سنڌ جو بھادر ليڊر شهيد مير مرتضى ڀٽو!

شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جن تڏهن هٿياربند انقلابي جدوجهد جي ضرورت محسوس ڪئي جڏهن ضياءَ جي شڪل ۾ ملڪ مٿان آمريت مڙهي سياست تي پابندي هڻي عوامي نسل ڪشي شروع ڪئي وئي ۽ گهڻن سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏنيون ويون ۽ سرعام سياسي اڳواڻن کي فوجي عدالتن پاران ٻڌايل سزا تي عمل شروع ڪيو ويندو هو. ان صورتحال ۾ مير ۽ ڪامريڊ شاهنواز ميدان عمل ۾ لهي پيا. ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ ۽ سندس هم خيال يعني آمريت پسند قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون، نيٺ ان جاکوڙ رنگ لاتو ۽ جنرل ضياءَ پنهنجي آمريت جي ٽولي سان گڏ هوائن ۽ فضائن ۾ وکري ويو، اڄ ان باغي شهزادي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ۽ سندس پارٽيءَ پاران سنڌ ۾ برسات جي تباهه ڪارين جي ڪري ورسيءَ جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ هُئڻ به ايئن کپندو هو، ڇو ته مير جي جدوجهد به انهن ڏتڙيل ماڻهن جي لاءِ هئي جيڪي مير کي پنهنجو قائد سمجهندا هئا. ورسي ايندڙ سال به ٿي سگهي ٿي پر انهن ڏتڙيل انسانن سان همدردي جا ٻه لفظ به ڪافي هوندا جيڪي هينئر آسمان تي گهمندڙ بادلن کان خوفزده آهن، انهن وٽ وڃڻ سان مير جي روح کي سڪون ملندو.

وڃي درسي ڪتاب پڙهه،

منافقت جو مکڻ هڻي،

اقتدار جو آڱوٺو چوس،

مون کي اڪيلو ئي ڇڏي ڏي،

ڇو ته ڦاسي گهاٽن جا سفر،

هميشه اڪيلا ئي ڪبا آهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ٻجورا ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن جي مرمت ڪڏھن ٿيندي؟

ڪجھ ڏينھن اڳ جي ڳالھ آھي، ھن پنھنجي اخبار جي پليٽ فارم تحت پنھنجن ڳوٺن جي تباھ ٿيلن اسڪول جي تصوير سميت ھڪ خط ڇڏيو ھئم، جنھن کان ٻه ڏينھن بعد ئي سرڪاري فيميل آفيسرز پاران اسڪول جو وزٽ ڪيو ويو ھو ۽ ڏاڍي خوشي ٿي ھئي، ھاڻ اسڪولي عمارتن جو مرمتي ڪم جلد ڪرايو ويندو، پر افسوس جو اھا وزٽ به شايد رڳو ڪاغذي ڪارروائيءَ تائين محدود رھجي ويندي، انيڪ ڀيرا اخبارن وغيره ذريعي اپيلون به ڪري چڪا آھيون، ان ڪري وري به ذڪر ڳوٺ حاجي پيرڏنو ٻجورو جو ڪريون ته ھن ڳوٺ ۾ ھڪ بوائز ۽ ٻيو گرلس پرائمري اسڪول آھن، پر بوائز اسڪول جي حالت اھڙي آهي جو ان کي چوديواري ناھي، ساڳيو اسڪول سالن کان مرمتي ڪم گھري پيو، ساڳيءَ طرح ھن ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول جي ڳالھ ڪريون ته ھن اسڪول جا ھر وقت چاپڙ ڪرندا رهن ٿا، ماسترياڻيون توڙي معصوم نياڻيون ھر وقت خوف واري لھر ۾ وڪوڙيل نظر اينديون. ان ڪري وري به ضلعي سجاول جي تعليم انتظاميا کان ويندي تعليمي وزير سائين سردار شاھ صاحب کي گذارش ٿي ڪجي خدارا ضلعي سجاول جي يوسي سطح تي ٻڌل شھر ۽ يوسي ٻيلو ۾ موجود اسان جي ھن ڳوٺ حاجي پيرڏنو ٻجورو جي ٻنھن اسڪولن جي مرمتي ڪم سان گڏ چوديواري ۽ گھربل ٻيون سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن، فرنيچر جي اڻاٺ ختم ڪري ڇوڪرن ۽ نياڻين جي تعليم کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ تعليم جي وزير کي خصوصي خط لکي آگاھ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏبي.

افضل نبي ٻجورو/سجاول، ٻيلو

يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺن ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار!‎‎

ضلعي ٽنڊو الھيار جي يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺن ۾  اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري زور شور سان آھي، ھر روز 14 ڪلاڪن تائين بجلي بند رھي ٿي ۽ چوٿين پنجين ڏينھن فالٽ جو  جواز ڄاڻائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رھڻ اڃا الڳ معمول بڻيل آھي، جنھن جي ڪري نه رڳو سخت گرميءَ ۾ ٻارن ۽ پيرسن ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي پر  بجليءَ تي ھلندڙ ڪم ڪار به متاثر ٿي رھيو آھي. انھيءَ بدترين لوڊشيڊنگ جي خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيو ويو آھي پر هن وقت تائين ڪو به کڙتيل نه نڪتو آھي. اسين واپڊا جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريو ته ان معاملي جو سخت نوٽيس وٺي يوسي مسڻ جي ڳوٺن ۾ هلندڙ بدترين لوڊ شيڊنگ جي آزار جو خاتمو آندو وڃي جيئن ماڻھن جا اھنج گھٽ ٿي سگھن.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

سنڌ جي ٻڏڻ تي سياسي تحريڪ جو زوال!

افسوس ته سڄي قوم ۽ ان جا اڳواڻ رڳو ٻڏڻ، پنڻ، امداد وٺڻ ۽ اهو امداد ورهائڻ ۾ پورا آهن، ڪير به سڌرڻ ۽ سچ چوڻ وارو ناهي، جتي هڪ تحريڪ هلڻ کپندي هئي، اتي کاٻي، ساڄي ڌر وارا سڀ رڳو راشن ورهائڻ ۽ ڦوٽو ڪڍائڻ ۾ پورا آهن. سياسي اڳواڻ جيڪي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائي تحريڪ پيدا ڪندا آهن، اڄ اهي سنڌ ٻڏڻ تي عوام جي روڊن تي درپدر ٿي وڃڻ کان پوءِ به ايترو نه ڪري سگهيا آهن جو ڪنهن مظلوم ماڻهو کي هٿ مان جهلي اهو نعرو هڻائين ته “نه کپي، نه کپي سنڌ حڪومت نه کپي، سنڌ حڪومت نامنظور. نااهل ضلعي انتظاميا نامنظور، سنڌ حڪومت جي استعيفيٰ کان سواءِ ڪجھ نه کپي.” پر افسوس ته سياسي پارٽيون تحريڪ هلائڻ بجاءِ فلاحي ادارن جي ڪم ۾ لڳي ويون آهن ۽ پنهنجو اصل ڪم وساري ڇڏيو اٿن. سنڌ حڪومت جي انتظامي تبديلي جو موقعو وڃائي ويٺا آهن.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

لاوراث ۽ ننڌڻڪو بڻيل شهر ٺري ميرواهه!

لاوارث چئون يا ننڌڻڪو شهر جيڪو گذريل مهيني آگسٽ ۾ برسات دوران مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو هو، جنهن ۾ شهر جون مکيه ڪالونيون، پاڙا، چوڪ، اسپتالون، اسڪول، ڪورٽون، انتظاميه جون آفيسون، ڪچيون توڙي پڪيون آباديون مڪمل پاڻي جي گهيري ۾ آهن، جن ۾ وڌيڪ متاثر ميرس ڪالوني، مسلم پبلڪ اسڪول ڪالوني، آفيسر ڪالوني توڙي جو معزز ججز صاحبان جا ڪواٽرز به مڪمل پاڻيءَ جي گهيري هيٺ آهن.  ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ٺري ميرواهه جا جڳ مشهور شعور وارا دوست، سياسي، سماجي اڳواڻ، وڪيل، جج، صحافي، استاد، انجنئير، ڊاڪٽر ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ رهندڙ وڏن اعليٰ عهدن تي فائز لکيل پڙهيلن جو شهر سڏيو ويندو آهي. ڳالھ ان جو ڏک آهي ته اسان ميرواهه واسين کي اسان جي تڪ جي نمائندن پاران ڪو ريسڪو، رليف، ري هيبليٽيشن، ڪنهن به قسم جي واهر يا مدد نه ڪئي وئي آهي. ٺري ميرواهه کي ضلعي خيرپورميرس جو هيڊ ڪواٽر سڏيو ويندو آهي پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته برسات کي ختم ٿيندي اڄ مڪمل مهينو گذري چڪو آهي پر شهر جي چوطرف پنج کا ست فوٽ پاڻي  نڪري ناهي سگهيو، جنهن ۾ تعلقي ميرواهه جا مکيه ادارا هيلٿ سينٽر، هاءِ اسڪول، ڪورٽون، آفيسون، ٿاڻو مڪمل پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن. ميرواهه واسين سان نه انتظاميه جو سهڪار آهي نه وري ٽائون ڪاميٽي وارن جي سهڪار آهي، ڪاغذي ڪارروائي ۾ پاڻي لاءِ هلندڙ ناقص مشينري جي خرچن جا لکين ڪروڙين رپين جا ڪوڙا بل ٺاهي ميرواهه واسين کي لالي پاپ ڏيڻ جي لاڳيتين ڪوششن ۾ رڌل آهن. تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي پاران ميرواهه واسين کي ٻوڙي مارڻ جي واعدي تي اڄ به قائم آهن. ان بيٺل پاڻي مان هزارين بيمارين ڪر کنيو آهي، جهڙوڪ گيسٽرو، مليريا، چمڙيءَ جون مخلتف بيماريون پڻ شامل آهن. اسين ميرواهه واسين جي دانهن ورنائي وڃي، ٺري ميرواهه شهر مان پاڻي ڪڍرائي شهر جون رونقون بحال ڪيون وڃن، ٻارن جو مستقبل ٻچايو وڃي، عوام کي هن عذاب مان جان ڇڏائي وڃي.

شرافت علي شهر/ٺري ميرواهه

برسات جي تباهڪارين جيءُ صفا جھوري ڇڏيو آ!

ھرطرف منهنجا ماروئڙا روڊن واھن جي ڪپرن تي پنهنجي پچن کي وٺي ماني ڳڀي لاءِ پريشان ويٺا آھن، مان سنڌ حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کان پڇڻ ٿو چاھيان ته ڇا ھي ماروئڙا سنڌ ڌرتيءَ جا وارث ناھن جو انهن سان ايڏو ظلم ٿا ڪيو؟ توهان کي شرم نٿو اچي؟ جڏهن ست طعام ٽيبل تي سجايو ٿا ۽ غريب جو ٻچو بکئي پيٽ سمھي ٿو! توھان کي ذري جو به احساس ناهي، توهان کي بخار ٿئي ته توهان آمريڪا، لنڊن مان دوا وٺڻ وڃو ٿا، غريب جو ٻچو دوا کان سواءِ تڙپي تڙپي مري وڃي ٿو. ڇا توھان مان انسانيت ختم ٿي وئي آهي جو ڪنهن به غريب جي حال تي توهان کي ڪو رحم نٿو اچي؟ او ظالمو! اھو غريب ئي اٿوَ جن جي ڪري توهان انھن پوسٽن تي آھيو، انهن غريب جي ووٽ جي ڪري ئي توهان  اسيمبلين تائين پھتا آھيو، عوام توهان کي ووٽ ڏئي ان لاءِ چونڊرائيندو آهي ته ڏک سک ۾ ڪم اچي سگھو، غريب جو آواز ايوانن تائين پھچائي سگھو! ان لاءِ نه ته توهان ڪرپشن ڪري غريبن جو حق به کائي وڃو. مستحق  جو به حق ڳڙڪائي وڃو! ٿيڻ ته ايئن گھرجي ھا ته ڏکئي وقت ۾ توهان پنهنجي ووٽرن جي واھر ڪيو ھا جيڪو ٿي سگھي پيو پنهنجي ماروئڙن لاءِ هڙان وڙاب ڪيو ھا پر توهان ته ڪجهه ڪو نه ڪيو، ويتر سيلاب متاثرن لاءِ مليل ٻاھرين ملڪن مان امداد به ھرپ ڪري ويا آهيو، غريب تي ڪنهن کي ڪھل ڪو نه آئي؟ توهان ته ڪجهه ڪونه ڪيو پر ٻين ملڪن مان مليل امداد پنهنجي بنگلن تي رکڻ بجاءِ ان جو ڪجهه حصو ته متاثرن تائين پھچايو ھا؟

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

بند روڊ جي اذيت!‎‎

علو وَلو وارن کي راشن مليو، اسان کي ڪو نه مليو، اسان به اوھان جا ماڻهو آھيون، ھا يار توھان ڪمدار سان ملو، ڪمدار کين اشارو ڪري پاسيرو وٺي ويو. سمجھائڻ واري انداز ۾ چيائين ڏسو جن وٽ پاءُ مڙسي جو پنھنجو آهي سي راشن به وٺو وڃن ٽينٽ به تن کي ملن ٿا. اسان کي جيڪي مليو سو اوھان کي موڪليوسين ھاڻ آهي ڪجھ ڪو نه پر ھڪ صلاح مڃو ڪجھ مڙسي ڏيکاريو، روڊ تي اچو، اسين اوھان سان گڏ آھيون پر سائين روڊ تي اچو مطلب يار ڳالھ سمجھو ڪمدار  ڳالھ کي کولي سمجھايو. روڊ تي ويھي رھو لٺيون کڻي. خان خان جو پٽ اچي ته به نه اٿجو. جيسين ڀوتار نه اچي. ڀوتار  ڳالھيون ڪندو آفيسرن سان، اوھان جو ڪم ٿي ويندو پر اھو ڪم ڪڏھن به ڀوتار جي صلاح کان سواءِ نه ڪجو. ڇو ته پوليس کي ڀوتار روڪيندو، اھا اوھان سان ڪو نه وڙھندي. ڀوتار جي شوشل ميڊيا ٽيم اوھان جو احوال موبائل ذريعي دنيا جھان کي پئي ڏيکاريندي. بس مڙسيءَ سان ھٿ نه ڪڍجو، باقي ڪم اسان جو. اھڙي ريت غير نظرياتي سياسي پارٽين جيان پنھنجن ورڪرن کي متحرڪ رکڻ لاءِ  ڀوتارن به روڊ بند ڪرڻ کي سياست جو اھم جذبو سمجھي ورتو آھي، جنھن سان ڪامورا به سندس محتاج ٿيو وڃن. مال به گول مال ٿيو وڃي. سفر جي اذيت سان روڊ کلڻ جي انتظار واري عذاب کان بند روڊ تي ڦاٿل ماڻھو ئي سمجھي سگھن ٿا. جيئن چوندا آهن ته قبر جو احوال مردي کي خبر. روڊ بند ٿيڻ سان اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون پر روز آڻن چڙھڻ وارا سوين ڊرائيورن ڪنڊيڪٽرن جا ٻچڙا فاقاڪشي جي ور چڙهيو وڃن، ڪيترائي مريض ٻيا مسڪين ماڻھو جيڪي لوڪل گاڏين ۾ سفر ڪندا آهن تن جي تڪليفن ۾ اضافي سان گڏ سندن ڀاڙا ڀتا زايع ٿي ويندا آهن ڇو ته اھي مقرر وقت تي پنھنجي منزلن تي نه پھچي سگھندا آھن. ماڻھن کي احتجاج جا ڪي اھڙا طريقا اختيار ڪرڻ کپن جن سان پاڻ جھڙن مسڪين ماڻھن جي پريشانين ۾ اضافو نه ٿئي. سياسي پارٽين ۾ شامل ٿيل ڀوتارن کي سياسي پارٽين وارا انسانيت جو درس ڏيڻ لاءِ ورڪشاپ ڪوٺائي سندن تربيت ڪن، جيئن جھنگلي سوچ تان لابارو اچي، سندن به بدنامي نه ٿئي جي نه ته پڙھيل لکيل نوجوان سياسي پارٽين کان باغي ٿي ويندا، جيڪو نقصان سياسي جماعتن جو ئي آهي.

الھڏنو راھمون/ سجاول

آخرڪار لطيف يونيورسٽي جو تدريسي عمل شروع ٿي ويو!‎‎

اتر سنڌ جو ناميارو تعليمي ادارو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب لطيف يونيورسٽي گرمين جي موڪلن سبب ٻه مهينا بند رهي، جيڪا آگسٽ جي 2 تاريخ تي کلڻي هئي پر ڪن سبب جي ڪري اها موڪل وڌي 14 آگسٽ تائين ٿي وئي ۽ شاگردن کي انتظار هو ته لطيف جي نگري 15 آگسٽ تي کلندي ۽ اسين واپس پنهنجو تدريسي عمل جاري رکنداسين پر پوائنٽس نه هلڻ ڪري اهو هفتو به ايئن چئجي ته ڪلاسز به رهيا پوءِ وري اوچتو برساتون شروع ٿي ويون، جن ايتري ته تباهي مچاهي ڇڏي جو روڊ رستا مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، گهرن توڙي يونيورسٽي ۾ پاڻي موجود هو، ڪافي ڏهاڙن جي پريشانين کان پوءِ زندگي ڪجهه معمول تي آئي پر اسان جي يونيورسٽي بند رهي، جڏهن ته سمورا ادارا خيرپور جا کلي چڪا هئا پر لطيف يونيورسٽي جو تدريسي عمل شروع نه ٿي سگهيو. جنهن کان پوءِ شاگردن 3 ڏهاڙن تائين خيرپور پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ جوڙي ورتي ۽ انتظاميه 19 سيپٽمبر سومر کان يونيورسٽي مڪمل کولي تدريسي عمل شروع ڪري ورتو آهي. اسان کي به اميد آهي ته جيڪو اسان جو نقصان ٿيو آهي پڙهائي جو ڪورونا دوران 1.5 سال وري لاڳيتو احتجاج ۽ هاڻ 4 مهينا يونيورسٽي بند هجڻ جو انتظاميه ازالو ڪندي ۽ اسان شاگردن کي ان نقصان جو ازالو ڪندي سٺي تعليم ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي ۽ ٻيهر يونيورسٽي بند نه رکندي.

آصف علي ابڙو/ خيرپور

هڪ چٽي ضلعي سجاول جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڏانهن!

اسان ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جا رهواسي، سائين جن کي عرض ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن. ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه، ديهه ۽ يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ واقع آهي. هي ڳوٺ انگريزن جي دور کان قائم آهي. هن ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو. هتي 16.04.1964ع تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه جي نالي سان هڪ اسڪول ڏنو ويو هو. جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جا ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا. بدقسمتيءَ سان سال 2010ع واري مھاٻوڏ ۾ ان جي عمارت ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي. مڪمل 12 سال جو عرصو گذرڻ باوجود به هن ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت تعمير نه ٿي. هتي معصوم ٻارڙا کلئي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن، اسان ٽي اِي او، ڊي اِي او، ڊي سي سجاول ۽ چونڊيل نمائندن کي بار بار چيو ۽ لکت ۾ ڏنو پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو. ان کان سواءِ ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارا سمورا ڳوٺ پڪي رستي ۽ بجليءَ جهڙي سهولتون کان به محروم آهن. ٻيلو شهر کان 7 ڪلوميٽر تي پڪو رستو پڻ هن ڳوٺ کي نٿو ڏنو وڃي. ان کان سواءِ قادري فش هيچري کان ٻه ڪلوميٽر تي موجود بجلي به اسان جي ڳوٺ کي مهيسر ناهي. اسان هتانم جي چونڊيل نمائندن کان رڳو ايترو ٿا پڇون ته آخر يوسي مُرادپور جي ڳوٺن، خليفو آگيڏنو شاهه، محمد صديق اوٺار، محمد اسحاق ملاح ۽ ڳوٺ محمد ملاح کي بجلي، پڪو رستو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه کي اسڪولي عمارت ۽ آر-6 سم نالي سميت ڳوٺاڻن کي پنهنجا بنيادي حق ڇو نٿا ڏنا وڃن؟ اڄ به هتان جا ڳوٺاڻا در در جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. هتان جا صحافي توڙي سول سوسائٽي وارا دوست به هن سنگين معاملن تي خاموش آهن. اسان هر آفيسر ڏانهن ويا آهيون ۽ اسان کي فقط هڪ جواب ڏئي ٽاريو ويندو آهي ته اسان صرف نالي جا آفيسر آهيون. اسان کي جيڪو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز حڪم ڪندا اهو ئي ڪنداسين پر جنهن ڪم کان روڪيندا اهو نه ٿيندو. هتي ڊپٽي ڪمشنر سوڌو سڀ گُڏا ٿي ويٺل آهن، باقي سڄو نظام هلائڻ وارا هتي جا ئي سياسي نمائندا هوندا. اسان فقط ۽ فقط هڪ ئي سوال ڪنداسين ته سائين اسان آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان سان هي ظلم ٿيندو پيو اچي.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

بخيل ٿيڻ ۽ سويتا جو رشتو!

ڪافي ڏينهن کان آفيس جي ڪمن ۾ مصروف هئس، آفيس جو ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيو هئس پر ڪم ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نه هو. آفيس جي ڪمن ۾ ڪاغذن کي ترتيب ڏيڻ ڏاڍو اوکو لڳندو هو پر مجبورن ڪم ڪرڻو پوندو هو پر جڏهن گهر ۾ ڪو ڪم اوکو لڳندو هو ته آئون وڏي آواز سان چوندو هئس ته جيڪو ڪم مون کي اوکو لڳندو آهي اهو ڪم آئون هرگز نه ڪندو آھيان. گھر وارن کي منهنجي اها ڳالهه تمام گھڻي خراب لڳندي هئي. هڪ ڀيرو ماسات ڪاغذ اٽيسٽيڊ ڪرائڻ لاءِ آفيس آيو. آئون آفيس جا ڪم ڪري بخيل ٿي پيو هئس. مون ماسات کي ڪوريڊور ۾ ڪرسي رکي چيو ته ٿورو انتظار ڪر آفيس ۾ سائين لڪڻ صاحب جا خاص مهمان آيل آهن، اهي وڃن ته ڪاغذ اٽيسٽيڊ ڪرائي ٿو ڏيانءِ. ماسات مهنجي بخيلي واري حالت ڏسي رهيو هو. ماسات جيئن واپس گھر پھتو ته اول منهنجي بخيلي واري حالت اچي امي ۾ ڀيڻ کي ٻڌائين. جڏهن آئون آفيس مان گھر پهتس ته امي مون کي ڏسي وراڻيو ته ناٽڪي اڄ آفيس مان بخيل ٿي آيو آهن، مون امان کي گلي لڳائي روم ۾ وڃي ڊريس چينج ڪئي. امان تڪڙين وکن سان منهنجي پويان روم ۾ هلي آئي. هلڪي آواز ۾ امان وراڻيو ته پريتم تنهنجي لاءِ سويتا جو رشتو آيو آهي. مون وراڻيو ته مون کي خبر آهي، سويتا مون کي ڪال تي ٻڌايو ته امان بابا وارا اڄ تنهنجي گھر ايندا پنهنجي رشتي جي ڳالهه ڪرڻ. امان چيو ته پوءِ ڇا تون شاديءَ لاءِ راضي آهين؟ مون جواب ڏنو جي امان آئون راضي آهيان پر ڀيڻ ڪويتا جو ڇا سوچيو آهي؟ امان ڳالهه کي ٽاريندي جواب ڏنو ته گرو رجنيش اوشو جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن توهان گذريل وقت جو سوچو پيا ته توهان پوڙها ٿي ويا آهيو، جيڪڏهن توهان ايندڙ وقت جو سوچو پيا ته توهان اڃا ٻار آهيو ۽ جيڪڏهن هلندڙ وقت جو سوچو پيا ته توهان جوان آهيو.” آئون امان جي واتان گرو رجنيش اوشو جي اھا ڳالهه ٻڌي کليس. مون چيو ته امان ان جو مطلب آئون اڃا ٻار آهيان ۽ توهان ٻار جي شادي ٿا ڪريو. امان مسڪرائيدي ڀيڻ ڪويتا کي چيو ته “مبارڪ هجي.” ڀين ڪويتا ڊوڙندي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ڳراٽڙي ڀري چوڻ لڳي ته ماسات سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي، تنهنجي بخيليءَ بابت! آئون هاڻ توکي ڀاڀي سويتا جي سامهون ايئن بخيل ڪندس جيئن آفيس ۾ ڪاغذن کي ترتيب ڏيڻ وقت بخيل ٿيندو آهين.

عزيزالله خاصخيلي‎‎/ميرپورخاص

ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جا اگھه گهٽايو

سنڌ سرڪار هميشه هڪ طرفو فيصلو ڏنو آهي، جنهن ۾ مسڪين سنڌي اڃا وڌيڪ مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيسجن پيا، هي صرف پنهنجي مفادن خاطر فيصلا ڪندا آهن، هن وقت جتي لڳ ڀڳ سموري سنڌ ٻڏي چڪي آهي، ماڻهن جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڏهاڙيدار طبقو مزدوري لاءِ پريشان آهي، ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪو رستو نه رهيو آهي ته پنهنجي وٿاڻن تي موٽجي. هن درد ۽ علم ۾ هر ماڻهو پريشان آهي، اتي حڪومت جو هڪ عجيب فيصلو ڪڻڪ چار هزار رپيا في مڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ماڻهن وٽ پئسو نه هوندو ته اهي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون ڪٿان خريد ڪندا؟ هن ڏانهن ڪنهن جي به سوچ ناهي، صرف ڪڻڪ جا اگھه وڌائڻ تي زور آهي، هن وقت ته معاشي حالتون تمام خراب آهن ۽ اٽي جا اگھه مناسب ڪيا وڃن ها، جتي مزدوري ناهي، ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن، اهي ايترو مهانگو اٽو ڪٿان خريد ڪري ٿا سگهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ننڍن هارين وٽ ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون سستي اگهن ۾ مهيا ڪيون وڃن، ٻيو اها رقم ڪڻڪ جي فصل پچڻ تي واپس ڪئي وڃي ته جيئن هارين کي فصل تيار ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه اچي، ٻيو ته تيل تي به سبسڊي ڏني وڃي، جنهن سان هارين جي برسات سبب ٿيل نقصان جو ازالو به ٿي پوندو، جنهن سان نه رڳو هارين پر سنڌ جو اڪثر مسڪين طبقو به اهڙي قهري مهانگائيءَ جي طوفان کان بچي پوندو. هن وقت ته هن مهانگائيءَ جي طوفان تي ٻنجو اچڻ گهرجي ها پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، مسڪينن کي ٻن وقتن جي ماني ميسر ناهي، تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي هنن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو