فوج جو نئون سربراه ٿيندو ته ڇا اٽو کنڊ چانھ ڀاڄي سستي ملندي؟

 

گذريل ڏينهن اسان ڪجھ دوست هڪ ڊکڻ جي دڪان تي ڪنهن ڪم سانگي ويٺا هئاسين ته اتي خبر پئي ته وزيراعظم پاڪستان پاڪ آرمي جو نئون چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ لاءِ جنرل عاصم منير جو نالو فائنل ڪري سمري صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ان خبر تي اسان هڪٻئي سان اخبارن چينلن سوشل ميڊيا جي هلندڙ خبرن جي آڌار تي بحث ۾ لڳي وياسين. ڪو عمران خان ته ڪو شهباز شريف جي موقف جي حمايت ۾ ڳالهائي رهيو هو. مطلب ته سڀ ڪو پنهنجي عقل ۽ ذهن مطابق ڳالهائي رهيو هو ۽ ان بحث ۾ اسان جا آواز به تيز ٿيندا پئي ويا پر ان گوڙ دوران ڊکاڻڪو ڪم ڪندڙ پورهيت پنهنجي ڪم کي لڳو پيو هو. ان هڪ دفعو به اسان ڏي نه نهاريو ۽ نه ئي اسان جي گوڙ جو ڪو نوٽيس ئي ورتائين ته مون ان پورهيت کان پڇيو ته چاچا ڏي خبر تنهنجو ڇا خيال آهي ته ملڪ جي فوج جو سربراهه ڪير ٿئي؟ ته منهنجي ان سوال تي پورهيت وراڻيو ته ٻچا ڪير به ٿئي اسان جو ان ۾ ڇا وڃي؟ مون کيس چيو ته چاچا سڄي ملڪ جي ميڊيا سياستدان پڙهيل لکيل باشعور طبقو ان اهم مقرري تي اکيون ڄمايو ويٺا آهن ته ڪير ٿو فوج جي واڳ سنڀالي ۽ ڏسو ته فوج جي سربراهه جي مقرري کان پوءِ ڇاٿو ٿئي؟ سياستدانن جون به هڪٻئي سان ملاقاتون خيالن جي ڏي وٺ لڳي پئي آهي. عمران خان به 26 نومبر تي عوام کي اسلام آباد اچڻ جي ڪال ڪئي آهي مطلب ته سڄو ملڪ ان اهم مقرري جي انتظار ۾ آهي ۽ تون چئين ٿو ته ڪير به ٿئي ۽ اسان جو ڇا وڃي؟ پورهيت چاچي جواب ۾ هڪ سوال ڪيو ته ٻچا ان اهم مقرري ٿيڻ کان پوءِ ڇا اٽو، ڀاڄي، کنڊ، چانھ، گيھه ۽ ٻيون عام واهپي واريون شيون سستيون ٿي وينديون؟ پورهيت جي ان سوال تي پهريان ته منهنجو مٿو ڦري ويو پر تڪڙ ۾ جواب ڏنومانس ته ڀلا ان اهم مقرري ۾ انهن شين جو سستو ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالھه آهي چاچا؟ چاچي معصوميت سان جواب ڏنو ته ٻچا اسان صبح جو اٿڻ کان وٺي سمهڻ تائين صرف انهن پيٽ گذر وارين شين جي لاءِ ئي محنت مزدوري ڪندا آهيون ۽ هاڻي ته سڄي ڏينهن جي پورهئي بعد به پيٽ ڀري کائڻ ڄڻ ناممڪن ٿي پيو آهي پهريان جيڪا بيماري آئي هئي ڪرولا ان ۾ به هر شي مهانگي ٿي وئي هئي. مون چاچي جي ڳالھ ڪٽي چيو ته چاچا ڪرولا نه ڪورونا ته چاچي وراڻيو ها ابا ڪرولا الائي ڪورونا اسان کي ته ان نڀاڳي بيماري جو صحيح نالو به نه ٿو اچي، پر ان بيماري بعد وري برساتن ته صفا لاهه ڪڍي ڇڏيا گهر ڪري پيا بيروزگار ٿي وياسين ۽ پيٽ گذر واريون سڀ شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن جو هڪ ويلو کائون ٿا ته هڪ ويلو بک تي سمهي ٿا پئون، سو اسان لاءِ ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته ڪير ملڪ جو يا فوج جو سربراهه ٿو ٿئي. باقي اگر ڪنهن جي اچڻ سان اهي پيٽ گذر واريون شيون سستيون ٿين ٿيون ته ٻچا اسان کي خوشي ٿيندي ته اهو ڀلي اچي. پورهيت جون اهي ڳالهيون ٻڌي مون به سوچيو ته پورهيت چئي ته سچ ٿو پر اسان جي ملڪ جي سياستدانن، اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا، سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪندڙن صحافين سميت پاڻ کي باشعور سمجهندڙ خلق کي ان طرف ته ٽڪي جو خيال ناهي اهي ته صرف ان بحث ۾ لڳل آهن ته فلاڻو اگر ملڪ جو سربراهه يا فوج جو سربراهه فلاڻو ٿيندو ته ملڪ ترقي ڪندو يا ملڪ پوئتي ويندو پر انهن کي ملڪ جي اصل غريبن پورهيتن جي مسئلن بابت ڪڏهن به بحث ڪندي ناهي ڏٺو ته اسان کي انهن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. جڏهن ته ملڪ جا اصل مالڪ اهي پورهيت ئي آهن جيڪي اسان جي ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن ٿا.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

اهم فيصلا: آخر تنقيد ڇو

 

جيڪڏهن مان پاڪستان آزاد ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين جي ڳالهه ڪندس ته  جيڪو ڪجهه اڄ ڪلهه ٿي رهيو آهي ڪنهن کان به لڪل ناهي، سدائين جيڪو به ملڪ سنڀاليندو آهي ان مٿان ناسمجهه اڪثر تنقيد ڪندا آهن جنهن بعد پوري دنيا ۾ واويلا مچي ويندي آهي، پر مان گذارش ڪندس ته هن وقت جتي سوشل ميڊيا سميت بهترين قلم ڪار ڪالم نگار  پنهنجو فرض ادا ڪن ٿا، پر اها بدقسمتي آهي جو اڪثر  بااثر ماڻهون خواه سياستدان هجن يا ڪامورا هجن اهي پاڪستان جي آئين تي عمل نه ٿا ڪن ۽ مختلف طريقا استعمال ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا. جنهن تي افسوس به ٿئي ٿو ڏک به ٿئي ٿو. هن وقت پاڪ آرمي جي چيف جي مقرري جي ڳالهه هلي رهي آهي. جڏهن ته ڪپتان سميت ڪيترائي عام ماڻهو به  تنقيد ڪن پيا. جڏهن ته اڪثريت هن وقت پي ڊي ايم جي هن گروپ ۾ شامل به آهي ۽ هو حڪومت به ڪري رهيا آهن. ان ڪري هن وقت به  مان گذارش ڪندس ته پاڪ آرمي جو چيف ملڪ جي بقا لاء ئي ڪم ڪندو. پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوجن مان آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪ فوج جا آفيسر جوان پوري دنيا ۾ اقوام متحده جي حڪم کي لبيڪ چوندي امن بحال ڪرائڻ لاء پنهنجون جانيون جوکي ۾ وجهي فرض ادا ڪري رهيا آهن. مان وري به انهن کي گذارش ڪندس جيڪي پاڪستان جي آئين جو احترام ڪن ٿا ملڪ هلائڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪن پيا، اهي سب  پاڪستان جي تمام ادارن مٿان  اجائي تنقيد کان پاسو ڪن جڏهن ته پاڪ فوج سميت ٻيا ادارا پاڪستان جي آئين جي بقا آهن.

سيد زوار حسين شاهه/ اسلام آباد

سٻاجھڙو نوجوان عبدالوحيد ڀٽي به وڇڙي ويو!

پنھنجي ملاقات ساڻس ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي پبلڪ لائبريري ۽ ھاڻوڪي شھيد صحافي شان ڏهر لائبريري ۾ ٿي ھئي. خاص ڪري اخبارن جي مطالعي کان پوءِ گل منير ڦلپوٽو، عبدالوحيد ڀٽي ۽ آءٌ علمي ڪچھري رچائيندا ھئاسين. مختلف موضوعن جي چونڊ ڪري انھن تي ڳالھائيندا ھئاسين، ڪڏھن ڪڏھن ته بحث جو موضوع ٻن کان ٽن ڏينھن تائين به ساڳو رھندو ھو. وڏي ڳالھه ته جتي بحث کي ڇڏبو ھو اتان ئي عبدالوحيد ڀٽي ياد ڪرائي شروعات ڪرائيندو هو. ھي ڳالھه اڄ کان 15 سال اڳ جي آھي، سندس ان وقت ڄمار 22 کان 23 سال مس ھئي. اسان جي ڪچھري ۾ گل منير ڦلپوٽو بحث کي طول ڏيڻ جو ماھر ھوندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ھلندڙ موضوع تبديل به ڪرائي ڇڏيندو ھو پر عبدالوحيد ڀٽي وري به موضوع جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. ڪو وقت آيو جو پنھنجين ڪچھرين ۾ وڏو وقفو اچي ويو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيڻ لڳيون ھيون ان جو سبب مصروفيتن جو وڌي وڃڻ به ھو. ھن کي نادرا ۾ نوڪري ملي وئي ھئي ھو ڏوڪري ۽ نصيرآباد ۾ رھيو. شھر جي ھر ماڻھو کي عزت احترام ڏيندو ھو ۽ انھن جا مسئلا ڀرپور نموني حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو . آءٌ کيس جڏھن فون ڪندو ھيس يا ڪارڊ، نياپو، سلام موڪلي ڪنھن به شھري جي مسئلي حل ڪرڻ جو چوندو ھئس ته کين وڏي عزت احترام ڏيندو هو ۽ مسئلو حل ڪري موٽ ۾ سلام موڪليندو ھو .

حقيقت ۾ ھي ھڪ وڏو سماج سڌارڪ نوجوان ھو کيس قوم جو درد رھندو ھو ۽ ھر وقت ان اوني ۾ ھوندو ھو ته اسان وٽ ڪو تعليمي علمي انقلاب برپا ٿي پوي، اسان جو نوجوان ھر فيلڊ ۾ ڪارائتو ثابت ٿئي. ھو مون سان مختلف پروگرامن ۾ گڏ ھليو به ته وري منھنجي ڪتاب جي مھورت واري پروگرام ۾ وڏي چاھ سان شريڪ ٿيو. جڏھن منھنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو ھو ته منھنجي عيادت لاءِ گل منير سان گڏ آيو ھو ته سندس چھري تي ڏک جا آثار چٽا نظر پئي آيا. گھڻي وٿي کان پوءِ جڏھن ڳالھه ٻولھه ٿي ھئي ته پاڻ فوري طور وقت ڪڍي ھڪ ڪچھري پروگرام رٿي ورتو ھو ھن دوران ھن جو پروموشن ٿيو ۽ نصرآباد کان ڪي اين شاھ نادرا آفيس جو انچارج ٿيو. اسسٽنٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر بڻيو ھو ان سان گڏ ھڪ اھم ٽيسٽ پاس ڪري لنڊن لاءِ وڃي رهيو هو. کيس ٽي ٻارڙا آھن ۽ ھڪ اچڻ وارو ئي ھو ان جي ئي فڪر ۾ ھو ته مھمان اچي ته ھو پنھنجي ڪمن سان لڳي وڃي. گل منير ڦلپوٽو موجب ته رات جو ڪچھري ٿي ھئي ھن توھان کي ياد ڪيو۽ چيائين ته مسرور ڏانھن ھلبو ساڻس چانھه گڏجي پيئبي ! ڪھڙي خبر ته ھي يار پنھنجا سمورا خواب ۽ ارادا اکين ۾ سانڍي وٺندو ۽ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويندو ۽ اسان سڀن کي ايڏو وڏو صدمو ڏئي ويندو. چون ٿا ته ھو معمول موجب پنھنجي بائيڪ تي باڊھ کان ڪي اين شاهه ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو ته باڊھ ڀرسان بٺ شاخ وٽ ڪو تيز رفتار چنگچي رڪشا کيس ٽڪر ھڻي ويو ! رڪشا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، ھي زخمي حالت ۾ روڊ تي تڙپندو رهيو. گھڻو وقت گذري وڃڻ توڙي گھڻو رت وھڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي. باڊھ سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند اڳ ئي آھي پر ڊاڪٽرن جي غير موجودگي اھڙن موقعن تي ھميشه نوٽ ٿيندي رھي آھي. اسپتال ته کيس پھچايو ويو پر فوري طبي امداد نه ملي سگھي. آءٌ سمجھان ٿو ته ھڪ قاتل ته اھو چنگچي رڪشا ڊرائيور آھي جيڪو عبرتناڪ سزا جو مستحق آهي جنھن کيس ٽڪر ھڻي زخمي ڪيو پر روڊ تي تڙپندو ڏسي ڇڏي فرار ٿي ويو شايد! ھو ھمت ڪري ھا ۽ کيس وقت تي اسپتال پھچائي ھا ته ھو بچي پئي سگھيو. ٻيا قاتل ڊيوٽي ڊاڪٽر آھن جيڪي لاپرواهي ڪري تڙپندڙ انسانن جي مدد لاءِ موجود نٿا ھجن. عبدالوحيد ڀٽي صاحب جو موت غفلت سبب ٿيو آهي ان جا ذميوار ڪير آھن وائکا ٿيڻ گھرجن. چنگچي وارو ڪير ھو پوليس انتظاميا تي دٻاءُ وجھو. چوندا آھن خون ۽ کٿوري لڪي نه سگھندا آھن پر باڊھ ۾ قاتل لڪي وڃن ٿا خون لڙھي وڃن ٿا.

مسرور سيال/ باڊهه

ڇا فيض گنج تعلقي مان برساتي پاڻي نڪري سگھندو

ھونءَ تھ سڄي ضلعي خيرپور جي اٺن ئي تعلقن ۾ برساتي پاڻي زمينن ۽ ڪيترن ئي شھرن ۾ بيٺل آھي، ليڪن ضلعي جي پڇڙي واري تعلقي ۾ برساتي پاڻي بيھڻ تي تعلقي جو نقشو تبديل ٿي ويو آھي. برسات ۽ سيلاب وارو پاڻي ايترو تھ بدبو ڪري چڪو آھي جنھن جي ڌپ پري پري تائين پکڙيل رھي ٿي. پاڻي بيھڻ سبب ڪيترائي جانور مري وڃڻ دوران علآءِقي جي ماڻھن ۾ مختلف بيماريون ڦھلجڻ جا خدشا آھن. رڳو پاڻي ڪڍرائڻ تھ پري جي ڳالھ آھي پر ھتي جيڪا ٻوڏ متاثرن سان جٺ ڪئي پئي وڃي اھا بيان ڪرڻ ضروري آھي. ھٿرادو ايجنٽ جيڪي غريب ماڻھن کان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جون ڪاپيون وٺي، انھن جي نالي تي آيل امدادي سامان وٺي دڪانن تي وڪرو ڪري رهيا آهن. امدادي سامان وڪرو ڪندڙ ايجنٽ غريب مسڪين جيڪي روڊن تي ويٺل آھن انھن سان دوکو ڪري رھيا آھن. ڪيترن ئي سرندي وارن توڙي ملازمن جا ڪمرا ھاڻي بھ امدادي سامان سان ڀريل آھن پر غريبن کي امدادي سامان لآءِ پريشان ڪيو پيو وڃي. گندي پاڻي جي نيڪال نھ ٿيڻ جا ڪھڙا سبب آھن ڇو تھ چئن مھينن کان علآءِقي جي زرعي زمين ۾ جيڪو پاڻي بيھجي ويو آھي جنھن سبب ربيح توڙي خريف جي فصل ٿيڻ جو آبادگارن ۽ ھارين کي آسروئي ناھي. انھن وٽ ھاڻي سان ئي ڏڪار واري صورت حال پيدا ٿي وئي آھي. فصلن جي پوکائي تھ پري جي ڳالھ آھي انھن وٽ مال جي چاري جيتري زمين واندي نھ بچي آھي. ڪيترن ئي غريب پورھيتن جا گھر ڪري پٽ ٿي ويا آھن توڙي جو سياري جي ٿڌي موسم ۾ اضافو ٿي رھيو آھي پر اھي مسڪين ماروئڙا ڪيڏانھن وڃن. زرعي زمينن اندر پوکيل باغ توڙي ٻيا وڻ سڪي سڙي ختم ٿيندا پيا وڃن انھن ۾ کجي، انب، ليما، زيتون، نارنگيون، پپيتا، ٻيرين سميت ڪيترائي انمول وڻ سڪڻ لڳا آھن ڇو تھ برسات پوڻ بعد پاڻي لاڳيتو زمينن ۾ بيھي وڃڻ ڪري ڪيتريون زمينون فصل ڏيڻ واري سگھه وڃائي چڪيون آھن. پوءِ بھ انھن زمينن جي مالڪي نھ پئي ڪئي وڃي، اسين ڊي سي، اي سي، آبپاشي انجنيئر خيرپور کي چتآءِ ڏيون ٿا تعلقي فيض گنج جي آس پاس وارن علآءِقن مان برساتي پاڻي جو نيڪال نھ ڪرا يو ويو تھ ھاڻي مقامي روڊ بند ڪرڻ بجآءِ اوھان جي آفيسن اڳيان ڌرڻا ھنيا ويندا، ڇو تھ اسين اوھان کان ڪا امداد نٿا گھرون. بدبودار پاڻي زمينن توڙي گھرن مان ڪڍرائي ڏنو وڃي جيڪو اوھان جي وس آھي.

گل بيگ چانگ

ٿرپارڪر جي اسڪول ۾ استاد ڏيو

ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول موجود آهن، جن ۾ استاد مقرر ناهن، ۽ ڪيترائي اھڙا اسڪول به آهن، جن ۾ سنڌ سرڪار طرفان استاد ڏنل آهن، پر مقامي وڏيرن، انھن استادن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. شروعات ڪيان ٿو تعلقو ڏاھلي جي ڳوٺ قبولاڻي جي اسڪول کان جتي ھڪ مزدور سڪندر عرف پانڌي راهمون پنھنجي مدد پاڻ تحت، ھڪ جھوپڙا اسڪول جو بنياد رکيو ھو. وقت گذرڻ سان گڏ اھو جھوپڙا اسڪول وڃي صوبائي وزير تعليم سائين سردار علي شاه تائين پھتو، ۽ سائين جن، ھن اسڪول کي سرڪاري اسڪول طور منظور ڪيو. ھن جو سيمس ڪوڊ به مليو، ۽ استاد به مقرر ٿيو، پر اھو ڪجھه ڏينهن اسڪول اچڻ کان پوءِ گم ٿي ويو. ڳوٺاڻن جي چوڻ مطابق استاد صاحب فرمائي ٿو ته توھان جي اسڪول اچڻ کان سياسي ڌر روڪيو آهي، ڇا اھي سياسي ڌريون ايتريون طاقتور آهن جو سنڌ حڪومت جي ملازمن کي پنھنجي مرضيءَ سان استعمال ڪري سگھن ٿيون؟ ۽ ڇا سنڌ سرڪار انھن سياسي ڌرين کي اھو اختيار ڏنو آهي، ته توهان پنھنجي مرضيءَ سان استادن کي مقرر ڪري سگھو ٿا؟ ڇا اھي سياسي ڌريون يا سنڌ سرڪار ان غيرقانوني عمل ۾ مليل آهن؟ ڇا اسان غريب ٿر واسين کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ناھي؟ جيڪڏھن سنڌ سرڪار اسان ٿر واسين کي تعليم جو حق ڏي ٿي ته پوءِ انھن سياسي ڌرين خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ماضيءَ ۾ ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ ھر مسئلي جي پٺيان ڪنھن سياسي ڌر جو ھٿ رھيو آھي، اسان ٿر واسين جو ڏوھ ڪھڙو آھي، اسان ڪڏھن انھن سياسي طاقتن کان جان ڇڏائينداسين؟ اسان ٿر واسين جي مسئلن بابت نه ڪنھن عدالت جو موقف آيو آهي ۽ نه ڪنھن اعليٰ آفيسر جو موقف آيو آهي، نه ئي ڪنھن ٻئي اداري جو موقف آيو آهي. ڇا اسان ٿر واسي پاڪستاني ناھيون يا اسان، نڌڻڪا آھيون، اسان وزير تعليم سردار علي شاهه کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا ڳوٺ قبولاڻي سميت ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لآءِ استادن کي مقرر ڪيو وڃي.

يوڪي راھمون/ ڪيرلو

وڏيرڪو نظام سنڌ لآءِ ناسور بڻيل

سنڌ ڌرتي تي وڏيرڪو نظام ناسور بڻيل آهي. ڪارو ڪاري جا هٿ ٺوڪيون رسمون ٺاهي نياڻين کي قتل ڪيو وڃي ٿو. اگر ڪنهن جو زمين تي تڪرار هلندڙ آهي اتي اڪثر نياڻي مٿان ڪوڙو الزام ڏئي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪيو ويندو آهي، يا وري مڙس پنهنجي گهران ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ اچي وڏيري کي چوندو آهي، مون پنهنجي زال کي فلاڻي سان ڪارو ڪيو آهي. وڏيرو انهن ڏانهن نياپو ڏياري موڪليندو توکي فلاڻي ڪارو ڪيو آهي پنهنجي گهر واري سان، هو پنهنجي صفائي ڏيڻ بدران لڪندو رهندو آهي ۽ وڏيري کي منٿون ڪندو آهي ته منهنجو فيصلو ڪرايو ۽ وڏيرو ٻنهي کي گهرائي فيصلي جي تاريخ مقرر ڪري فيصلو ڪندو آهي. ڪاري قرار ڏنل ڌر مٿان لکين رپين جو ڏنڊ وجهندو آهي. غريب پني ڪري اها رقم ادا ڪندو آهي. ڇا ڪڏهن نياڻي کان وڏيري پڇاڻو ڪيو تو تي هي ڏوھ آهي تون پنهنجي صفائي ۾ ڪجھه چوڻ چاهين ٿي؟ ڪڏهن به ناهي پڇا ڪئي، اڪثر ڪري گھوٽڪي ضلعي ۾ ڏينهون ڏينهن اهو ريشو وڌندو پيو وڃي ۽ مون پنهنجي زندگيءَ اهو ڏٺو آهي ڪنهن نياڻي کي قتل ڪري ماريو ويندو آهي، ان جي قاتلن کي قانوني طور سزا نه ملي آھي ڇو جو شاهد پنهنجا هوندا آهن، اهي ڪورٽ ۾ شاهد ڦري ويندا آهن. وڏيرڪو نظام تڏهن ختم ٿيندو جڏهن اسان وٽ علم جو شعور ايندو. جيتري تائين سنڌ ۾ وڏيرڪو نظام آهي، اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ۽ مال جا واڙا هوندا. هاڻي هن سسٽم کي ختم ٿيڻ گهرجي اهو تڏهن ٿيندو جڏهن منهنجي ماروئڙن ۾ علم جو شعور ايندو، پوءِ ساڳي ڀٽائي ۽ سچل واري سنڌ موٽي ايندي پوءِ سنڌ ڌرتي تي محبت پيار سڪ ساڳيو موٽي ايندو.

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

ھڪڙي طنزيه چٺي آءِ جي سنڌ جي نالي

جناب آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عرض نالي حافظ محمد علي ورڙ ويٺل ڳوٺ مير محمد ورڙ يوسي نظر پور تعلقہ ٽنڊو غلام حيدر ڊسٽرڪٽ ٽنڊو محمد خان توهان جو دل سان مشڪور آهيان جو توهان جي محنت ،ڪاوش ۽ مسلسل جدوجھد سان ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ مضر صحت مين پوري سفينه ۽ گٽڪو سرعام ھلي پيو ۽ باآساني ھر دڪان چوراهي اسڪولن سميت ننڍن توڙي وڏن شهرن اسٽاپن ۾ پڻ ملي پيو. پر اسان جي ھڪ گذارش آهي ته ھڪ مضر صحت مين پڙي ۽ گٽڪي جو معيار بهتر ناهي، ٻيو ته ريٽ الاهي مھانگو آھي، غريب موالي جي پھچ کان زياده آھي ان ڪري سائين جن کي عرض آهي ته مين پڙي ۽ گٽڪي جي معيار کي بھتر ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ اگھن تي پڻ نظر ثاني ڪرائي وڃي ته جيئين ٽنڊو محمد خان جا غريب مزدور ھاري ۽ عوام پڻ مضر صحت مين پوري گٽڪي ۽ سفينه مان لطف اندوز ٿي سگھي.

حافظ محمد علي ورڙ/ ٽنڊومحمد خان

50سيڪڙو کان گھٽ مارڪن وارن گريجوئيٽس سان ٿيندڙ زيادتي

 

سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي طرفان سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ايس ايس ٽي جي گريڊ 16 جي آسامين جو اعلان ڪيو آھي، جيڪا ٽيسٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٺندي جنھن لآءِ گريجوئيشن سيڪنڊ ڪلاس سان 50 سيڪڙو مارڪن جو شرط رکيو ويو آھي. گذريل سال آيل پرائمري ۽ جونيئر اسڪول ٽيچر جي آسامين ۾ به ساڳيو شرط رکيو ويو ھو جنھن ڪري ڪيترن ئي اھڙن ذھين اميدوارن کان رڳو ھن سبب ٽيسٽ نه ورتي وئي ته انھن وٽ سيڪنڊ ڪلاس سان گڏ 50 فيصد مارڪون نه ھيون ۽ ھينئر به اھي اميدوار پريشان آھن ته اپلآءِي ڪن يا نه؟ ڇو ته چالان في 500رپيا آھي ۽ ھرڪو غريب اھا افورڊ نٿو ڪري سگھي. اسان کي اھا ڳالھه سمجھ ۾ نٿي اچي ته جڏھن وفاقي کاتن ۾ ايندڙ آسامين ۾ رڳو سيڪنڊ ڪلاس جو شرط ھوندو آھي ۽ سيڪنڊ ڪلاس 45فيصد مارڪن تي ٿئي ٿي ته پوءِ ڇو اھڙن اميدوارن کي رڳو 2يا3 فيصد گھٽ مارڪون ھئڻ جي سزا ڏني وڃي ٿي جيڪي ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اڄ جي دور ۾ جتي سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي آھي، اھڙيون اجايون شرطون رکي غريب ۽ ذھين اميدوارن کي تنگ ڪيو وڃي ٿو. ھن لکڻي ذريعي اسين تعليم واري وزير سردار شاھ، وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ٿا ڪريون ته سيڪنڊري اسڪول ٽيچر لآءِ 50فيصد وارو شرط ختم ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي