پاڪستاني سياست ۽ ٻٽو معيار!
ملڪ جي تاريخ شاهد آھي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ھڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي ڏني وئي، نصرت ڀٽو جو لاھور ۾ مٿو ڦاڙيو ويو، مرتضيٰ ڀٽو، شاھنواز ڀٽو به رستي تان ھٽايا ويا، بينظير، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شهيد نظير عباسي سوڌو، کوڙ سارا سنڌي سياستدان جيلن ۾ قيد رھيا ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو، ھنن جو ڏوھ صرف آمريت سان مھاڏو اٽڪائڻ ھو، ٺوڙھي ڦاٽڪ 4 مارچ نظير عباسي جي ڦاهي به اھڙو واقعو آھن جن کي سنڌي وساري نه سگھيا آھن، ھن ملڪ ۾ سنڌين جا چچريل لاش به مليا آھن ۽ ھزارن جي تعداد ۾ اڄ به سنڌي کنڀيل آھن، اتي اسان پي ٽي وي تي حملو به ڏٺو آھي ۽ تازو ڪور ڪمانڊر لاھور جي رھائش گاھ، جي ايڇ ڪيو ۾ ڀڃ ڊاھ، آرمي جي گاڏين کي باھيون، آرمي خلاف سخت نعرا سڀ تماشو پنھنجي اکين سان ڏٺو آھي پر افسوس حملا آور مڪمل طور محفوظ رھيا ۽ کين الف به نه چيو ويو. خدا نه ڪري اھڙي ڪا حرڪت سنڌي يا بلوچ ڪن ھا ته موٽ ۾ کين ھار نه پر کين موت جي گھاٽ چاڙھيو وڃي ھا، اھو مڪمل ھڪ ٻٽو معيار آھي جيڪو قابلي قبول ناھي، اھڙن عملن سان سنڌين ۽ بلوچن ۾ ڳڻتي ڇانيل آھي، ھي حرڪتون ڪندڙ نه سنڌي ھئا نه بلوچ ھئا، اھي سڀ ماڻھو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان تعلق رکن ٿا، جن خلاف ڪارروائي نه ٿي، بينظير جي شھادت وارو سانحو ٿيو پر سنڌين ڪنھن به ڇانوڻي تي حملو نه ڪيو، اھڙا ڪافي مثال ملڪ جي تاريخ ۾ ملن ٿا، اسان چاھيون ٿا ته قانون سڀني لاءِ ھڪ جھڙو ھئڻ گھرجي، ان ۾ ڪو به فرق نه ھئڻ گھرجي.
ارشاد لغاري/ چمبڙ
پڇون آخر پڇون ڪنهن کان اسان جو ڏوھه ڪهڙو آ؟!
پاڪستان ۾ ٻوڏ تباھ ڪاريون آنديون، جنھن ۾ صوبي سنڌ جي ضلعي دادو ۾ وڏو نقصان ٿيو. ماڻھو مري ويا، گھر لڙھي ويا، فصلن جو نقصان ٿيو، اڃا تائين ھزارين خاندان کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، سياري جي سرد موسم هجي يا ھن وقت سخت گرميون آھن، اين جي اوز پاران مليل ٽيـنٽن ۽ شيٽن ۾ پناھگيرن جيان ترسيل آھن. ھن وقت وري بيمارين به منھن ڪڍيو آهي جن ۾ مليريا، خارش، ارڙي، دست الٽيون ۽ ٻين بيمارين سبب معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن. اھو به ٿورو گھڻو اين جي اوز وارا ڪجھ نه ڪجھه ڪن پيا ٿا نه ته ضلعي انتظاميه ۽ ان جي ماتحت ادارا هتان غائب ٿيل آھن. چونڊيل نمائندن ۽ ادارن کي هن وقت تائين اربين رپين جي امداد ٻاھرين ملڪن کان ملي چڪي آھي پر اھي پئسا ڪيڏانھن ويا ان جي ڪا خبر نه آھي. ضلعي جو پورو نقشو به توهان سڀني جي سامهون آهي. ڪٿي به ڪنهن کاتي جي ڪا بهتر ڪارڪردگي ظاھر نه آھي، هتي صرف ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن. اڃا تائين ھنن جا ڀڀ شايد نه ڀريا آھن. ھن قوم تي ظالمو رحم ڪريو. سڀ ادارا اوھان جي ماتحت آھن، متاثرن جي واھر ڪريو، غريبن سان وڏو ظلم ٿيو آهي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ٻيلو مٽلا شاخ جا زميندار آخر ڪنهن در دانهين ٿين!؟
هيءَ تصوير ڪنهن گٽر نالي جي نه پر سرسبز ۽ سهڻي ڌرتي سنڌ جي هڪ شاخ نالي “مٽلا شاخ ٻيلو” جي آھي، جنهن جي ڪيتري ئي وقت کان صفائي ۽ کاٽي نه ٿيڻ ڪري انساني زندگي، جانورن توڙي زمينن تائين پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري هن شاخ سان لاڳاپيل زميندارن جون زمينون بنجر ۽ چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو آھي. ياد رهي ته هي اها مٽلا شاخ آھي جيڪا هزارين ماڻھن جي روزگار جو ذريعو بڻيل آھي. هتان جا رهواسي پنهنجي زندگي جو گذر سفر، زمينن ۽ چوپائي مال تي ڪن ٿا پر ايريگيشن کاتي جي عدم دلچسپي ۽ بي ڌيانيءَ سبب هتان جا رهواسي سخت پريشان آھن. ڄاڻايل شاخ جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ماڻھو ٻيا فصل ته پري جي ڳالھ پر پيٽ گذر لاءِ سارين جو ٻيجارو به ناهن ڪري سگهيا ۽ ان کان سواءِ چوپائي مال پاڻي نه هئڻ ڪري اڃ مرڻ لڳو آھي. هڪ ته کاٽي نه ٿيڻ ڪري پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي، ٻيو ته ٻيلو بئراج جا دروازا صحيح طرگھ لڪيڪ نه هئڻ ڪري هن شاخ کي پاڻي جو مقدار تمام گهٽ ملي رهي آهي جنهن جي ڪري فصل وقت سر پوکي نٿا سگهجن ۽ زميندار ۽ هاري طبقو ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن شاخ جي ڀرسان ڪيترائي ڳوٺ آباد آھن پر شاخ جي اهڙي حالت هئڻ ڪري اهي پاڻيءَ ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آھن ۽ سارين جي ٻيجارو پوکڻ لاءِ به پريشان آھن. هن شاخ سان هزارين ماڻھن جي زندگي جڙيل آھي. ايريگيشن کاتي ۽ ضلعي سجاول جي عملدارن کي گذارش ٿي ڪجي ته مٽلا شاخ ٻيلو جي صفائي توڙي کاٽي کڻائي ماڻھن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
غلام علي “گل” ٻجورو/سجاول
اڄ ڪلهھ جي صحافت!
دنيا جي گولي تي اسان جا ماڻهو نظر گهٽ ئي ڊوڙائين ٿا، جيڪڏهن دنيا جي گولي تي نظر ڦيرائجي ته خبر پئجي ويندي ته اسان ڪٿي بيٺل آهيون. اسان جي تعليم جا حال ڏسو، مون جهڙا ڪيترائي بي اي، ايم اي، ايم اي سي ڪري ويٺا آهن پر سٺي نوڪري ناهي، ڇو ته ايترو پڙهڻ باوجود اسان کي انگريزي ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي، سبب ڪاپي ڪلچر واريون ڊگريون! اسان جي ڪلچر ۾ تعليم کي رڳو ڪاغذ جا ٽڪڙا حاصل ڪرڻ ئي آهي ۽ اهي ڪاغذ جا ٽڪڙا حاصل ڪري سياستدانن جون حاضريون ڀري نوڪري وٺڻ وارن جي لائين ۾ بيهي رهندا آهن ۽ ان لائين ۾ اهو ئي نوڪري جو حقدار ٿئي ٿو جنهن کي پالش چڱي نموني اچي، باقي ٺلهن آسرن ۾ جواني وڃائي بيڪار ٿي ويندا آهن. ان پوري وايو منڊال ۾ جيترو ڏوهي اسان جو معاشرو ۽ نظام آهي اتي اسان جي ميڊيا به ڏوهي آهي، توهان دنيا جي صحافتي نظام تي نظر وجھو ته خبر پئجي ويندي ته اسان جي صحافت ڪرڻ جي طريقي ۽ دنيا جي صحافت ڪرڻ جي انداز ۾ ڪيترو فرق آهي. مون ڪڏهن نه ڏٺو ته دنيا جا صحافي ڪنهن سياستدان جي تعريف ان ڪري ڪندا هجن جو انهن جي گهر جو رڌڻو ئي ان سياستدان جي ڪوڙي صحافت سان هلندو هجي پر اسان وٽ صحافي گهڻو تڻو هڪ ٻئي جا دشمن ئي رهيا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته هڪ صحافي فلاڻي سياستدان جو ڪرائيدار ۽ ٻيو صحافي ٻئي سياستدان جو ڪرائيدار، باقي اسان جي صوبي يا ملڪ جا صحافي عام ماڻهو جا مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن، اڄ کان 30 يا 40 سال پهرين جي صحافت ۽ هاڻوڪي صحافت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. جيڪو صحافي حق سچ تي آهي ان جي گهر وڃي ڏسو فاقاڪشي هوندي، باقي سياسي صحافي جي گهر کي ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي. جيڪڏهن اوهان سڀني دوستن کي صحافت جا رنگ ڏسڻا هجن ته عمرڪوٽ اچو ۽ ڏسو عمرڪوٽ ۾ هر رنگ جو صحافي ملندو ۽ خاص ڪري سياسي صحافي رڳو عمرڪوٽ ۾ ئي ملندو، ڏک ٿئي ٿو انهن ميڊيا جي ادارن تي جيڪي ڪيئن ٿا ڪارڊ جاري ڪن، ايئن ناهي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ سياست کان پاڪ صحافي ناهن، ڪجھ صحافي اڄ به عمرڪوٽ ۾ موجود آهن جيڪي هر مسئلي کي سٺي نموني پيش ڪن ٿا پر سياسي صحافي سواءِ پنهنجي ڪاروبار جي ڪجھ به ناهن ڪندا، ان ڪري اچو ته سياسي صحافت جو بائيڪاٽ ڪريون ۽ حقيقي صحافت سان گڏ بيهون.
دليپ آزاد/ عمرڪوٽ
عورتن جي حقن تي ڌاڙو!
عورت ھڪ انسان کي جنم ڏئي ٿي پر اھو انسان ئي عورت جي عزت ۽ عظمت کي سمجھي نه سگھيو آھي دنيا ۾ ڪير به عورت جي احساسن ۽ جذباتن کي سمجھي نه سگھيو آھي، ھڪ عورت ئي عورت جي احساسن ۽ جذباتن جو قدر ڪري سگھي ٿي عورتن جا بنيادي حق، ڳالھائڻ جي اجازت ھجڻ، تعليم جو حق ھجڻ ۽ سماج ۾ برابر سمجهڻ پر اسان جي سماج ۾ ان جو ابتڙ ئي ٿيندو آهي نه ئي عورت کي ڳالهائڻ جي اجازت ھوندي آھي ۽ نه ئي تعليم جو حق ھوندو آهي، عورت پنھجي مرضي سان بنيادي تعليم به حاصل نه ڪري سگهندي آهي انھن کي قلم ۽ ڪتاب ڏيڻ جي بجاءِ انھن کي گھرن ۽ ٻنين جي ڪمن ۾ مصروف ڪيو ويو آهي. اسان جي سماج ۾ عورتون پنهنجي مستقبل لاءِ ڪجهه ڪري ته ڇا پر ڪجهه سوچي به نٿي سگھي ھميشه جيان عورت پنهنجي خوابن جي تعبير ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجا خواب سنڌو درياھ جي لھرن ۾ لوڙي ڇڏيندي آھي. جي اسان عورتن کي ڪامياب ٿيڻ جي اجازت ڏينداسين ته پورو سماج ڪامياب ٿيندو، جي سماج ۾ مرد پڙھيو ته فرد پڙھيو پر جي عورت پڙھي ته پورو گھر يا پورو سماج پڙھيو، عورت جا ڪئين روپ آھن، ڪٿي ماءُ ته ڪٿي ڌيءُ ۽ ڪٿي ڀيڻ ته ڪٿي گھر واري سماج ۾ ملي ٿي پر ان ماءُ ان ڌيءُ ان ڀيڻ ان گھر واري جي سماج ۾ قدر نه آھي، نه گالھائڻ جي اجازت نه وري ڪو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ھميشه عورتن جي مرضي جي خلاف فيصلا ڪيا ويندا آھن، چاھي اوھي ان جي مستقبل جا فيصلا ھجن عورت ھميشه جيان خاموش ھوندي آھي، پوءِ ڀلي ان جي ڪردار تي ڳالھايو وڃي عورت ڪمزور ناھي ھوندي پر عورت کي ڪمزوري جو لقب ڏئي ان گي ڪمزور ڪيو ويو آھي عورت جي خاموشي کي عورت جي ڪمزوري سمجهو ويندو آھي پر اھا عورت سماج جي عزت ڪري خاموش ھوندي آھي.
نرجس ڪنيز ڪٻر/ڳوٺ باگووداداڻي
نه وسرندڙ يادون!
(حصو پهريون)
مون کي اڄ به ياد آھي اھو عيد جو ٽيون ڏينھن ھو مان سڪون سان اي سي واري ڪمري ۾ سمھيو پيو ھئس ته اوچتو منھنجي جگري دوست جي ڪال آئي، ڪال کنيم حال احوال وٺڻ کان پوءِ دوست چيو يار ڪنھن ڳوٺ دعوت تي وڃڻو آھي تون به ساڻ ھل! ھاڻي ڀلا جگري دوست کي ڪير ٿو جواب ڏئي سگھي، مان به وھنجي تيار ٿي دوست وٽ پھچي ويس تنھن کان پوءِ دوست جي ڪار ۾ ڪنھن ڳوٺ (نالو ٻڌائڻ ضروري نٿو سمجھان) ڏانھن روانا ٿياسين، ڳالھيون ڪندي اتي اوطاق تي پھتاسين جتي منھنجي دوست جي دعوت رکيل ھئي اتي به منھنجي دوست جا جگري يار ھئا انھن سان به ملاقات ڪئي سين مان ڪافي وقت ڪچھري ڪرڻ کان بعد اھي ٿوري وقت لاءِ اوطاق مان اٿي ويا مون دوست کي چيو ڪر خبر ماني اڃا تائين نه آئي آ، تنھن تي دوست چيو ڇو نه ھلي ٻاھر ھلجي جيستائين ماني تيار ٿئي جيئن ٻاھر گاڏيءَ جو رخ ڪيوسين ڇا ڏسان ته ھڪ خوبصورت چھري سان ايڏي سھڻي حور جهڙي ڇوڪري ڪنھن پاسي وڃي رھي آھي، مان ڏسندو رھجي ويس يقينن ايترو ته متاثر ٿيس جو دوست جي دعوت ئي وسري وئي دوست گاڏيءَ جي اندران رڙ ڪندي چيو او وڏا گاڏي ۾ ويھ ڪھڙن خيالن ۾ گم آن تنھن کان پوءِ گاڏيءَ ۾ ڳوٺ جي روڊ رستن تي نڪري پياسين. (جاري)
ثقلين حيدر/رتوديرو
قوم کي ڪمائڻ سيکاريو پنڻ نه!
سنڌ قدرتي طور تي شاھوڪار خطو آهي، سنڌ جا قدرتي وسيلا پنهنجن ماڻهن تي خرچ ٿيڻ جي بجاءِ صوبي کان ٻاهر وڃي ۽ خرچ ٿي رهيا آهن، جتي ڌاريا ته موجون پيا ماڻين پر ڌرتيءَ ڌڻي پاڻي، ناڻي ۽ داڻي لاءِ پريشان آهن، انهن جي ڪا به داد رسي نه ٿي رهي آهي. ڌرتي ڌڻين سان زبردست مذاق جاري آهي، انهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، بينظير فوڊ سپورٽ پروگرام ۽ اھڙائي خيراتي پروگرام شروع ڪيل آهن جيڪي عورتن ۽ غريب ماڻهن جي تذليل ۽ خواري جو سبب بڻيل آهن. شاھوڪار سنڌ جون نياڻيون ٽن ھزارن جي لاءِ گرمين، سردين ۽ برساتن ۾ روڊن بئنڪن جي درن تي ذليل ۽ خوار ٿين پيون، انهن لاءِ بينظير سمال انڊسٽري بينظير اسڪول، بينظير ڪاليج، بينظير يونيورسٽي، بينظير فرڪٽري، بينظير ٽريننگ سينٽر يا وري بنگلاديش جيان عورتن لاءِ گرامين بئنڪ کولي عورتن جي حلال روزي عزت سان ڪمائڻ جو بندوبست ڪري انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. عورتن کي ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪري ڏجن انهن کي سولين قسطن تي پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ قرض جي سھولت ڏئي سگهجي ٿي، ان سان ھڪ ته بيروزگاري گھٽ ٿي ويندي ٻيو ته پنڻ جي عادت مان جان ڇٽي پوندي، مزي جي ڳالهه ته اھي عورتون جيڪي سلائي ڪڙھائي ڪري ڪپڙا سبي خوبصورت رليون ٺاهڻ ۾ پنهنجو پاڻ مٽ ھيون انهن به بينظير سپورٽ پروگرامن جي ڪري اھي سڀ ڪم ڪار ڇڏي سڄو ڏينهن پئسن جي پٺيان قطارن ۾ بيھڻ شروع ڪيو آهي، ان ڪري ڳوٺن مان سگھڙ زال وارو مان مرتبو ختم ٿيندو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کي گھرجي ته قوم کي پيرن تي بيھارڻ وارا قدم کڻي نه ڪي پنائڻ واريون پاليسيون جوڙي.
مدثر حسين خاصخيلي/ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي
صحافي نصرالله گڏاڻي جي گرفتاري، صحافت تي وار!
(حصو پهريون)
سنڌ ۾ جيڪو به ماڻهو حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪري ٿو ان کي کنڀي يا ته گم ڪيو وڃي ٿو يا وري ان کي جيل پٺيان بند ڪيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ جيڪڏھن ڪو سنڌي پنهنجي حق جي ڳالھ ڪري ٿو ته ان جي زبانن کي تالا لڳايا وڃن ٿا يا وري انهن حق گهرندڙ زبانن کي ڪٽيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ پنهنجي حق جي لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ به وڏو ڏوھ بڻيل آھي. ايترين سختين ھوندي به پرامن سنڌ جا ماڻهو پرامن احتجاج ڪري انساني حقن جي تنظيمن کي ٻڌائين ٿا ته سنڌين سان وڏو ظلم آھي، اھڙي ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي. تازو گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپورماٿيلي جو سرگرم جوشيلو صحافي نصراللہ گڏاڻي جنهن سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکي ھئي جنهن تان کيس پوليس ايم پي او قانون تحت 30 ڏينهن لاءِ گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آھي. نصراللہ گڏاڻي ھڪ سنڌي اخبار جو رپورٽر ھئڻ سان گڏوگڏ ميرپورماٿيلي پريس ڪلب جو نائب صدر پڻ آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي گهوٽڪي نصراللہ گڏاڻي کي فون ڪري آفيس ۾ گهرائي گرفتار ڪري حيدرآباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ھو. صحافي نصراللہ گڏاڻي جي گرفتاري واري عمل کانپوءِ سموري سنڌ جي ورڪنگ جرنلسٽ، سنڌ صحافي تنظيم، سياسي، سماجي تنظيمن پاران اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي صحافي نصراللہ گڏاڻي جي آزاديءَ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. سموري سنڌ ۾ اھڙي سخت رَدِعمل اچڻ شرط صحافين جي تحفظ واري ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس “ر” رشيد اي رضوي معاملي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ گرفتار صحافي نصراللہ ڏاڻي تي لڳايل الزامن کي بي بنياد، اجايا ۽ ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته صحافي کي آزاد ڪيو وڃي. سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آھن، خاص ڪري اُتر سنڌ جي ضلعن ۾ صحافين لاءِ صحافت ڪرڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي، اھڙي سخت روين ۾ به سنڌ جو صحافي پنهنجي ڳوٺ شهر ٻهراڙيءَ جي مظلوم ماڻهوءَ جو ڀرجهلو ٿي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به مظلوم جي آواز کي دٻائڻ نٿو ڏئي ۽ ظالم جي ڪيل ظلم کي نروار ڪري ٿو. خاص ڪري اُتر سنڌ جي ضلعن ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۾ جتي سرداري راڄ قائم آھي اُن سرداري نظام ۾ رھي به سنڌ جو صحافي چٽو ۽ حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪري ٿو جيڪا اُتان جي طاقتور ڌُرين، سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي بنھ پسند ڪونهي، جنهن جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته نصراللہ گڏاڻي کي ڪنهن نه ڪنهن آڙ ۾ گرفتار ڪري سندس کي حيسائي ۽ دٻائي گرفتار ڪيو ويو آھي. (جاري)
عامر خان مهيسر/ راڻيپور
عورت باصلاحيت
۽ ذهين آهي!
اوشو رجنيش پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “مرد انتهائي اناپرست هوندو آهي ۽ مرد هن سماج کي ٺاهيو آهي” ان تي آئون حيران به ٿيس، وري اڳتي پڙهي ڏٺم ته ان ڪتاب ۾ عورت جو به ذڪر ٿيل آهي، ان ۾ عورت جي نالي هو لکي ٿو ته “هن سماج ۾ عورت لاءِ ڪا چڱي جاءِ ناهي” وري هن عورت جون خوبيون بيان ڪيون آهن، هن چيو ته عورت محبت جي خوبي رکي ٿي ۽ محبت جي صفت ۽ خوبي ته عورت جي پيدائشي خوبي ۽ صفت هوندي آهي، هن وري سماج تي ڳالهيو ان ۾ هن چيو ته هو گهڻي شفقت، گهڻي محبت ۽ سچائي جي مالڪ هوندي آهي، ڇا توهان مرد تخليق ڪري سگهو ٿا، سماج ۾ عورت هڪ جيئرو جاڳندو سماج تخليق ڪرڻ ۾ گهڻو مددگار ٿي سگهي ٿي هوءَ مرد کان مختلف ته آهي پر اڻ برابري ۾ نه هوءَ مرد جي ايئن برابر آهي جيئن ڪو مرد هوندو آهي ۽ هوءَ پنهنجي انفرادي صفتن ۽ صلاحيتن جي مالڪ آهي، جيڪي هن لاءِ نهايت ضروري آهن، رڳو پئسا ڪمائڻ ئي ڪافي ناهي، دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، هڪ خوبصورت گهر کي گھر بڻائڻ جي صلاحيت جي مالڪ آهي، جو هوءَ ڪنهن به ڇت کي گهر ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي هوءَ ان ۾ محبت ڀري سگهي ٿي هوءَ اهڙي حساسيت جي مالڪ آهي، هوءَ مرد کي ٻيهر جوان ڪري سگهي ٿي، ان کي سڪون ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن مرد ذهانت جو مالڪ آهي ته ان جو مطلب ناهي ته عورت ذهين ناهي هوندي، عورت ذهين به هوندي آهي، پر اسان جي هن معاشري ۾ عورت غلامي جو شڪار آهي.
حبدار علي ڪٻر/ڳوٺ باگو وداداڻي، سانگھڙ
ھڪ سبق!
اڄ کان ٺيڪ سئو سال پھريان يعني 1923ع ۾ ھڪ ليکڪ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته جڏھن 23 جو عدد يعني 2023 ٻيھر ڪئلينڊر تي ايندو ته اوھان ھوندو نه مان ھوندس، ان وڌيڪ لکيو ته ڪاش، عمر ايترو لحاظ رکي جو مان ٻيھر 23 جو عدد ڏسي سگھان، مان اھو ڏسي سگھان ته 2023ع ۾ ماڻھو ڪيئن ھوندا، 2023ع جو زمانو ڪيئن ھوندو پر ايئن ممڪن ناھي، ان وقت اسان جون قبرون، گمنام ٿي چڪيون ھونديون. ساحر لڌھيانويءَ جڏھن آخري پساهن ۾ ھيو تگ ان ڊاڪٽر کي چيو، ڊاڪٽر ڪپور، مان جيئڻ چاھيان ٿو، بيشڪ زندگيءَ تمام گھڻا ڏک ڏنا آھن پر دنيا ھڪ خوبصورت جڳھ آھي، ھتي دوستن يارن جون محفلون آھن، ھتي زندگيءَ جو شور آھي، 23 جو عدد جڏھن ٺيڪ 100 سال بعد ٻيھر يعني 2123ع تي ايندو ته پڪ سان نه اوھان ھوندئو نه مان ھوندس. ان وقت اسان جون قبرون قبرستان جي ڳتيل حصن ۾ گم ٿي چڪيون ھونديون، ڪجھ دٻيل ھونديون، ڪجھ نشان وڃائي چڪيون ھونديون، ان ڪري ڪوشش ڪيون ته ھي جيڪو زندگيءَ جو مختصر عرصو آھي ان کي خوشگوار ڪري گذاريون، ڪوئي اھڙو روح، ڪوئي اھڙو جسم نه ھجي جو ھتان زخم کڻي وڃي ۽ انھن زخمن جو الزام اسان جي سر تي ھجي.
عامر علي ڄامڙو/گمبٽ