عظيم صوفي مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي!

 

عظيم مسلمان دانشورن جي صف ۾ هڪ وڏو نالو مولانا رومي جو آهي، مولانا جلال الدين رومي تصوف جي دنيا جا وڏا امام سمجهيا وڃن ٿا، جن جو ڪلام قلب ۽ روح کي سڪون سان مالا مال ڪندو آهي. جنهن جي فيض جي چشمي مان ڪيترن ئي انسانن فائدو حاصل ڪيو، جن ۾ علامه اقبال گهڻو نمايان آهي. ان عظيم صوفي بزرگ هستي جلال الدين رومي مان شاعر مشرق علامه اقبال ته ان جو ديوانو هو ۽ ان کي پنهنجو مرشد مڃيندو هو. سنڌ جو عظيم صوفي شاعر ۽ بزرگ هستي شاهه عبداللطيف ڀٽائي قرآن پاڪ، مولانا رومي جي مثنوي ۽ پنهنجي تمبورو/سازينو هميشه پاڻ وٽ ساڻ رکندا هئا. جلال الدين رومي 604هه ۾ بلخ افغانستان ۾ پيدا ٿيا، جن ابتدائي تعليم پنهنجي والد محترم کان حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ عالم سيد برهان الدين کان تعليم حاصل ڪيائين. مولانا رومي اهڙن ماڻهن مان هئا جن جو سينو علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڻي تعالى کولي ڇڏيو. 629 هه ۾ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ شام ويا، جتي وڏا مدرسا ۽ وڏا عالم موجود هئا. جتي مولانا رومي وڏو فيض حاصل ڪيو، جلدي ۾ ان جو شمار وڏن علمائن ۾ ٿيڻ لڳو، جنهن کان بعد جلال الدين رومي جو لاڙو تصوف طرف ٿيو. کائڻ، پيئڻ ۽ آرام کان غافل هوندا هئا. جذب انهماڪ ۾ اضافو ٿين، فڪر، جذب و مستي مٿان غالب اچڻ شروع ٿي وين. بعد ۾ هڪ اهم موڙ تي کين ملاقات وڏي مجذوب شمس الدين تبريز سان ٿي جتان زندگي جو رخ بدلجي وين. مولانا جلال الدين 672 هه ۾ ترڪي جي قصبي قونيا ۾ انتقال فرمايو. مولانا افلاڪ جي هڪ تصوراتي سير ڪئي، مولانا جي مثنوي دراصل قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي جو عڪس آهي، جنهن ۾ مولانا قرآن پاڪ ۽ نبي پاڪﷺ جي ارشادن جي تشريح تفسير دلفريب انداز ۾ ڪئي. صديون گذارڻ کان پوءِ به مولانا جي ڪلام ۾ تازگي برقرار آهي. دنيا اندر جنهن جا ترجمه ۽ تفسير شايع ٿيندا رهن ٿا، مثنوي وارو ڏيئو مولانا رومي تصوف جي دنيا ۾ هڪ اهڙو ڏيو ٻاريو جنهن جي روشني سان ڪامل، ناقص، عاقل ۽ جاهل سڀ فيضياب ٿيندا آهن.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

رتوديرو ۾ گئس جو آزار ڪڏھن ختم ٿيندو؟

 

ھڪ طرف پوري سنڌ ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي آهي، جنھن سبب ڪيترائي ماڻهو بي گھر ٿي ويا آھن، ٻئي پاسي رتيديري شھر ۾ سئي گئس جي بدترين نااھليءَ سبب سڄي شھر جي پائيپ لائين جي سروي نه ٿيڻ سبب پائيپن ۾ برسات جو پاڻي پئجي ويو آھي، جنھن ڪري سڄي شھر ۾ گئس بند ٿي وئي آهي گھرن ۾ رڌ پچاءَ ۾ دشوارين سبب ننڍڙن ٻارن، ضعيف العمر ماڻهن ۽ گھريلو عورتن کي سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي، ھن وقت ڪجھ پاڙن ۾ گئس ھلي پئي، باقي ڪافي پاڙن ۾ لاڳيتو ھڪ مھيني کان گئس جو آزار وڌي ويو آهي، اسين سوئي گئس انتظاميا جي بالا اختياين، تڪ جي ايم پي اي محترمه ادي فريال ٽالپر صاحبه، پ پ پ جي اعليٰ عهديدارن، جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي پاري جي گئس سپلاءِ گذريل برساتن کان وٺي بند پيل آھي، جنھن ڪري گھريلو صارفن کي سخت ڏکيائيون کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سوئي گئس انتظاميا جي واسطيدار آفيسر صاحبن کي ھدايت ڪئي وڃي ته ھنگامي بنيادن تي اسان جي پاڙي جي گئس سپلاءِ کي بحال ڪيو وڃي.

 

ثقلين حيدر/رتوديرو

 

هن مصيبت ۾ بي واهن جيان ڀٽڪندڙ سنڌ جو مظلوم عوام!‎‎

 

قدرتي مصيبتون ته الائي ڪيترن ملڪن ۾ اينديون آهن اتي ته اسان ڪڏهن به ڪو انسان ٻڏندي ڪونه ٻڌو آهي، انهن ملڪن جي حڪومت انهن مصيبتن کي تمام بهتر نموني حل ڪري ڇڏينديون آهن پر جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي حالت ڏسندا آهيون ته هي حالتون به اسان تي روئي پونديون آهن. هيءَ حڪومت آخر ڪڏهن ڪم ايندي هن مظلوم عوام جي ؟ تڏهن ڪم ايندي جڏهن ڳوٺن، شهرن مان هزارن ۽ لکن جي انگ لاشا نڪرندا؟ تڏهن ڪم ايندي هي ناڪارا حڪومت، هن وقت خبر نٿي پئي ته الائي ڪٿي گم آهن، اسان جا سياسي ليڊر جيڪي اليڪشن جي وقت ڪروڙن جا اشتهار ڇپرائي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هو هن عوام جا هڏڏوکي ليڊر آهن، هي هڏڏوکي سڏرائندڙ ليڊر ناهن، هي هڏ ڏکائيندڙ ۽ غريب عوام جو رت چوسيندڙ واڳو آهن. هي عوام جي همدري ماڻڻ لاءِ وڏا وڏا لقب پڻ لکرائيندا آهن، انهن اشتهارن ۾ مثال طور، غريبن جو ساٿي، مظلوم عوام جي حقيقي ليڊر، بهادر ليڊر وغيره، مان انهن سياسي ليڊرن کان پڇڻ ٿو چاهيان ته توهان ڪهڙي جنگ ۾ حصو ورتو هو جو بهادر ليڊر ٿي ويا آهيو تڪڙ ۾؟ ۽ وري پير سڳورا ته واھ واھ، ڇا ڳالھ ڪجي مرشدن جي، هن صورتحال مان منهنجو مرشد جان نٿو ڇڏائي سگهي ته قيامت وري ڪهڙي ڇڏائي سگهندو؟ مرشد سڳورو سلام آهي اوھان جي پيري مريدي کي. جڏهن به اليڪشن ٿيندي آهي ته ان وقت وري اسان جي عالمن سڳورن جو ڪردار ڏسڻ وٽان هوندو آهي، هو سياست جي سياسي چڪرن ۾ ايترا ته مگن هوندا آهن جو انهن جي ثنا خواني ۾ حديثون بيان ڪندي ڪونه ٿڪبا آهن، هن وقت آهي عالم سڳورا به پري بيٺل آهن، هن مظلوم عوام بس عوام کي سياستدانن، وڏيرن، پيرن، عالمن بس پنهنجي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، بس پاڻهين جيئو وڃي جيڪي بچي ويو ته پوءِ ڏسنداسين.

 

صدام سنڌي/ پيروسڻ

 

ڪاڇي واسي پٿر واري زندگي گذاري رهيا آهن!‎‎

 

ڪاڇي واسي بدستور بدترين حالتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، ڊي سي دادو پاران اهڙي صورتحال کي نارمل قرار ڏيڻ تي علائقي واسين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇائينل آهي، هن وقت ڪاڇي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، غريب مسڪين ماڻهو بکو ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا صوبائي وزير دوست سان گڏ دبئي گهمڻ ويل آهن، ڪاڇي ۾ هن وقت مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ڪاڇي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي، ڊي سي دادو اهڙو بيان جاري ڪري پنهبجي منصب اهميت اهليت تعليم کي لڄايو آهي. هن واهي پانڌي جو ڳوٺ پريو جمالي، گورک هل اسٽيشن، ڳوٺ گل محمد رودناڻي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي. هن وقت ڪاڇي ۾ گيسٽرو ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪيون آهن. روڊ رستا کنڊر بڻجي ويا آهن. علائقي واسين جو دانهون ڪوڪون ۽ پنهنجن پيارن جي وڇوڙي وقت ڏنل اوڇنگارون آخر ڇو اسان جي حڪمرانن جي ڪنن سان نه ٿيون ٽڪرائجن. تڪ جا چونڊيل نمائيندا هاڻ اهڙي لاتعلقي ۽ لاپرواھي کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪاڇي واسين جي لاءِ روڊ رستا، اسپتالون، اسڪول ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪري پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪن جنهن ۾ هنن جي پنهنجي ڀلائي آهي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

پنهنجن جي وچ ۾ ننڌڻڪا بڻيل ٻوڏ متاثر!

 

مقصودو رند ۽ پسگردائي ۾ ٿيل تباهڪارين جا انگ اکر ڪنهن به پ پ پ جي چونڊيل اڳواڻ ورتا آهن ته ھتان جي عوام جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ڪيتري عوام بي گهر ٿي آھي فصلن کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي ۽ ايندڙ فصل ٿيڻ جي به ڪا اميد آهي يا نه پر افسوس ته چونڊيل نمائندن کان ويندي اي سي، ڊي سي سميت ضلعي انتظاميا ڪا به زحمت ئي نه ڪئي آھي ته سروي ڪرائي نقصان جو ازالو ڪيون، تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي کي اهو سوچڻ گهرجي ته سيارو هجي يا گرمي، پوڙها پڪا نوجوان ۽ عورتون سڄو ڏينهن لائنن ۾ بيهي اليڪشنون کٽرائي کين اعليٰ ايوان تائين پهچائين ٿا ته ايترين شديد برساتن ۾ عوام کي آٿٿ ڏيڻ لاءِ ڪو قدم ڀري وڃون پر عوام کان ڪنهن پڇو ته اڄ تائين سنڌ حڪومت طرفان ڪھڙيون سھولتون ڏنيون ويون آهن، عالمي ادارن مان ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل امداد طور اربين رپين مان ڪنهن غريب کي راشن جو ھڪ ڪٽو به مليو هجي يا روڊن تي بنا ٽينٽ جي ھزارين متاثر ڪھر جي گرمي ۾ کلئي آسمان ھيٺان ويٺل آهن ۽ رات جو مڇرن جي آزار سبب مڇرداني نه ھجڻ ڪري سڄي رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن. ھنن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي، آخر ھي ظلم ڇو ۽ پيو ٿي ٻوڏ متاثر عوام سان  ان ظلم خلاف آواز  اٿارڻ کپي. اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪنداسين ته خدارا هن ڏکئي وقت ۾ برسات متاثرن جي واهر ڪيو، سندن رهڻ لاءِ ڪو مستقل حل ڪڍو ۽ کين وافر مقدار ۾ راشن مهيا ڪيو وڃي جيئن هو پنهنجي ٻچن جي بک اجهائي سگهن.

 

ظھورحسين رند/ مقصودو رند، سانگھڙ

 

ھاءِ ڙي منهنجو ڳوٺ!

 

ھونئن ته سموري برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ متاثر ٿي آهي! ان سان منهنجو ڳوٺ خميسو مجيداڻو به 98 سيڪڙو ڊھي پٽ ٿي ويو آهي ۽ تقريبن سموري ڳوٺ ۾ 8 فوٽ پاڻي بيٺو آهي! جيئن ته اسان جي ڳوٺ ۾ تقريبن مزدور طبقو رهندڙ آهي جيڪو روز ڪمائي اٽو وٺي کائيندو آهي! برساتي سيلاب سموري سنڌ جيان منهنجي ڳوٺ جا به 2  معصوم ٻارڙا ۽ ھڪ عورت  ڳڙڪائي ويو! پر افسوس صد افسوس، حڪومت توڙي ڪنهن چونڊيل نمائندن مان ڪنهن به واھر نه ڪئي، ڪنهن به ڀوتار کي پنهنجي ووٽر جي ياد ڪونه آئي، ڪنهن ايترو به نه سوچيو ته غريبن وٽ اجھو، کاڌ خوراڪ آهي به يا نه، ڪنهن به نمائندي ڳوٺ ۾ اچڻ جي زحمت نه ڪئي آهي، اليڪشن وقت ته ھر روز اوطاقن تي ويٺا ھوندا آهن، ھينئر ڄڻ مري ويا آهن، جيئن اليڪشن ۾ ووٽر ياد ايندا اٿن، شل ھينئر به ايئن ئي سار لھن ھا ۽ حڪومت جيڪي اي سي، ڊي سي يا فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن  اھي به مھا ڪرپٽ آهن، انهن کي جيڪو سامان مليو خبر ڪانهي ڪھڙي کوھ ۾ هليو ويو! جيئن ته لکي چڪو آھيان، اسان جي ڳوٺ جو دارومدار مزدوري تي آهي پر اھڙي صورتحال ۾ اھي غريب پنهنجي ٻچن کي ڇا کارائيين جي ڪنهن غريب جو ٻار بيمار ٿي پوي ٿو ته ان جي دوا جي لاءِ پئسو ڪٿان آڻي، جيڪي 3 مھينن کان برسات سبب بيروزگار گھر ويٺا آهن، انهن جو الھ تلھ تباهه ٿي چڪو آهي ڪا شيءِ نه بچي آهي. انتظاميا کي عرض ٿا ڪريون ته ھنگامي طور تي ڪي اپاءَ وٺي غريبن کي ڪو رليف ڏنو وڃي، انهن کي کاڌ خوراڪ ۽ ميڊيڪل سھولتون ڏنيو وڃن، ڇو ته ھينئر مليريا، گيسٽرو، ڊينگي عام جام ٿي ويو آهن، ان لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ ھڻي غريبن کي رليف ڏنو وڃي.

 

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

 

مائي سيتا جي ڪهاڻي!

 

راڻيءَ جي ماءُ سيتا هڪ نرالي سوچ رکندڙ عورت هئي، جيڪا منهنجي پيدائش کان پهرين اسان جي پاڙي ۾ رهندي هئي، بابا اڪثر سيتا جون ڳالهيون اسان کي ڪنهن درسگاھ جيان ٻڌائيدو هو، هڪ ڀيرو ڳالهيون ٻڌائيدي ٻڌائيدي بابا جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون، بابا سيتا جي ڳالهين کي شاهه جي جي بيتن ۾ بيان ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪندو هو پر بابا سيتا جون ڳالهيون سچل جي بيتن ۾ ٻڌائي چڏيندو هو. بابا سائين کي سچل جو هڪ بيت بي انتها وڻندو هو:

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،

آئون جوئي آهيان، سوئي آهيان!

سيتا جو مڙس تلسي جيڪو موالي هوندو هو، هر وقت نشي ۾ ٽُن يعني مست هوندو هو پر موالي هجڻ جي باوجود، سيتا تلسي کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي. سيتا وٽ ڳوٺ جا ماڻهو اڪثر تلسي جون شڪايتون کڻي ايندا هئا پر سيتا انهن کي صرف اهيو چوندي هئي ته موالين تي ڪهڙي معيار، انهن کي ايترو هوش هجي ها ته موالي هجڻ جي نوبت ئي نه اچڻ ڏيان ها. سيتا جون سهليون اڪثر سيتا جي موالي مڙس هجڻ تي تمام گهڻي ٺٺوليون ڪنديون هيون پر سيتا بيوس عورت هئڻ جي باوجود پنهنجي سهلين کي جواب ڏيندي هئي ته موالي آهي ڇا ٿيو؟ منهنجي زندگي جو همسفر ته آهي. ان زندگي کان ته موالي بهتر آهي، جيڪا زندگي ڪلهن تي لاش بڻجي وڃي! مون پنهنجي مڙس تلسي کي ڪڏهن به پاڻ تي وزن محسوس ناهي ڪيو. تلسي جي ٻانهن ۾ مون راتين جون راتيون ڪشادي سيني سان رومانس ڪندي، پراسرار طريقي سان گذاريون آهن. اسان انهن فردوس راتن ۾ ڪڏهن به ڪنهن لالچ، ڪنهن سوچ يا ڪنهن ٻي خواهش کي پاڻ مٿان حاوي ٿيڻ ناهي ڏنو! عورت پورهيو ڪري پنهنجا ٻچا پالڻ ۾ ڪو مهڻو ناهي!

 

عزيزالله خاصخيلي‎‎/ميرپورخاص

 

ضلعي جي عوام سان هر ڏک جا شريڪ شيرازي ڀائر!

 

قدرتي آفتن دوران جتي ھر ماڻھو پنھنجي نفسا نفسي واري ڪيفيت ۾ ھوندو آھي، اتي سجاول جا شيرازي ھر دور ۾ پنھنجي ضلعي جي عوام سان ڏک سک ۾ گڏ بيٺل نظر ايندا آھن، ھن وقت جڏھن پورو ملڪ برساتن کان پوءِ ٻڏي ويو ھو ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ چونڊيل نمائندا پنھنجي تڪ جي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي لڪي ويا ھئا ته ڪن نمائندن کي وري عوام جي غضب جو نشانو پڻ بڻجڻو پيو، ھو اتي سجاول جا شيرازي نه رڳو عوام جي وچ ۾ موجود ھئا ۽ آھن پر راتين جا اوجاڳا ڪري جوھي، ميھڙ ۽ دادو جي جوانن وانگر پنھنجن شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻ وستين کي سيلاب جي تباھ ڪارين کان محفوظ رکڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. شيرازي ڀائرن پاران ضلعي جي عوام جي مالڪي ڪرڻ جو ھن وقت نه رڳو پنھنجا اقرار ڪري رھيا آھن پر مخالف به سندن تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آھن پر ڪجھ مخالفت براءِ مخالفت ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ وارا پنھنجي اندر جو بغض ظاھر ڪن پيا، سجاول ضلعي جي عوام کي ڀاڳن وارو چئي سگھجي ٿو ته کين شيرازي جھڙا دلير ۽ جوڌا جوان اڳواڻ مليا آھن، جيڪي پنھنجا آرام قربان ڪري عوام جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. درياهه بادشاھ ته پنھنجو وقت پورو ڪري سمنڊ ۾ لھي ويندو پر جيڪي اليڪشن جي وقت ۾ موسمي ڏيڏرن جيان اچي پاڻ کي عوام جا وڏا ھمدرد ظاھر ڪن ٿا انھن جي منھن تان عوام دوستيءَ جو نقاب ڌوئي لاھي ويو آھي.

 

خالد طاهراڻي/ سجاول

هن ٻوڏ ۾ ڇا ڇا ٻڏڻ گهرجي!

 

 

جيتوڻيڪ درياهه جي هن بيرخي ۽ ڪاوڙ جا ذميوار رڳو چند ماڻهو آهن پر توهان ڏسو ته درياهه پنهنجي دوستي ۽ دشمني برابري سان ورهائيندو آهي، هو ڪا تفريق ناهي رکندو، هن ديس جا جهونا به ڪنن کي هٿ هڻي چون ٿا ته هنن اهڙي ٻوڏ اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي، جن جي درياهه سان سنگت ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين محيط آهي، اهي به هيل درياهه جي دهشت کان خوفزده آهن، هي قصو ٽوڙي بند کي لڳل هنيل گهاري کان شروع ٿيو ۽ پوءِ هر گذرندڙ ڏينهن پاڻ سان گڏ ٻوڙان ٻور جا ڪيترائي داستان کڻي ايندو رهيو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، هن ٻوڏ ڇا ڇا نه ٻوڙي ڇڏيو آهي، ماڻهن جا ڪچا گهر، گهرن جا اڱڻ، اڱڻ ۾ وکريل ننڍپڻ جون يادون، رانديون، کيڏڻ جا ميدان، اهي گهٽيون جن تي هاڻ پيرن جا نشان به ناهن رهيا، مال متاع، هنڌ ٽپڙ، اکين جو نور نچوئي ٽاڪيل رليون ڦڙي ڦڙي ڪري گڏ ڪيل متاع جيڪي بچيو سو سکڻا سر هئا، جيڪي کڻي ماڻهو ڪي ڪئمپن تائين پهتا، ڪي اڃا دربدر آهن، هن پاڻي نه رڳو آبپاشي کاتي جي بند مينوئل کي ٻوڙي ڇڏيو آهي پر کين اهو به يادگيرو ڏياريو آهي ته جڏهن درياهه سان کئونس ڪئي ويندي آهي ته درياهه جو انتقام ڪنهن به بند يا ڪٽ کي مڃڻ جو محتاج نه هوندو آهي، هن ٻوڏ ۾ جيڪڏهن ٻڏڻ گهرجي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي اها بي حسي ٻڏڻ گهرجي جيڪا هو بندن سان روا رکندا آيا آهن، سندن اها غفلت لڙهڻ گهرجي جنهن جي ڪري اڄ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن، سندن اها روش لڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ هو نوڪري بچائڻ کي ترجيح ڏيڻ بدران بندن ۽ ڪنارن کي بچائڻ تي ڌيان ڏين هن ٻوڏ ۾ هنن جي سرڪاري جي حضوري ۽ ها ۾ ها ملائي ماڻهن کي حقيقت کان بي خبر رکڻ وارو رويو ٻڏڻ گهرجي توهان کي ٽي وي اسڪرين ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي اهڙا بيان ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مليا هوندا جنهن ۾ غلط تجزيا، سڀ خير هجڻ جون دعوائون ۽ ميڊيا کي هراس نه پکيڙڻ جون هدايتون ٿيل هونديون پر پاڻي انهن سمورين دعوائن ۽ تجزين کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ هاڻي اها سرڪاري حقيقت پسندي به ٻڏڻ گهرجي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

خدارا ڳوٺ ليٽڻ مگريو جي جلد سروي ڪري نقصان جو ازالو ڪريو!

 

ساھتي پرگڻي جي ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو يوسي پڪا گھانگھرا ديھ بازيدپور جي قديمي ڳوٺ ليٽڻ منگريو جي چوماسي جي تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنھن ڪري غريب ڳوٺاڻن جا 90 سيڪڙو گھر ڊھي پٽ ٿي چڪا آهن، فصل مڪمل طور تباھ ۽ چوپايو مال مري وڃڻ جي ڪري غريب مالوند ڳوٺاڻا سخت مالي پريشانين جي ور چڙهي ويا آهن ۽ 90 سيڪڙو ڳوٺاڻا پنهنجا گھر ڊھڻ جي ڪري مختلف ھنڌن تي بي يارو مددگار بڻيل آهن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڳوٺ ليٽڻ منگريو جي چئوطرف چئن فوٽن تائين خراب برساتي پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري ڳوٺ ۾ مختلف بيمارين گيسٽرو، ڪالريا، مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ تيزيءَ سان واڌ سبب ڳوٺ ليٽڻ مڱريو جي متاثرين جي اڃا تائين ڪنھن به سار نه لڌي آهي، تڪ جا چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن، غريب پورهيت ڳوٺاڻا پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ، ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا برساتي ٻوڏ سبب 90 سيڪڙو تباھ ٿيل ڳوٺ ليٽڻ منگريو جي سروي ڪرائي مستحق غريب برسات متاثرين جي مالي مدد سان گڏوگڏ نوان گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ته جيئن ڳوٺ ۾ ٻيھر آباد ٿي زندگي معمول جيان گذاري سگھون.

 

غلام نبي مڱريو/ڪنڊيارو