جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو ٽيون)

 

هڪ ڀيري اسان ٻنهي بالي ووڊ جي تيري نام فلم ڏسي وار وڏا ڪيا، هو چوندو هو ته هو بالي ووڊ هيرو سلمان خان آهي ۽ آئون چوندو هئس ته آئون آهيان، جنهن تان اسان جا اڪثر جھيڙا پڻ ٿيندا هئا، ننڍپڻ جا اهي ڏينهن اڄ ياد ڪري ڏاڍي کِل ايندي آهي. هڪ شام ادو سجاد ۽ شان اسان جي هڪ مزدور سان گڏ اسان جي واڙي تي وڃي رهيا هئا ته آئون به تيار ٿيس پر مون کي بابا سائين روڊ تان واپس موٽائي آيو، ڇو جو بابا سائين جي مون کان سواءِ سرندي نه هئي. ٻئي ڏينهن هڪ کير وڪڙو ڪندڙ اچي اسان جي گھر نياپو پهچايو ته کير واري گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو آهي ۽ اُن ۾ موجود تمام فرد مري چڪا آهن، جن جا لاش سول اپستال ڏي موڪليا ويا آهن، هُن چيو ته اُن ۾ توهان جو به هڪ نينگر موجود هو، اها خبر اسان تي وڄُ بڻجي ڪڙڪي پئي. آئون ۽ امان رڪشا تي سول اسپتال روانا ٿي وياسين، گس تي ئي ايمبوليسن ۾ شان کي سڃاڻي ورتم، امان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. اسپتال ۾ هو هڪ اسٽريچر تي رت سان ڀريل پيو هو، جنهن جي چوڌاري ميڊيا جا نمائندا موجود هئا ۽ ڪو به ڊاڪٽر نه هو، هو بيهوشيءَ واري حالت ۾ به امان کي سڏي رهيو هو، جيڪا اُتي به ڊاڪٽر کي ڳولي رهي هئي، مون اُن ڏينهن محسوس ڪيو ته ڀاءُ ڪهڙي شيءِ هوندي آهي. شاني جي خوبصورت وارن مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو. سموري رات اُن اسپتال ۾ اسان جو پورو خاندنا موجود هو. ٻئي ڏينهن ڪراچي لياقت نيشنل اسپتال ۾ شان کي شفٽ ڪيونسي. هو اڃا تائين هوش ۾ اچي نه سگھيو هو، امان ۽ وڏو ڀاءُ سجاد هُن سان گڏ وارڊ ۾ هوندا هئا ۽ آئون ۽ بي امان منهنيج ماسي ۽ پڦي اما پارڪ ۾ رهندا هئاسين، جتي ٻيا به گھڻا مريضن سان آيل ماڻهو رهندا هئا. وارڊ ۾ اسان کي رات جو رهڻ جي اجازت نه هوندي هئي، ان لاءِ اسان پارڪ ۾ رهندا هئاسين، بي امان کي اسپتال جي ڪينٽين ۾ ويجيٽيبل سوپ پيئارڻ وٺي ويندو هئس، هيءَ اُها ئي ماسي امام زادي آهي جيڪا هينئر منهنجي جان جي دشمن ۽ مون تي مدعي آهي. هو مون کي رات جو دير تائين پنهنجي ننڍپڻ جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي جنهن ۾ هو ۽ هُن جي ننڍي ڀيڻ يعني منهنجي امان ڪنهن سپر وومين کان گھٽ ڪين هونديون هيون.(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

سنڌ ۾ بدامني جي باهه!

 

خبرناهي اهو ڏينهن ڪڏھن ايندو جڏھن سنڌ سک جو ساهه کڻندي، ورھيه وهامي ويا آھن جو سنڌ امن ۽ آشتي جو ڏينهن ناهي ڏٺو، سنڌ جا ماڻھو ھميشه بدامني جي آڙاهه ۾ سڙندا رهيا آھن، سنڌ جي شھرن ۾ انساني قتل عام معمول بڻجي ويو آھي ۽ ٻھراڙين ۾ قبيلائي دهشتگردي عوام جو روح رتورت ڪري رهي آھي. بدامني هڪ اهڙو مسئلو آھي جنهن کي جيڪڏھن اڄوڪي دور ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏجي ته شايد وڌاءُ نه ٿيندو، مڃون ٿا ته ماڻھن لاءِ ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ به هڪ وڏو مسئلو آھي، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي ايتري ته وڌي چڪي آھي جو ان بابت هر روز ڇرڪائيندڙ خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون، اتر سنڌ جا سڀ ضلعا قبيلائي تڪرارن جي باهه ۾ سڙن پيا، خاص ڪري ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ضلعي ۾ جهيڙن ڄڻ ته پنهنجو ديرو ڄمائي ڇڏيو آھي، پوليس ٿاڻا حڪومت ۾ ويٺل سردارن جا ٻڌا ٻانھا بڻيل آھن، قبيلائي دهشتگردي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل هتان جي عوام جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي، هتي ته انساني زندگي هڪ ڍور کان به سستي ٿي وئي آھي، ماڻھن کي پکين جيان شڪار ڪيو ٿو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور جي علائقي ۾ جيڪو قهر ٿيو ان سان سڄي سنڌ جي ساڃھه سڪتي ۾ اچي وئي آهي، هڪ نهايت ئي قابل استاد، پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر کي بيڏوهي قتل ڪيو ويو، پروفيسر اجمل ساوند جهڙي ڪنهن اعليٰ تعليم يافتا شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي ته مسئلي جو حل صرف ايف آءِ آر پوليس جي ڪارروائي، ڇاپا وغيره يا گهر ڊاهڻ ۽ ڇو نه کڻي جوابدارن جي گرفتاري ٿي وڃي، اهي سڀ ضروري قانوني ڪارروايون آھن پر اصل ڳالھه بدامني ۽ لاقانونيت جي خاتمي جي آھي، جنهن سنڌ ۾ ھڪ اهڙي شڪل اختيار ڪري ڇڏي آھي جو هاڻ محسوس ٿي رهيو آھي ته شايد سنڌ ۾ گهرو ويڙهه شروع ڪرائي وئي آھي. پروفيسر اجمل ساوند کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو، واقعي جو ڪارڻ سندراڻي- ساوند خوني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ڪارنهن جي الزام تان شروع ٿيو ۽ ان تڪرار ۾ ھڪ عورت سميت ٻيا به ڪيترائي ماڻھو قتل ٿيل آھن. سنڌ قبيلائي جهيڙن جي ڪري تباهه ٿي رهيو آھي. سنڌ حڪومت کي قبيلائي جهيڙن ۽ سنڌ ۾ ھلندڙ رتوڇاڻجو ان حد تائين نوٽيس وٺڻ گهرجي جو جن ضلعن ۾ ان قسم جا واقعا ٿين ٿا اتي ٺاپر اچي سگھي.

 

بجار جعفري/ ڪرمپور

 

هڪ چٺي سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ جي نانءُ!

 

بخدمت ۾ جناب سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ اميد ٿي ڪجي ته سائين جن خوش ھوندا، جناب اعليٰ! اوھين به ڄاڻو ٿا ته ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ تدريسي عملي جي مقرري جي شروعات ليڪچرار جي عھدي کان ٿيندي آھي، جيڪي وڃي پروفيسر جي عھدي تي ختم ٿيندي آھي پر اھو عھدو چند خوش نصيب ماڻھن جي ئي نصيب ۾ ايندو آھي نه ته ڊپارٽمينٽ طرفان پروموشنز ۾ سستي سبب اڪٽر ڪاليجي استاد 18ھين يا 19 ھين گريڊ ۾ ئي رٽائرڊ ٿي ويندا آھن، جنھن جو مکيه سبب ڊپارٽمينٽل پروموشن جي سستي آھي. ڪاليجي استادن جي نمائيندگي ڪندڙ تنظيم سپلا سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرر ايسوسئيشن جي ڪوششن سان گذريل سال فور ٽائر روائيز ٿيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪافي ليڪچرارن کي اڳيئن گريڊ ۾ ترقي ملي ۽ اھي ھن وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور پنھنجون خدمتون ڏئي رھيا آھن. سندن ترقي ماڻڻ کان پوءِ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرارن جي تمام گھڻي کوٽ آھي ان لاءِ اوھان جي خدمت ۾عرض آھي ته تازو مختلف سبجيڪٽن ۾ ڪميشن پاس ڪندڙ ليڪچرارن کي جلد آفر ۽ پوسٽنگ آڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن ليڪچرارن جي کوٽ ختم ٿي سگھي ۽ گڏوگڏ جيڪي ليڪچرار 2012ع واري ڪميشن پاس ڪري ھڪ ئي گريڊ ۾  گذريل 10 سالن کان وٺي مختلف ڪاليجز اندر پنھنجون خدمتون ڏئي رھيا آھن ۽ اڳيئن گريڊ ۾ پروموشن جو شدت سان انتظار ڪري رھيا آھن ان لاءِ اوھان جي خدمت ۾ عرض آھي ته تازو 400 کان مٿي اسسٽنٽ پروفيسرن ترقي ماڻي ايسوسئيٽ پروفيسر بڻيا آھن. سندن ترقي ماڻڻ کان پوءِ ڊپارٽمينٽ ۾ اھي جايون ۽ ڪجھه ٻيون جايون پڻ خالي ٿيون آھن، جنھن سبب تدريسي عملو کوٽ جو شڪار بڻيل آھي. سائين جن خدمت ۾ عرض آھي ته انھن خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ ڊپارٽمينٽ کان جلد ليٽر جاري ڪرايو وڃي ته جيئن 2012ع واري ڪميشن پاس ڪندڙ ليڪچرار جيڪي ترقيءَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آھن اھي پڻ اڳيئن گريڊ ۾ ترقي ماڻڻ کان پوءِ ساڳئي  جوش و جذبي سان پنھنجون تعليمي خدمتون  جاري رکن.

 

ستار سنڌي/ ڪنب

 

ڇا اسان ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي سگھه نٿا رکون؟!‎‎

اسان جي ملڪ ۾ امن امان سدائين سواليه نشان رهيو آهي، ان جا ڪيترائي سبب آهن جنھن ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ ڏکيو هجي اتي ترقي ٿيڻ ڏکي به نه پر ناممڪن هوندي آهي، اسان جي ملڪ کي جيترو خطرو ٻاهرين دشمنن مان آهي اوترو ئي اندرين امن دشمنن مان به آهي. ڳالھه ڊگهي ٻئي ڀيري ڪبي في الحال ڳالھه ڪريون ٿا ڪچي جي ڌاڙيلن جي جيڪي ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي وغيره ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ويٺا آهن، جو جڏھن به جنهن کي چاهين کڻي گم ڪري ڇڏين ٿا يا جڏهن جنهن کي چاهين گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏين ٿا ۽ انهن بيڏوهي ماڻهن جي ڪير دانھن ٻڌڻ وارو به ناهي. پنهنجي ملڪ ۾ قانوني ادارا هوندي به ماڻهو ننڌڻڪا ٿي ماريا پيا وڃن، ڌاڙيلن جا ٽولا هاڻي ڌاڙيل ڪلچر ٿي اڀريو آهي پر مجال آهي جو قانوني ادارا حرڪت ۾ اڇن ۽ اسان اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته آخر انهن ڌاڙيلن کي جديد هٿيار، ڊرون ڪئميرائون، بلٽ پروف جيڪٽس ۽ لانچر پهچائيندڙ سهولتڪار ڪير آھن؟ ڇا اهي هٿيار ڪنھن پوليس چوڪي کان ٿي نه گذريا ھوندا؟ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته پوليس کي سڀ خبر آهي، چرس ڪٿي ٿو وڪامجي! رڳو ڏوهه پوليس کي ڏيڻ به مناسب نٿو سمجهان، ڇو ته هن گورک ڌنڌي ۾ اسان جا ڀوتار به شامل آهن، هاڻي اهو ڌاڙيل ڪلچر رڳو ڀنگ لاءِ  اغوا نه رهيو آهي پر اهو ڌاڙيل بزنس ٿي ويو آهي. ٻڌڻ ۾ اهو به آيو آهي ته اغوا کان پوءِ هڪ ڌاڙيل ٽولو وڌيڪ پئسن عيوض ٻئي ڌاڙيل ٽولي کي وڪڻي ڇڏي ٿو جيڪو انتهائي ڏکيو پل آهي اتان واپسي يا ته پئسن تي ممڪن آهي يا موت تي! سنڌ جنھن کي اسان امن جي نگري چيو وڃي ٿو جڏهن اهو ڌاڙيل ڪلچر دنيا ڏسي يا ٻڌي ٿي ته امن جي نگري کي ڀوڳ محسوس ڪندا ھوندا، جيڪو سنڌ ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي. اسان وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي عرض ٿا ڪريون ته خدارا جلد کان جلد نيشنل ايڪشن پلان تحت گڏيل آپريشن ڪري سنڌ جي عوام کي موت جي منهن کان بچايو وڃي.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

فرض شناسيءَ جو قدر ڪريو!‎‎

 

بوائز ھاءِ اسڪول سجاول  جي وسيع عمارت کي ڏوھارين جي آماجگاهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ھو ھيڊ ماستر ھوندي به تعليمي اداري جو تقدس برقرار رکڻ خاطر محافظ جو ڪردار ادا ڪندي ڏوهارين جي گينگ جي اکين جو ڪنڊو بڻجي ويو، ڌمڪين، داٻن، سنگين نتيجن ڀوڳڻ جي پرواهه نه ڪندي فرض شناسي تعليمي پورھيو اداري جي مالڪي بھتر سار سنڀال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ بوائز ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر اعظم نثار عمراڻي کي وقت به وقت اذيتون سهڻيون پيون، ڪڏھن ضلعي بدري، بدلي ته ڪڏھن موتمار ڌمڪيون

اسان جيان به جيئي ڪو  جھان ۾،

سدائين نشان تي سدائين امتحان ۾..!

گذريل ڏينهن ڪجھه منشيات فروشن کي اسڪول ۾ نشو واپرائڻ کان منع ڪرڻ تي مٿس قاتلاڻو حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو، ڪرنگهي جي هڏي ۽ دماغي زخمن سبب کيس پيرالائز ڪري ھلڻ ڪرڻ کان لاچار ڪري ڇڏيو آهي. بس بيوسي بيحسي جي عالم بستري ڀيڙو ٿيل آهي. اونداهين ۽ جھالتن جا ديوتا نٿا چاھين ته لاڙ جي پٺتي پيل علائقن ۾ ڪو تعليمي ادارو آب تاب سان ھلندو رھي، اعظم نثار عمراڻي اسڪول جي صفائي سٿرائي، تعليمي معيار، وقت جي پابندي کي اھم ترين سمجھي ٿو، اسڪول ۾ راندين جا مقابلا ڪرائي آسپاس جي علائقن جي اسڪولن جي ميزباني ڪرڻ اھم ڪردار ادا ڪندو آهي. سياسي، مذھبي، سماجي، تنظيمن استادن جي تنظيمن گسٽا، پي ٽي الف، تعليم واري منسٽر سيد سردار شاهه، تعليمي سيڪيٽري اڪبر لغاري کي گھرجي ته اعظم نثار عمراڻي جو حال احوال معلوم ڪري کيس آٿت ۽ پنھنجائپ جو احساس ڏيارين جيئن ھو دل شڪستو نه ٿئي.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

استادن سان انصاف ڪيو!‎‎

 

عام طور تي ڏٺو وڃي ته سنڌ تعليم جي حوالي سان ٻين صوبن کان وڌيڪ پٺتي پيل آهي، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، عمارتن جي زبون حالت، استادن کي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ، انهن جي مسئلن کي حل نه ڪرڻ، خاص ڪري پرائمري استاد سدائين مسئلن جي ور چڙهيل هوندا آهن، اتي وري ڪو پروفيسر ٻاهرين ملڪ مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ فرانس ڇڏي پنهنجي ديس واسين کي قومي فرض تعليم ڏيڻ لاءِ اچي ته ان کي قبيلائي تڪرار سبب قتل ڪيو وڃي، ان کان وڌيڪ جهالت ڪهڙي ٿيندي ته پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر اجمل ساوند کي بنا ڪنهن سبب جي شھيد ڪري ان کي پلاند جو نالو ڏنو وڃي ۽ ٻئي طرف سجاول جي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر تي موالي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏين ۽ اسان جي حڪومت ڪو به نوٽيس نه وٺي ته ڇا سمجهڻ گهرجي ته قبيلائي اڳواڻ ۽ موالي استادن کان مٿانهان آهن ڇا؟ هن وقت سنڌ کي تعليم جي ضرورت آهي پر حڪومت تعليم ڏيندڙن جي سنڀال نٿي ڪري سگهي. استادن کي بنا ڪنهن فرق جي سهولتن سان گڏ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ استادن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

بشير خان ميراڻي/بٺورو

 

جنسي حراسان ٿيڻ تي خاموشيءَ بدران آواز اٿاريو!‎‎

 

جنسي حراسان نفرت انگيز عمل ۽ ھڪ اھڙو رويو آھي جڏھن ڪو به انسان ان جو شڪار ٿئي ٿو ته ان جي ڪيفيت کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ۾ خوف ۽ حراس ۾ رھڻ، بيچيني، گھٻراھٽ، مايوسي ۽ ذلت محسوس ڪرڻ، خود اعتماديءَ جو گھٽجڻ، ڪمڪار جي پيداوار کي ختم ڪرڻ، اڳيان وڌڻ يا ٻاھر نڪرڻ کان پنھنجو پاڻ کي محروم ڪرڻ، اسڪول، ڪاليج، آفيس يا ان ساڳئي جاءِ تي وڃڻ کان ڪيٻائڻ شامل آھن. جيئن ته اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ته اھڙا ڪيترائي واقعا سامھون اچن ٿا جنھن ۾ ننڍي عمر جون نياڻيون توڙي وڏي عمر جون عورتون مختلف ھنڌن ۽ بھانن ذريعي جنسي حراسگيءَ جو شڪار ٿين ٿيون، جنھن ۾ ڪڏھن ڪنھن ٻار کي ڪجھه شيءَ ڏيڻ جي لالچ ۾ ته ڪڏھن عورت کي اٽي جي ٿيلھي جي بدلي ذريعي. ان کان سواءِ اڄ ڪلھه جي مھانگائي سبب مردن مان بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي سگھه پڻ ختم ٿيڻ سبب عورتون به گھر ھلائڻ خاطر ڪمائي ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاھن ٿيون پر بدقسمتيءَ سان اھي ڪنھن طرح سان انھن دردن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. مطلب ته ڇوڪريون/عورتون ھن سماج ۾ غير محفوظ آھن، ڇو جو وقت جي تقاضائن مطابق پاڻ کي تبديل ڪرڻ چاھن ٿيون پر پوءِ به معاشرتي لحاظ کان ڪا نه ڪا رنڊڪ يا پريشاني کي منھن ڏيڻو پوين ٿو. جيتوڻيڪ جنسي حراسان گھڻ رخي مسئلو آھي ۽ ان جا ڪيترائي قسم آهن، جن کي واضح طور بيان نٿو ڪري سگهجي، جڏھن ته حراسان ٿيندڙ مظلوم تي ڪيترو خراب اثر چڏي ٿو، ان جو ڪير اندازو نٿو لڳائي سگھي ته انھن مٿان ڇا گذرندو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ظلم، بدناميءَ ۽ خوف سبب اھي سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به اڻڄاڻ ۽ خاموش رھڻ ئي بھتر سمجھنديون آھن. وقت جي تقاضا اھا آھي ته ڇوڪريون ۽ عورتون به پنھنجو تحفظ ڄاڻن ۽ ورڪ فورس جو برابر حصو ٿين، جنھن سان غربت ۽ بيروزگاري جھڙي طوفان سان منھن ڏئي سگھي ٿو. ياد رکڻ گھرجي ته اسين مظلوم ناھيون، وقت اچي چڪو آھي ته اسين به مظلوميت کان نڪري بھادري سان مقابلو ڪيون

 

تانيه سليم/حيدرآباد

 

رمضان شريف جو مهينو ۽ آخري ڏهاڪو!

 

رمضان جو مهينو اچڻ شرط سمورا مسلمان ان بابرڪت مهيني جي خوشي ۾ خدا تعالى جو شڪر بجا آڻيندا آهن، ڇاڪاڻ ته رمضان ۾ روزا مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن، جنهن فرض جي ادائيگي دنيا ۽ آخرت ۾ وڏي فائديمند ثابت ٿيندي آهي. رمضان جو پهريون ڏهاڪو رحمت، ٻيو مغفرت، ٽيون جهنم کان نجات جو پروانو ڏيندو آهي پر ڏٺو وڃي ته سڄي رمضان جو بابرڪت مهينو ڌڻي تعالى جي رحمت، مغفرت جو جلوو ٿيندو آهي. ان مهيني ۾ خدا تعالى طرفان رحمت ۽ ڪرم جي برسات هوندي آهي. جنهن ماڻهو ان مهيني ۾ مغفرت جو فائدو حاصل نه ڪيو ته يقين سمجهو اهو خساري ۾ رهيو. ڇاڪاڻ خدا تعالى طرفان ان مهيني ۾ رحمت ۽ مغفرت عام ڪئي آهي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته رمضان جو آخري ڏهاڪو جنهن کي بلاشڪ خاص اهميت حاصل آهي. ان ڏهاڪي ۾ خدا تعالى جي جنتي نعمتن ۽ فضيلتن جو مثال ڪٿي نٿو ملي. اهو سڄو ڏهاڪو اعتڪاف لاءِ به مخصوص آهي. رب جي رسولﷺان ڏهاڪي ۾ اعتڪاف فرمايو ۽ صحابه ڪرامؓ به جنهن کي پنهنجو معمول بڻايو ۽ مسلمان امت ۾ ان کي هڪ روايت جي طور تي قبول ڪيو. سڀ جا سڀ صالحين ۽ اڪابرين ان ڏهاڪي ۾ اعتڪاف ۾ ويهندا آهن هر مسجد ۾ اعتڪاف جو احتمام هوندو آهي. اهڙي طرح اعتڪاف يعني رب تعالى جي خوشنودي ۽ رضا لاءِ جاري هوندو آهي. اعتڪاف جهڙي اهم ترين سنت کان سواءِ ان ڏهاڪي ۾ ليلة القدر به آهي. ليلة القدر اهڙي مبارڪ رات آهي جنهن ۾ رب تعالى قرآن مجيد نازل فرمايو. جيڪا رات هڪ هزار سالن کان افضل آهي. ان رات ۾ ملائڪ آسمان کان هيٺ لهندا آهن ۽ جبريل امينؑ به لهندو آهي،  جنهن رات ۾ رب تعالى جي رحمت جا فيصلا ٿيندا آهن. ڳالهه اها آهي ته ان ڏهاڪي ۾ دعا ڪجي ته خدا تعالى پنهنجي فضل سان دنياوي معاملن ۾ اهڙيون سولايون پيدا فرمائي ته گهڻي کان گهڻيون پريشانيون دور ٿي وڃن. فرض سنت ۽ نفل عبادت سان گڏ قرآن پاڪ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو شوق ۽ توفيق پيدا ٿئي. گڏوگڏ سماجي خدمت به ڪجي ته بهتر ٿيندي. هن خط ذريعي سڀني روزيدار ڀائرن ۽ اعتڪاف ۾ ويٺل دوستن کي خاص دعائن لاءِ درخواست ڪجي ٿي. اميد دعاگو ٿيندا ۽ رهندا.

 

محمد اسلم ماڪو /پنوعاقل

 

الھورايو ھاليپوٽو ڳوٺ کي اسڪول ڏيو!‎‎

 

ٻار جي پيدائش کان ان جي سٺي تربيت سان گڏوگڏ تعليم به ايتري ضرور آهي جو اڳيان پنهنجو سٺو مستقبل ٺاھي جي تعليم نه ملندي ته اهو پنهنجو سٺو مستقبل ڪيئن ٺاھيندو؟ تعليم ان جي ٽين اک آهي، ان کان سواءِ انسان اڌورو آ، ايئن ئي هي ڳوٺ الھورايو ھاليپوٽو تعلقي سيوھڻ ۾ ڳوٺ آهي، سيوھڻ کان تقريبن 13 ڪلو ميٽر پري آھي ۽ ڳوٺ پراڻو ۽ وڏو آھي، ان ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 3 سو گھر آھن پر افسوس جو اڃا تائين هتي اسڪول ناهي ٺھرائي ڏنو ويو، ڇا ان ڳوٺ جو عوام ٽئڪس نٿو ڏئي؟ يا ان ڳوٺ ۾ تعليم ضروري ناهي؟ هن دور ۾ به اسان جي نئين نسل کي تعليم نه ڏني وئي ته اڳيان مستقبل ۾ کيس تڪليفون اينديون، چاھي غريب هجي يا امير پر تعليم لازمي قرار ڏنل آھي، ان ڳوٺ جي اسڪول لاءِ ڪافي ڀيرا بجيٽون به منظور ٿي آيون آهن پر خبر ناهي اهي بجيٽون ڪيڏانهن ھڙپ ٿي وڃن ٿيون ۽ ان اسڪول جي عمارت آھي ئي نه، نه وري ڪو سوچيو ويو آهي ته ڇا اهي بجيٽون اتان جي عوام کائي ٿو وڃي؟ جي عوام کائي ويو ته وڏيرن وٽ بنگلا ڪارون ۽ ايتريون زمينون ڪٿان آيون؟ ڪک پتي مان لک پتي ڪيئن بڻيا؟ مان عرض ڪندس سنڌ جي باشعور عوام کي ته پنهنجي حق ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالھايو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ۽ سنڌ جي تعليم جي وزير کي ته ھيڏانهن به نگاهه ڪريو، اسان جا نوان نسل تباهه ٿي رھيا آھن، اسڪول ڏيو، تعليم ڏيو، روڊ رستا ڏيو ته جيئن نون نسلن جي زندگي سٺي گذري .

 

وفا اظھر علي/ سيوھڻ

 

ايس ايس پي حيدرآباد کي عرض!

 

اھا اسان سڀني جي وڏي بدنصيبي آھي، جو پاڻ پاڪستاني آھيون، ان کان به وڏي بدنصيبي آهي جو سنڌ جا رھواسي آھيون. پاڻ سالن کان پيا پوليس جي ناقص ڪارڪردگيءَ کي منهن ڏيون، آئون پنهنجي سوٽ سان گڏ 11 اپريل 2023 عيسوي تي او پي ڊي سول اسپتال حيدرآباد ۾ اينٽي ھيپاٽائٽس جي ويڪسين لڳرائڻ ويس، اسپتال ۾ 10:33 تي صبح جو پنهنجي موٽر سائيڪل (جيڪا سي ڊي 70 2022 ماڊل، ڪاري رنگ جي آھي) بيھاري، آءِ ويڪسين ڪرائڻ ويس، بس چند منٽن ۾ واپس آيس ته منهنجي بائيڪ گم ھئي، پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊس کان پڇا ڪيم، جنهن تي پوليس وارن ٻڌايون ته ھتان ھر روز چار کان پنج اسڪوٽر چوري ٿي ويندا آھن.  ھلندڙ مھيني جي شروعاتي ڏهه ڏينهنن ۾20 کان مٿي اسڪوٽر صرف سول اسپتال مان چوري ٿي ويا آھن. آئون پنهنجي گاڏي سي سي ٽي وي ڪيميرا جي سامهون بيھاري ھئي،جڏھن سي سي ٽي وي انچارج کان حال احوال ڪيو ته ھن سڄو رڪارڊ ڏيکاريو. ٻه شخص جيڪي ويڊيوز ۾ صاف ڏسي سگھجن ٿا، منهنجي گاڏي جو لاڪ ٽوڙي ڪاھي وڃي رھيا ھئا. آئون ڏاڍي ھاءِ گهوڙا ڪئي پر پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو. ڪجھه پوليس وارن چيو ته حد واري پوليس تي وڃ، آئون مارڪيٽ پوليس اسٽيشن حيدرآباد ويس پر پوليس ڪو به داد فرياد نه ڪيو، ابتو ھڪ پوليس جو آفيسر چئي رھيو ھو ته بابا سڀ قسمت جو ڪم آھي. واقعي جيڪڏھن سڀ قسمت جو ڪم آھي ته پوءِ ھي پوليس جو ادارو ڇو کوليو ويو آھي؟ بند ڪري ڇڏيو ان اداري کي، سڀ ڪم پيا قسمت تي ٿيندا. آئون قانون جو شاگرد آھيان پر جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي پوليس ڪري رھي آھي اھڙي ڪو به شهري ناهي ڪندو. چورن جا فوٽو ۽ وڊيوز پيا آھن، اھي سولائيءَ سان پڪڙجي سگهجن ٿا، ان باوجود پوليس ڪو تحرڪ نٿي وٺي. آئون حيدرآباد جي ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد شيخ کي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي چوري ٿيل بائيڪ واپس ڪرائي وڃي، آئون ھڪ غريب ماڻهو آھيان مون کي پنهنجي گاڏي واپس ڪرائي ڏني وڃي.

امتياز عيسيٰ ھاليپوٽو/سيوهڻ