سدائين جيئڻ يا امر ٿيڻ جي انساني خواھش!

 

ڪجھ ڏينهن اڳ يورپ جي نئين ٽيڪنالاجيءَ بابت پڙھڻ جو اتفاق ٿيو. ٽيڪنالاجي تعارف ھن طرف ھو ته انسان جي جسم کي ٻيھر زندھ ڪرڻ جو پراجيڪٽ، ان ۾ مري ويل انسانن جي خواهش ۽ وصيت موجب يا ڪجھ جي وارثن جي خواهش خاطر انهن جي مرده جسمن کي نائٽروجن گئس سان ڀريل ھڪ خاص قسم جي ڌات مان بڻيل سلينڊرن ۾ وڌو ٿو وڃي ۽ اھا اميد ڪئي پئي وڃي ته اڳتي ھلي لائف سائنسز ۽ ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪندي جو انهن مردہ جسمن کي ٻيھر جيئرو ڪري سگھبو. مطلب مستقبل ۾ موجود ھجڻ يا اڃا گھڻو جيئڻ جي خواھش تي يورپ جا امير لکين رپيا پيا خرچ ڪن. ٻيو به ان سان ملندڙ جلندڙ پراجيڪٽ نظرن مان گذريو ته انسان جي يادداشت کي ڪاپي ڪري ڪنهن ڪمپيوٽر چپ تي سيوو پيو ڪيو وڃي ۽ اھا اميد ڪئي پئي وڃي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ روبوٽڪ ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪندي جو انساني يادداشت وارا روبوٽ پيا ان مري ويل انسان کي جيئرو رکندا. مطلب ته ھن ۾ به انسان جي مستقبل ۾ موجود ھجڻ جي خواهش عيان آھي. ان ٽيڪنالاجيءَ تي ڪروڙين رپيا پيا خرچ ٿين. ان کان سواءِ ٽائيم ٽريويل ٿيوري آھي جنهن ۾ ماضيءَ ۾ وڃڻ جا ته ڪجھ ڪامياب ڪجھ ناڪام تجربا ٿيا پر ھاڻي مستقبل ۾ وڃڻ واري تحقيق تي ڪم ھلي پيو ۽ ان ٽيڪنالاجيءَ تي به چڳو ڀلو خرچ ھلي پيو. مطلب ان ۾ به مستقبل کي ڏسڻ يعني مستقبل ۾ جيئڻ جي خواھش ڀريل آهي. ايئن ھڪ قصو ٿو ياد اچي ته ھڪ محفل ۾ ويٺا ھئاسين ته اسٽيج تي انائونسمنٽ ٿي ته فلاڻي مشھور مرحوم راڳيءَ جو شاگرد اچي اسٽيج تي ڳائيندو. اسان پنهنجي بحث جي يکيءَ ۾ لڳا پيا ھئاسين ته نوجوان فنڪار ڳائڻ شروع ڪيو ته سنگت مان ڪنهن رڙ ڪري چيو ته اڙي ھي ته صفا فلاڻو استاد پاڻ پيو ڳائي ته ان تي مون وڏي فلسفي استاد جيان شد مد ڏئي چيو ته اھا ئي ته آهي اصل ٽيڪنالاجي اھا ئي اصل امرت آھي، اھا ئي ٽائيم ٽريويل ٿيوري آھي ته استاد واھ جو سيکاريو اٿس، ڄڻ استاد پاڻ ويٺو آهي. مطلب جسماني طور مرده ٿي به پنهنجي ھنر ۽ ڏات ذريعي موجود آهي. مطلب پنهنجي مستقبل ۾ موجود ھجڻ جي خواهش کي ڪيڏو خوبصورتيءَ سان بنا ڪجھ ڏوڪڙ خرچ ڪري به پورو پيو ڪري. سو ڳالھ ڪجھ ايئن ھئي ته مڙئي ڪڏھن ڪڏھن سوچ کي آئوٽ باڪس به گھمائي ڏسجي.

 

حسين جوڻيجو/خيرپور

 

نيوڇور واسي اڄ به پاڻي لاءِ پريشان آهن!‎‎

 

نيوڇور واسين جي ان کان وڌيڪ بدقسمتي ڪهڙي هوندي ته سال جا 12 ميهنا هي پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ سڪن ٿا، ڀلي ٻوڏ هجي يا جسم کي سڪائيندڙ سيءُ هجي يا جون جولاءِ جي ڀيناڪ گرمي، نيوڇور جي عوام پاڻي لاءِ پريشان رهندي آهي، آخر ايئن ڇو آهي، اهو سوال نيوڇور جي عوام ڪڏهن نه ڪيو آهي، موجوده نيوڇور واسين جا سور جيڪڏهن لکڻ شروع ڪيون ته ڪافي مسئلا ظاهر ٿيندا، گذريل ڏهن سالن کان به مٿي عرصو ٿي ويو آهي، هي عوام پاڻي جهڙي نعمت کان وانجهايل رهيو آهي، جي نيوڇور واسي ٿوري به همٿ ڪن ته هنن جو اهو تمام پراڻو مسئلو حل ٿي وڃي پر ڇا ڪجي؟ صاحب هن تيز زماني ۾ ڪنهن کي وقت آهي جو دانهن ڪري؟ ڪجھ اسان جي سستي آهي، ڪجھ واٽر سپلاءِ تي ڪم ڪندڙن جي لاپرواهي، اهي ٻئي ڳالهيون گڏجي عوام لاءِ اهنجن جو سبب بڻيل آهن. پاڻي لاءِ عوام سور پيو پٽي، حيرت ان ڳالھ جي آهي ته هن ڀلاري ميهني ۾ به عورتون پاڻي مٿي تي ڀرينديون آهن، انهن عورتن مان اڪثريت روزيدار عورتن جي هوندي آهي پر ڇا ڪجي؟ هتي ڪير ڪنهن جي مجبوري سمجهي ايتري سمجهنداري ڪٿي آهي؟ هتي ته بس سر جي بازي سر سان آهي، وڌيڪ انتظاميا جي مرضي آهي، هاڻ ڪهڙو ٿي قدم کڻي ۽ ڪيئن ٿي نيوڇور واسين کي پاڻي پهچائي؟

 

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

مليريا ۾ ورتل معصوم ٻارڙا ۽ مڇرمار ڦوھاري جي اڻاٺ!

 

خيرپور ضلعي جي اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ڏيکاري عوام کي دوا جي ھڪ شيشي لاءِ دربدر ڪيو پيو وڃي شھري ۽ ٻھراڙي وارا صحت مرڪز بيلاڀ بڻيل آهن، جتي مليريا، بخار ۾ معصوم ٻارڙا زندگيون وڃائي رھيا آھن، نه رڳو مليريا پر سائي توڙي ڪتن چڪڻ جون ويڪسينون پڻ اڻلڀ ٿي ويون آھن، ان ڄاڻايل بيمارين جا ڪيترائي مريض اسپتالن ۾ رلندي دانهون ڪندي ڏٺا ويا آھن ۽ انهن بي پھچ غريب، مڪسين، مريضن جون معاشي حالتون ٺيڪ نه ھجڻ توڙي ڪا سياسي سفارش نه هجڻ ڪري اھي مريض پريشانين جي ورچڙھيل ھوندا آھن. ضلعي سطح تي سرڪاري دوائن جي ڪوٽا مقرر ھجڻ باوجود اتي غريبن کي علاج جون ڪي به سھولتون نه ملي رھيون آھن، ان جا ڪھڙا ڪارڻ ٿي سگھن ٿا، ڊِي ايڇ او ڊسٽرڪٽ آفيسر توڙي ان جي عملي پاران ننڍن شھرن جي سرڪاري اسپتالن کي دوائون نه ڏيڻ يا وري نظرانداز ڪرڻ اڪثر انهن جي عادتن ۾ شمار ٿي ويو آھي، ڪڏھن ڪڏھن ٻھراڙي جي اسپتالن جي حدن ۾ روڊن تي وڏا حادثا ٿيندا آھن ۽ دوائن جي اڻاٺ سبب بروقت زخمي جو علاج ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويندو آھي، جنهن ڪري روڊ حادثي جو شڪار ٿيل زخمي زندگي وڃائي ويھندو آھي. اھڙي قسم جا ڪيترائي واقعا اکين آڏو گذرڻ باوجود ماڻھو بيوس ٿي پوندو آھي، ڇاڪاڻ ته ھر تعلقي جي سرڪاري اسپتال کي تعلقي جو درجو ملڻ به ضروري سمجھو پيو وڃي، صحت کاتي جي ررول ايڪٽ تحت ھر تعلقي کي درجو ملڻ کپي اڪثر اسپتالن کي تعلقي جو درجو يعني اپ گريڊ نه ٿيڻ تي ان اسپتال کي دوائن جي ڪوٽا پوري نٿي ملي، انهن ضلعي جي رھيل تعلقي اسپتالن کي فوري اپ گريڊ ڪرڻ گھرجن، جيڪي ڪوتاھيون سيڪريٽري صحت جي زمزي ھيٺ اچن ٿيون ھر تعلقي جي سرڪاري اسپتال کي اھي سموريون سھولتون مھيا ڪري ڏين، ڇو ته اڪثر تعلقن جي انساني آبادي جا انگ اکر لکن جي تعداد ۾ ھجڻ ڪري انهن صحت مرڪز جي ادارن ۾ دوائون ان حساب سان ڏئي کوٽ کي منهن ڏيڻ صحت کاتي جي ذميواري آھي ته ماڻھن جي علاج کي يقيني بنائڻ صحت کاتي جي صوبائي وزيرعذرا پيچوھو ۽ صحت جي سيڪريٽري سميت ڊي ايڇ او خيرپور کي گذارش ڪئي پئي وڃي ته خدارا خيرپور ضلعي جي تعلقي ھيڍڪوارٽرز جي سرڪاري اسپتالن کي دوائن سميت ٻيون سھولتون جلد ڏياريون وڃن ته جيئن ٻھراڙي وارن اسپتالن جي مريض ماڻھن جو مفت علاج ٿي سگھي ۽ ٻھراڙي وارن علائقن جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ مڇرمار دوائن جو ڦوھاروڪري مليريا بخار جو خاتمو آندو وڃي.

 

گل بيگ چانگ/خيرپور

ڇا داسو ڊيم منصوبو پاڪستان لاءِ فايديمند آهي؟

 

سنڌو درياههه جو قدرتي رخ موڙي داسو ڊيم پاور پلانٽ جي اڏاوت لاءِ هڪ سرنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. سنڌو درياهه قدرتي وهڪري جي بدران هٿرادو ٺهيل ٽنل ذريعي گذرڻ لڳو آهي. داسو هائڊرو پراجيڪٽ ٺھڻ جو تعميراتي ڪم هو سو واپڊا حاصل ڪري ورتو آهي، يعني ڊائورجن ٽنل ٺھي چڪو آهي ۽ ان سان گڏ درياهه جو رخ قدرتي رستي تان هٽائي 1.33 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ 20 ڪلوميٽر ويڪري  ٽنل مان گذاريو ويو آهي. داسو ڊيم مان 4320 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ هي ڊيم ٻن مرحلن ۾ ٺاھيو پيو وڃي. پهرئين مرحلي ۾ 2160 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ به ايتري ئي بجلي ملي سگھندي. ڊيم جي ٺھڻ جون ٻيون سرگرميون جيئن ته اسٽارٽر ڊيم تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ ڊيم جي ٻي ٽنل جيڪا 1.5 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، ان سرنگ کي به اپريل جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. في الحال داسو ڊيم جي فيز 1 تي ڪم جاري آهي، جيڪو 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان مان بجلي جا 12 ارب يونٽ پيدا ٿيندا ۽ فيز 2 جي مڪمل ٿيڻ سان ان مان به 9 ارب يونٽ واڌاري بجلي پڻ حاصل ٿيندي. گڏيل حساب ۾ هي ڊيم 21 ارب يونٽ سستي بجلي جا نيشنل گرڊ کي فراهم ڪندو. ان ڊيم جي تڪميل ۾ نه رڳو چين پر روس جي حڪومت به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. روس جي حڪومت داسو ڊيم جي ٻئي مرحلي لاءِ اليڪٽرو مڪينڪ مشينري ڏيڻ چاهي ٿي ۽ انهي بهترين منصوبي کي ٺاهڻ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور مدد لاءِ تيار آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ روس ۽ پاڪستان جي حڪمرانن جي ملاقات به ٿي چڪي آهي. داسو ڊيم هڪ بهترين منصوبو آهي، جيئن ته پاڪستان ۾ 10000 ميگاواٽ کان وڌيڪ ھائڊرو پاور پراجيڪٽ لڳي رهيا آهن، جنهن لاءِ پاڪستان جي گرڊ سسٽم ۽ ڊسٽريبيوشن سسٽم کي بهتر بنائڻ تمام ضروري آهي. جڏهن ته داسو ڊيم، مهمند ڊيم ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ٺهي مڪمل ٿيندا، تڏهن ئي پاڪستان جو بجليءَ جو نظام ترقي ڪري سگھندو. تازو ٿيندڙ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف واري ميٽنگ ۾ به سڀ کان وڏي رنڊڪ پاڪستان جي بيڍنگي اينرجي سسٽم جي ڪري ٿي. پاڪستان لڳ ڀڳ 3000 ارب کان به وڌيڪ بجلي جي قرض ۾ ٻڏل آهي. جيڪو مهابگي بجلي پيدا ڪري استعمال ڪرڻ جو نتيجو آهي، جنهن ڪري پاڪستان جا گردشي قرض وڌندا پيا وڃن ۽ ملڪي معيشت زوال جو شڪار ٿيندي پئي وڃي. ان سڄي مسئلي جو حل اهو ئي آهي ته پاڪستان ۾ سستي ۽ مقامي بجلي پيدا ڪرڻ جا نوان طريقا ڳولي انهن کي جلد کان جلد ڪم مڪمل ڪيو وڃي جيئن پاڪستان جي عوام کي سستي بجلي حاصل ٿي سگھي.

 

ڪشش سوھو/ نوابشاھ

 

چمبڙ ۾ ھٿرادو مھانگائيءَ جو طوفان!

 

رمضان شريف جي بابرڪت مھيني جي آمد سان گڏئي چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھٿرادو مھانگائي پنهنجي عروج تي پھچي چڪي آھي، روزمره جي غذائي شين جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن، فروٽس، سبزيون ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ ھٿرادو اضافو ڪيو ويو آھي، مھانگائي جي طوفان جي ڪري عوام جا ھٿ مٿي تي اچي ويا آھن، عوام سستين شين جي خريداري لاءِ گھڻو پريشان آھي، وڏي افسوس جي اھا ڳالھ آھي ته ھتي دڪاندارن، ريڙھي وارن ۽ ٻين سڀني پنهنجا پنهنجا من پسند اگھ مقرر ڪري رکيا آھن، ھتي جانچ پڙتال جو ڪو به نظام موجود ناھي ۽ جيڪڏھن ھڪ ڀيرو لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪرائي مڙيي خانا شماري پوري ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪري مھانگائي ڪندڙن تي ڪو به اثر نٿو پوي، اسان اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ سان به مليا ھئاسين ۽ کيس مھانگائي بابت ٻڌايوسين پر ان جو به ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي. ھتان جي رھواسين ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو آھي ته چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھٿرادو مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي ته جيئن غريب عوام کي ڪجھ رليف ملي سگھي ۽ پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگھن.

 

ارشاد لغاري/ چمبڙ

 

بينظير ڪارڊ جي رقم مان ڪٽوتي لاءِ قانون جوڙيو وڃي!

 

بينظير ڪارڊ جي وظيفي ۾ جيتري قدر مستحق عورتن کي فائدو حڪومت پهچائي رهي آهي ان کان به وڌيڪ ڊوائيس هولڊرن سميت پوليس عملو، ايجنٽ مافيا، تڪ جا بااثر سياسي ماڻھون ڪمائي رهيا آهن، جڏھن به وظيفي واري قسط شروع ٿئي ٿي ته پوري سنڌ ۾ مافيائون انتهائي خوش ٿين ٿيون، ڇو ته غريب عورتن جي وظيفي واري رقم مان انهن جي آفيسن ۽ پنهنجي گهرن، ٻارن جو خرچ نڪري ٿو ۽ هي سلسلو ڪيئن ۽ ڪڏھن بند ٿيندو ان لاءِ حڪومت کي فوري طور تي قانون جوڙڻ گهرجي، ڇو ته جيئن غريب عورتن جي جاري ٿيندڙ رقم جا سمورا پئسا کين ملي سگهن. سنڌ ۾ جڏھن به وظيفي واري رقم جاري ٿئي ٿي ته ايجنٽ مافيا، ڊوائيس هولڊرن سميت پوليس عملدار، گورنمينٽ جي اعليٰ سطح جي آفيسرن جي ان رقم ۾ اک هوندي آهي ۽ ڊوائيس هولڊر جڏھن ٻه هزار رپيا ڪٽين ٿا ته ان جمع ٿيندڙ رقم مان حصي پتي طور سياسي ماڻھن، پوليس عملدارن تائين رشوت جو حصو پتي پهچي ٿو، اندازي موجب سنڌ جي هر ضلعي ۾ هزارين عورتن کي وظيفي واري رقم هر ٻئي ٽئين مهيني ملي ٿي ته جنهن رقم جا عورت صرف اٺ هزار رپيا کڻي ٿي، ان رقم مان سياسي ماڻھن کان ويندين پوليس آفيسرن ۽ ايجنٽن جي ڪميشن ڪيتري جمع ٿيندي هوندي ۽ وظيفو حاصل ڪندڙ عورتن جي ڪيتري تذليل ٿي رهي هوندي آهي، سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي اندر ڊوائيس مالڪن کي آئوٽ ايريا رينج جي اجازت ڏئي کين وڌيڪ ڪرپشن جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ غريب عورتن جي ناجائز رقم ڪٽي وڃي ٿي. ان لاءِ وفاقي سطح کان ڪارروائي لاءِ لائحه عمل جوڙي ڊوائيس مالڪن سميت مڙني ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا، ڪاڇو

 

سکر پوليس الرٽ، ٽارگيٽڊ آپريشن تيز!

 

سکر پوليس رمضان مهيني ۾ امن و امان جي فضا کي بحال رکڻ لاءِ پر عزم آهي، تنهن کان سواءِ سکر پوليس مردم شماري ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف عام محاذ تي پنهنجا فرض انجام ڏئي رهي آهي، هن وقت ڳالهه ڪجي ٿي سکر پوليس جي ته اها گهڻي الرٽ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن جي لحاظ کان تيز تر ٿي وئي آهي. سکر پوليس طرفان ڪچي جي علائقي شاهه ٻيلو ۽ باگڙجي ٻيلو ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن تيز ڪيو ان سلسلي ۾ آپريشن ڪمانڊر ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جو چوڻ اهو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف مرحلي وار آپريشن جاري آهي ۽ انهن جي فرار ٿيڻ جا رستا سيل ڪيا ويا آهن، ڪچي جو علائقو هجي يا شهري علائقو امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس پنهنجون سڀئي صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. ايس ايس پي سکر روزن دوران شاهه ٻيلو ڪچي ۾ قائم ڪيمپ ۾ پوليس جوانن سان گڏ سحري ۽ افطاري پڻ ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ان آپريشن جي ڪمانڊ ته ڪئي پر پوليس اهلڪارن ۽ آپريشن ڪمانڊوز جو حوصلو پڻ بلند ڪيو، هن وقت ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ پوليس جي بڪتر بند اي پي سي گاڏيون، پوليس ڪمانڊوز، جديد اسلحو ۽ پري تائين مار ڪرڻ واري دوربين ۽ ٻين ٽيڪنيڪل اوزارن سان گڏ 250 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ ڪمانڊوز آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پوليس طرفان ڪامياب حڪمت عملي ۽ موثر ٽارگيٽڊ آپريشن سبب سکر ضلعي ۾ خاص طور ڪچي واري علائقي شاهه ٻيلو ۽ باگڙجي ٻيلو ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سرگرمين ۽ انهن جي نقلو حرڪت تي پوليس جي مڪمل نظر رکيل آهي، هن وقت ڳالهه اها آهي ته رمضان جي مهيني ۽ عيد ويجهو اچڻ کا پهريان بازارن اندر خريدراي سرگرميون تيز هونديون آهن ۽ انهن ڏينهن ڏوهه ڪندڙن پاران چوري ڌاڙي جون وارداتون ڪرڻ جي ڪوشش هوندي آهي ان خطري نظر ۾ رکي ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو طرفان به سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي ۽ شهرن ۾ شاپينگ مالز، خريداري مارڪيٽن، اهم جاين تي پوليس جي اضافي نفري سميت ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن سبب سکر پوليس جي بهتر حڪمت عملي ۽ قدمن سبب ضلعي ۾ امن و امان جو قيام يقيني بڻجي پوندو.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

روبينا اوڏ جو دردناڪ موت!

 

ڪوٽ ميرس ويجهو اوڏ جيڪي ڳوٺ غلام حسين نونداڻي ۾ رهن ٿا ۽ هي نوابشاھ مزدوري لاءِ ويا هئا. جتي لالچند عرف بکو اوڏ بٺيءَ جي مالڪ آدم خان پٺاڻ کان 10 هزار کڻي چودگي سرھاڙي ويجهو نوابشاھ بٺي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اتي هنن سڀني گهر ڀاتين کي بٺي جي مالڪ آدم خان پٺاڻ ۽ جمعدار پياسي اوڏ يرغمال بڻائي ڇڏيو ۽ پئسا وغيره مڪمل طرح بند ڪري صرف ڏينهن رات ۾ هڪ ويلو ماني کارائي ڪم ڪرايو ويندو هو. جنهن جي ڪري ربينا زال لالچند عرف بکو اوڏ بک وگهي 29.03.2023 تي تڙپي تڙپي ساھ ڏنو ۽ هن جا چار پٽ جن مان ٽي پٽ جن ۾ ايتري ته غذا جي کوٽ ٿي وئي جو انهن کي نلڪين ذريعي کاڌو ڏنو پي ويو جن مان اڃا هڪ ڇوڪرو سول اسپتال ميرپورخاص ۾ داخل آهي، جيڪو زندگي ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ آهي. اهڙي انسانيت لڄائيندڙ واقعي جيءَ کي جهوري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هي پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ کان پوءِ لالچند عرف بکو اوڏ جو چوڻ آهي ته بٺي جو مالڪ آدم خان پٺاڻ ۽ جمعدار پياسي اوڏ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ اسان کي ظالم آدم خان پٺاڻ  کان آزاد ڪرايو وڃي ته جيئن اسان جا ٻيا گهر ڀاتي پنهنجي زندگي محفوظ بڻائي سگهن.

 

مولابخش نونداڻي/ڪوٽ غلام محمد

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو پهريون)

 

رات جو سمهڻ جي گھڻي ڪوشش ڪيم پر منهنجي اندر جي شاعر مون کي سمهڻ ڪو نه ڏنو. برسات وسندي رهي ۽ شاعري به ايندي رهي جيڪا منهنجي ڊائريءَ تي حاضر آهي:-

او پوئين مند جا پرين، هن مُند ۾ اڪيلو آهيان،

ايندڙ مُند مون لاءِ روئنديءَ، ويندڙ مُند جو شعلو آهيان،

تو کان پوءِ مون کي پائي ڪير، تنهنجي بدن جو چولو آهيان،

تون ڪو روشن شهر ۽، آئون زندانيءَ ميلو آهيان،

منهنج لهر آ منهنجو روڳ، سمونڊ جو اُڃارو ريلو آهيان،

مون کي ڪوئي نهاريندو ڇا؟ عليءَ سائين جو وسيلو آهيان،

ياد ڪري تو آصف کي، ڪڏهن معصوم، ڪڏهن جوشيلو آهيان.

عابد ۽ ڏاهاڻي صبح ئي سان وري بسترا سُڪائڻ ۾ لڳي ويا ۽ نيرن کان پوءِ ديوان ناصر ڪاظمي پڙهڻ ويهي رهيس. آئون تيار ٿي ڀائو بدر جي آفيس ۾ هليو آيس، ڀائو جي ڪم واري پٺاڻ چانهن وغيره پياري، ماستر دانش سان به ڪچهري ڪيم. دلدار جي اڄ جي ڊائري پڙهي، جنهن تي جيل جا آفيسر باهه لڳيا پيا آهن. دانش به انهن کي چئي رهيو هو ته اهي پيجز هاڻ ڪير ٿو ٻاهر پهچائي؟ مون هُن کي ياد ڪرايو ته اهي تنهنجا ئي سيل ڪيل آهن ته هو صفا وائڙو ٿي ويو. بدر ڀائي چيو ته دلدار جي مستيءَ جلد آئون لاهيندس، جنهن تي مون هُن کي چيو ته آئون عرض ٿو ڪريان ته وساڻ صاحب جي توهان کي پارت هجي. بدر ڀائي چيو ته هميشه کان تنهنجي ڪري ئي ته بچل رهيو آ، دلدار وساڻ. خير ماڙيءَ مان وڃي بي امان جي نمبر تي ڪال ڪئي سين. بدر ڀائي پهريان بي امان جو پڇو ۽ پوءِ ڪجھه هن طرح سان منهنجي حق ۾ ڀائو ڳالهائن شروع ڪيو ته: ادي آصف جي سزا لڳ ڀڳ ختم ٿي وئي آهي. 5 سالن جي معافي اچڻ کان پوءِ هاڻ هو ديت جي پهرين قسط جيڪا سوا لک ٿئي ٿي ڏئي آزاد ٿو ٿيڻ چاهي” هاڻ توهان رڳو اهو ٻڌايو ته اهي پئسا ڪير وصول ڪندو؟ بدر ڀائي چيو ته اڪثر ماڻهو پئسا ناهن وٺندا پر آصف جو چوڻ آهي ته ماسيءَ معاف ڪونه ڪندي پر پوءِ به هو امان جي وڃڻ کان پوءِ اسان جي ماءُ آهي. بدر ڀائي ڪجھه ٻڌڻ کان پوءِ ڇيو ته ڳالهرائي نٿو سگھان، منهنجي مجبوري آهي! پر منهنجي چوڻ تي ڀائو مون کي رسيور ڏئي ڇڏيو. اڳيان منهنجي معصوم ماسات گڙيا ڳالهائي رهي هئي، هُن جو آواز ٻڌي اندر ئي ٺري پيو پر مون هُن سان تمام مختصر ڳالهايو ته ڪهي آهي بي امان؟(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد