جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
صبح جو سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪرايم ته کوري کوليءَ جي صفائي ڪرايم، نيرن کان پوءِ لاشاري صاحب ڏي هليو ويس، سڪندر علي لاشاري صاحب پنهنجي بستري تي آلين اکين سان ليٽيل نظر آيو، سائينءَ مون کي ڏسي پنهنجون اکيون صاف ڪيون، مون کين آٿت ڏني. ڪچهريءَ دوران مون کي لاشاري صاحب چيو ته تو واري شاگرد جي ڊائري روز ٿو پڙهان، مون کين چيو ته منهنجو ڪو به شاگرد ناهي، چيائون ته ڪنهن کان به پڇ ته دلدار ڪنهن جو شاگرد آهي ته ڳالهه صاف ٿي ويندي. لاشاري صاحب چيو ته تون به هاڻ آزاديءَ وارو آهين. اڄ به پري جيل جي قيدين ۾ بس اها ئي هاڪ هئي ته گھر ٿا هلون. شبير ٻرڙي سان به ڪافي ڪچهري ٿي، هن چيو ته لائبريريءَ جو ڇا ٿيو؟ مون ان کي مُرڪي چيو ته ڍنڍ ۾ هڻ لائبريريءَ کي ۽ مون کي مبارڪون ڏي ڇو جو آئون گھر وڃڻ جي تياري ڪري چڪو آهيان. مون کي هو ڀاڪر ۾ ڀري مبارڪون ڏيڻ لڳو، مون چيو ته هن ئي سال آئون پنهنجي پرينءَ کي پنهنجي ڪنوار بڻائيندس. شبير سان گڏ فدا جنجھي به انشاءُ الله چوڻ لڳو. ڀائو بدر چيو ته مون سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻين آفيسرن کي چيو آهي ته ڪير ڀلي لک ڀيرا آصف جو برو چاهي پر رب ان سان راضي آهي. ڀائو بدر مون سان واعدو ڪيو ته هو مون کي اُهي آفيسر لازمي ڏيندو جن منهنجا پير ڪڍيا آهن، بدر ڀائو چيو ته اڄ برسات جي ڪري فون سروس به بند آهي، سڀاڻي تو واري بي امان سان به ڪچهري ڪنداسين. مون بدر ڀائيءَ کي چيو ته جيل ۾ ڪجھه به ڪونه رهندو، رهندي ڳالهه پازيٽو ۽ نيگيٽو جي ۽ آئون اميد ٿو ڪيان ته توهان مون کي هميشه پازيٽو لفظن ۾ ياد رکندا. مامون قربان پنهور صاحب به پري کان مون ڏسي هليو آيو ۽ اچي مبارڪون ڏيڻ لڳو، جنهن جا مون ٿورا مڃيا. اڄ مون برسات ۾ بائسپس جي ورزش ڪئي، پنهنجا ڊمبلز به رپيئر ڪيا، دوستن جو چوڻ آهي ته هاڻ رپيئرنگ وغيره واري ڪِرت کي ڇڏي ڏيان ۽ گھر وڃڻ جو سوچيان. نئين دوست ظفر بروهيءَ سان به ڪچهري ٿي، هُن چيو ته پيار ۽ جنگ ۾ سڀ جائز آهي، هاڻ هيٺانهين ڪري پنهنجي پرين جي خاطر گھر وڃڻ جي ڪر. هُن چيو ته دلدار وساڻ وارا ٻاهر جا ٿوڪا نمبر ون آهن جنهن تي مون هُن کي چيو ته هو ٻاهر جا ڀلي ڪجھه به هجن پر تون مهرباني ڪري منهنجي سامهون انهن کي برو ڀلو نه ڳالهاءِ. هينئر تيز برسات پئجي رهي آهي جيڪا مون کي وڌيڪ لکڻ جي اجازت نٿي ڏئي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (17 آگسٽ 2022 شام جا 05:46 وڳا)
ڪراچي ۾ راشن بهاني زندگيون وٺندڙ لاپرواھه فيڪٽري انتظاميا!
ايئن پيو لڳي ڄڻ قيامت انسانن کي ڳولي ماري رهي آهي، ماڻھو ٻين اتفاقي حادثن توڙي قدرتي آفتن سبب مرندي ٻڌا آھن پر پيٽ جي پورائي لاءِ جيڪي زندگيون وڃائي ويھن ٿا اھڙا واقعا اڳ ٻڌڻ ۾ نه ايندا هئا، اھڙو ئي سانحو ڪراچي واري علائقي سائيت ايريا نورس چورنگي تي ھڪ فيڪٽري انتظاميا پاران مفت راشن ورھائڻ دوران ماڻھن جي ڀاڄ سبب 12 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون، اھڙي سانحي تي پوري علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي، جڏھن ته فوت ٿي ويل ماڻھن اھو ٻڌو ته مفت راشن ملي رھيو آھي، ھو زندگي جون چار گھڙيون سڪون سان گذارڻ لاءِ ٻيا گھرن جا ڪم ڪار ڇڏي اتي پھچڻ ۾ دير نه ڪئي ھوندي، جيڪي ھڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاءِ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اھي بک اجھائڻ لاءِ ڪيڏا تڪڙا قدم کڻي ان موت واري ھنڌ تي پھتا ھوندا ته متان دير نه ٿي وڃي ۽ راشن ختم نه ٿي وڃي، جنهن لاءِ سڀني کان اڳ اسان کي اتي پھچڻ گھرجي، اھا دل ۾ خواھش رکي جڏھن پنهنجي گھرن مان نڪتا ھوندا ۽ ھڪ ٻئي کي الڳ الڳ ڪري سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ انهن پيٽ بکايل عورتن پنهنجن معصوم ٻارڙن کي اھو چوڻ کان ڪيئن گھٽايو ھوندو ته مڙسي ڪري راشن الڳ وٺڻ جي ڪوشش ڪجو ته جيئن وڌيڪ راشن ملڻ سبب چار سج زندگي جا سٺا گذري سگھن پر انهن زندگي وڃائيندڙ معصوم شھرين کي اھا خبر نه ھئي ته اسان کي پيٽ ڀرڻ لاءِ زندگين تان ھٿ کڻڻو پوندو. جيڪي پيٽ خاطر ھميشھ زندگين جو ڏيئو اجھائي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا پر غريبن کي راشن ڏيڻ بهاني گھرائي انهن لاءِ موت ڏيندڙ فيڪٽري مالڪن يا وري ٻي انتظاميا جي لاپرواھي تي اھي انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ فيڪٽري ملازمن جن پاڻي جا پائيپ کولي ڇڏيا ۽ ماڻھن کي ڊوڙائي ٻاھر ڪڍڻ واري عمل سبب ڪيترائي پيٽ بکايل ڪمزور ماڻھو جن ۾ عورتون، معصوم ٻار ھيٺ ڪري چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. انهي واقعي جا ڪيترائي ٻيا سبب ٿي سگھن ٿا، جنهن ۾ اھو به ٻڌايو پيو وڃي ته اڪثر فوتگيون پاڻي ۾ بجلي جي تارن پوڻ ڪري ڪرنٽ لڳڻ سبب ماڻھو فوت ٿيا. ايتري لاپرواھي ۽ سستي جو مظاھرو ڪندڙ فيڪٽري مالڪ ۽ انهن جو عملو بلڪل سزا جا لائق آھن، جن راشن ورھائڻ مھل ويجھي پوليس اسٽيشن تي اطلاع نه ڏنو، جيڪر پوليس اھلڪار لٺ کڻي بيھن ھا ته گھڻي قدر اھڙو سانحو نه ٿئي ھا. جڏھن ته اھڙن فلاحي ڪمن ۾ ماڻھن کي گھڻي تڪڙ ھوندي آھي، راشن ڏيڻ شروع ڪرڻ وقت فيڪٽري جي چوڪيدارن تي ذميواري رکڻ گھرجي ھا ته شايد هي قيمتي انساني سانحو نه ٿئي ھا. فيڪٽري سانحي ۾ لاپرواھي ڪندڙ عملي خلاف مڪمل جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي فوتين جي وارثن کي معاوضو ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي جيئن وري ڪا اھڙي غفلت نه ٿي سگھي.
گل بيگ چانگ/ خيرپورميرس
خوني اٽي 11 حياتيون کسي ورتيون!
اڳي لائين ۾ تقريبن امير بيهندا هئا، مثال طور بئنڪ ۾ پئسا جمع ڪرائڻ لاءِ لائين، جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ لائين ۾ بيهندا هئا، سڪون سان پنهنجو ڪم ڪري هليا ويندا هئا، ان کان پوءِ اميرن وٽ لائين ۾ بيهڻ جو تقريبن نظام آن لائين ٿي ويو ۽ اهو لائين ۾ بيهڻ جو سڄو جهنجهٽ غريب عوام جي ڳچيءَ ۾ هڻي ڇڏيو، جيئن بجليءَ جي بل لاءِ لائين، ريل جي ٽڪيٽ لاءِ لائين، اسڪول جي فيس لاءِ چالان ڀرڻ مھل لائين، شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ لائين، ان کان سواءِ ٻيون به غريبن لاءِ لائينون کوڙ ساريون آهن پر جن لائينن غريب کي ذليل ۽ خوار ڪيو آهي انهن ۾ ٻه لائينون اهم آھن، هڪ بينظير ڪارڊ جي ملندڙ پئسن واري لائين ۽ ٻيو آهي بکئي پيٽ لاءِ سستي اٽي وٺڻ واري لائين. يقين اهي ٻه لائينون ڪنهن تڪليف کان گهٽ ناهن. اهڙي طرح ڪجھ ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ لاءِ به لائين لڳي، بدقسمتيءَ سان اها لائين خوني لائين ثابت ٿي، ڇو ته اتي راشن لاءِ ايندڙ غريب ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي ڪرنٽ لڳڻ جي چوٻول واري خبر جي ڪري ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا موت جي منهن ۾ هليا ويا پر مجال آهي جو اهو لائين وارو سلسلو بند ٿيو هجي. حقيقت اها آهي ته اسان جا حڪمران اهو چاهين ئي نٿا ته اهو خوني لائين وارو نظام ختم ٿئي؟ ڇو ته هن لائين ۾ امير مرن ئي نٿا، مرن ٿا ته رڳو غريب ئي مرن ٿا، ان ڪري امير حڪمران ويٺا ٿا تماشو ڏسن. باقي سڌريل ملڪن جا حڪمران پنهنجي شهرين کي سبسڊي سندس در تي ڏيڻ جون ڪوششون ڪندا آهن، ڇو ته اتي ڪرپشن اڏوهيءَ جيان موجود ناهي. باقي ڪراچي ۾ اٽي واري لائين ۾ جانيون ضايع ڪندڙ غريبن کي انصاف فراهم ڪير ڪندو؟ اهو سوال هڪ سوال ئي رهجي ويندو؟
دليپ آزاد/ عمرڪوٽ
ٿر ڪول ۾ مقامي ماڻھن سان ٿيندڙ ويساهه گھاتيون!
ٿرپارڪر اھو ضلعو آھي جيڪو پوري ملڪ کي آباد ڪري سگھي ٿو، ٿر مان نڪرندڙ معدني خزانو ملڪي سطح تي وڏي اھميت رکي ٿو، ھن علائقي مان نڪرندڙ ڪوئلو ھن ملڪ جي لاءِ ھڪ وڏي نعمت آھي پر ھن ڪوئلي جي مالڪي ڪندڙ ٿريا اڄ به فاقاڪشيءَ جو شڪار آھن، ھو آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھن، ھو ڪراچيءَ جي علائقن ۾ ھوٽلن، دڪانن، گدامن، فيڪٽرين تي ماڻھن جا غلام بڻيل آھن، جڏھن ته رب تعاليٰ انهن کي ھر نعمت سان نوازيو آھي. آخر اسان ڪنهن کان پڇون ته ھيڏو وڏو ڪوئلو نڪتو آھي پر ھتان جي مقامي ماڻھن کي ڇو روزگار نٿو ڏنو وڃي؟ جڏھن ته ھن ڪوئلي ۾ پري پري کان آيل ٻين صوبن جا ماڻھو ھتي روزگار ڪري پرسڪون زندگي گذاري ٿو، ھن پرامن خطي ۾ جڏھن ته مقامي ماڻھو روزانون لائينن ۾ بيھي شام جو واپس گھر ايندا آهن. اسان ٿر ڪول جي مالڪي ڪندڙ (سي او) صاحب ۽ سنڌ حڪومت جي ڪرپٽ ٽولي مافيا کي به پرزور اپيل ٿا ڪريون ته توھان به ھن ڪاري سون مان پنهنجا ڀڀ ڀريو پيا ۽ اڏوھيءَ جيان ھن غريب پرامن خطي جي رھواسين جي حقن تي ڌاڙو ھڻو ٿا، اتي ڪنهن غريب مسڪين کي جي توھان ڪنهن روزگار تي لڳايو ته ھو اوھان کي دعا ڪندو. اسان ٿر ڪول ۾ جيڪي به اعليٰ آفيسر آھن انهن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي مقامي پڙھيل لکيل نوجوانن ڇوڪرن کي ٿر ڪول ۾ روزگار ڏيو ته اسان جا نوجوان روزانون آپگھاتن جھڙي موت کان بچي سگھن.
اسلم سميجو/ڪراچي
ساهتي جي ڀلوڙ اديب استاد رحمت الله ويراڳي جو وڇوڙو!
استاد رحمت الله ويراڳي وڳڻ جيڪو اصل ته ڦل ڀرسان ڳوٺ ڪلرو واسي هو، سندس ڳوٺ ڪلرو ۾ پنهنجو گهر ۽ هڪ وڏو آرو مشين جنهن ۾ ڪڻڪ پيسڻ سميت تيل جو گهاڻو پڻ هو. پاڻ 1992ع وارين برساتن ۾ جيئن ته تمام گهڻا نقصان ٿيا هئا ته سائين جو ڳوٺ وارو گهر به ڪري پيو هو ته پاڻ پنهنجي والد علي بخش وڳڻ سميت پوري خاندان سوڌو ڦل شهر لڏي آيو ۽ هتي اچي رهيو ۽ ان دوران سندس والد صاحب به هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ته سائين به هميشه لاءِ هتي رهي پيو، جيئن ته استاد رحمت الله وڳڻ پنهنجي نوڪري جو ڳچ عرصو رٽائرمينٽ تائين ڦل ڀرسان پرائمري اسڪول محمد ابراهيم پريو ۾ گذاريو، استاد رحمت الله ڦل شهر جي مين پرائمري اسڪول جي ميدان ۾ روزاني شام جو ٿيندڙ والي بال راند ۾ جڏهن راند ڪندو هو ته سندس راند جو انداز مون کي تمام گهڻو پسند ايندو هو ۽ مان سندس راند ڏسڻ ضرور ويندو هئس. سائين والي بال جو هڪ بهترين اسٽائلش رانديگر هو، ان کان سواءِ پاڻ هڪ بهترين شاعر، اديب ۽ سگهڙ پڻ هو سندس “ويراڳي” تخلص هو. ڦل ۾ جڏهن به ڪو ادبي پروگرام هجي يا ايڪتا ڏهاڙو هجي، سائينءَ کي فون ڪري دعوت ڏيندو هئس ته هن ڪڏهن به نهڪر نه ڪئي ۽ سدائين هر ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪري پنهنجي نڪور شاعري پڙهي ٻڌائيندو هو. پاڻ نهايت بااخلاق نموني ڳالهيندو هو، مون ڪڏهن به سائين ۾ ڪا وڏائي يا ڪاوڙ جو عنصر نه ڏٺو، سندس ڳالهائڻ جو انداز انتهائي سيبتو، سادو ۽ چٽو هوندو هو جو هرڪو سندن ڳالهه سولائيءَ سان سمجهي ويندو هو. استاد رحمت ويراڳي وڳڻ سدائين ٺٺ ٺانگر سان رهيو، صاف سٿرا ڪپڙا، سنڌي ٽوپي، اجرڪ پائي نڪرندو هو ۽ طبعيتن مسڪرائيندو رهندو هو. اوچتو گذريل ڏينهن صبح جو سندس وڏي فرزند مختيار علي وڳڻ جو واٽس اپ وائيس ميسيج ٻڌم، جيڪو ان رات جو دير سان ڪيو هو ته بابا جو نوابشاهه جي اسپتال ۾ انتقال ٿي ويو آهي، جيڪو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو ته اسان جو ساهتي ضلعو ۽ ڦل شهر هڪ بهترين ڀلوڙ شاعر، اديب، سگهڙ ۽ محبتي انسان کان محروم ٿي ويو. هاڻ ته بس سائين جي لاءِ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئرن کي صبر جي توفيق ڏئي،آمين.
محمد خالد ميمڻ/ڦل
امڙ جي احسانن جو بدلو ڀلا ڪير لاهي سگهندو؟
عظيم هستي امڙ جنهن کي پنهنجي ٻچڙن سان بي لوث محبت هوندي آ ۽ ٻچڙن کي به امڙ سان والهانا پيار هوندو آهي پر ڪجهه ٻچڙا ناسمجهي يا بي خبري ۾ ڪجهه اهڙيون حرڪتون ڪري پنهنجي امڙين کي رنجائيندا آهن، جڏهن وقت کين ٺوڪرون هڻي سبق ڏيندو آهي ته ڪجهه ٻار امڙ جي عظمت ۽ پيار کي سمجهي ويندا آهن ۽ ممتا جو حق ادا ڪندا آهن. هڪ ٻار پنهنجي امڙ کان پڇي ٿو ته امان بل جو مطلب ڇا آهي؟ امڙ جواب ڏئي ٿي ته ابا اسين ڪو سامان وٺون ٿا ته يا بجلي، گئس ۽ پاڻي استعمال ڪريون ٿا ته ان جو بل يعني پئسا ڏيندا آهيون، ان کي بل چئبو آهي. ٻارڙي کي دل ۾ خيال آيو ته مان به ڪم ڪندو آهيان، مان به اهڙو بل ٺاهي امڙ کان خرچي وٺان. رات جو سمهڻ وقت امڙ جي وهاڻي هيٺان هڪ ڪاغذ رکيو جنهن ۾ هن لکيو ته“اڄ جو بل.” دڪان تان سامان وٺي آيس، ان جا ڏهه رپيا، بابا جي موٽر سائيڪل صاف ڪيم، ڏهه رپيا، ڏاڏي کي زور ڏنم، ڏهه رپيا ۽ ڀاڄي وٺي آيس، ان جا ڏهه رپيا، ٽوٽل اڄ جو بل ٿيو چاليهه رپيا. مهرباني ڪري امڙ بل جا پئسا ڏجان ته ٻئي ڏينهن به ڪم ڪندس نه ته ڪو به ڪم نه ڪندس. صبح جو امڙ هن کي چاليهه رپيا ڏنا ۽ هو خوش ٿي ويو. ٻئي ڏينهن امڙ هن کي هڪ ڪاغذ ڏنو ۽ چيو ته هن ۾ منهنجو بل لکيل اٿئي. ان ۾ لکيل هو ته ڃم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پاليانءِ ٿي ان جو هڪ رپيو به نه وٺندي سانءِ، منهنجا گلاب جا گل. بيمار ٿيڻ تي سڄي رات اوجاڳو ڪري ڪڏهن گوڏي تي سمهاري ۽ ڪڏهن ڇاتي سان لائي گهمايم ۽ پرچايم، ان جو هڪ رپيو به نه وٺندي سانءِ منهنجا جگر. دوستو واقعي به اسين پوري زندگي ڏينهن رات هڪ ڪري به پنهنجي امڙ جي خدمت ڪريون ته به ان هستي جو بل ادا ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه ناهي. اڄ جي نوجوانن ۽ ٻارڙن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي امڙ جي خدمت ڪن. امڙ جا احسان تمام گهڻا آهن، سندس احسان ۽ خدمتون اڻ ڳڻيون آهن، هر ٻار کي هن ڪهاڻي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪڏهن به امڙ کي احسان نه جتائجي، جيڪڏهن اڃا به ان ممتا ۽ احسانن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن يتيم ٻار کان پڇي ڏسو ته امڙ جي نه هجڻ سان ان تي ڇا گذرندي آهي جيئن ڪنهن شاعر چيو ته:
عمر عبادت تون ڪرين، هو جاڳي هڪ رات،
پوءِ به هيءَ ڪائنات، مٽ ناهي ماءُ جو.
آخوند نور احمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن
هڪ چٺي اطلاعات کاتي سنڌ ڏانهن!
شادي لارج شهر جي بيباڪ صحافي غلام رسول بروهي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي ڪنهن به واهر نه ڪئي، لاڳيتو ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد به کيس ڪو به چونڊيل نمائندو يا اطلاعات کاتي جا عملدار تڏي تي لڙي اچڻ جي زحمت به نه ڪئي آهي، صحافي غلام رسول بروهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي گڙدن جي بيماري ۾ ورتل آهي، غربت ۽ بيروزگاري سبب هن پنهنجي وس آهر گھڻو علاج ڪرايو آهي، هاڻي هن وقت سندس سگھ نه بچي آهي جو هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي، جڏهن ته سينيئر صحافي غلام رسول بروهي زندگيءَ جا پورا 35 سال صحافت کي ارپي ڇڏيا آهن پر کيس گذريل ڪيترن سالن کان وٺي گڙدن جي بيماري هجڻ سبب اطلاعات کاتي سنڌ سندس ڪا به مالي مدد نه ڪئي آهي. صحافي غلام رسول بروهي لاڳيتو غريب، بي پهچ، مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچايو آهي تنهن باوجود اطلاعات کاتو جا عملدار خاموشي جو روزو رکي ستل آهن. افسوس اسان جي سنڌ جا اهڙا کوڙ سارا بيباڪ صحافي بيمارين جي بستري تي پيل آهن، انهن جي اطلاعات کاتي ڪڏهن به جاچ نه ڪئي آهي.
پڇون آخر پڇون ڪنهن کان،
اسان جو ڏوھه ڪهڙو آ؟
بيماريءَ جي بستري تي پيل صحافي غلام رسول بروهي جو وڏو پٽ نذير احمد بروهي به لاڳيتو 8 مهينن کان دل جي تڪليف جو مريض آهي، سندس گهڻي طبيعت خراب ٿيڻ سبب گذريل 8 مهينن کان کاويتپ بستري تي پيل آهي ۽ طبيعت ناساز هجڻ سبب بيحال ٿي عليل ٿي ويو آهي. اسان هن چٺيءَ وسيلي وزيراعليٰ سنڌ، انساني حقن جي اڳوڻي سينٽر گل محمد لاٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين اطلاعات کاتو سنڌ ۽ ٻين سرنديءَ وارن کي پر زور اپيل ٿا ڪيون ته بيمار صحافي غلام رسول بروهي ۽ سندس پٽ نذير احمد بروهي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندن زندگي بچائي وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو /ٿرپارڪر
واهي پانڌي ۾ رستماڻي برادري سان انصاف ڪيو!
واهي پانڌي ۾ رستماڻي برادري جي ماڻهن جو بااثر جي زيادتين خلاف گورک چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي انور رستماڻي، طفيل، رستماڻي، شاهن، ديدار رستماڻي ۽ ٻين چيو ته بااثر شبير لغاري، بشير لغاري، علي لغاري پنهنجا ماڻهو اسان جي زمين تي ڪاهه ڪري انُ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان اهڙي دانهن کڻي ٿاڻي تي به وياسين پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جي ڪري جهيڙي جو خدشو آهي. ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار واهي پانڌي ايس ايڇ او هوندو، جيڪو جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي. جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا ڌرڻو جاري رهندو.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو