دنيا جي ترقي جا راز!‎‎

 

خبر اٿوَ ته سعودي عرب ٿورڙي عرصي ۾ ترقي ڪيئن ڪئي، تيل جي سبب، نه تعليم جي ڪري، نه بلڪل نه، سعودي عرب جا ماڻھو محنتڪش آھن، ايئن به ناھي. پاڪستان ترقي ڇو نه ڪئي، جڏھن ته سعودي عرب جي مقابلي ۾ معدنيات، تعليم جي لحاظ کان گھڻو اڳتي آهي، پوءِ به پاڪستان وياجي قرضن ۾ ٻڏل آهي. سبب ڇا آهي؟ سبب اھو آھي ته سعودي حڪومت ڪرپشن ڪرڻ وارن بادشاھن کي به نه ڇڏيو، جيلن مان انھن ماڻھن جون تصويرون به شيئر ڪيائون جيڪي عرب پتي ڪرپٽ شھري ھئا، انھن به پنھنجيون سزائون جيل ۾ عام قيدين سان پٽ تي ويھي گذاريون. اتي جيل ۾ اي ڪلاس، بي ڪلاس، وي آءِ پيز لاءِ ضمانت تي آزادين واريون سھولتن جو تصور به ناھي. مطلب ته اسان جي ملڪ ۾ هيرن جواھرن جون کاڻيون ھجن ته به ترقي نه ڪري سگھنداسين ڇو ته ڪرپشن چوٽان چوٽ آهي. ذرخيز زمينون، درياهه، سمنڊ، جبل، لوڻ، مٺو پاڻي، ٻيلا، معدنيات جا نه کٽندڙ ذخيرا پوءِ به اسين آءِ ايم ايف جا قرضي آهيون، جڏھن ته سعودي عرب وٽ کجي، تيل کان سواءِ پنھنجو ڪجھ به ناھي، جن سان عوام جون ضرورتون پوريون ڪري سگھي. جاپان وٽ قدرتي پيداوار جھڙيون نعمتون ناھن، نه مٺو پاڻي سٺي مقدار ۾ اٿن، نه تيل، نه معدنيات، زمين ايتري گھٽ جو ڪٿي ٻني ٻارو ڪن، ڪٿي رھائش ڪن، نقشي ۾ ڏسندا ته جاپان ۾ سمنڊ جي وچان ھڪ ڊگھي پٽي آهي، سموري دنيا کان الڳ ٿلگ. اناج جي فراهميءَ جو مسئلو به ٿي سگھي ٿو پر ڪڏھن به ايئن ناھي ٿيو. جاپان ايتري ترقي ڪيئن ڪئي؟ جاپان جا ماڻھو چالاڪ ناھن، ڪوڙ ڪين ڳالھائين، پاڻ جيان ٻين کي به سچو سمجھن، اوھان پنھنجو قيمتي سامان ڪٿي وساري اچو ته اھو توھان کي پاڻ مرادو ملي ويندو، ڪو ٻيو دعويدار نه ٿيندو. جاپان ۾ ھر ماڻھو پنھنجي عقل کي صرف ان ڳالھ تي لڳائين ٿا ته کين جيڪو فرض ڏنو ويو آهي ان کي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيئن انجام ڏيون، انھن کي اعتماد ھوندو آھي، کين جن کان سھولتون وٺڻيون آھن، اھي به پنھنجو فرض سچائيءَ سان نڀائيندا آهن.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

امام حسين عه ۽ مولا عباس عه باوفا جي آمد!

 

رب سائينءَ اسان کي اسلامي سال ۾ لاڳيتو ٽي مھينا خوشيون عطا ڪيون ،آھن جن ۾ رجب، شعبان ۽ رمضان جا مھينا شامل آھن. اھي ٽئي مھينا اسان جي لاءِ عيدن کان گھٽ نه آھن، خاص ڪري رجب ۽ شعبان جي مھينن ۾ ته ساري اھلبيت عه پاڪ جي ھستين جا دنيا تي نزول ٿيا آھن، ھتي ذڪر ڪنداسين شعبان جي مهيني جو پھرين شعبان حضرت بيبي زينب سلام الله عليه جن جي آمد کان وٺي 15هين شعبان مولا پاڪ امام مھدي عه جي آمد تائين عيدون ملهايون وينديون آهن. 3 شعبان نواسه رسول ﷺ جنت جي سردار حضرت امام حسين عه جن جي آمد آھي، وري ٻئي ڏينهن 4 شعبان تي حضرت شھنشاھ مولا عباس عه باوفا جن جي آمد آھي. ڪربلا جي انھن ٻن بادشاهن جي اسان گنھگار ڪھڙيءَ طرح شان بيان ڪريون! اھي نور اسان بشر، اھي پاڪ اسان ناپاڪ، بس شان بيان ڪرڻ لاءِ ايترو چوندس ته اھلبيت عه جي ھستين جي شان قرآن پاڪ آيت تطھير ۾ بيان ڪري ڇڏي آھي. ڪربلا ۾ انھن ٻن بادشاھن جون قربانيون ڪڏھن به نٿيون وساري سگهجن. يزيدي لشڪر ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ته انھن جو نالو دنيا مان هميشه لاءِ ختم ڪجي پر جيڪي جنت جا سردار ھجن حضور ﷺ جن جا نواسا ۽ فرزند ھجن، جيڪي ناطق قرآن ھجن، جيڪي دين اسلام جا وارث ھجن، جن جو ذڪر ڪرڻ عبادت ھجي، جن دينِ محمد کي بچائي پاڻ شھادتون ماڻيون ھجن، انھن جو ذڪر دنيا جي ڪھڙي به طاقت ختم نٿي ڪري سگهي، جيئن يزيد ڪيترن ئي ملڪن مان ڪرائي تي فوجي گھرائي انھن بادشاھن جو نالو ختم ڪرڻ پي چاهيو پر ناڪام ٿي ويو، ھاڻ يزيد جو نالو ڪنھن گار کان گهٽ ڪونهي ۽ ڪربلا جي شهيدن جو ذڪر ۽ شان بلند آھي ۽ رھندو، تمام مومنن کي ڪائنات جي انھن ٻن بادشاهن جي آمد جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو

 

ھيڪر جي گڏجن ته چوان!‎‎

 

توھان ته وڃي وساري ڇڏيو پر اڄ به اسان جون اکيون اوھان جي اوسيئڙي ۾ آھن، ورھيه لنگھي ويا پر اوهان ورڻ جي ڪانه ڪئي، پنھنجا وچن وعدا سڀ وساري ويھي رھيا آھيو پر ڪوئي اسان کان پڇي ته وڇوڙي جا وڍ ڇا ٿيندا آھن، اڪيلائيءَ جو عذاب ڇا آهي؟ ماڻھن جي ميڙ ۾ به زندگي اڪيلي گھارڻ ڪنھن مصيبت کان گھٽ نه آھي، اسان جي ڪيفيت ان مفلس باضمير شخص جھڙي ٿي وئي آهي جيڪو پاڻ کي بک ڏک ۾ رکي دل جو سور ڪنھن سان ڪو نه سلڻ پسند ڪندو آهي. ايئن ئي اسان به اندر ئي اندر ۾ ڪڙھي رھيا آھيون، ھر گھڙي مري جيِ رھيا آھيون، توهان بنا زندگي زھر سان پُر پيالو پي رھيا آھيون، اوھان جي ڳالھ اوھان کان سواءِ ٻي ڪنھن کي ٻڌائڻ به مناسب ڪو نه آھي، ڪيئي درد جا داستان دل ۾ دفن ڪريو ويٺا آھيون، توهان کي شايد اھا خبر به نه ھجي ته ماڻھو اسان لاءِ الائي ڇا مان ڇا چوندا آھن، ھا اھي سڀ الزام، تھمتون مان پنھنجي سر تي کڻي جيئان ٿو، بس ان اميد تي ته:

ھيڪر جي گڏجن ته چوان،

سور اندر جا ساري ساري.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد،خيرپور