جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

اڄ ڏاهاڻيءَ جو موڊ صفا خراب آهي،، ڇو جو عابد هُن کي دڪاندار کان فيئر اينڊ لولي وٺڻ ناهي ڏني، عابد ڪورٽ هليو ويو ته ڏاهاڻي مون کي چوڻ لڳو ته ڀائو مشقتي ته مان توهان جو آهيان پوءِ عابد مون کان ڪپرا ڇو ٿو ڌورائي؟ آئون هُن جي ڳالهه ٻڌي سوچيان ٿو ته انسان خبر ناهي ڪهڙو جانور آهي جي هڪ ڏينهن هُن کي ڪو منهن خراب ڪري ڪنهن ڪم کان جواب ٿو ڏئي ته هو سمورو لحاظ ۽ اخلاق ۽ گذريل وقت کي ئي وساري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ سامهون واري مان وري ڪنڊا ٿو ڪڍي. برسات جو سلسلو بيهڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي، سموري رات تيز برسات وَٺڍي آ ۽ اڃان به جاري آهي. هن سال جي برساتن تمام پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. اُهي ماڻهو خبر ناهي ڪيڏانهن هليا ويا جيڪي پريس ڪلبن جي اڳيان اچي پاڻيءَ لاءِ روز احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا هئا ته اسان ۽ اسان جي ٻنين کي پاڻي ڏيو. هاڻ رب پاڪ انهن جون دعائون ٻڌي ورتون آهن ۽ هو وري پاڻيءَ کان لِڪي رهيا آهن. اڄ به منهنجي ڊائري اخبار نه ڇپي پر دلدار منهنجي ئي شاعري سان مون کي نظر آيو جنهن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. اڄ مون ڪلهن جي ورزش ڪئي، خير سپاهي اسد سان ڪچهري ڪري آيو، هُن چيو ته سڀاني سني اچي ويندو. 5 سالن جي معافي جيل ۾ ڌم مچائي ڇڏي آهي. قيدين جي آزاديءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. پيارو دوست معشوق خشڪ ملڻ آيو، هن بدر ڀائو جا سلام ڏيڻ کان پوءِ چيو ته ڀائو ايس ايس پي صاحب سان تنهنجي ڳالهه ڪئي آهي، هُن چيو ته ڀائو تون هر پل ياد آهين. مون مُرڪي هُن کي چيو ته ڀائو بدر جي مهرباني پر هاڻ آئون گھر وڃڻ ٿو چاهيان ۽ مون کي لائبريري ۾ هاڻ ڪا به دلچسپي ناهي. معشوق چيو ته اها لائبريري توکان سواءِ اڌوري آهي. مون هُن کي مرڪي جواب ڏنو ته  منهنجو باب هاڻ بند ٿيڻ وارو آهي. هو پيار سان مون کي مرڪندو ڏسندو رهيو ۽ منهنجي زهن ۾ اچي رهيو هو ته دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندي واءُ. معشوق منهنجي ورزش ۾ به گھڻي دلچسپي ورتي. عابد کي اهو فڪر آهي ته مون کان پوءِ هن کوليءَ جو مالڪ ڪير هوندو؟ مون هن کي صاف ٻڌائي ڇڏيو ته دلدار وساڻ! هُن چيو ۽ آئون؟ مون چيو تنهنجو ڪو به اهڙو ڪيس ناهي جو توکي سال لڳن، هن کي 52 سال سزا آهي ۽ ها توهان سڀ گڏ رهجو. عابد چيو ته اڃا به دلدار جو فڪر اٿئي؟ هُن تو سان ايڏي ڪئي آهي، مون چيو هُن جو هن سان، اسان جو اسان سان. هينئر عابد ۽ ڏاهاڻي گانا ٻڌي رهيا آهن ۽ مون کي اسد ۽ پرين جي ياد اچي رهي آهي. بادل وري ڀرجي آيا آهن.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (16 آگسٽ 2022 شام جا 7:22 وڳا)

 

ميرپورماٿيلو ۾ فوت ٿيل فقيرياڻي ۽ ان جا هنجون هاريندڙ ٻچڙا!

 

اهڙيون حالتون ڏسڻ جوڳيون آھن، فقت بي ايمان، بي حيا حڪمرانن لاءِ جنهن ۾ قياس جي ذري به ناهي، انهن کي عوام جي ڳڻتي ئي ناهي نه وري ڪو خيال اٿن، بس پنهنجي ڪرسيءَ جو ئي خيال اٿن ۽ ان ڳالھ جو ذميوار ته اسين پاڻ کي ٺھرايون ته بهتر آ، ڇاڪاڻ جو اسين اگهور ننڊ ۾ ستل قوم آھيون، پاڻ کي بيدار ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڪنهن گهڙي اٿيا ئي ناهيون نه وري حفاظتي ادارن جو ڪڏهن رخ ڪيو آ، جيڪي اسان لاءِ ڪجھ اپاءَ وٺي سگهن يا اچي ڪري ڪا آٿت ڏئي سگهن ۽ غلامي ۾ جڪڙيل عوام کي ڪا سجاڳي ڏئي سگهن، جيتوڻيڪ هن ڌرتيءَ تي گهڻا ڏاها ۽ معتبر موجود آھن جن منجهه وڪيل به آھن جيڪي اسان کي پنهنجا حقيقي حق به ڏياري سگهن ٿا ۽ عدالت ۾  اهڙن ماڻھن کي ڪٽھڙي منجهه به گهرائي سگهن ٿا ۽ گهڻا ئي انهن کان سوال به اڀاري سگهن ٿا ته جواب ڏيو، هاڻي اوهان اسان لاءِ ڪهڙا ڪردار کڻي ايندا آھيو ۽ ڏيڻ جو وقت اچي وڃي ته توهان ڪهڙي سخاوت ڪندا آھيو؟ مظلوم ماڻھن جي ڪهڙي مدد ڪندا آھيو، ضلعي جي بجٽ اوهان کي ميسر هوندي آھي ان منجهه ڪنهن کي حصي وار ڪندا آھيو ۽ سائين مختصر اهو به چوندو هلان ته ٻي صورت ۾ اهي ڪائي جواب ڏيڻ جهڙا به نه رهندا آهن، جيڪر اسان ۾ شعور هجي ته اهي اسان اڳيون ڪڇي به ڪان سگهندا پر جيڪر دل ۾ غريبن لاءِ سچائي ۽ پاڻ لاءِ وري ثابت قدمي موجود ناهي ته اهي سڀ ڳالهايون اجايون آھن ته سماج جا اسين هڏڏوکي ڪردار آھيون. اڄ ڪلھ اوهان اهو به ڏٺو هوندو ته مون پارا گهڻائي ليکڪ موجود آھن جيڪي پنهنجا حق گهرندي به ڪنهن کان نٿا ڪيٻائين پر انهن جو به آواز ٻڌڻ وارڪو ڪو ڪونهي، اهي ڪنهن اڳيان روئين ۽ رڙيون ڪن يا ڪنهن اڳيان ڪڇن، فلاحي ادارن جي موجود هوندي به اهڙا واقعا ٿين ٿا انهن جي موجودگي ۾ به ڪو اثر ناهي، اسپتالن ۾ ايمبولنس موجود هوندي به ڪنهن غريب کي مهيا نٿيون ڪيون وڃن. هن واقعي کي ڏسي ۽ هن ٻچڙن کي ڏسي آئون ڏکارو ۽ حيران آھيان ته حڪمرانن جي غلطين جا ڇا اهي ذميوار آھن بس التجا آھي وسوارن کان ته خدارا هنن جي امڙ ته هن فاني دنيا مان لڏي وئي پر اسان ۽ اوهان موجود آھيون، جيتوڻيڪ انهن جي مدد ڪئي وڃي ۽ انهن جو خاص خيال رکيو وڃي.

 

آزاد اصغر مصطفيٰ پنهور/ بلال ڪالوني، ڪراچي

 

زراعت تي ڌيان ڪير ڏيندو؟‎‎

 

پاڪستان زرعي ملڪ آهي، سنڌ ملڪ جي ناڻي ۾ جي ڊي پي ۾ 25 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو، زراعت جو ڪچو مال فراھم ڪري ٿو، زراعت تي ذريعا آمدن جو ٻيو وڏو اھم جزو چوپايو مال به دارومدار رکي ٿو، گاھ، تيل کڙ بُھ وغيره ٻڪريون، ڪڪڙيون، مينھون، ڳئون، رڍون، اٺ، گھوڙا، ٻڪريون ڌاريون وڃن ٿيون. ھاڻ ڪڻڪ جو فصل لھي رھيو آھي، آبادگارن کي صحيح ۽ مناسب ڪڻڪ جو اگھ ڏنو وڃي، جيئن آبادگارن جو ڪڻڪ تي ڪيل خرچ لھي سگھي. سنڌ حڪومت طرفان ننڍن آبادگارن کي في ايڪڙ  جي حساب سان پئسا ڏنا پيا وڃن پر اڄ جي مهانگائيءَ جي لحاظ کان تمام گھٽ آھي، ھن وقت آبادگار ڪڻڪن کان پوءِ وونڻن جي پوکائي ڪندا، وونڻن جي فصل کي ڪيش فصل سڏيو وڃي ٿو. ملڪ جي ڪپھ ايڪسپورٽ ڪئي ويندي آھي پر جيڪڏھن آبادگارن کي ھن مھانگائي جي لحاظ کان ٻج ڀاڻ ۾ سسڊي ڏني وڃي ۽ ٻج ڀاڻ جو هڪ مناسب اگھ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار ھاري وونڻن جي فصل جي پوکائي ڪري سگھن. ڪمند، ڪيلا، وونڻن جي فصل کي پاڻي جي وڌيڪ ضرورت ھوندي آھي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي. ڀاڄيون، ميوا ۽ ننڍن وڏن فصلن کي پاڻي جي سخت ضرورت ھوندي آھي. گرميءَ جي مند ۾ جيڪي به فصل پوکيا وڃن ٿا انھن کي  پاڻي وڌيڪ گھربل ھوندو آھي. پاڪستان زرعي ملڪ ھوندي به ٻاھران زرعي شيون گھرائي ٿو ۽ اناج ۽ ٻين شين جي کوٽ ٿي وڃي ٿي، ان جو ڪارڻ ملڪ ۾ زراعت تي ڌيان نه آھي(1) آبھوا جو تبديل ٿيڻ (2) آبادي جو وڌڻ (3) صحيح مناسب اگھ مقرر نه ٿيڻ (4) ناڪارا آبپاشي نظام (5) پوکائي جو پراڻو طريقيڪار (6) برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ نه ٿيڻ (7) زراعت ۾ نوان سڌارا نه آڻڻ (8) آبادگارن کي بنا فري وياج قرض نه ڏيڻ (9) زرعي تحقيق جي کوٽ (10) آبادگارن کي زرعي ڄاڻ نه ڏيڻ (11) زرعي نقلي دوائن جو استعمال (12) لوڪل مارڪيٽن کي بھتر نه ڪرڻ (13) جديد زرعي طريقيڪار جو استعمال نه ٿيڻ جي ڪري پيداوار گھٽ ٿئي ٿي. پيداوار آباديءَ جي لحاظ کان گھٽ آھي. ھڪ ته ملڪ ۾ آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ان جي کاڌ خوراڪ جو انتظام حڪومت کي ڪرڻو ھوندو آھي. ڪجھ زراعت کي هٿي وٺرائڻ سميت آبپاشي نظام کي بھتر ڪيو وڃي، واھن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪو ڪيو وڃي. ان سان پاڻي زيان نه ٿيندو، نوان تحقيقي ادارا کوليا وڃن، انھن کي هٿي وٺرائي وڃي، زرعي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. آبادگارن کي زرعي ھارين جا اسڪول کوليا وڃن، انھن زرعي ڄاڻ ڏني وڃي، جديد زرعي تعليم ڏياري وڃي جيڪي ٻيا ٻاھران ملڪ زرعي وڌيڪ پيداوار کڻن ٿا، انھن ملڪن سان ھتان جي آبادگارن سان رابطاڪاري لنڪ ڪرايو وڃي، زرعي صنعتون انڊسٽري کوليون وڃن، واپار ٻاھرين ملڪن سان ڪرايو  وڃي، زراعت ملڪ جي معيشت کي بھتر ڪرڻ جو اھم شعبو آھي جنھن تي ڌيان نه ڏنو ان ڪري اسان جو ملڪ وڌيڪ معاشي طور ڪمزور ٿيندو ويندو .

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

هڪڙي چٺي ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي ڏانهن!‎‎

 

سڀ کان پهرين اسلام عليڪم، جناب اعليٰ رفيق جمالي، سائين اميد ته خوش هوندا، ڪاڇي ۾ لاڳيت برسات ٻئين گاج روڊ رستا تباھ ڪري ڇڏيا آهن، واهي پانڌي جوهي روڊ مڪمل تباھ ٿي ويو آهي، ڪاڇي ۾ سائين انساني آبادي رهندڙ آهي، ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، آخر ڇو سائين؟ ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي، ڪاڇي واسي گئس جهڙي نعمت ۽ سهولت کان محروم آهن. سائين تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊ ڪٿي ٿا خرچ ٿين؟ جڏهن ته هتي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن، ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، واهي پانڌي ۾ گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول، ميڊيڪل ڪاليج ناه،ي علاج لاءِ اسپتال ناهي هڪ آهي ته اها نه هئڻ برابر آهي. سائين واهي پانڌي تي پلون ڪڏهن تعمير ٿينديون؟ واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪڏهن ٿيندي؟ واهي پانڌي ۾ ڪڏهن گرلس ڪاليج تعمير ٿيندو؟ واهي پانڌي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪڏهن تعمير ٿيندو؟ واهي پانڌي ۾ پارڪ ڪڏهن تعمير ٿيندو؟ واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪڏهن ٿيندي؟ ٿوري برسات ۾ واهي پانڌي جوهي جو زميني رابطو ڪٽجي وڃي ٿو، واهي پانڌي، ماڇي واھ وٽان ماڇي واھ کان اولھ طرف پرڏيهي پير وٽان بکر شهيد وٽان، ٻٻرن واري سلوپ، واهي پانڌي گرڊ اسٽيشن وٽان، ڪڏهن پلون تعمير ٿينديون؟ دنيا چنڊ تي پهتي آهي، ڪاڇي واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. سائين رڳو تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊ اوهان واهي پانڌي ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيو ته ڪاڇو پئرس بڻجي ويندو، اميد ته سائين مون کي پنهنجو جواب ڏيندا، سائين ڪاڇي جي بنيادي مسئلن طرف هڪ نظر ڪيو.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

پرڏيهين جي سلامتي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل!

 

گذريل ڏينهن اخبار پڙھندي هڪ خبر نظر مان گذري جنهن کي پڙھڻ کان پوءِ ڳڻتي ٿي ته هي ٿئي ڇا پيو ۽ ان جا اڳتي هلي صوبن ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جنهن بابت ڪئين سوال سامهون ڪر کڻي بيهي رهيا. خبر هن ريت هئي ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ھڪ بل پيش ٿيو جنهن تحت غير ملڪي پناهگيرن کي پاڪستاني شهرين جهڙا حق ۽ سهولتون ملنديون. بل پيش ڪندڙ اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ محسن داوڙ  آھي. سندس پيش ڪيل بل وڌيڪ غور  لاءِ هڪ ڪاميٽيءَ حوالي پڻ ڪيو ويو آھي، جڏهن ته بل جي حڪومت مخالفت نه ڪئي. بل کي قومي رفيوجي قانون 2023ع جو نالو ڏنو ويو، بل تحت ڪنهن به مهاجر کي پاڪستان مان نيڪالي نه ڏئي سگهبي، مهاجر جو درجو حاصل ڪندڙ جي گهرواري، ٻار، نابالغ ڀائر ۽ ڀينرون به مهاجر تصور ٿيندا، سندن خاص خيال رکيو ويندو. مهاجرن جي سهولت لاءِ ڪميشن قائم ٿيندي، مهاجرن کي رهائش، زمين خريد ڪرڻ، توڙي قانوني سهولت ميسر هوندي. خبرن موجب هي بل 25 صفحن تي ٻڌل ۽ 50 سيڪشنن تي مشتمل پڻ آھي، هن ڪميشن جو هڪ ڪمشنر به مقرر ٿيندو، جيڪو گهرو، پرڏيهي، تعليم، سماجي ڀلائي، انساني حقن ۽ قانون بابت وفاقي وزارتن سميت صوبائي حڪومتون به مدد ڪنديون. پناهگير جي حيثيت ۾ درخواست ڏيندڙ لاءِ پاڪستان ۾ زمين رهڻ جي قابل بڻائي ويندي، کين گرفتاريءَ کان بچائڻ لاءِ مفت دستاويز جاري ٿيندا، کين مفت قانوني سهڪار جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي. حڪومت ڪنهن به پناهگير جي ملڪيت خلاف قدم نه کڻندي، پاڪستاني شهرين جيان کين حقن جي آزادي هوندي. پاڪستان ۾ پنهنجي رهائش لاءِ جڳھ جي چونڊ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو ۽ هنن پناهگيرن غير ملڪي مهاجرن تي ڪنهن به قسم جي عام پاڪستانين کان اضافي ڪا ٽئڪس يا فيس لاڳو نه ڪئي ويندي. اوهان مٿي بيان ڪيل بل جي ٽائمنگ، بل پيش ڪندڙ پاران بل جا نقطا ۽ انهن 25 پيجن تي مشتمل بل جنهن کي مختلف قانوني حوالن سان جيڪي 50 سيڪشنز ڏنا ويا آھن ۽ ان بنياد تي هنن کي جيترو سولائيءَ سان سهولتون ڏنيون ويون آھن، ايتريون سهولتون ڄڻ ته پاڻ وطن واسين کي هڪ صوبي کان ٻي صوبي اندر شايد ناهن فقط سنڌ صوبي جي. اسان اهڙن بلن يا قانون سازيءَ کي ملڪ توڙي صوبن ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي لاءِ ڪنهن گھري سازش کان گهٽ نٿا سمجهون.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

پاڻي کي قيد ڪري کپائڻ يزيدي عمل آهي!

 

اسين خوش نصيب آھيون جو وزير اعليٰ سنڌ اسان جي ضلعي ڄامشوري جو آهي پر پوءِ به اسان ھر سھولتن کان محروم آھيون، سڀ آفيسر وزير اعليٰ جي حڪم ھيٺ ڪم ڪندا آهن پوءِ به اسين مسئلن جي ور چڙھيل آھيون. ملازم پگھارن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي آفيس ھوندي به عوام کي ڪو لاڀ ڏئي نه سگهي آهي، نادرا وارن جي من مستي سڀني جي سامھون آهن، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، مريض دربدر آهن پر ڪير به لفظن نٿو ڪڇي. بهرحال اسان سڀني سھولتن کان سواءِ رھي سگهون ٿا پر پاڻي کان بنا نٿا رهي سگھون. ھاڻ اسين ٻين مسئلن کان سواءِ رھڻ جي عادي ٿي ويا آھيون، جيسيتائين روڊ تي جمع ڌوڙ اسان جي منهن کي نه لڳي تيستائين اسان جو سڄو ڏينهن بيچيني سان گذري ٿو، خير ڇڏيو ٻين مسئلن تي ٻئي ڀيري لکبو، ھيئنر ڳالهه ھلي ٿي پاڻي جي. پڙهڻ وارا شايد سوچيندا ھوندا ته ھي ھمراھ ڊيلي پاڻي تي لکندو آهي، ان وٽ ٻيو ڪو موضوع ناهي، انهن دوستن کي ٻڌائيندو ھلان ته جنهن شيءِ جي تڪليف گھڻي ھوندي آهي ان مسئلي کي گھڻو ھائلائيٽ ڪبو آهي. اسان جي علائقي کي ڪافي سالن کان وٺي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسين پاڻي جھڙي نعمت کان محروم آھيون ۽ ٽينڪر مافيا جي حوالي آھيون، ان لاءِ انتظاميا کي ٻڌائڻ ۽ ان معاملي جي نوٽيس وٺڻ لاءِ آئون لاڳيتو لکان پيو، صرف لکان نٿو پر عملي طور جاکوڙ جي ميدان ۾ به آھيان. پاڻي لاءِ اسان جي تحريڪ ھلي پئي، جيستائين واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻي بحال نه ٿيندو تيستائين اسان جي تحريڪ ۽ تحرير جاري رھندي. پاڻي ته ڪربلا ۾ يزيد بند ڪيو ھو. اي اڄ جا آفيسر شاھي ۽ چونڊيل نمائندئو توهان اھو ٽڪو پاڻ تي نه کڻو، اسان کي پاڻي ڏيو، توهان جي ھٿ ۾ سڀ ڪجهه آهي، توهان چاھيو سچائي تي اچو ته ايم سي ٻولھاڙي ۾ پاڻي لائينن ذريعي بحال ڪرائي سگهو ٿا.

 

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

 

لاڙ پٽي جي بهترين ڪهاڻيڪار سلام ٿهيم جو وڇوڙو‎‎!

 

موت ته برحق آھي پر ڦوھ جواني ۽ اڻ مندائتو موت جيءُ جهوري وجهندو آھي. ايئن ئي ڪالھ سنڌي ادب جي جهول ۾ چار ڪتاب، گلن سان تعزيت، اوسيئڙي ۾ جڙيل آس، نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبو ۽ مينهن آيو ڊوڙي، وجهندڙ سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، هدايتڪار، شاعر، ادبي خطن طور مشهور ۽ لاڙ خاص ڪري جاتي جي ادبي کيتر ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪندڙ عبدالسلام ٿهيم به ڦوهه جواني ۾ اڻ مندائتي موت جي ور چڙھي ويو. عبدالسلام ٿهيم لاڙ پٽي ادبي حلقي جو اهو ستارو هو جنهن پنهنجين لکڻين ۾ سدائين ڏيھ جي ڏتڙيل ماڻھن جو درد اوتيو. سندس لکڻيون جڏهن به ڪنهن ڪتابي صورت يا ڪنهن اخبار جي زينت بڻجنديون هيون ته هر پڙھندڙ جي اندر مان آھ ۽ واههن نڪري ويندي هئي. هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس ته پاڻ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل رسالي جو ايڊيٽر هو. پوءِ جڏهن ساڻس موبائيل پيغامن ۽ روبرو جڏهن ملاقات ٿي ته سلام جي شخصيت سندس لکڻين ۾ اوتيل درد ۽ حساس جهڙي لڳي۔ پاڻ يارن جو يار هو. ڪجهه وقت پهرين پاڻ SUIT ڪراچي ۾ زير علاج هو ته پنهنجي اخبار جي صفحن تي ئي مون سندس واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. پاڻ جڏهن صحتياب ٿي آيو ته بدقسمتيءَ سان ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي پر هڪ ڏينهن مون کي لکيائين ته پيارا تو جيڪو منهنجي لاءِ اخبار ۾ لکيو ان جو ٿورائتو آھيان. سچ اهو آھي ته سلام جهڙا ماڻھو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آھن. ڌرتي هڪ بهترين اديب کان محروم ٿي وئي آھي. سندس اوچتي وڇوڙي جيءُ جهوري وڌو آھي. مون سميت ادبي حلقن جي دلين ۾ سوڳ جو تڏو وڇايل آھي. عبدالسلام ٿهيم جو خال ڪڏهن به نٿو ڀرجي سگهجي. ادبي کيتر خاص ڪري ڪهاڻي صنف ۾ جڏهن به ڪهاڻي جو ذڪر ٿيندو ته يقينن سلام ٿهيم جو نالو هر پڙھندڙ جي زبان تي تري ايندو. يار سلام! ايڏي جلدي ڇو ڪيئي؟ يار توسان اڃا کوڙ ڳالهيون ڪرڻيون هيون.  سچ ته تون زندهه رهندين يار، دوستن ۾، لکڻين ۾ محفلن ۾ ۽ دلين ۾.

 

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

 

ماھواري جي آگاھي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن!‎‎

 

اسان جي معاشري ۾ ھر ڏينھن ڪيترائي سنجيده معاملا، واقعا، يا مسئلا نظر اچن ٿا، جن تي بحث ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگھجي، پر ننڍڙا ننڍڙا معاملا جيڪي ٿورو ڌيان طلب ۽ سولائيءَ سان حل طلب آھن، انھن تي ڳالھائڻ کان ڪيٻايو ۽ ان کي  ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويندو آھي، جيڪو سراسر غلط آھي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ھي جديد ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ايتري ته ترقي ڪئي آھي جو ھر قسم جي پريشاني، مسئلي جي حل ۽ ان جي سجاڳي لاءِ جوڳا قدم کڻي ان جي آگاھي جي ڦھلجڻ لاءِ ماڻھو پنھنجون خدمتو انجام ڏئي رهيا آهن پر ان باوجود به ڪيترائي اھم عام موضوع آھن جن تي خاموشيءَ اختيار ڪرڻ کي ئي اوليت ڏني ويندي آهي، جنھن سان نه رڳو سماج پر ھر اھو شخص ئي متاثر ٿئي ٿو، جنهن مٿان اھا تڪليف يا ڪيفيت گذرندي ھجي، ان کان سواءِ، ڇوڪرين کي انھن موجب ڪنھن به قسم جي ڪا بنيادي تعليم جي باري ۾ ڄاڻ مهيا ناھي ڪئي ويندي، جيڪا انھن جي شعور ۾ اضافي ۽ ان جي سولائيءَ لاءِ انتھائي لازمي ھوندي آھي، جيڪڏھن ان سان لاڳاپيل موضوع ھجي حيض يا عورتن جي ماھواري ھجي جيڪو ھڪ قدرتي عمل آھي، جنھن کان ڪيتريون ئي ڇوڪريون بيخبر آھن يا وري ان جي اوچتي اچڻ سبب ذھني پريشان، منجھيل رھنديون آھن ۽ ان سان گڏوگڏ ان بابت ڪنھن سان به ونڊڻ ۾ لھرائينديون آھن. حقيقت ۾ ته حيض يا ماھواري 12 يا 14 سالن جي عمر ۾ ئي شروع ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ھر مھيني جي ڪجھ ھفتن کان پھريان ئي ڪيترن ئي احساسن مان گذرڻو پوندو آهي، جنھن ۾ مزاج جي تبديلي، ڪاوڙ، چڙ يا وري احساس ڪمتري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نشانيون آھن پر افسوس! اھو سڀ ڪجھ سيکاريو يا ان بابت سمجھايو نٿو وڃي. اڪثر ڪري، گھرن ۾ عورتون به ان موضوع تي تبصرو ڪرڻ ۾ لھرائينديون آھن. ڇوڪرين جي آگاھي جي کوٽ سبب ڪيترن ئي ڏکيائين يا گھٻراھٽ کي منھن ڏيڻو پوندو آهي ۽ اھي ڪنھن کي ٻڌائڻ به غلط سمجھنديون آھن جنھن ڪري ڪيترن ئي ڳالھين، اپاءُ، طور طريقن يا وري صحت و صفائي کان اڻڄاڻ رھنديون آھن، جنھن سبب انفيڪشن يا ڪنھن خراب بيماري کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. تنھن ڪري گھروارن کان سواءِ تعليمي ادارن کي به گھرجي ته حيض بابت ٻارن کي يا شاگردياڻين کي نه رڳو صحيح نموني سکيا ڏئي ان جي شعور ۾ اضافو ڪري پر نصاب ۾ به ان موضوع جي باري ۾ کليل گفتگو پڻ لازمي شامل ڪئي وڃي، جيڪو ھر ڇوڪري توڙي عورت جي بھترين مددگار ثابت ٿئي.

تانيه سليم/حيدرآباد