صحت کاتو ڇا پيو ڪري ! معصومن کي بچايو!

آئيني طور حڪومت جي ذمي آهي ته ماڻھن کي بنيادي حق ڏئي. هڪ آرٽيڪل کان ويندي 28 آرٽيڪل تائين آئين ۾ انساني بنيادي حق ڏنل  آھن. تعليم، صحت، گئس، روڊ، رستا، امن امان، تحفظ، شھري حق. صاف پاڻي ۽ سھولتون حڪومت کي عوام کي ڏيڻ گھرجن. لاڙڪاڻي ضلعي وارھ سان تعلق رکندڙ ھڪ ننڍڙو ٻالڪ جنھن کي نانگ ڏنگ ھڻي ٿو ۽ اھو جڏھن والدين اسپتال پھچائين ٿا ته انھن کي نانگ جي زهر کان بچاءُ ڪندڙ انجيڪشن نه ٿي ملي. ھي خوبصورت معصوم تڙپي تڙپي دم ڏئي ٿو. اھڙا ڪيئي معصوم ٻارڙا ۽ عورتون دوائون نه ملڻ ڪري دم ڌڻي  حوالي ڪن ٿا. لاڙڪاڻو سياسي ڳڙھ رھيو آھي ۽ ٻه وزيراعظم رھي چڪا آھن ۽ پ پ جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو به تعلق لاڙڪاڻي  سان آھي ۽ ھن وقت به سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت پ پ جي آھي. سرڪاري اسپتالن جي ڪروڙين روپيا بجيٽ اچي ٿي پر ماڻھن کي دوائون نه ٿيون ملن. ٻار ارڙي، ڊائريا، مليريا ۽ ڇتي ڪتي ۽ نانگ جي ويڪسين نه ملڻ ڪري موت جي منھن م وڃي ٿو. اھا حڪومت جي بيحسي چئجي يا لاچاري چئجي يا وري نااھلي چئجي؟ غريب لاچار بيوس ماڻھو سرڪاري اسپتالن ۾ وڃن ٿا ته ڪو مفت ۾ علاج ٿئي پر اتي جيڪا مريضن سان ڊاڪٽر ۽ عملو حالت ڪن ٿا، اھا توھان سڀ ڄاڻو ٿا. وارھ سٺو لکيل پڙھيل ۽ سياسي ڳڙھ رھيو آھي پر بيڌياني ۽ اقرباپروري ۽ صحت کاتي ۾ ڪرپشن جي ڪري سرڪاري اسپتالن جو برو حال آھي. دوائن جا ريٽ وڌي ويا آھن پيناڊول جو 20 روپين وارو پتو 50 روپيا ٿي چڪو آھي. ڪتي جو چڪ ۽ نانگ جي ڏنگ جون سيون وٺڻ جو پروسس به ڏکيو آھي. يوسي چئيرمين يا وري BHU  ڊاڪٽر انچارج کان صحيح ڪرائبي تستائين مريض پورو. اھڙي زھريلي انجڪيشن ھر وقت موجود ھجڻ گهرجي، ھاڻي جيئن ٿڌ پوڻ شروع ٿيندي ته نانگ بلائون ۽ ڪتا به ڇتا ٿيندا ۽ خاص ڪري ھي موسم ڪتن جي لڳ جي موسم آھي. سنڌ حڪومت کي خدرارا اھڙن معصومن تي رحم ڪرڻ گھرجي. بنا پڇا ڳڇا جي نانگ ڏنگڻ ۽ ڇتي ڪتي جون سيون فورن ڏيڻ گھرجن جيئن اھڙا گلڙن جھڙا معصوم ٻار موت کان بچي سگھن.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

گھوٽڪي جي صحافيءَ جو درد!

گهوٽڪي ضلعي جي ننڍڙي شهر جروار جي جاکوڙي صحافي قادري چنڙ جيڪو ھميشه غريبن جو آواز ايوانن تائين پچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي. وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف لکندو رهيوآهي. اڄ اهي جاگيردار، وڏيرا ۽ ڪرپٽ گهوٽڪي  روينيو جا عملدار هڪ ٿي صحافي جي زمين تي قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي. صحافي قادري چنڙ پنهنجي  گهر ڀاتين سميت سراپا احتجاج بڻيل آهي پر افسوس هن مهل تائين ڪنھن به نوٽيس ناهي ورتو. سياسي تنظيمون هجن يا سماجي تنظيمون هجن اهي خاموش آهن آخر ڇو؟ ۽ صحافي تنظيمن جي اڳواڻن کي عرض ڪجي ٿو ته ننڍڙي شهر جروار جي صحافي قادري چنڙ سان جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي انهيءَ لاءِ اوهان کي ساٿ ڏيڻ گهرجي. اگر صحافي قادري چنڙ سان انصاف نه ٿيو ته اهي وڏيرا، جاگيردار ۽ ڪرپٽ آفيسر هڪ دفعو ٻيهر صحافت مٿان قابض ٿي ويندا. صحافي قادري چنڙ ڪڏهن پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ معصوم ٻار وٺي ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان احتجاج ريڪارڊ ڪرائي ٿو ۽ ڪڏهن وري گهوٽڪي ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪري ٿو پر افسوس هن مهل تائين هڪ صحافي کي انصاف نه ملي سگهيو آهي. پوءِ عام ماڻهو کي انصاف ڪٿان ملندو؟

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

سنڌ جي سرزمين تي اٻوجھه عوام جا ڀرجهلا!

سموري سنڌ صوفين بزرگن ۽ اوليائن سان ڀريل آهي. سڀني درگاهن تان عوام کي فيض ملندو رهي ٿو. ھن وقت مسلسل برسات جي پھرين ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن تائين غريب مسڪين اٻوجھه  ماڻهن جي لاءِ جيڪا خدمت علي سائين ڏنو ميتلو صاحب ۽ سندس اولاد فقير اميربخش،  فقير  فيض علي، شيراز، ڊاڪٽر شھبار ميتلو ڪئي آهي ان سان سموري سنڌ ۾ هنن پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي ۽ غريبن جون دعائون علي سائين ميتلو  ۽ سندس اولاد لاءِ ايتريون مان ۽ منهنجي استاد ڏنيون به ٻڌيون به. جتي حڪومت بيوس بنجي وئي اتي ھن سخي مرد ۽ سندس اولاد پاڻي نيڪال ڪرائڻ، مستحق ماڻهن ۾ روڪ رقم، تنبو، ترپال، مڇردانيون، راشن ايتري حد تائين ڏنو آهي جنهن جو مثال سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. ھن جي اولاد فقير امير بخش روڊن رستن تي ويٺل عورتن، مردن، معصوم ٻارن ۾ کاڌ خوراڪ، بسڪيٽن جا پيڪيٽ پاڻ پنهنجي ھٿن سان ورھائي  ڏنا. ڊاڪٽر شھبار  مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري مسلسل بيماري ۾ مبتلا ماڻھن جو علاج ڪري دوائون ڏنيون. پاڻ ڪڏهن به سياستدان  وانگر اليڪشن ۾ ناھن بيٺا ۽ نه ئي وري عوام  ۾ سندس ڪا لالچ لوڀ  آهي عوام  جي اھڙي خدمت ڪري سندن دليون کٽي ورتيون آهن، بنا ڪنهن ذات پات رنگ نسل جي فرق جي سڀني جي يڪسان مدد ڪئي آهي. روزانو ڪيتريون ئي ديڳون چانورن جون پچائي عوام کي پھچائيدا رھيا آهن. فيض علي شيراز  چيو آهي ته سڀني کان افضل عبادت انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي ھن وقت الله پاڪ جي طرفان ھي  ٿوري تڪليف آئي آهي الله پاڪ ئي ان کي ختم ڪندو. ھي پھريون دفعو نه پر سدائين جڏهن پاڻ درگاهه تي ايندا آهن تڏهن تمام علائقي جي ماڻهن جي لاءِ ننگر نياز تيار ڪرائي انهن کي ڏيندا آهن. علي سائين ڏنو ۽ سندس اولاد جي لاءِ ھر گهر مان  دعائن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سلام آهي درگاهه جي انهن ماڻهن کي جيڪي علي سائين ڏنو ۽ اولاد سان ڪم ڪرڻ ۾ گڏ بيٺا رھيا  آهن. جن ۾ فقير صوفن علي ميتلو  ۽ معشوق علي ميتلو  جو نالو سر فھرسٽ آهي. درگاهه جي ماڻهن انسان ذات جي دل کولي خدمت ڪري ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اڃا اھڙا ماڻهو موجود آهن.

روشن داس / عبد الله شر /مھيسر وڏا

جوهري پروگرام محفوظ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول ۾ آهي

آمريڪي صدر جوبائيڊن ڪجھه ڏينهن پهريان پاڪستان جي ايٽمي پروگرام متعلق بي بنياد بيان ڏنو، جنهن کي وفاقي ڪابينه رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ذميوار ايٽمي ملڪ آهي. جوهري پروگرام خطي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ لاءِ آهي. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هن وقت ذميوار ملڪ جنهن جو جوهري پروگرام هڪ محفوظ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ۾ آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پنهنجي جوهري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عالمي بهترين طريقن مطابق سڀ ضروري اقدام ڪيا آهن. واشنگٽن صرف ڀارت لاءِ صرف نرم گوشو رکيو آهي. پاڪستان جي حصي ۾ دٻاءُ، پابنديون وغيره رهيون آهن. پاڪستان ۽ آمريڪي تعلقاتن جي بحالي ضروري آهي. هاڻي پاڪستان ۽ آمريڪي تعلقاتن ۾ گرم جوشي اچڻ کپي ۽ آمريڪا کي پاڪستان لاءِ نرم گوشو رکڻ کپي. 450 ملين ڊالر جو معاهدو ۽ پاڪستان ايف 16 جهازن جي پرزن جي فراهمي جي منظوري هڪ لحاظ کان ڀارتي ميڊيا تي ڀارت جي واويلا ۽ پروپيگنڊا سڀني جو جواب آهي. پاڪستان جي ذميواري ثابت آهي ته جوهري پروگرام هڪ محفوظ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول ۾ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ايوب ڪابينه ۾ وزير معدنيات ۽ قدرتي وسائل بڻيو ته ڊاڪٽر عشرت عثماني کي اٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو. پاڪستان جي ايٽمي قوت بڻجڻ وارو خواب ذوالفقار علي ڀٽو ڏٺو. 1965ع ۾ ڀٽو انڊيا جي جوهري صلاحيت برابر هجڻ جو ڪجهھ هن ريت عهد ڪيو ته انڊيا بم بڻائي رهيو آهي اسان به گاهه کائيندا سين بُک تي سمهي رهندا سين. پاڪستان کي جوهري طاقت بڻائڻ لاءِ بم بڻائيندا سين. اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي. پوءِ ان سال پاڪستان کي هٿيارن جي فراهمي تي پابندي لڳائي وئي. صدر جانسن پاڪ انڊيا جنگ ۾ پاڪستان آمريڪي فوجي امداد بند ڪئي. آمريڪا طرفان پاڪستان کي دٻاءُ ملندو آيو. ڀٽو 1969 ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب The Myth of Independence ۾ لکيو آهي ته پاڪستان لاءِ جوهري هٿيارن جو حصول ضروري آهي. 1971 ۾ ڀٽو صدر بڻيو، جوهري موضوع تي لکڻ واري ڪيري بسلٽ موجب 24 جنوري 1972 تي صدر پاڪستان ذوالفقار ڀٽو ملتان ۾ سائنسدانن جي هڪ خفيه ميٽنگ ۾ پاڪستان جي جوهري هٿيارن جي حصول جو عهد ڪيو. هڪ ٿڪائڻ واري ۽ مشڪل سفر کي طئه ڪرڻ کانپوءِ آخر پاڪستان 1998 ۾ ايٽمي طاقت بڻيو. ڳالهه اها آهي ته هن مهل تائين پاڪستان ذميواري سان پنهنجو جوهري پروگرام هڪ محفوظ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ۾ رکيو آهي. ان ڪري ان تي شڪ ڪرڻ جي ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانه.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

تعليم سڀني لاءِ مفت يا ڪمائي جو ذريعو

اڳ ۾ پرائمري کان سيڪنڊري تائين تعليم جو حصول انتھائي آسان ۽ خاص طرح سان غريبن جي اولاد لاءِ مفت به ھو. پر ھاڻي ترقي يافتا دور ۾ تعليم جو حصول وڏو مشڪل پر گڏوگڏ ڪمائي جو ذريعو به ھڪ پلان تحت بڻايو ويو آھي. ڊائريڪٽر تعليم جو ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ شاھي فرمان جاري ٿيو ته ھاڻي پرائمري کان سيڪنڊري تائين شاگردن جي داخلا ب فارم سان مشروط آھي. اڄ منھنجي پٽ جي 9 ڪلاس جي داخلا لاءِ ب فارم لاءِ پنجين ڪلاس جا پاس سرٽيفڪيٽ ۽ منھنجي ۽ منھنجي گھر واري جي ڪارڊ ڪاپي کڻي چمبڙ نادرا آفيس پھتس. اول ھنن ھڪ ڪلاڪ تائين قطار ۾ بيھاريو، پوءِ مون کي ٻڌايائون ته يوسي آفيس مان پيدائشي سرٽيفڪيٽ کڻي اچ. يوسي ۾ پھتس ته ھنن مون کي چيو ته پھرين ڪنھن اسٽامپ وينڊر کان پي سي ٺھرائي اچ. وري اسٽامپ وينڊر وٽ پھتس ته اتي وڏي رش ھئي. مون کي ٽي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو. سڀ ماڻھو ب فارم جي سلسلي ۾ آيل ھئا. منھنجي ٻن پٽن جي پي سي تي 500 سئو روپيا خرچ آيو. وري ڀڄي يوسي آفيس پھتس ته ھنن ڪاغذ چيڪ ڪيا ۽ چيو ته سائين سيڪريٽري صاحب اچي توھان اربع يا خميس تي اچجو. ھي ب فارم لاءِ حالت مون سان ٿي آھي ته سولائي سان سمجھي سگھجي ٿو ته غريبن ۽ مسڪينن سان ڪھڙي حالت ٿي ھوندي. مون اندازو لڳايو آھي ته صرف ھڪ شاگرد تي يوسي کان اسٽامپ وينڊر تائين ۽ ويندي نادرا تائين ٽي ھزار روپيا خرچ اچي پيو ۽ ذليل الڳ ٿيڻو پوي پيو. سردار شاھ صاحب ھاڻي توھان ٻڌايو ته توھان غريبن جي اولاد لاءِ تعليم مفت ڪئي آھي يا شاھي فرمانن لاءِ ناممڪن ڪئي آھي؟ اھڙين شرطن سان اسڪول خالي ٿي ويندا، بھتر ته اھو آھي ته پوءِ ۽ تعليم جي داخلا پرائمري کان سيڪنڊري تائين ب فارم سان مشروط آھي ته پوءِ ڇو نه پرائمري ۽ سيڪنڊري جي اھم داخلا رجسٽر جنرل رجسٽر کي ختم ڪيو وڃي. ھي ڪير ماڻھو آھن جيڪي تعليم تي تجربن تي لھي آيا آھن. ھتي اسان صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر کان مطالبو ٿا ڪريون ته پرائمري کان سيڪنڊري تائين فوري طور ب فارم جو شرط ختم ڪيو وڃي ته جيئن غريبن جو اولاد ٻيڻن ٽيڻن خرچن، يوسي آفيسن، نادرا جي ذلت واري زندگي کان محفوظ رھي. توھان جي شاھي شرطن سان مھانگي ٿيندڙ تعليم سان ذلت واري زندگي کان ھن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي دور ۾ ڪير به پنھنجي اولاد کي اسڪولن ۾ نه موڪليندو. تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ توھان کي پنھنجا شاھي فرمان ۽ مشڪل شرط واپس وٺڻا پوندا. يا ته توھان جا سرڪاري اسڪول غريب شاگردن جي تعليم لاءِ مھانگا ٿي ويندا، ۽ غريبن جي اولاد لاءِ توھان جي ڏکين شرطن جي ڪري تعليم جا دروازا بند ٿي ويندا.

ارشاد لغاري/ چمبڙ

هڪ چٺي وزيراعلي سنڌ کي!

ٻه سال اڳ تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ کوھي مورا مان لڏي ويندڙ نوجوان پورهيت نالي رميش پٽ پنهون مل ميگھواڙ هن وقت مٺي شهر ۾ رهواسي آهي. جيئن ته رميش ڪمار ميگهواڙ جي طبيعت ٽن سالن کان ناساز آهي، گذريل ڇهين مهينن کان سندس ٻئي گڙدا فيل ٿي ويا آهن. غربت جي حالت ۾ سندس مائٽن ڪراچي جي مختلف وڏين اسپتالن ۾ علاج به ڪافي ڪرايو آهي تنهن هوندي به طبيعت صحيح نه ٿي رهي آهي. وڌيڪ خرچ نه هجڻ جي صورت ۾ رميش ڪمار ميگهواڙ هن وقت مٺي شهر ۾ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ تمام ڏکي زندگي گذاري رهيو آهي. جڏهن ته سندس گهر وارن سونا زيور وڪڻي سندس زندگي کي بچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن هن وقت ٻيو دفعو ڪراچي جي ڪنھن خانگي اسپتال ۾ داخل آهي، اسان سنڌ جي سڀني ساڃاھ وند ماڻهن فلاحي ادارن ۽ ٻين مخلص انسانن ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي پر زور اپيل ڪريون ٿا ته رميش ڪمار ميگهواڙ جو سرڪاري خرچ تي ڪنھن سٺي اسپتال مان علاج ڪرايو وڃي ته جيئن سندس زندگي بچي وڃي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر

سياستدان ، پنڊت ، سڏائيندڙ ، سوديباز ..؟

جيڪڏهن مان گذريل ويهن سالن جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ سياستدانن تي نظر وجهان ته ڪو بي تاج بادشاهه، ڪو سياست جو ابو ته ڪو رانديگر ته ڪو استاد ته ڪو شوديباز سڏائڻ تي فخر ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سياسي پنڊت سڏائيندڙن جو تعداد به ڪجهه گهڻو آهي، جيڪي سدائين عوام جي خدمت جي ڳالهه ڪن ٿا جڏهن ته سچ اهو آئي ته شهيدن جي نالن کي استعمال ڪري عوام کان ووٽ به حاصل ڪن ٿا جڏهن ته بارشبن بعد پيدا ٿيل صورت حال سنڌ جي ته تمام گهڻي خراب آهي. جتي هن وقت به لکين عام ماڻهو گهر ڪرڻ ڪري بي گهر آهن ۽ سياستدانن ڏانهن مدد لاڀ واجهائي رهيا آهن پر انهن ۾ اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. بهرحال هن مڪمل صورتحال تي صرف ڏک جو اظهار ڪري سگهون ٿا باقي ملندو ڪجهه به نه. عام ماڻهون جيئن بک سبب موت کي ڀاڪر پائي رهيا آهن، سردي ايندي ئي گهڻو ڪجهه ڏسي رهيا آهن، بس مالڪ سائين رحم ڪري. جنهن جو ڪوئي ناهي ان جو رب پاڪ آهي.  پاڪستان جي سياست تي نطر وجهنداسين ته سدائين هڪ ٻئي کي بليڪ ميل ڪري حڪومت ڪرڻ جا قصا عام ملندا. ان ڪري هن وقت به ملڪ اندر جيڪو ٿي رهيو آهي اهو به اسان جي اڳيان آهي. پاڪستان انتهائي خطرناڪ صورت حال ۾ ڦاٿل آهي عوام خاص طور حڪومت وقت جي غلط پلاننگ ڪري  عوام کي ڪو خاص رليف ناهي مليو. جڏهن ته اها به تاريخ رهي آهي ته جيڪا به حڪومت آئي ان کي به هلڻ ناهي ڏنو ويو، هاڻ سوال اهو آهي ته ڪير آهن جيڪي حڪومتن کي اڳتي نه ٿا هلڻ ڏين؟ ڪيتريون ئي آڊيوز به ليڪ ٿيون آهن انهن مان پهرين آڊيو مان مجموعي تاثر اهو ملي ٿو ته عوامي خدمت جا دعويدار صرف پنهنجي خدمت تي سڄو ڌيان رکندا آهن. انهن جا عوامي محبت جا سڀ دعويٰ صرف فسانا آهن. ٻي آڊيو ۾ پنج وزير پنهنجي وزيراعظم سان گڏجي استعيفائن جي حوالي سان سازش جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن. اُن مان به ڪجهه سوال اڀرن ٿا ته ڇا وزير ۽ وزيراعظم پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو نٿا سوچين، ڇو هو صرف پنهنجي مخالفن جي خلاف سازشي حڪمت عمليون ٺاهيندا آهن، ڇا اها سموري ڳالهه ٻولهه جمهوريت جي خدمت آهي؟ اها سڄي ڳالهه ٻولهه پارليامينٽ جي خلاف سازش نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڇا اها ڳالهه ٻولهه اسپيڪر جي اختيارن تي سواليا نشان نه آهي ۽ ڇا اها ڳالهه ٻولهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي جانبداري کي بي نقاب نه پئي ڪري؟ ڇا هن ڳالهه ٻولهه سان اهو تاثر نٿو ملي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ خودمختيار آئيني ادارو نه آهي. هڪ ننڍي آڊيو به آهي، اُن آڊيو ۾ اخلاقيات جو درس ڏيڻ وارا ڪهڙي طرح وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهه ٻولهه کان ڪم وٺي رهيا آهن، ڇا اهو عمل درست آهي؟ ڪيترائي ڀيرا عرض ڪري چُڪو آهيان ته پاڪستان جو حڪمران طبقو نه پاڪستان جو سوچي ٿو ۽ نه ئي هُن ڪڏهن وطن عزيز جي عوام جو سوچيو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجهه ليڊرشپ جو ٻٽو عمل نه آهي؟ ڇا اها وطن سان بي وفائي نه آهي؟ ڇا اها جمهوريت ۽ جمهوريت جي خلاف خطرناڪ راند نه آهي؟ ان لاءِ ته هر طرف رسوائي ئي رسوائي آهي.

سيد زوار حسين شاه/ اسلام آباد

++++++++++++++

10

ٿرپارڪر سميت پوري سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊ ايڪسيڊنٽ، غفلت ڪنهن جي آهي؟

سنڌ کي مليل سورن جو هڪ ڊگھو داستان آهي جنھن کي لکڻ لاءِ ڏينهن نه پر سال کپندا تڏهن وڃي رڳو داستان لکي سگهبو ۽ اهو داستان لکي ته ڪير لکي؟ جيڪڏهن ڪو کڻي اهو سورن جو داستان لکي به سهي ته ڇا سالن جي محنت سان لکيل ان داستان جو ڪو فائدو به ٿيندو؟ يا اهو داستان ڪو پڙهندو به سهي؟  في الحال اسان ٻين داستانن کي ڇڏيون ٿا بس هڪ داستان جو ذڪر ٿا ڪريون ته هن هلندڙ مهيني يعني آڪٽوبر ۾ رڳو عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي روڊن تي سئو کان مٿي ايڪسيڊنٽ ٿي چڪا آهن ۽ پندرنهن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو عمر ڀر لاءِ معذور ٿي ويا، جن جو ڪو داد فرياد ناهي، ڪجھه ايڪسيڊنٽ جون ايف آءِ آر داخل ٿيون جيڪي اڳتي هلي صلح ڪرائي اھي ڪيس ئي ختم ڪيا ويندا آهن! ڇو ته غريب ۽ لاچار ماڻهو سست عدالتي نظام جي ڪري مايوس ٿي ڪيس تان هٿ ئي کڻي ويندا آهن جيڪو يقينن شرم جوڳو عمل آهي. اسان وٽ ٽريفڪ قانون ته رڳو شايد رشوت جي ڏي وٺ لاءِ ئي آهن نه چالان نه سزائون، پنج سئو ڏيو ۽ ماڻھو مارڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺو نه رفتار جي حد ۽ روڊ جي ڪهڙي پاسي گاڏي هلائڻي آهي. آبادي واري علائقي ۾ اسپيڊ آهستي هجڻ گهرجي، ڊرائيونگ دوران ڊرائيور نشي آور شيون استعمال نه ڪندو هجي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن تي عمل نه ٿيڻ ڪري موت جو راڪاس کلي عام روڊن تي نڪري ايندو آهي. جيڪڏهن گورنمينٽ ڪو تڪڙو ايڪشن نه ورتو ته سنڌ جيڪا اڳئي سورن ۾ ڀوڳي پئي ۽ مٿان وري هي روز نڌڻڪن جا ايڪسيڊنٽ گهرن جا گهر ويران ڪري ڇڏيندا.

دليپ آزاد عمرڪوٽ

+++++++++++++++++++++++

11

اعتماد ۽ عقيدا

تازو هڪ ڪلپ وائرل ٿي آذر بائيجان جي جتي ڪنهن ثقافتي گهر ٻاهران نظر بد لاءِ گهوڙي جا نال ۽ پادر ٽنگيا پيا هئا، جنهن مان ثابت ٿيو، برصغير جي هند و پاڪ کي هرو ڀرو بدنام ڪيو ويو آهي. سؤلي سنڌي مطابق اسان ئي ڄٽ ٿوڙوئي هون. وڃي بائجانين ڏي چڪر ڏيئي اچو، گهوڙي جا نال ۽ پادر اتي به سنوڻ خاطر ٽنگيا پيا اٿؤ، اڃا سمجھ ۾ نه اچيؤ ته پڙهو وڃي´´سائنس ۽ جادو“ڪتاب جا جلد جيڪي ديوتا کان وٺي سنوڻ ساٺن ۾ ڀريا پيا اٿؤ. مثال! ويم واري عورت ڀرسان لوهه جي راڍ يا لوهي ڪا شيءِ رکڻ وغيره، باقي سائين هتي شل نه ڪو غريب رڪشي جو پويان پادر ٽنگي، يا وري ٽماٽن جي واڙي تي شل نه ڪو ديڳڙي ٽنگي، اصل ڦٽڪار شروع ٿي ويندس. خاص ڪري موٽيويشنل اسپيڪر موقعو ملڻ تي ان رڪشا واري کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندا آھن. هاڻي لکيل پڙھيل موٽيوشنلز کي ڪير سمجهائي؟ ته ان جي ڪل ڪائنات روزي روٽي رڪشه آھي. تاريخي علم ۾ مثال طور؛ جادو جو اثر ڇو ٿو ٿئي،!؟ تعويذن ۾ اثر جي ڪهڙي وجه آهي؟ خدا تعاليٰ  جو عيسائي مذھب ۾ هڪ نالو ´´خدا“، هندن وٽ به صرف هڪ ´´اوم“! يهودين وٽ به هڪ نالو، ۽  اسان مسلمانن وٽ خدا تعاليٰٰ جا نوانوي نالا! آخر ڇو؟ ڇا؟ ڪيئن؟ پڇڻا نه منجهڻا؟ سائين جي ايم سيد ته وري ملان کي صفا ظاهر ڪري ڇڏيو. چيائين ملان ته خدا جو شخصيتي وجود ۽ تصور به ڪليئر ڪري ڇڏيو. چيائين  قيامت جي ڏينهن عرش تي خدا جي ڪرسي لڳندي ۽ ان تي ويهندو، پوءِ وري خدا لاءِ سوچڻ تي ڏمرجي به پوندو، ڀلا

هاڻي زيتون جي وڻ تي چڙھي پٽائي ڪندڙ ۽ ٽماٽن کي اسپري ڪرڻ واري کي خدا جا ڀؤ ڏبا ته اهو غريب ڪيڏانهن وڃي؟ ان ڪري خدا کي رحمان ڪري پيش ڪيو وڃي… خير

اگر سوڪريٽس کي ڏسنداسين ق. م ۾، ان ته ايترو به پڇيو! خدا ضرور آھي؛ پر خدا ڪير آ؟ ڪٿان آيو؟ ڪٿي آ؟ ملان بگ بينگ ٿيوري سپر ٿيوري جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا… خير مذھبي ماڻھو ڄاڻن ۽ سائنس اسان جو ڪهڙو ڪم،!!! مذھبي ماڻھن ته ڊارون کي به ڊراؤني ڪري پيش ڪيو هو. جيترو پڙھبو ايترو علم وڌندو،! باقي اسان جو ته خدا ۽ قيامت ڏينهن تي ايترو ته يقين ۽ ڀروسو آھي، جو قيامت جي ڏينهن جيمس واٽ به اسان جي واٽ لڳائي ڇڏيندو. شڪايت ڪندو خدا سان ته مان جيڪو بلب ايجاد ڪيو ان جي روشني مان هنن انسانن ڪهڙو فائدو ورتو؟ باقي ڪمبل ويڙھي سمهي پوڻ سان ڌپ ڪري وينداسين.

اليگزينڊر جاويد/ماهوٽا

+++++++++++++++++++++

12

راڻيپور ۾ صفائي ڪنهن جي ذميواري آهي؟

راڻيپور شھر مڪمل گندگي جي ور چڙھي ويو آهي ھر ھنڌ گندگي جا ڍير نظر اچي رھيا آهن. شھر جي گھٽين محلن گلين اندر پاڻي بيھجي ويو آهي. شھر جي مين بازار توڙي پراڻو بس اسٽينڊ ريلوي اسٽيشن روڊ تي ناليون اٿلڻ سبب پاڻي بيھجي ويو آهي. شھر اندر گاڏي ته ڇا پر پنڌ ھلڻ به مشڪل ٿي  ويو آهي. شھر طرف ايندڙ ماڻھو وڏين ڏکيائن کي منھن ڏئي رهيا آهن. شھر جا روڊ ستا تباھ ٿي ويا آهن جن تي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي. پاڻي بيھڻ سبب مڇرن سبب ڊينگي وائرس ٽائفائيڊ ۽ مليريا جھڙيون بيماريون پکڙجي رھيون آھن. ٽائون آفيسر ڪوڙا بل تيار ڪري لکين روپيه ھڙپ ڪري ڇڏيا آھن.پر صفائي جو سڄو نظام درھم برھم ٿي ويو. سڄو شھر نالين جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھي. شھر جا روڊ رستا اسڪول توڙي مسجدون امام بارگاھن اڳيان گندگي جا ڍير نظر اچي رھيا آهن. لاڳاپيل ادارا شھر کي صفاف رکڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھن . ھتان جا رھواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. اسان جي ڊي سي خيرپور ۽ وسوارن  کي اپيل آھي نوٽيس وٺي شھر جي صفائي سٿرائي تي ڌيان ڏنو وڃي. بيٺل پاڻي نيڪال ڪري شھر کي صاف سٿرو رکيو وڃي.

وحيدعلي ڄامڙو/راڻيپور

جمن دربدر جو وڇوڙو

“وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو”  جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن، سنڌ ڌرتي جو سچو عاشق ماما جمن دربدر اڄ اسان جي وچ ۾ نه رهيو….! جمن ’دربدر‘ ساند قبيلي سان تعلـق رکي ٿو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو. هي پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ان Budder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان (6 مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو.1970 ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين. عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين. بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس هو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جهڙوڪ: (1) بدنصيب ٿري، (2) سکن وارو سج، (3) گلن واري ڇوڪري، (4) آس، (5) ڏک ۽ ڏڪار، (6) چنڊ لڳي ٿو لولو، (7) ٽرڙو عاشق، (8) لڱ به منهنجا لوهه، (9) جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن. اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائيزر جمن دربدر کي چونڊيو ويو. اهڙيءَ ريت هن پهرين باقاعدي جيئي سنڌ محاذ ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سرگرم سياست ڪئي. جمن دربدر سٺو قومي شاعر هو، هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر جهونگاريندو هو ۽ هن پنهنجن ڪيترن ڪتابن ۾ احوالي طور ڏنو آهي، ۽ هڪ هنڌ ان جو انگريزي ترجمو به شامل ڪيو.

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،

ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.

سائين جي. ايم. سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به اهو شعر لکيل آهي. جمن دربدر جو ڪيترو ئي ڪلام محفوظ نه رهي سگهيو ، سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار هو. هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو هو. هن 1987ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهندو آهي. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترائي ميڊل ۽ ڪپ حاصل ڪيا. سائين. جي. اي. سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به ويجهڙائي رهيس. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو. هي سنڌ ۽ سيد جو سچو عاشق  20 آڪٽوبر 2022ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندن يادگار گيت پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي:

ھي دنيا ھلچل جي بستي

ھت ماڻھو ايندا ويندا آھن

چار گھڙيون مھمان رھي

پرلوڪ پڌاري ويندا آھن

اڪثر ماڻھو بعد مرڻ جي

ياد نه ڪنھن کي ايندا آھن

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن تي

نقش اڀاري ويندا آھن

اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان

ھر ھر مرندا جيئندا آھن

ڪي ڪي ماڻھو جيئندي جيئندي

موت کي ماري ويندا آھن

اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاءِ

قوم کي ماري ويندا آھن

ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي

قوم جياري ويندا آھن

اڪثر ماڻهو مت جا موڙھا

پاڻ نه پنھنجا ٿيندا آھن

ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي

تقدير سنواري ويندا آھن

اڪثر ماڻهو مستانن تي

ڪوڙي فتوا ڏيندا آھن

ڪي ڪي ماڻهو اناالحق جي

تند تنواري ويندا آھن……

گورڌن داس پرمار/ کاروڙو سيد امرڪوٽ

اي ڌرتيءَ جا عاشق توکي سرخ سلام..!

فرانسس بيڪن هڪ هنڌ لکيو هو ته، مون وڏن ماڻھن کي هميشه جهوپڙين مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو آھي. اهڙين ئي جهوپڙين ۾ جنم وٺندڙ ڌرتيءَ جي يگاني عاشق ۽ پيار جي پانڌيئڙي جي ساھ جو پکي پرواز ٿي ويو. جنهن سان نه صرف سندس چاهيندڙ پر ڌرتي هڪ انمول هيري کان محروم رهجي وئي. روحل واءِ جي هڪ جهوپڙي ۾ جنم وٺندڙ جمن ساند بابت ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هي جمن اڳتي هلي ماما جمن دربدر جي نالي سان مشھور ٿيندو. روحل واءِ جي مٽي ۾ حليم باغي توڙي ماما جمن دربدر جي ڪري جيڪا مهڪار سمايل آھي، سان مٽي هميشه ماما جمن جي ڪردار جي مهڪار وکيريندي رهندي. هميشه ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماروئڙن جي سڻائي بخت ۽ تخت لاءِ هن شخص جو ڪيل قومي پورهيو صدين تائين پيو ڳائجندو. وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو جهڙين سٽن جي قومي شاعر ۽ ڌرتي جي انگن، ننگن، دنگن ۽ سندن جياپي جا سونهري خواب ڏسندڙ ماما جمن دربدر جو اوچتو وڇوڙو سوين گهاوَ ڏئي ويو. جيڪو خال صدين تائين ڀرجي ڪونه سگهندو.

اي ڌرتيءَ جا عاشق توکي سرخ سلام..

بقول شيخ اياز جي:

ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا

گهايل ڌرتي جي سيني تي

ڪا گهري چيخ ٿين ٿا،

جا قوم کي بدلائي ٿي

جا سنڌ کي جاڳائي ٿي..

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول