تاريخي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ جي سار لهو!

 

مٺياڻي ڀرسان قديمي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ سموري سنڌ جيا چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ ۽ سيلاب تباھي مچائي  ڇڏي آهي، ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ جيڪو پنجاھ (50) ڳوٺن تي مشتمل تاريخي ڳوٺ آهي جيڪو مڪمل تباھيءَ جو شڪار بڻيل آهي، غريبن جا اجھا بلڪل ڊھي پٽ ٿي ويا آهن، غريبن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ به نه پچيو آهي. ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ 4 فوٽ سيلاب جو پاڻي بيٺل آھي، وس وارا شھرن ڏانھن منتقل ٿيڻ لڳا آهن، باقي مجبور ماروئڙا پريشاڻ ۽ تباهه ٿيل گھرن تائين محدود آهن. هن قيديمي ڳوٺ ۾ سڀ غريب ۽ مستحق، لاچار ۽ مجبور ماڻھو رھن ٿا، جيڪي ٻوڏ ۽ سيلاب کان اڳ 500 رپيا ڪمائيدا هئا ۽ 500 کائيندا ھئا، ھاڻي ته سڀ مزدوريون به بند پيل آھن. ھر غريب ھڪ ويلي ماني ڳڀي کائڻ لاءِ به پريشانيءَ جو شڪار بڻيل آهي، ڳوٺ ۾ مينھن کان پوءِ بيمارين به منهن ڪڍيو آهي، جنهن ۾ مليريا، گيسٽرو، پيٽ جو سور ۽ ڪيترين ئي چمڙي جي بيمارين مُنهن ڪڍيو آھي. ھتان جا  ايم پي اي،ايم اين اي ۽ ھتان جو DC ۽ ٻيا اگھور ننڊ ستل آھن. اسان جي ضلعي تي پ پ پ جو ڪامياب ٿيل ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ته ھڪ ڀيرو به متاثرن وٽ نه پھتو آھي. ممتاز علي چانڊيو بنگلن ۾ ويٺل ٻڏل نوشھروفيروز جو منظر ڏسي رھيو آھي. اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي، پ پ پ جي چيرمين بلاول ڀٽو کي اپيل ٿا ڪريون ته اوھان به سجاگ ٿيو ۽ اوھان پنھنجي سمورن سنڌ جي ايم پي ايز کي به سجاگ ڪيو، خدارا سنڌ جي ٻڏل عوام کي بچايو. ڳوٺ جي نوجوانن فواد سولنگي، صدام ڀرٽ، محمد ابراھيم چوھاڻ، وڪيل چوھاڻ، نعمان علي ڀرٽ، مصور ڀرٽ، مجيد سولنگي، مور خان سولنگي، عبدالصمد، نزاڪت سولنگي ۽ ٻين سنڌ حڪومت کي مدد جي اپل ڪندي چيو ته مليل امدادي راشن ڳوٺ ۾ غريبن تائين ھن محل تائين نه پھچي سگھيو آھي. اسان جو مطالبو آهي ته خدارا جلد کان جلد ڳوٺ مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن بيمارين کان بچي سگھجي ۽ وقت تي ڪڻڪ جو فصل به پوکي سگھجي.

 

محمد اظھر سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ

 

انسانيت جا راڳ آلاپيندڙ حڪمران ۽ عوام!

 

سنڌڙي سڏڪي پئي ۽ اسان سڪون جي ننڊ سمھون اھو اڻ ٿيڻي آھي، هر هنڌ لٽيل ۽ فتح ٿيل سنڌ سان خراب سلوڪ ڪيو ويو آھي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين کي بربادي جو آئينو ڏيکاريو ويو آھي. ھن وقت به ھٿرادو ٻوڏ ڇڏيندڙن ۽ انتظامي عملي جي لاپرواھين سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجن گهرن کان محروم ٿيندڙ نياڻيون ۽ ونيون تتل اس ۾ ويهي نيري آسمان ڏانهن اکيون کڻي پنهنجي رب کي پڪاريندي اهو ئي ڏوراپو ٿيون ڏين ته يا خدا! تنهنجي ڏنل رزق هي اسان جا حڪمران ڳڙڪائي چڪا آھن پر هنن وڏن پيٽن جا پيٽ ڀرجڻ بجاءِ ويتر وڌندا ٿا وڃن ۽ هو انسانيت جا راڳ آلاپي اٻوجھ ماڻهن کي ڪوڙن واعدن جي ڪاري پٽي ٻڌي ڪجھ ٽڪن، راشنن ۽ ٽينٽن عيوض اسان کي بي گهر ڪري وڃن ٿا. جيڪڏهن عوام جي غربت جي لڪير کي اسان جا هٿرادو چونڊيل آقا سمجهن ها ته اڄ هن تتل اس ۾ ويٺل اسان جين امڙين جو احساس ضرور ٿيئن ها ۽ هو پنهنجا ڪيل غلط فيصلا فوري طور واپس وٺي ۽ يتيمن کي بچائڻ لاءِ ضرور ڪا جٽادار رٿ جوڙين ها پر هو پنهنجا فارم ۽ فصل بچائڻ پويان سوين گهر ٻوڙي ويٺا آھن ۽ ٻوڏ متاثر روڊن تي فاقاڪشي جي زندگي گذارين پيا. ھن وقت سڄي سنڌ پيدا ٿيل غير معمولي صورتحال ڪا عارضي يا ٻن ٽن ڏينهن يا ھفتن جو چيلينج ۽ مسئلو ناھي پر هي ڪافي عرصي کان مسڪين پنهنجي گھرن ۽ گذارڻ کان محروم آهن. ان ڪري ھن زوري مڙھيل آفت جو جٽادار حل اهو ئي آهي ته وڏي تعداد ۾ وڏن ڪاروباري شھرن ۾ مستقل آباد ٿيڻ آھي. ھن ڏکي گھڙيءَ ۾ ھڪ طرف گذريل ڪجھ ڏينهن کان اسان ۽ سنڌ جا ٻيا ھزارين باضمير فرد پنهنجي ڀونگن جي بحالي خاطر روڊن تي احتجاجن طور ويٺل آهن پر سنڌ حڪومت کان وٺي آبپاشي عملو به وٽن لڙي نٿو اچي، جڏهن کان ايل بي او ڊي سم نالن ۽ ڍورن جي قدرتي لنگھن تي قبضا ڪري مٿن ڳوٺ آباد ڪيا ويا آھن تڏهن کان هر سال غريب ماڻهون بي گهر ٿيئن ٿا. ميرپورخاص ضلعي مان پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن به حصي پتي جي دانهن ڪري ڇڏي، جڏهن ته ساڳي پيپلزپارٽي ۾ رهندڙ ڪلوئي تعلقي ۾ ٿيندڙ ايم پي اي ارباب لطف الله زيرو پوائينٽ ڪٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن نئوڪوٽ، جهڏو، پنگريو جي علائقن مان پاڻي نه نيڪال ڪيو ويو ته هنن علائقن جا رهواسي کاڌي پيتي کان به محروم ٿي ويندا.

 

امان الله چانڊيو/پنگريو

 

عورتن ۾ آپگھات جو لاڙو ڇو وڌندو پيو وڃي؟

 

عورتن ۾ آپگھات جو لاڙو ان ڪري وڌيو آهي جو پنهنجن ۾ پنهنجائپ ناهي رهي، صرف نالي جا رشتا رهيا آهن، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته غربت کان تنگ ٿي ايئن ڪن ٿيون پر سڀني جو اهو سبب ناهي، پنهنجي جيون ساٿي يا فيملي ميمبرن جو رويو سٺو نه هئڻ، غلط الزام هڻڻ، سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ جي باوجود ان جي ڪم کي مڃتا نه ڏيڻ، ان جي سٺي ڪم مان به غلطي ڪڍڻ، جنهن ۾ هوءَ بلڪل اڪيلي ٿيو وڃي ٿي ۽ مجبورن زندگي جي سڀني رنگن کي وساري ۽ هن خوبصورت دنيا کي الوداع چوڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي، جيڪڏهن والدين ۽ مڙس انهن جي خواهشن جو قدر ڪن ته اهي هن خوبصورت دنيا مان ڪڏهن به مايوس نه ٿين. اڄ ڪلهه عورتن ۾ نااميدي ۽ مايوسي ان ڪري پکڙيل آهي جو گهريلو جهيڙا، زال مڙس جو جهيڙو يا سس ننهن جو جهيڙو. اسان جي سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته عورت ئي عورت جي دشمن هوندي آهي، عورت جڏهن شادي ڪري ساهرن ۾ وڃي ٿي ته ان کي ساهرن ۾ اها حيثيت نٿي ملي جيڪا هن کي ملڻ گهرجي، ٻيو سبب اهو آهي ته مرد ٻي شادي ڪري ته ان پهاچ جو يعني عورتن جو جهيڙو يا ڏيرياڻين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پوندو آهي، بهرحال پوءِ به عورت کي مايوس ٿي آپگھات نه ڪرڻ گهرجي، ڪوشش ڪئي وڃي ته مسئلن کي منهن ڏجي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

تڏهن وري ملبو!

 

ھا تڏھن ملبو جڏھن شام جا پاڇا تو وانگي بدلجي ويندا، جڏھن بيوفائي جا پليت پرچم لوڪ لتاڙي ويندو، جڏھن محبت گيت ڳائي چوندي حُسن کي چمڻ جي اڃا آس زنده آ، ھا تڏھن ملبو، جڏھن پکين جا ولر وفا جي ديس تي لھندا، جڏھن زماني جي چيچ سندس چپن ۾ اٽڪي پوندي، جڏھن وفا جي ديس ۾ چاھتن جي برسات پوندي، جڏھن منھنجا نيڻ برسات سان گڏ مرڪن جي موسم ڏسندا، جڏھن منھنجي ڳوٺ جي گھٽين ۾ شام جا لاجواب منظر ھوائن کي اشارا ڪندا، ھا تڏھن ملبو، جڏھن زندگي جي وڻ جا پن ساوا ٿي پوندا، جڏھن منھنجي ھٿ جي چيچ اھو چوندي، اي زندگي! ھڪ عنايت ڪر، پراڻيون محبتون واپس ڪر. جڏھن چپن جي اڱڻ تي مرڪن جا گل ٽڙي پوندا، جڏھن احساسن ۾ رنگ ڀرجي پوندا، جڏھن ڏيئا ٻرندا ميلا مچندا ، ھا تڏھن ملبو. جڏھن ڪتاب جي چپن تي ھڪڙي ڪٿا لکيل ھوندي ته پيار جو اصول اھو آھي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، جڏھن عزت، محبت رنگ بدلائيندي، جڏھن لاڙ جي اڃاري ڌرتيءَ تي بادل مدھوش ٿي پوندا، جڏھن زندگي اھو چوندي اي محبت تنھنجي لاءِ ھزارين جنم وٺندس، ھا تڏھن ضرور ملبو.

 

عبداللہ شيخ/ نيوڇور

 

تشدد جو شڪار عورتون ۽ حڪومت!

 

آئون روز روزاني پنهجي اخبار پڙهندو آهيان، سنڌ ۾ عورت ھر ھنڌ ظلم جو شڪار آهي، آمريڪا، برطانيا ۾ عورت جي سرڪاري سطح تي سار سنڀال لڌي وڃي ٿي، اسان جي معاشري ۾ اڪثر عورت ظلم جو شڪار آهي، هر روز عورتن تي تشدد جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. اخبارن ۾ هر روز عورتن تي تشدد جا واقعا وارو رپورٽ ڪيا ويندا آهن، ڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي، ڪڏهن ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي. سنڌ ۾ عورتن سان ظلم زيادتيون جاري آهن، هڪ ڏينهن مون روزاني پنهنجي اخبار ڪراچي ۾ پڙهيو ته هڪ عورت کي مڙس ماني دير سان ڏيڻ تي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪري ڇڏيو. عورت ڪورٽ ميرج ڪندي آهي ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر اها عورت قتل ٿي ويندي آهي، سنڌ ۾ ڪڏهن مڙس هٿان عورت تشدد جو شڪار پئي ٿيندي آهي ته ڪڏهن گهر وارا سندس زوريءَ شادي ڪرڻ لاءِ مٿس تشدد ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جا واقعا پڻ روز جو معمول بڻيل آهن، ڇا اسان جي معاشري ۾ عورت ۽ مرد جا حق برابر ناهن؟ آخرڪار سنڌ جي عورتن کي ڇو ڪاروڪاري ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي. افسوس عورتن تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ پڻ بل پيش ٿيل آهن پوءِ به عورتن تي تشدد ڪندڙ جوابدار کي سزا ڇو نٿي ملي؟ عورتن تي تشدد کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ۾ مختلف اين جي اوز پاران سيمينار، واڪ، احتجاجي مظاهرا پڻ ڪرايا ويندا آهن، پوءِ به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عورتن تي تشدد، انهن کي ڪاروڪاري ۾ قتل ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت کي گهرجي ته عورت کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورتن تي تشدد جا واقعا روڪيا وڃن.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

پاڻيءَ جا فطري لنگھ بحال ڪريو!

ھر ڪو ايئن چاھيندو آهي ته مان بچان، باقي اڳيون ٻڏي يا مري، منهنجو ان سان ڇا! ھر ڪو پنهنجو سوچيندو آ، ڪنهن کي ٻئي ڪنهن جي پرواهه ناهي هوندي، رڳو خدغرضي هوندي آ ۽ ھتي جيڪو ڏاڍو آ سو گابو آ، طاقتور پنهنجي پئسي جي طاقت سان پاڻيءَ جي لنگھن تي ھٿرادو بند ڏياري پاڻي روڪيون ويٺا آهن، ڪٿي وري مغرور وڏيرا لنگھن جي سرڪاري زمين تي قبضا ڪري اتي غير قانوني فصل پوکي اهو فصل بچائڻ لاءِ ھيڻن ڏانهن جھٽن ذريعي واھن/ شاخن ذريعي ھٿ سان ٻوڙين ٿا. انهن کي ڪير چوڻ وارو ناهي، ڪير روڪڻ وارو ناهي، انهن جي مرضي ھلندي آ، ھتي جنهن کي ٻوڙين انهن بااثرن جي  ھٿ ۾ آھي! اھي ايترا ته بااثر آهن جو حڪومت جا نمائندا به ڪجهه  ڪڇڻ کان لنوائيندا آهن ! سرڪار به انهن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي. اسان سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي، پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي جيڪي بااثرن جا ھٿرادو دڪا ۽ قبضا آهن انهن کي ٽوڙي پاڻي کي نڪرڻ جي جاءِ ڏني وڃي، جيڪي پاڻيءَ جا پراڻا وھڪرا آھن يا جيڪي سم نالا آھن انهن تان حددخليون ختم ڪري پاڻي کي اڳتي  جاءِ ڏني وڃي يا ته جيڪو برساتي پاڻي گڏ ٿيل آهي منهنجي خيال موجب اهو ھڪ سال تائين سڪي نه سگھندو، جيڪڏهن پاڻي بيٺو رھيو ته ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿيندي، جيڪڏهن ڪڻڪ جو فصل به نه ٿيو ته غريب جو ته گهر جو چلھو به نه ٻرندو. ان لاءِ سنڌ توڙي وفاقي حڪومت کي سنڌ جي ماروئڙن لاءِ ڪجهه سوچڻ کپي، جلد کان جلد پاڻي نيڪال جو بندوبست ڪري عوام کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.

 

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

 

مري ويل ماڻھوءَ ڏانهن خط!‎‎

 

ادل! اميد ته خوش هوندين، تو ڀاءُ لاءِ هر ويلي اها دعا هوندي آھي ته تنهنجا ٽھڪ وشال ڪائنات ۾ سدائين گونجندا رهن. رب پاڪ توکي خوشين جا جهول ڀري ڏي آمين. ادا رشتا رت جا هجن يا وري روح جا پر رشتن ۾ احساس آھي ته پراوا به پنهنجا لڳندا آھن پر جيڪڏهن احساس مري ٿو وڃي ته پنهنجا به پراوا لڳندا آھن. ادا! آئون تنهنجي اها ئي ڀيڻ آھيان جنهن کي تون پنڪي چوندو هئين، اڄ ان پنڪي کي ڪيئن وساري ڇڏيو اٿئي؟ ياد اٿئي امان ۽ بابا توکي چوندا هئا ته اسان کان پوءِ پنڪي جي پارت اٿئي. پنڪي تان ڀيرو نه ڀڃجانءِ. هيل ادا توکي ٽيو سال آھي، تو پنهنجي پنڪي کي ڪيئن وساري ڇڏيو آھي؟ ڇا روشنين جي شھر ۾ ايڏو مصروف ٿي ويو آھين جو شھر جي رونقن ۾ رت جا رشتا به وسري ويا اٿوَ. ادا مون کي ڏک اهو ناهي ته توهان پنهنجي اڪيلي ڀيڻ کي عيدن توڙي خوشين جي موقعن تي خرچي ڏيڻ ڇو وساري ڇڏي آھي ۽ مون کي اهو به ڏک ناهي ته توهان پنهنجي پڦيءَ جي پڙھيل لکيل ڌيءُ سان رشتو ٽوڙي شھر جي دوشيزه سان ڇو پرڻو ڪيو آھي؟ پر ادا مون کي ڏک صرف ان ڳالهه جو آھي ته هڪ ڪک مان جنم وٺندڙ تو پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ جيڪر هڪ وار ڀيڻ تان ڀيرو ڀڃي وڃين ته دل جي سڪي ٺوٺ ٿي ويل ڌرتي وري سيراب ٿي پوندي.

بقول لطيف سرڪار:

ساريندي مون سپرين، اچين جي هيڪار،

پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،

ساجن سڀ ڄمار، هوند گولي ٿي گذاريان.

فقط تنهنجي ڀيڻ، م.م

غلام علي گل ٻجورو/سجاول