سنڌ ۾ مهانگائي ۾ ڦاٿل عوام !

 

سنڌ ۾ بي قابو ٿيل مهانگائيءَ عوام کي اذيت، تڪليف ۽ مونجهارن ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، ان جي باوجود مهانگائي جي راڪاس کي رسو وجهڻ جي ڪا به اڳڀرائي نظر نٿي اچي، منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا مهانگائيءَ ۾ متاثر نه ٿا ٿين ته کين ڪيئن ڪل پوي ته مسڪين ماڻهو مهانگائي ۾ ڪيترو ڀوڳي پيو. اسان جا عيوضي پنهنجي لگزري شين جي مهانگي ٿيڻ تي آواز اٿاريندا آهن باقي عوام آڌي مانجهي تڪليفن سهڻ جو عادي، سور سهڻ جو ڏاڍو ته پوءِ انهن کي مٿي ۾ سور ڇو پئي جو عوام لاءِ سوچين. آءُ سنڌ حڪومت کي اها التجا ڪرڻ چاهيان ٿو ته عوام هن حڪومت کي شهيد راڻيءَ جي قربانيءَ جي بدلي مليل حڪومت سمجهي ٿو ۽ عوام جون وڏيون اميدون آهن ته شهيد راڻيءَ جي خوابن ساڀيان لاءِ عوام تي احسان ڪري کيس مهانگائي جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏياري، جيڪڏهن سنڌ حڪومت وٽ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي بحالي جو بهانو ۽ مصروفيت جو جواز آهي ته پوءِ سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن مشيرن جا لشڪر ڇا پيا ڪن؟ جن عوام کي مصيبت جي هن گهڙي ۾ مهانگائيءَ جي طوفان ۾ سٽجڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. هي سنڌ جا ماڻهو جيڪي روز واپارين، دڪاندارن هٿان لٽجن پيا، ان عمل کي ٻنجو نه آيو ته پوءِ سڀاڻي استقبال ڪندڙ انارڪي کان ڪيئن بچي سگهبو. ايئن نه ٿئي جو ماڻهو تنگ آيد جنگ آيد جو رستو اختيار ڪن.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

مڪاني چونڊون ۽ اميدوار پارٽين پاران وارڊ ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن جو جائزو!

 

ضلعي عمرڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ هن وقت مڪاني چونڊن جو سلسلو شروع آهي سنگت ساٿ کي وٺي رُٺلن کي پرچائڻ جو سلسلو شروع آهي عيادتن، فاتحن سميت سستي جو شڪار ٿيل لاڳاپا ٻيهر بحال ٿي رهيا آهن، هن وقت ٽائون ڪميٽي ڍورونارو تي پُڻ بهتر ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، ٽائون ڪميٽي ڍورونارو 8 وارڊن تي مختلف پارٽين پاران زور آزمائي هلي رهي آهي. هن وقت اليڪشني سلسلي ۾ ڀرايل فارمن ۾ پي ٽي آءِ، پي پي پي، جي ڊي اي، ايس يو پي، جي يو آئي ايف، سميت ٻيا اميدوار پُڻ ميدان ۾ لٿل آهن اڳتي هلي ڪجهه ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جي ڊي اي جي اميدوار سان اتحاد ٿيڻ ڪري هٿ کڻي ويو ۽ جي ڊي پاران پي پي پي کي شڪست ڏيڻ لاءِ جي ڊي اي اميدوار جي يو آءِ اميدوار جي حق ۾ دستبردار ٿيو ۽ شرط لازم آهي ته چيئرمين شپ جي ووٽ لاءِ هوندو جي يو آءِ اميدوار ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ چيئرمين جو ووٽ جي ڊي اي کي ڪندو، ان کانپوءِ پي پي پي اميدوار لاءِ ڪجهه ڏکيائيون وڌي چڪيون آهن، پي پي پي جا پراڻا ۽ نظرياتي ڪارڪن اڳواڻ ۽ ووٽر قيادت پاران نظرانداز ڪرڻ تي پارٽي کان مُنهن موڙي خاموش ٿيل آهن، پي پي پي وارڊ ۾ ترقياتي ڪمن تي نظر ڊوڙهائبي ته ڳوٺاڻن جي ڪيترن ئي مسئلن ۾ انهي قيادت پنهنجا نوازي ڪئي پنهنجن مائٽن کي روڊ گھٽيون، نلڪا، فلٽر پلانٽ وغيره انهن جي گهرن ته ڇا پر واشرومن تائين پڻ روڊ ٺهرائي ڏنا ۽ حقدار بلڪل نظر انداز رهيا، ڪيترائي اهڙا وجود آهن جن کي انهن شين جي ضرورت ته هئي پر کين ملي نه سگهي ۽ پراڻن ورڪرن تي ڪوڙيون ايف آءِ آر ڪٽرائي کين ويتر تنگ ڪيو ويو ۽ ڳوٺ ۾ جيڪو به ڪم ڪرايو ويو سو پنهنجي پسنديده ماڻهن جو ڪرايو ويو. پي ٽي آءِ قيادت پڻ ساڍا ٽي سالن ۾ دور اقتدار ۾ ڪو به خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهي، جي يو آءِ اڳواڻ ساڍر وارڊ ۾ پهريون ڀيرو سامهون آيو، انهن جي سماجي ڪمن تي نظر ڊوڙائبي ته مدرسن ۾ موجود فلٽر پلانٽ تان ڳوٺ واسين کي پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪيو وڃي ٿو، پاڻي لاءِ آيل ٽانڪين ۽ نلڪن جي نظرثاني نه ٿيڻ ڪري جن ايجنٽن حوالي ٺيڪا ڪيا ويا انهن وجودن هڪ نلڪي ۽ ٽانڪي تي هڪڙي افتتاح واري سر لڳائي بل حاصل ڪيو ۽ ٻي تنظيم کان الڳ پئسا وٺي وري انهي ٽانڪي تي يا نلڪي تي ٻي تنظيم جي سر لڳائي هڪ شيءِ جي ٻه کان ٽي ڀيرا پئمينٽ وٺي ۽ ڪيترائي نلڪا اڃان تائين وارڊ نمبر 6 جي عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن.

 

عبدالغني “عبد” آريسر/ڍورونارو

 

23 جُون عام چونڊن جي حتمي فيصلن جو انتظار!‎‎

 

عام چونڊن جي ويجهو ايندي ئي جهر جهنگ عام چونڊن تي بحث هلڻ شروع ٿي ويو آهي، ڪشمور ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ عام چونڊن سنڌ جي عوام کي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي استدعا کان بعد 23 جُون تي حتمي فيصلي لاءِ انتظار جو مرڪز بڻيل آزاد اميدوار انتظار جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن. سنڌ جي هر سياسي پارٽين پاران سياسي ڊوڙون به تيز ڪيون ويون آھن، ڪشمور ضلعي سان گڏوگڏ جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ گهوٽڪي سميت تڪ جي هر اميدوارن نَنهن جي چوٽين جو زور لڳايو آھي، ڪٿي ڪٿي عام چونڊن جا اميدوار ان اپوز ٿيڻ سبب ڪامياب نظر اچن پيا. عام چونڊن کان اڳ اميدوارن پاران هڪ ٻئي کان ناراض ٿي ويلن کي پرچائڻ وارو سلسلو جاري آھي، مهانگائيءَ جو ماريل عوام به مايوسي جي شڪار ٿيل ڏسجي پيو. پهرين مرحلي ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ٿينديون، جنهن ۾ 26 جون تي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين چونڊون ٿينديون ۽ نتيجن جو اعلان 30 جون تي ڪيو ويندو ۽ هن وقت عام چونڊن تڪرار جي ور چڙهيل نظر اچن پيون. عوام تبصري ۾ آھي ته مخالف ڌر جو اعتراض ڇا آهي؟ مخالف ڌر جي پارٽين درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون جڏهن ته انهي فيصلي جي ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ پاران استدعا ڪرڻ بعد فيصلو 23 جُون تي ٻڌائڻ لاءِ بيان ڏئي ڇڏيو آھي. ڪجهه وقت پهريان عام چونڊن جي لحاظ سان درخواستن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 74 ۽ 75 کي ڪالعدم قرار ڏيندي صوبائي حڪومت کي سمورن قانونن جي آرٽيڪل 140 اي جي تعميل کي يقيني بڻائڻ ۽ مڪاني ادارن کي خودمختيار بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي، هاڻي ڏسجي ته هاءِ ڪورٽ سنڌ جو فيصلو ڪهرو ٿو اچي؟

 

امان الله ملڪ/ڪشمور

 

آزاد اميدوار هٿ ڇو کڻندا آهن؟‎‎

 

چوندا آھن ته پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن، اهڙي طرح هر اهو اميدوار جيڪو آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ فارم ڀرائي ٿو تڏهن هن جا به ڪجھ خواب ھوندا آھن ۽ هو انھن خوابن کي حقيقي روپ ڏيڻ جي اڃا ڪوشش ئي مس ڪندو آهي ته طاقتور قوتون هن کي يرغمال بڻائڻ جا هزارين اٽڪلون استعمال ڪنديون آهن پوءِ به آزاد اميدوار جبل جيان اٽل بيٺل هوندو آهي، پوءِ طاقتور ڌريون اهو سمجهي وينديون آھن ته هي ضدي ماڻهو آهي، ضد تان نه لهندو پوءِ هن اميدوار جون ڪمزوريون ڳوليندا آهن ۽ هن اميدوار جا بلند حوصلا ڪمزور ڪرڻ لاءِ اميدوار جي پنهنجن مٽن مائٽن کي لالچون ڏئي آزاد اميدوار کي پنهنجن هٿان وڌيڪ ذھني دٻاءُ وجھي مجبور ڪري گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. پوءِ ان آزاد اميدوار وٽ صرف چونڊ ئي رهجي ويندي آهي، اهو چونڊ رستن جي هوندي آهي ۽ رشتن جي بندن ۾ هن آزاد اميدوار جا حوصلا چڪناچور ٿي ويندا آهن ۽ سندس حصي ۾ رڳو مايوسي ئي رهجي ويندي آهي. اڄ مون هڪ اهڙي جوشيلي ۽ بردبار آزاد اميدوار کي ڏٺو جنهن جا حوصلا بلند هئا پر وقت ۽ حالتن کان مجبور ٿي پنهنجن خوابن کي پنهنجي ئي هٿن سان قتل ڪري اداس ٿي ويو، اسان هميشه کٽيل راند هارجي ويندا آهيون، ڇو ته انهي هار پٺيان پنهنجن جون خوشيون هونديون آهن ۽ جڏهن هن اميدوار جو مون چهرو ڏٺو جيڪا بلڪل ئي اداس هو، اهو هن بيرحم سماج جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ اها راند هارجي ويو، جيڪا اڃا شروع ئي مس ٿي ھئي ۽ سندس اهي ئي لفظ هئا ته آئون انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس پر ڇا ڪريان حالتون اهڙيون ٿي پيون جن کي بيان نٿو ڪري سگهان ۽ منهنجي دل چوي ٿي هن جي نيت صاف ھئي تڏهن ته سندس چهرو اداس هو جيڪڏهن منافق هجي ها ته چهرو لٿل نه هجيس ها.

 

دليپ آزاد /عمرڪوٽ

 

کليل خط!

 

عوام جو رت چُوسيندڙ عوام دشمن قوتن کي پوري سنڌ رد ڪري چُڪي آھي، سڄي سنڌ جيان خانپور ۾ به سردارن ميرن ۽ پِيرن ورڪ تيز ڪري ڇڏي آھي، خدارا ووٽ هڪ امانت آھي جنهن جو پڇاڻو توهان کان قيامت ۾ به ٿيندو. خانپور جي عوام کي اپيل آھي ته جن اڳ توهان جي وارڊن سان دُشمنيون ڪيون انهن ڀوتارن کي جُتي جي نوڪ ته رکو، خانپور جا 8 ئي وارڊ صفائي سٿرائي کان اڃا به محروم آھن ۽ انهن ۾ پيور بلاڪ نه لڳي سگهيا آھن لڳا آھن ته صرف انهن سياستدانن جي گھر يا محلي ۾ صفائي سٿرائي کان محروم سومرا پاڙو، ٻڙرا پاڙو، مگڻھار پاڙو ۽ ٻپڙ پاڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي پاڙا شامل آھن، توهان پوئتي ڏسو توهان جي تڪ جا ايم پي اي ايم اين ايز توهان ڏي ڪڏھن ڪونه آيا، صاحب وارن کي سڀني جون عُذرخواهيون ھاڻي ياد آيون آھن، ڇا عوام ايڏو بيوقوف ۽ نادان آھيي جو وري انھن پيرن، ميرن، ڀوتارن، سردارن کي ووٽ ڏيون جيڪي 5 سالن ۾ صفائي سٿرائي ۽ ڊرينيج سسٽم به بحال ناهن ڪرائي سگهيا. اُهي ئي سردار پھرين نوجوانن جا فارم رڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هئا، جڏهن اهي ناڪام ٿيا ته وري ھٿ کڻڻ لاءِ قران ميڙ ۽ ايلاز ۽ داٻا ڏئي زبردستي نوجوانن کان ھٿ کڻائن پيا، ڪڏهن توهان ڏي مرشد وٺي ٿا اچن ته ڪڏهن پير مير ۽ معزز. خُدارا نوجوانو انھن کي ڪري ڏيکاريو ته عوام ناقابل شڪست آھي، عوام هڪ اهڙو لفظ آ جيڪو توهان کي اسيمبلن تائين پھچائي ٿو، خُدارا ڪجھ خانپور شهر جي صورتحال کي تبديل ڪيو ۽ توهان فيصلو ڪيو ته جيڪي گذريل 8 سالن کان خانپور چلڊرن پارڪ کي مڪمل ناهن ڪري سگھيا جيڪي گذريل 5 سالن دوران خانپور شھر کي تعلقي جو درجو به ناهن ڏياري سگھيا نه ئي وري خانپور اسپتال کي تعلقي اسپتال بڻائي سگھيا آھن جيڪي زبردستي روز جھيڙا پيا ڪرائن، صرف پنهنجن بنگلن جي رونق بحال رکڻ خاطر انساني جانيون ضايع ڪرائن ٿا جيڪڏھن وڏيرا ڀوتار پير مير چاھين ته امن به بحال ڪرائي سگهن ٿا پر انھن جو توهان جي مسئلن سان ڪھڙو تعلق؟ خانپور شڪارپور جي عوام کي اپيل ڪندُس ته اھي توهان جا دُشمن آھن، اهي زبردستي اسڪول بند ڪرائي اتي اوطاقون قائم ڪيون ويٺا آھن ته اهي توهان کي ڪھڙو رليف ڏيندا؟ هِن اليڪشن ۾ انھن ڪوڙن لُٽيرن کي رد ڪري سچا ۽ ايماندار باضمير شھري بڻجڻ جو ثبوٽ ڏيو ۽ انهن وڏيرن کي گھر روانو ڪيو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وقت اهو به ياد رکجو ته اسين پنهنجي ايندڙ نسل جو سودو ڪنهن سان پيا ڪيون؟

 

عابد تبسم علوي/خانپور

 

بلدياتي اليڪشن کان پوءِ لوڪل گورنمنٽ جون ذميواريون!

 

ڪا به رياست پنھنجو حڪومتي نظام ھلائڻ لاءِ مختلف ادارن وسيلي عوام جي فلاح و بھبود لاءِ ڪم ڪندي آھي ۽ ملڪ جي داخلي ۽ خارجي معاملن کي منھن ڏيڻ لاءِ انتهائي گھڻيون پيچيدگيون پيش اينديون آهن، ان ڪري (1919 کان وٺي) ھيٺين صطح يعني شھري ۽ ديھي (ننڍڙن علائقن جو) نظام لوڪل گورنمينٽ وسيلي ھلايو ويندو آھي. لوڪل گورنمينٽ جي معني ئي عوام جي پنھنجي حڪومت آھي، جنھن ۾ عوام پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن جا عام ۽ اھليت رکندڙ اھڙا ماڻھو چونڊيندي آھي جيڪي يقيني طور انھيءَ ساڳئي علائقي يا يوسي جا رھاڪو ھجن، سياسي شعور رکندڙ، تعليم يافته، علائقي جي ھر مسئلي کان واقف ماڻھن سان رابطي ۾ رھندڙ ۽ اھل شخص ھجن. لوڪل گورنمينٽ ان علائقي ۾ صحت و صفائي، امدادي ڪارروائيون ڪرڻ، تعليم، لنڪ روڊ ۽ پڪيون گھٽيون، زرعي نظام، آبپاشي نظام، سماجي براين جي روڪٿام، امن امان قائم ڪرڻ جانورن ۽ ٻيلن جي واڌ ويجھ لاءِ اپاءَ وٺڻ، سير و تفريح لاءِ پارڪ ۽ گرائونڊ ٺھرائڻ، لائيبريرين جو قيام، ترقياتي منصوبا جوڙڻ ۽ حڪومت تائين پنھنجي علائقي لاءِ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جون ڪوشش وٺڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا اندروني معاملا حل ڪندي آھي. ھن وقت بلدياتي اليڪشن ۾ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ۽ آزاد اميدوار ميدان تي بيٺل آھن. اسين پنھنجي مستقبل جا پاڻ ذميوار آھيون اسان جو اھو قومي فرض آھي ته ووٽ اھڙي ماڻھو کي ڏيون جيڪو اسان جي اميدن تي پورو لھي، سڄي علائقي جي ذميداري نڀائڻ جي اھليت رکندڙ ھجي، ترقياتي ڪم ڪرائي، نيڪ نيتي سان علائقي جا مسئلا حل ڪري.

 

ثناءُ اللھ سومرو/ ڳوٺ ڳونڌڻائي ڏيپلو

ڇا پ پ پ قيادت کان پنوعاقل لاءِ بهترين ۽ مثالي چيئرمين ملندو؟

 

هن حلقي ۾ پ پ پ سڀني وارڊن ۾ پ پ پ سان سلهاڙيل ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏئي بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري پارٽي سان وابسطه خاص ڪري پارٽي ورڪر ۽ ڪارڪن سڀئي پارٽي پاران ملندڙ ٽڪيٽون قبولي پنهنجي پنهنجي وارڊن ۾ مدمقابل اميدوارن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوزيشن سنڀاري ووٽرن کان وارڊن اندر داخل ووٽن جي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ورڪ زور شور سان شروع ڪيون ويٺا آهن. ڳالهه اها آهي ته هي شهر پنوعاقل جيڪو پ پ پ جو ڳڙهه سمجهيو وڃي ٿو جتي جنرل اليڪشن توڙي جو مڪاني چونڊون هجن گهڻي قدر ڪاميابي هميشه کان وٺي پ پ پ جا ٽڪيٽ هولڊر اميدوار ئي ماڻيندا رهيا آهن. هتي پ پ پ ننڍي وڏي سيٽ سميت توڙي جو 2018 ۾ مڪاني چونڊن دوران شهر کي چيئرمين ڏيڻ تائين ڪامياب ته رهندي آئي آهي. پر هاڻي وقت گذرڻ سان گڏ ۽ گهڻين ڳالهين ۽ شين ۾ تبديلي اچڻ ڪري ڪجھ ڪري ڏيکارڻ وارو جذبو وارڊن اندر پ پ پ جي بيهاريل ميمبري لاءِ اميدوارن ۾ هن وقت نظر ته اچي رهيو آهي ۽ لڳي ايئن رهيو آهي ته پ پ پ پنوعاقل ۾ پنهنجو جڙون اڃا وڌيڪ مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ واسطي پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن. مڪاني حڪومتون جمهوريت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪنديون آهن جتان ماڻهون سياست ڪري صوبائي ۽ قومي سطح تي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا آهن. مڪاني حڪومتن جي ذريعي عوام جا ڪم ڪاريون ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جو ڪنهن به ماڻهو کي زبردست موقعو هوندو آهي ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪبا آهن. اها ڳالهه آهي هاڻي ڏسجي ته ڇا پ پ پ هن دفعي پنوعاقل کي بهترين ۽ مثالي چيئرمين ڏئي سگهندي. اهو ته تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن گهڻي قدر اڪثريت سان وارڊن اندر پ پ پ اميدوار ئي ڪاميابي ماڻي ڏيکاريندا ۽ پارٽي قيادت کان شهر لاءِ بهترين ۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ وارو چيئرمين حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

جاگيردار نظام ۽ اڄ جو سنڌي عوام!‎‎

 

اڄ جي سنڌي ماڻهو کي ڪنھن ٻئي سنڌي سان ڪا ھمدردي ناھي ڪير ڪنھن جو ھڏڏوکي ناھي، ڪير به ڪنھن جي پرواهه نٿو ڪري، ڇو جو ھڪ جي زندگي بھتر گذري ٿي ته ان کي ٻئي جي مسئلي، تڪليف يا ڏک سان ڪھڙو مطلب، ۽ ھن جو ان سان ڇا وڃي؟ جيئن ته ھڪ ڳوٺ ۽ ڦورن جي عام ڪھاڻي ٻڌائي ويندي آھي ته ھڪ ڳوٺ ۾ ڪجھ ڦورو آيا، انھن ھڪ گھر ڦريو ٻين ڳوٺاڻن چيو ته اھو مسئلو اسان جو  ناهي.وري ٻئي ڏينهن ڦورن ھڪ سڄي گھٽيءَ کي ڦريون ته به ھنن چيو ته اسان جو مسئلو ناهي. انھن ڦورن سمجهيو ته ھي ته  سڀ پنهنجي زندگيءَ ۾ مصروف آھن. ھتي ته ڪنهن جي ڪنهن کي پرواهه ناھي. ھتي ته ھي ھڪ ٻئي جي خون جا پياسي آھن. ھتي ته ھي ھڪ ٻئي جي حالت تي کلندا ٽوڪ ٺٺول ڪندا آھن. ڏسندي ڏسندي جڏھن ٽيون ڏينھن ٿيو ته انھن ڦورن سڄو ڳوٺ ڦريو. جيڪڏهن اھي ڳوٺاڻا انفرادي سوچ ختم ڪري اجتماعي سوچ سوچن ھا ۽ اھي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ھڪ ٿي وڃن ھان ته پھرين ڏينھن کان ئي انھن ڦورن سان مقابلو ڪري پنهنجي ڳوٺ مان ڀڄائي سگھن ھا. اھي ڦورو جاگيردار سرمائيدار وڏيرا آھن. ان ڳوٺ ۾ رھندڙ سنڌي عوام آھي. انفرادي سوچ ختم ڪريون ان جاءِ ته اجتماعي سوچ رکو اڄ جيڪڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به جي ڪٿي ڪو مسئلو ٿئي ٿو ته اھو صرف ان ڳوٺ جو نه ان تعلقي جو نه ان ضلعي جو نه ان خطي جو نه  پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي. اسان جو مسئلو ناهي واري سوچ  اڄ اھي ڦورو اسان جي پاڻي تي، اسان جي تعليم تي، اسان جي زمينن تي اسان جي معدني وسيلن تي قابض لڳا ويٺا آھن. اڄ اھي چند ڦورو سڄي سنڌ کي ڦري لٽي  نيست نابود ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي ست ڪروڙ عوام تي حڪمراني ڪري رھيا آھن. ھي سمجھڻ کپي ته جيڪو اڄ  مسئلو سنڌ جي ھڪ ڳوٺ ھڪ شھر ھڪ خطي سان آھي. مستقبل ۾ اھو مسئلو سنڌ جي ھر ھڪ ڳوٺ ھر ھڪ شھر ھر ھڪ خطي سان به پيش اچي سگهي ٿو. اڄ جيڪو مسئلو سنڌ جي ھر فرد سان آھي اھو مسئلو ايندڙ وقت ۾ ھر سنڌي ماڻهو سان به ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري اھا سوچ ختم ڪرڻ کپي ته وقت جي ڦورن کان منھنجو گھر يا منھنجو خطو بچي ويندو. ڪڏھن به ٿيندو نه ٿيو آھي. جيڪڏهن اسين اڄ اک نه پٽيته سڀاڻي پڇتاءَ کان سواءِ ڪجھ نه بچندو، جيڪڏھن پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي شھر، پنهنجي ضلعي پنھنجي پنھنجي قوم پنهنجي وطن کي جي محفوظ رکڻو آهي ته پاڻ کي ھڪ ٻئي سان سچو ٿيڻو پوندو ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو ھڪ ٻئي جي سک ڏک جو حصو ٿيڻو پوندو، پاڻ کي ٻڌي ڪري ھڪ ٿيڻو پوندو. تڏهن اسين حقيقي انسان ۽ حقيقي سنڌي قوم ھجڻ جو فرض ادا ڪري سگهو ٿا.

 

نصرالله اسماعيل جھتيال/ڳوٺ کوندي، ميهڙ