انسان ۾ سفاڪيت شامل رھندي اچي پئي!
ھي انساني آزار نوان ناھن، چوڻي آھي ته انسان جي مٽي ڳوھڻ واري وقت چڱائي واري چاڻي ۾ شيطاني رطوبت وارو رت به رلي ملي ويو ھو، تڏھن ته انسان ۾ وحشيت سفاڪيت شامل رھندي اچي پئي، جنھن ڪري وحشيت جا واقعا نت نون طريقن سان سامھون اچي رھيا آھن. تازو ئي اھڙو شرمناڪ واقعو قمبر ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پيش آيو آھي، جتي ھڪ پيرسن پوڙھي کي تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي. اھڙو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آھي، جنھن ۾ صاف نظر اچي رھيو آھي ته ھڪ پيرسن کي تشدد جو نشانو بڻائي سندس جي تذليل ڪئي پئي وڃي، ھن واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. قمبر پوليس کي فورن ايڪشن کڻڻ گهرجي، تاريخ جي اڳين صفن تي نظر ڪبي ته ڪائنات جي ابتدا کان وٺي ھيل تائين ھن ڌرتيءَ جي ڳولي تي ڪڙوڙين قھر ٿيندا رھيا آھن، انساني آزار ھڪ قلمڪار جي سھپ کان چڙھي ويا آھن. ھڪڙا قھرن جي قصن سان تاريخ ڀري پئي آهي، وقت جي قلمڪارن انساني آزارن احتجاجي پڪارن جا آلاپ ورنيا آھن، رت جا ڳوڙھا رنا آھن، ھتي قانون نالي ڪا شيءِ موجود ناھي، جيڪو ڏاڍو سو ئي گابو بڻيل آھي، ھتي بااثر پنھنجون ئي عدالتون لڳائي ويٺل آھن، سڀ تڪليفون، سور ۽ اھنج صرف غريبن جو مقدر بڻيل آھن. قمبر واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ان واقعي ۾ ملوث ڪردارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سعودي- ايران معاهدو ۽ آمريڪا جي ناڪامي!
گذريل 10 مارچ تي چائنا جي سهڪار سان ٿيل ايران- سعودي عرب معاهدو جتي چائنا جي صدر جي پنهنجي ٽئين دوري حڪومت جو بهترين عالمي معاملن ۾ مهارت جو تحفو يا پيش خيمو ثابت ٿي سگهي آهي، اتي آمريڪا کي به ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن ته ٻه ڪٽر مخالف هڪ صف ۾ ڪيئن بيٺا آهن؟ اهو ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن جي لاءِ حيرانگي جو سوال آهي. جڏهن ته چائنا جو عالمي معاملن ۾ هٿ وجهڻ آمريڪا جي لاءِ به هڪ کليو چيلينج آهي ته هو هاڻ هوريان هوريان پنهنجي پنهنجي عالمي معاملن ۾ سهڪار ڪري اهو بانور ڪرائي رهيو آهي ته هو به هڪ وڌندڙ عالمي طاقت آهي، جيڪا چاهي ٿي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪيان. جڏهن ته عالمي سياست ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ڪنهن قدر هن معاهدي ڊمي بڻائي ڇڏيو آهي ڇو ته جيڪي ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسي آمريڪا جي چوڻ تي طئي ڪندا هئا اهي هاڻ خودمختيار بڻجي رهيا آهن. هن معاهدي کان اڳ آمريڪا جيڪو ابراهيم معاهدو ڪرائي اسرائيل کي مسلم ملڪن کان تسليم ڪرايو هو ۽ هڪ ٻئي سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ سفارت خانا کوليا ويا هئا اتي هنن ٻنهي ملڪن به ايندڙ ٻن مهينن ۾ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ سفارتخانا کولڻ ۽ ڳالهين آخري شڪل ڏئي اڳتي وڌڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن معاهدي جتي دنيا سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي اتي گهڻن ملڪن سان گڏ اسرائيل به ان معاهدي کي پنهنجي اسرائيلي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي قرار ڏنو آهي. هن معاهدي کان اڳ سعودي ۽ ايران جا لاڳاپا تڏهن وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيا جڏهن ايران ۾ 1979ع وارو انقلاب برپا ٿيو هو ۽ بعد ۾ جڏهن سعودي عربيه شيعا اڳواڻ شيخ النمر کي ڦاهي چاڙهيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ايران ۾ سعودي سفارتخاني تي حملو ڪري ان کي باهه ڏني وئي هئي. ٻنهي علاقائي طاقتن پنهنجن اثر تحت عراق، لبنان بحرين ۽ يمن ۾ پنهنجي مزاج جون حڪومتون آڻڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، جنهن ڪري هي ٻئي مختلف فقه جا ملڪ هميشه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون رهيا آهن. هن معاهدي ۾ جتي چائنا پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي اتي عراق ۽ عمان جون به ڪوششون رهيون آهن ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻجي. جڏهن هڪ ٻئي جا سخت مخالف ملڪ هڪ سمت ۾ گڏجي اڳتي وڌي سگهن ٿا ته ڇا پنهنجي ملڪ ۾ فرقي جي بنياد تي ورهايل مسلم قوم قدم قدم گڏ ٿي اڳتي وڌي سگهي ٿي. اهو هڪ ظاهري طور ننڍڙو سوال آهي پر ان ۾ ٻنهي ملڪن سان گڏ ملڪ ۾ موجود فرقيواريت جي خلاف گڏ متحد ٿي بيهڻ جي لاءِ هڪ اميد پڻ موجود آهي.
زبير ٻگهيو/ ڏوڪري، موهن جو دڙو
پاڻي جھڙي نعمت کان محروم اڀاڳو شھر ايم سي ٻولھاڙي!
ايم سي ٻولھاڙي اھو واحد شھر آهي جيڪو ڪي بي فيڊر جي ويجهي ھئڻ باوجود به پيئڻ جي پاڻيءَ جھڙي نعمت کان محروم آهي، جنهن جا ھي علائقا خدا جي بستي، ٻٻر اسٽاپ، مسلم ٽائون، پوپٽ، ڳوٺ عيسيٰ دل، ڳوٺ گلشن مسعود ۽ غازي ڪالوني سميت ٻيون ڪيتريون ئي ڪالونيون پاڻيءَ جھڙي نعمت کان محروم ڪيون ويون آهن. اتان جا مقامي وڏيرا چاھين ئي نٿا ته انهن ڪالونين ۾ پاڻي پھچي، ڇو جو ٽينڪر مان انهن جي ڪمائي ٿيندي آهي. انهن ظالمن کي خبر ناهي ته ايم سي ٻولھاڙي ۾ سڀ مزدور رھن ٿا جيڪي مھانگي اگھه تي پاڻيءَ جا ٽينڪر خريد نٿا ڪري سگهن، ڪافي اھڙا غريب ماڻهو به آهن جن جا ٻار گھر گھر وڃي پاڙي وارن کان پاڻي گھري اچن ٿا، ڇو ته ھن وڌندڙ مھانگائيءَ ۾ گھر جو گذر سفر سورن سان ٿو ٿئي، اتي پاڻي ڪيئن خريد ڪندا؟ انهن آفيسرن کي ھنن غريبن جو ڪو احساس ئي ناهي ڇو ته اھي پنهنجن ڪنن ۾ ڪپھه وجهي ويٺا آهن. غريبن جون دانهون انهن تائين پھچن ئي نٿيون، ھزارين درخواستون ڏيڻ باوجود ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، لگي ٿو ته ڊي سي ڄامشورو سميت پبلڪ ھيلٿ انجنئرنگ به انهن ٽينڪر مافيا سان ٻٽُ بڻيل آهي، عوام سراپا احتجاج آهي، پوءِ ڪير ٻڌڻ وارو ناهي لڳي ٿو غريبن مسڪينن جون دانهون ۽ آھون خدا تائين به نٿيون پھچن.
عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي
شاهپورجهانيان جي “جهانيان لائبريري” بحال ڪريو!
هن جديد دور ۾ به اسان وٽ تعليم جو نظام بدتر ٿيندو پيو وڃي، سنڌ جا ڪيترائي نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪا آهن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ شاهپورجهانيان شهر جا نوجوان لائبريري جهڙي زيور کان محروم آهن، شاهپور جهانيان ٽائون ڪميٽي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ڳوٺ موجود آهن، مختلف تعليمي ادارن جهڙوڪ يونيورسٽي ۽ ڪاليجن مان ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڏي مقابلي واري امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ هتان جي نوجوانن لاءِ ڪا به لائيبريري موجود ناهي، شاهپورجهانيان ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران ٺهرايل جهانيان لائيبريري سار سنڀال نه هئڻ ڪري تباهه ٿي وئي آهي، لائيبريري ۾ ڪتابن جي جڳهه تي ڪچرو پيل آهي، لائبريري جي عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري عمارت ۾ ڏار پئجي ويا آهن، ڪنهن وقت به ڪرڻ جو خطرو آهي، هيءَ لائبريري 10 مارچ 1980ع ۾ ٺاهي وئي هئي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي بلديات جي وزير سيد فخر امام شاهه ڪيو هو، هن لائبريري ۾ اسلامي، نصابي، سائنس، ادب ۽ ٻين شعبن جا ڪتاب پيل هئا، جيڪي 27 ڊسمبر 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهيد ٿيڻ وقت شرپسندن انهن ڪتابن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري ڪيترائي ڪتاب سڙي ويا، جڏهن ته ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر لائبريريءَ کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جهانيان لائبريري لاءِ 2 نائب قاصد ۽ 2 چوڪيدار رکيل آهن، جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا، وقتن به وقتن هن لائبريري لاءِ فنڊ آيا آهن، جيڪي ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر جي ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪيا آهن، شهر جي ساڃاهه وندن سنڌ حڪومت، ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد جهانيان لائبريري کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن هتان جا نوجوان ڪنهن وڏي امتحان جهڙوڪ سي ايس ايس، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙن امتحانن جي ڀرپور تياري ڪري انهن امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن، لائبريري ۾ اخبارون ۽ ڪتاب رکيا وڃن ته جيئن ماڻهو هوٽلن تي ويهڻ بجاءِ لائبريري ۾ ويهي ڪتاب پڙهن.
سيف ٻگهيو/شاهپورجهانيان
حڪمرانن وٽ ملڪي ترقي لاءِ ڪھڙي حڪمت عملي آهي؟
دنيا ۾ ھر ملڪ جي سياسي، معاشي، علمي بھتريءَ جو دارومدار ملڪي حڪومتن پاران جوڙيل پاليسين ۽ ڊگھي عرصي واري منصوبابندي تي ھوندو آهي. دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي ترقي جو راز ئي اتان جي حڪمرانن پاران تحيقيقي بنيادن تي جوڙيل پاليسين ۾ ھوندو آهي. بدقسمتيءَ سان پنهنجي ملڪ ۾ ڊگھي مدي واريون سياسي، معاشي توڙي علمي سڌاري لاءِ پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو اڻاٺ آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ مسئلا گھٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رھيا آهن. ملڪ کي درپيش مسئلن جو ھڪ وڏو ڪارڻ ڪنهن به شعبي ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ڪنهن به پاليسي جو نه ھجڻ آهي. ڪنهن به سياسي ڌر وٽ ملڪ کي ھن سياسي ۽ معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي موجود ئي ناهي. حڪمران ھر روز ملڪ کي مقروض بڻائيندا پيا وڃن پر ڪو به اھو نٿو سوچي ته آخر ڪيستائين اسان کي قرضن تي ڀاڙڻو پوندو؟ ملڪ کي معاشي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اسان جي ڪھڙي معاشي پاليسي آهي؟ حڪمرانن جون ھي عارضي معاشي حڪمت عمليون ڀلي کڻي حڪمرانن ۽ ملڪ جي مٿئين طبقي کي ڪو فائدو ڏينديون ھجن پر ملڪي عوام لاءِ اھنجن ۾ واڌ ۽ ملڪ مٿان قرضن جا ڍير لڳائڻ کان سواء ڪجھه به ناھن. نه رڳو ملڪي معيشيت پر ڪنهن به شعبي ۾ تي کڻي نظر ڪجي ته ساڳي ئي ڊگھي مدي واري حڪمت عملي جي کوٽ نظر اچي ٿي. ھن وقت ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ھلي پئي، جيڪا استادن کان ڪرائي پئي وڃي، ھاڻ جن اسڪولن ۾ ھڪڙو ئي استاد مقرر آهي ۽ ان استاد جي به آدمشماري ۾ ڊيوٽي لڳڻ سبب اھي اسڪول بند پيل آھن. نتيجي طور نه ڄاڻ ڪيترن سنڌ جي شاگردن جو تعليمي نقصان ٿئي پيو پر افسوس! جو حڪومت ان ڏس ۾ ٿورو به نه سوچيو آهي ته ان فيصلي سان ٻارن جي تعليم تي ڪھڙو اثر پوندو؟ جڏهن ته انهن استادن جي جڳهه تي حڪومت سنڌ ۾ بيروزگار ويٺل گريجوئيٽ نوجوانن جي ٽريننگ ڪرائي انھن کان به آدمشماري ڪرائي ٿي سگهي، جنهن سان اسڪول به بند نه ٿين ھا ۽ عارضي طور اھي بيروزگار نوجوان روزگار سان به لڳي وڃن ھا. تنھنڪري موجوده حالتن ۾ ملڪي حڪمرانن کي سائنسي ۽ تحقيقاتي بنيادن تي پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ ھر شعبي ۾ پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي.
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ
داسو ڊيم تي هڪ نظر!
داسو ڊيم پاڪستان جو سڀ کان وڏو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي موڙ تي تعمير ڪيو پيو وڃي، هي پاور پراجيڪٽ خيبرپختونخواهه صوبي جي ڪوهستان ضلعي ۾ داسو شهر کان ست ڪلوميٽر مٿي آهي. ان ڪري ان کي داسو ڊيم جو نالو ڏنو ويو آهي، انجنيئرن موجب ان تي ڪم 2025ع ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ هي ڊيم 1140000 ميٽر ويڪرو آهي ۽ ان جا ڪيترائي فائدا آهن جن ۾ سستي بجلي جي فراهمي سان آمدني ۾ اضافو، گهٽ قيمت تي وڌيڪ بجلي فراهم ڪرڻ، هڪ سال يا ان کان وڌيڪ عرصي ۾ 12 بلين يونٽ فراهم ڪري سگهجن ٿا ۽ هن وقت تائين ست هزار ٻه سئو 22 ماڻهن کي روزگار ملي چڪو آهي. اڃان تائين ۽ جن مان 19700 ماڻهو انهن علائقن ۾ آهن ۽ اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري به هن منصوبي ذريعي گهٽجي وئي آهي. هن ڊيم جي ڪنڌيءَ تي ميوي جا وڻ به پوکيا ويندا ته جيئن ماڻهو انهن کي سڌي طرح وڪرو ڪري سگهن ۽ ان سان ڊيم سرسبز ۽ آباد نظر ايندو ۽ هن ڊيم جي اڏاوت سان اسان جو ملڪ به ٻوڏن کان بچي سگهندو.
رحيم شر/ نوابشاهه
ڊاڪٽر عزيز سوڍر جو آپگھات ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جو ظلم!
اسلام ۾ آپگھات حرام آھي پر اسان جي ملڪ ۾ ھر سال آپگھاتن م اضافو ٿيندو رھي ٿو، جڏھن ته سماج ۾ اڻ برابري، مهانگائي، بک، غربت، رشوت، پيار عشق ۽ حڪومت جي غلط پاليسيون به ھڪ اھم ڪارڻ آھن. ڊاڪٽر عزيز سوڍر جنھن سنڌ سيڪريٽريٽ جي ظالم ايسو ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کان ويندي سڀئي وڏا مھا ڪرپٽ آفيسرن جي ڪري 19 گريڊ جي لکيل پڙھيل ڊاڪٽر پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. جڏھن ان کي ھن ظالم سماج ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ جن جي ھٿن ۾ قلم ته آھي پر انھن جي ھٿن صرف فقيرن جيان ۽ اکيون کيسن ۾ ھونديون آھن، پئسي کان سواءِ مجال آ جو ايئن ڪم ٿئي؟ ڪڏھن به نه. بدليون، مقرريون، پوسٽنگ، پروموشن، حج زيارت جي اين او سي جي لاءِ رشوت وٺن ٿا جن کي ڪنھن قسم جو ڪو خوف ناهي پر ھتي نيب ۽ ٻيا سڀ ادارا پڻ خاموش آھن. ھن ڪيس کان اڳ خيرپور ضلعي جي لقمان شھر ۾ ڪاشف ميمڻ نوجوان آءِ بي اي جو امتحان پاس ڪري جي ئي ايڇ ٽي ٿيو، ھڪ ته ان جي پري پوسٽنگ ڪئي وئي ۽ پگھارون نه ملڻ ڪري عربت کان تنگ اچي آپگھات ڪري ڇڏيو. هي ضلعي تعليم آفيسر جي غلط پاليسين ۽ رشوت تي مقرري ڪري اھڙا مسئلا ٿين ٿا. ملڪ ۾ عورتون پنھنجي ٻچن کي بک تي نٿيون ڏسي سگھن ته آپگھات ڪن ٿيون. روز سوشل ميڊيا ۽ اخبارون ۾ آپگھاتن جا ڪيس رپورٽ ٿين ٿا. ھڪ ته بنيادي حقن جي صحيح ورڇ نه ٿيڻ، حڪومت جي غلط پاليسين، سماج ۾ اڻ برابري ۽ آمدني جي ذريعن جو چند خاندانن جي ھٿن ۾ هجڻ جيڪي سياست ۾ به آھن، اھي ساڳيا ماڻھو اسمبليين به آھن ته ھزارين ايڪڙ زمين ۽ پيٽرول پمپس، ملن ۽ ڪارخانن جا مالڪ پڻ آھن ته پوءِ ملڪ جي عوام کي روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون ڪير ۽ ڪيئن ملنديون؟ ان ڪري آپگھات ٿين ٿا. ڊاڪٽر جو عمل ته صحيح ناهي پر ان ھن موجوده آفيسرز ۽ حڪومت کي وائکو ڪيو آھي پر جيڪڏھن ڊاڪٽر ھنن ظالمن خلاف ڪا قانوني جنگ وڙھي ھا يا ڪا ڀرپور رشوت خلاف تحريڪ ھلائي ھان ته رشوت تي ضابطو اچي سگھي پيو .سنڌ جي ملازمن تي چيڪ بئلنس ۽ ان جي اثاثن جي جانچ پڙتال ٿيڻ گھرجي. ڊاڪٽر عزيز سوڍر جو آپگھات ڪھڙو پيغام ٿو ڏئي؟ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رشوت جي بازار ڪيتري گرم آھي، ھٿن ۾ ڪات ڪهاڙا ۽ سنڌ جي ٻين ملازم طبقي جو ڪيئن رت چوسين ٿا، سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن تي ڪڙي نظر رکي وڃي، انھن ڪرپٽ آفيسرن اي سو کي جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي تي جيئن سنڌ سيڪريٽريٽ مان ھميشه رشوت ختم ٿي سگھي.
ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
عابد اندر واري کوليءَ ۾ منهنجي ڀر ۾ اچي ڪريو ته آئون به خواهن کي اڌورو ڇڏي جاڳي پيس، هُن ٻڌايو ته سنهي بوند تيز ٿي وڏ ڦُڙو ۾ ۾ مٽجي وئي آهي، جيڪا ٻاهر سمهڻ نٿي ڏئي، ان لاءِ اندر ڀڳو آهيان، پوءِ هو ته سمهي رهيو پر آئون باک ڦٽيءَ تائين جاڳندو رهيس. اڄ محرم الحرام جي ڪري عابد کي شنوائيءَ تي نه وٺي ويا. ڇو جو ڪسٽڊي واريءَ ڪتامار گاڏي ئي ڪونه آئي. موسم جو مزو وٺڻ لاءِ عابد ۽ آئون لان ۾ سيمينٽ جي بئنچ تي ويهي چانهه جو مزو وٺي رهيا هئاسين ته عابد هڪ گھر ۾ ڦر ڪرڻ جو قصو ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته اُتان جيڪو اسان ڦُريو هو ان ۾ هڪ گولڊ ميڊل به مون کي مليو هو جيڪو مون پنهنجي هڪ مائٽ کي ڏئي ڇڏيو هو. مون کي ميڊل ڦر جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون هن کي چيو ته اهو ميڊل کڻڻ لاءِ ڪنهن رانديگر پنهنجي اڌ زندگي محنت ڪئي هوندي ۽ اُن جو ان ميڊل ۾ ساهه هوندو پر تو اهو کڻڻ کان پهريان ان رانديگر جي جذبن جو به نه سوچيو. ان تي ڇا گذري هوندي توکي ذرو به خيال نه آيو؟ عابد هڪ ٽهڪ ڏيندي چيو تها سان جي ڌنڌي ۾ خيالن جي ڪا به اهميت ناهي هوندي. هُن جي ٽهڪ ۾ هڪ عجيب زهر سمايل هو. مانجھاندي کان پوءِ ٽاور انچارج منير سان ملي ان کي ٻڌايم ته سپرنٽينڊنٽ ملڪ اسلم سان مون کي ملڻو آهي. هو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، گھڻي دير جي انتظار ڪرائڻ کان پوءِ مون کي ٻڌايو ويو ته سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ آهي ته محرم کان پوءِ توسان ملندس. تمام گھڻو خراب محسوس ٿيو ۽ ماٺ ڪري پنهنجي کوليءَ ۾ موٽي آيس. اهو سڀ جيلر عارف پيو ڪرائي ڇو جو هو سنڌين کان ۽ سنڌي ادب کان گھڻو نفرت ڪندو آهي ۽ ايم ڪيو ايم وارن جو خاص ڇاڙتو آهي. شام جو ڪلهن ۽ Triceps جي ورزش ڪيم. دلدار وارن ڏي عابد جي نالي سان چانهيون روانيون ڪيم. دوستن گھڻو سمجھايو ته ڇڏ دلدار کي جن کي دلدار وارو ئي جواب ڏنم ته اسان جي ياري، ياري آهي ڪا گاهه جي ڀري ناهي جو جتي آيو اُتي ڦٽي ڪري ڇڏجي. ڪڪر آڪاش تي وڇائجي ويا آهن، عابد، ڏاهاڻي ۽ آئون هن وقت پسار ڪري موٽيا آهيون. بجلي به ناهي، بس ڄاڻ ڪڪر وسيا.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 07 آگسٽ 2022 (شام جا 06:06 وڳا)