو اٿو! ان لاءِ اسان سمجهون ٿا ته اسان جي فوج جي سپھ سالار محترم عاصم منير به زرعي سبز انقلاب جي ڳالھ ڪئي آھي ۽ اسان هتي سنڌ جي ذميوار نگران وڏي وزير باقر مقبول وٽ زرعي وزارت جو قلمدان به آھي، جيستائين اليڪشن ڪميشن اليڪشن جو اعلان ڪري تيستائين سنڌ جي حساس معاملن ۽ هتي خاص طور زرعي شعبي جي بهتري لاءِ اپاءَ ورتا ويندا ته تاريخ توهان کي بهتر لفظن ۾ ياد ڪندي. وڌيڪ سنڌ جي زرعي صورتحال اوهان سامهون آھي جيڪا سڌاري لاءِ واجهائي پئي. ايندڙ سيپٽمبر ۾ موجوده ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن حيدرآباد ريٽائرمينٽ تي وڃي ٿو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اداري مان ئي جي ڊي شپ لاءِ 3 اميدوار ڊوڙ ۾ شامل آھن جن ۾ منير جماڻي 20 گريڊ، الهواريو رند 20 گريڊ ۽ علي اڪبر زرادي گريڊ 19 پر ان کي مليل پي ايڇ ڊي واري ڊگري ڄڻ ته اداري جي سربراهي لاءِ وڏي سپورٽ اٿس، جڏهن ته مٿين مقابلي ۾ ايندڙ اميدوارن سامهون علي اڪبر زرداري وٽ نيپا NEPA جا ڪورسز به ٿيل آھن. سندس ايڊمنسٽريٽو ۽ مئنيجمنٽ جو تجربو پڻ اضافي ٻڌايو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ اسان هتي اها به گذارش ڪيون ته هينئر ڊائريڪٽر جنرل توسيع کاتو ۾ جاءِ خالي ٿيڻ واري آھي، اتي ڪو سٺو ٽيڪنيڪل ۽ پي ايڇ ڊي هولڊر يا ٽريننگ يافتا آفيسر آڻيو جنهن جو تعلق ساڳي شعبي سان هجي ته زراعت لاءِ بهتر ٿيندو.
رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي