پنهنجن جو وڇوڙو جيءُ جھوري ٿو ڇڏي!‎‎

 هن دنيا ۾ انسان آيو آهي ته ويندو به صحي، ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي پنهنجي سفر جي پڄاڻيءَ تي دنيا جي وهنوار کان ۽ پنهنجن جي پيار کان گهڻو پري موڪلائي هليو ٿو وڃي، جتان واپس ورڻ ڪنهن انسانذات جي وس ۾ ڪونهي. موت برحق اچڻو آهي پر خبر ناهي ڪهڙي وقت ڪهڙو ساٿي ساٿ ڇڏي ويندو ۽ اڪيلو، بي سهارو ۽ بي يارو مددگار ڪري هليو ويندو، جنهن جو وڇوڙو اندر ۾ غم جا انبار ۽ جدائي جيءُ جھوري رکندي آهي. ڪي شخصيتون اهڙيون ٿين ٿيون جن جي جدائي اکين سان ڏسندي به دل ۽ دماغ قبول ناهن ڪندا ۽ انهن جي واپس ورڻ جا امڪان اڀاري ڪري بي وس انسان انهي آس ۾ جيئندو آهي. رشتا پاڻ ۾ اهڙي طرح ڳنڍيل هوندا آهن جيئن هڪ وڻ مثل، انهن جون ٽاريون بلڪل هڪ ٻئي کان مختلف رخن ۾ وڌن ويجهن ٿيون انهن جي بيهڪ، قد بت، رنگ ۽ وزن ڀلي کڻي هڪ ٻئي کان مختلف آهي پر انهن جو وجود ساڳيو ئي هوندو آهي. هر دور ۾ رشتن جي ضرورت پوي ٿي ۽ هر موقعي تي هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي اهميت هجي ٿي، ڀلي ڇو نه ڪوئي ڪنهن سان ذاتي يا نظرياتي اختلاف رکندو هجي يا ڪاوڙيل هجي پر خوشي يا غمي ويل هر شيءِ وساري ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ٻانهن ٻيلي ٿي هڪ جبل جيان مضبوط سهارو ٿي بيهندا آهن.گهر جا وڏا سموري خاندان لاءِ ڇپر ڇانوَ هوندا آهن، انهن جي موجودگي دل کي دلجاءِ ۽ ڪا ڳري ذميواري محسوس ئي ٿيڻ ناهي ڏيندي ۽ انھن جي گھاريل زندگي ۽ گھميل گس اسان سڀني لاءِ نهايت ضروري ۽ زندگي جا انمول سبق هوندا آهن پر افسوس ان جو احساس پکي جي پنهنجي حقيقي ديس واپس وڃڻ کان پوءِ ٿيندو آهي.

زوهيب احمد وڳڻ/لاڙڪاڻو

پوڄا ڪماري جي خون سان انصاف ڪيو!

  شاهه سچل سامي جي پيار واري سنڌ انسانيت جي ويري وحشي جانورن مقتل گاهه بڻائي ڇڏي آھي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نياڻين جي عصمتن لٽڻ ۽ بيگناهه قتل ڪرڻ جون خبرون روزانو ميڊيا جي زينت بڻجن ٿيون، نياڻين سان ٿيندڙ ناحق، سندن تذليل ۽ سندن بيگناهه قتلام جون خبرون پڙھي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. پنجاب قصور جي نياڻي زينب سنڌ جي نياڻين نائلا رند، تانيه خاصخيلي، نوشين ڪاظمي، نمرتا چنداڻي، پروين رند سميت بيشمار نياڻين جي بيگناهه قتل وارن سانحن جي غمن مان آجا نه ٿيا آھيون ته مٿان وري 21 مارچ تي روھڙي سان تعلق رکندڙ اوڏ قبيلي جي معصوم نياڻي پوڄا ڪماري کي جوابدار واحد لاشاري پنھنجي ساٿين سان گڏجي ان جي عزت ۾ ھٿ وڌو ته نتيجي ۾ معصوم نياڻي جوابدار سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي جوابدار واحد لاشاري ۽ سندس ساٿين کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا پوڄا ڪماري جي والدين موجب وڏي وقت کان وٺي جوابدار واحد لاشاري سندن نياڻي کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو ھو، ھنن ڪيترائي ڀيرا اھڙي شڪايت حد جي پوليس کي ڪئي پر پوليس روايتي سستي جو مظاھرو ڪندي سندن داد رسي نه ڪئي، نتيجي طور نياڻي کي قتل ڪيو ويو، والدين موجب پوليس فوري طور تي سندن مدد ڪري ھا ته نياڻي بگھڙن ھٿان ايئن بيدردي سان قتل نه ٿئي ھا. پوڄا ڪماري جي قتل کان پوءِ سندن وارثن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندن خون سان انصاف لاءِ قومي شاھراهه تي ڌرڻو پڻ ھنيو ويو. ايس ايس پي سکر حد جي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي ساڻ ڪري وارثن کي قاتلن جي گرفتاري جو يقين ڏيارائي ڌرڻو ختم ڪرايو، جڏھن ته اقليتن جو صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي سميت مختلف سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ پڻ مقتولا جي تڏي تي پھچي ساڻن ھمدردي طور ڏک جو اظھار ڪري ساڻن ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي، جڏھن ته پوليس ڪيس جي مک جوابدار واحد لاشاري کي گرفتاري ڪيو آھي، ھاڻ ڏسڻو اھو آھي ته مقتولا پوڄا ڪماري جي خون سان انصاف ٿئي ٿو يا معمول جيان ھي واقعو به ماضي جي واقعن جيان جاچ ڪاميٽين ۽ انڪوائرين جي ور چڙھي لئه مٽي ٿئي ٿو؟

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

هڪ چٺي ميرپورخاص بورڊ جي چيئرمين ڏانهن!

  تعليمي بورڊ ميرپورخاص 2021 ۽ 2022 جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي امتحاني فيس مقرر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بورڊ طرفان اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته شهيد محترم بينظير ڀٽو جنهن وقت ۾ وزيراعظم هئي ان وقت محترمه پاڪستان ۾ ايجوڪيشن مفت ڪري ڇڏي هئي پر هن سال ميرپورخاص ۽ حيدرآباد بورڊ پنهنجي من مستي سان ڏهين ڪلاس جي سالياني فيس 2500 سئو رپيا ۽ نائين ڪلاس جي 750 رپيا امتحاني فارمن جي فيس مقرر ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ليٽر کان پوءِ ميرپورخاص ڊويزن جي شاگردن وڏا احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا پر اڄ تائين بورڊ طرفان ڪا به نرمي نه ڪئي آهي. ياد رهي ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٻه ضلعا عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر پوئتي پيل علائقا آهن، اتي جا مسڪين شاگرد ايڏي وڏي فيس ڀري نه سگهندا، ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته غريب شاگرد ميٽرڪ ڪري نه سگهندا. ياد رهي ته ميرپورخاص بورڊ يا حيدرآباد بورڊ کي صرف امتحان وٺڻا آهن ۽ رزلٽ ڏيڻي آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت هميشه الڳ بجيٽ رکندي آهي، جيڪڏھن شاگردن کان امتحاني فيس وصول ڪجي ٿي ته بورڊ واري بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ ٻئي طرف 2018 ۽ 2019 جي سالياني امتحانن ڊيوٽي ڪندڙ ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل استادن جا بل به ميرپورخاص بورڊ کائي ويو آهي، جنھن لاءِ استادن ڪافي ڀيرا شوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا اڳيان دانهون ڪيون آهن پر ان جو به کڙ تيل ناهي نڪتو. اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته سالياني امتحان جي فارم فيس نه ورتي وڃي ته جيئن غريب شاگرد سولائيءَ سان امتحان ڏئي سگهن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

عدم اعتماد تي بيٺل وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا!

  وزيراعظم عمران خان جيڪو خطاب ڪيو واقعي سرپرائيز هو، جنهن خطاب ۾ ڪا اهڙي نئين ڳالهه نه هئي، هو اهڙي ئي تقرير حڪومت اچڻ کان اڳ به ڪندو ۽ حڪومت ۾ هجڻ باوجود اهوئي روڊن واري سياست ڪندو پيو اچي، جهيڙو لهجو وزيراعظم ۽ سندس ڪابينه اختيار ڪيو آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي نٿو ملي، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي خراب ٻولي نه ڳالهائي ويندي آهي، جيڪا سندس وزير، مشير ۽ وزيراعظم صاحب پاڻ ڳالهائين ٿا. وزيراعظم جي تقرير ۾ ڀٽو صاحب جو ذڪر هو، ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ پاڻ کي ڀٽو سمجهيو پيو وڃي پر وزيراعظم صاحب اوهان ۽ ڀُٽي صاحب ۾ ڏينهن رات به نه پر زمين آسمان جو فرق آهي. ڀٽو صاحب ڦاسي قبول ڪئي پر جهڪيو نه، ڀٽو صاحب جي دليري، بهادري ۽ ڪيل ڪمن جي اڄ به تاريخ شاهد آهي پر ان جي  ابتڙ اسين اوهان جي ڪمن جو جائزو وٺون ته ساڍن ٽن سالن ۾ اوهان، مهانگائي، بيروزگاري، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا اگھه آسمان سان لڳائي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جي زندگين کي آپگھات جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو آهي، عوام خودڪشي ۽ فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، اوهان جا وزير روزانون اهڙي انداز سان پريس ڪانفرنس ڪري چون ٿا ته پاڪستان ۾ مهانگائي دنيا جي ملڪن کان گهٽ آهي، يا چون ته ٿا ته مهانگائي آهي ته ماني گهٽ کائو اهڙا سبب صرف اوهان جي نااهل ڪابينا ئي ٻڌائي سگهي ٿي. جنهن ڪابينا ۾ ايلڪيٽڊ جي جاءِ تي سليڪٽيڊ وزير هجن انهن کي ڪهڙي خبر ته غريب ٻه ويلا ماني لاءِ ڪيترو پريشان آهي، اوهان جي تقرير ۾ فقط خط جو ذڪر هو، جنهن ۾ اوهان موجب ڌمڪي وارو خط هو پر اهو جلسو ته عوام سان سڌي طرح هو، اوهان اهو ڌمڪي وارو خط عوام اڳيان ظاهر ڇو نه ڪيو؟ اوهان ڇو ان خط کي لڪايو ۽ اوهان موجب اوهان کي جي ڌمڪي وارو خط مليو ته اها پاڪستان جي سيڪورٽي ۽ ايجنسين تي سواليه نشان آهي. اوهان جو جلسو واقعي تاريخ ۾ هڪ وڏو سرپرائز آهي، عوام کي هڪ ڀيرو ٻير بيوقوف ڪرڻ لاءِ. عمران خان صاحب اوهان ته پنهنجا اصول هلائڻ وارا هئا ته پوءِ ڇو ق ليگ جنهن قوم جي خزانن جون ڏيوالو ڪڍيو آهي، اڄ اوهين پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر صرف 6 سيٽن واري ق ليگ کي وزير اعليٰ جو اميدوار بڻايو آهي؟ خدارا عوام تي رحم ڪيو، ان کان ته اسان جو پراڻو پاڪستان بهتر هو، جنهن ۾ هڪ غريب ٻن ويلن جي ماني لاءِ ته پريشان نه هو، جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي ٻچن کي بکيو ڏسي خودڪشي نٿي ڪري.

منيش ڪمار جسواڻي/پٿورو

تحريڪ عدم اعتماد!

  ملڪي تاريخ ۾ جڏهن به ڪا حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي ته ان جي پويان ٻه آپشن اهم هوندا آهن، جيڪي وقت به وقت سندن اقتدار تي حملا آور ٿي وار ڪندا رهن ٿا. جنهن جو هڪ انوکو خوف حڪومت جي ذهن ۾ ڇانيل هوندو آهي هڪ پاڪستاني فوج آهي جيڪا حڪومت جي ڪنهن به غلطي کي سندن خاتمو قرار ڏئي ٿي ۽ ٻيو اپوزيشن هن وقت اپوزيشن اڳوڻي قيادت ۽ اڳوڻو وزير اعظمن سميت آصف علي زرداري (پ پ پ) شهباز شريف (پي ايم ايل اين) مولانا فضل الرحمان (جي يو آءِ ايف) سميت ٻيون به ڪيتريون ئي ڌريون هن تحريڪ اعدم اعتماد واري رٿ سان جڙي چڪيون آهن ۽ ٻيو ساٿ حاصل ڪرڻ لاءِ باغي گروپ جھانگير ترين، ق ليگ سميت ٻين مختلف پارٽين سان ملاقاتون جاري آهن، هن وقت ملڪي صورتحال بلڪل ڪنهن نئين اشو کي شو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تحريڪ عدم اعتماد ۽ روس يوڪرين جي جنگ جو جواز ڄاڻائي عوام کي ويتر مهانگائي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن تحريڪ عدم اعتماد جا نتيجا اپوزيشن جي خواهشن موجب نٿا اچن ته پوءِ عمران خان ملڪي تاريخ ۾ اهو هماليه ٿي اڀرندو جيڪو مخالف ڌر جو حشر ٿيندو اهو ته وقت ٻڌائيندو! اقتدار ۾ موجود حڪومت وٽ به اهم ڌريون آهن انهن ۾ پير پاڳارو (ايم ايس ايل ايف) محمود قريشي، ارباب غلام رحيم، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن جن پاڪستان کي انصاف لاءِ تمام گهڻو سهارو ڏنو آهي، اپوزيشن سنڌ مان نڪري پاور شو ڪري گذريل ڏينهن ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ به پاور شو ڪري چڪي، حڪمران ڌر به گهوٽڪي کان گهمندي پوري سنڌ ۾ پاور شو ڪري ۽ آخري فائنل رائونڊ اسلام آباد ۾ کيڏي چڪي ۽ ان وزيراعظم جي خطاب دوران جيڪو خط وزيراعظم ڏيکاريو پر پڙهي نه ٻڌائڻ پويان به ڪئين راز آهن، جنهن کي مخالف ڌر نروار ڪرڻ لاءِ آتي آهي ۽ گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف تحريڪ عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر ڳڻپ ڪري ٽوٽل 161 ميمبرن جو ٽوٽل ڪيو ويو ۽ اجلاس کان ٺيڪ هڪ ڪلاڪ پوءِ حڪومتي ڌر ق ليگ قيادت کي پنجاب جو وزير اعليٰ جو تاج چوڌري پرويز الاهي حوالي ڪري هڪ نئون معاملو اٿاريو آهي ۽ هاڻ ايم ڪيو ايم قيادت حڪومت کي سهارو به ڏئي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن مخالف ڌر جو ساٿ ڏئي ٿي ته حڪومت لاءِ ڏڦيڙ به پيدا ڪري سگهي ٿي. حڪومتي ڌر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئر جي سيٽن جي آڇ پُڻ ڪري چڪي آهي پر اڃا تائين ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، تحريڪ عدم اعتماد سميت مختلف مسئلا هلندا رهندا پر هن وقت عوام بابت سوچڻ جي سخت ضرورت آهي، مهانگائي نه هوندي ته ڪا به اپوزيشن نه هوندي، جيڪي به ڪيو عوام لاءِ ڪيو باقي الله ڪندو مڙئي ڪندو خير.

عبدالغني “عبد “آريسر/ ڍورونارو

عمران حڪومت جا ڪيل واعدا وفا نه ٿي سگهيا!

  جيئن ته اوهان کي خبر هوندي ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اسان جي وزيراعظم عمران خان صاحب عوام سان وڏا وڏا واعدا ڪيا هئا، جن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ، لکين غريب ماڻهن کي مفت ۾ گهر فراهم ڪرڻ سميت ڪيترائي عوام دوست واعدا ڪيا ويا هئا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عمران خان جي ٽن سالن جي حڪومت ۾ انهن واعدن مان هڪ به پورو نه ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن ڪنهن واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي ته ان ۾ به غريب نه پر امير طبقي کي فائدو ڏنو ويو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جون سموريون سياسي پارٽيون غريب عوام نه پر پنهنجي مفاد خاطر اقتدار ۾ اينديون آهن ۽ جڏهن عوام مان ڪم نڪري ويندو آهي ته پوءِ اسان جي موجوده وزيراعظم جيان پنهنجي واعدن کان ڦرندي انهن ڳالهين کان نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪا نهايت افسوس جهڙي ڳالهه آهي ڇو ته غريب عوام ڪنهن به پارٽي کي ووٽ ان ڪري ڏيندو آهي ته شايد اها پارٽي انهن کي رليف فراهم ڪندي پر اسان جي پاڪستان ۾ غريب عوام هميشه بک ۽ بدحالي جي چڪي ۾ پيسجندو رهيو آهي ۽ حڪمران اقتدار جا مزا ماڻڻ ۾ مصروف رهندا آهن پر اسان پوءِ به وزيراعظم عمران خان توڙي هتان جي اعليٰ آفيسرن ۽ عدليه کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهي غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن غريب عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.

آصف علي عباسي/ سکر

انگريزن جي دور جا قديم ڳوٺ بنيادي سهولتون کان محروم ڇو؟

  اڄ اسان تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي ديهه ۽ يوسي مرادپور تي هڪ نظر وجهنداسين، جتي لڳ ڀڳ انگريزن جي دور جا قديم ڳوٺ به آهن، جن کي اڃا تائين به هتي جي نااهل حڪمرانن ڪي به بنيادي سهولتون ناهن ڏنيون. تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي يوسي مُرادپور جو ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه تمام گهڻو قديم ڳوٺ آهي پر افسوس جو گذريل سئو سالن کان اڄ تائين به هن ڳوٺ کي ڪي به بنيادي سهولتون ناهن ڏنيون ويون. هتي 1964ع ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه ٻيٽ ٻيلو جي نالي سان هڪ اسڪول ڏنو ويو، جنھن جي به عمارت 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي پر گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه کي ٻيهر عمارت به نه ڏني وئي آهي. ڳوٺ ۾ پڪي رستي جي به سهولت ناهي. شهر کان ست ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پڪو رستو به نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي قادري فش فارم کان ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه کي پڪو رستو ۽ بجلي مهيا ڪئي وڃي ٿي. ياد رهي ته قادري فش فارم ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه کان ٻه ڪلوميٽر پري آهي، جتي بجلي پڻ موجود آهي پر گذريل 10 سالن کان اسان جي ڳوٺ کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ۾ برسات وقت پڪو رستو نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي وڃي ٿو ۽ ايمرجنسي يا فوتگي وقت جنازا به 4 کان 5 فوٽ پاڻي مان ڪڍڻا پون ٿا. هتي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت نه هجڻ ڪري معصوم گلن جهڙا ٻارڙا کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ان کان سواءِ سم نالي 6-آر جي هر سال کاٽي نه کڃڻ ڪري يوسي مُرادپور جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. جنهن سبب ڳوٺاڻن جا ڪچا گهر ۽ فصل برساتي پاڻي ۾ تباهه ٿي وڃن ٿا پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اسان سنڌ حڪومت ۽ سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائندن توڙي بالا آفيسرن کي هٿ ٻڌي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جا بنيادي مسئلا جلد کان جلد حل ڪريو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

ريلوي اسٽيشنن تي سولر پينل لڳائڻ جو فيصلو!

  وفاقي حڪومت پاڪستان ريلوي کاتي ۾ بجلي جي بچت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ريلوي اسٽيشنن تي سولر پينل لڳائڻ جي لاءِ تياري شروع ڪئي آهي. ريلوي عملدار ملڪ ۾ 181 ريلوي اسٽيشنن تي سولر پينل لڳائڻ لاءِ چونڊيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بجلي جي کپت سان نه رڳو بل جي صورت ۾ ريلوي جي کاتي تي مالي بار وڌندو پيو وڃي پر ان سان بجلي جي گهٽتائي جو مسئلو پڻ آهي. ماضيءَ ۾ بجلي جي گهٽ دستيابي هجڻ ڪري بجلي تي هلڻ واريون ٽرينون به بند ڪيون ويون. هاڻي ريلوي کاتي 181 اسٽيشنن کي سولر تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ريلوي کاتي ۾ جتي جتي بجلي جي کپت گهڻي آهي اتي انهن سمورين شين کي سولر تي منتقل ڪجي ته لازمي طور تي ريلوي جي مرده جسم ۾ جان وجهي سگهجي ٿي. هڪدم خرچ ايندو جنهن سان مستقبل جي ڪيترن ئي سالن تائين بجلي جي بچت ئي بچت آهي. هن وقت ڪيترائي پرائيويٽ کاتا پنهنجون آفيسون سولر پينل تي منتقل ڪيون ويٺا آهن. ان لاءِ جيڪڏهن حڪومت سولر پينل جي درآمد تي ٽئڪس ۾ ڇوٽ ڏي ته ٻيا ادارا به پاڻ کي سولر سسٽم تي منتقل ڪري سگهن ٿا.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

سکر جيل جي ڊائري!

(قسط ستين)

             جيئن علائقن جا ٻيا ٽولا سندن حڪم مڃيندا آهن ته پوءِ انگريز سرڪار پنهنجي واٺن کي حڪم ڏنو ته توهان کي جيئن وڻي تيئن ڪريو پر انهن حُرن کي انگريز سرڪار جي اڳيان جھڪائي تابعدار بڻائي ڏيکاريو. يا دهجي ته اهڙن واٺن جا ٽولا اڄ به سنڌ ۽ ملڪ کان سواءِ جيلن ۾ به موجود آهن جيڪي پنهنجي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جا لانگ بوٽ به چٽيندا آهن ۽ انهن جي چوڻ تي ڪنهن به عزت واري جي بي عزتي ڪندي دير ناهن ڪندا پر رب جو حڪم آهي ته هو جنهن کي عزت ڏيندو تنهن کي ڪير به بي عزت ڪرڻ جي مجال نٿو ڪري سگي، خير جڏهن حورن جسان بي حيائي ۽ زيادتين وارو سلوڪ وڌي ويو ته انهن غيرتمندن به انگريز سامراج جي واٺن، دلالن کان سواءِ انگريز سرڪار جو به ڀرپور مقابلو ڪيو، حُرن کي خبر هئي ته ڪڏهن به مرد مجاد باطل طاقت جي اڳيان ناهن جھڪندا، انهن ئي ڏينهن ۾ حُرن کي قيد ڪري اچي ڪئمپن ۾ رکڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو جيڪو سلسلو 1897ع کان شروع ٿيو ۽ 1927ع ۾ سائين شآهه مردان شاهه جي دور ۾ وڌيڪ تيز ٿي ويو هو. سنڌ ۾ حراستي ڪئمپ هر شهر ۾ قائم ٿيڻ لڳيون ۽  انهن ۾ 4880 بالغ مرد، مايون ۽ ٻار قيد هئا، انگريز پير صاحب جا وڏا حُر ٻاهرين ملڪن ڏي کڻي ويا ۽ ڪافي حيدرآباد دکن، مهاراشٽرا ۽ راجسٿان جي ڪئمپن ۾منتقل ڪيا ويا، بلوچستان مان بگٽي قبيلو نواب شهباز خان بگٽي جي سربراهي ۾ حُرن جي علائقي ۾ منتقل ٿيو جتي ڪوٽ نواب وجود ۾ اچي ويو.حُرن جي ڳوٺن ۾ پنجابي ۽ سک رٽائرڊ فوجي ۽ ٻيا آفيسر به اچي پهتا ۽ انهن کي به زمينون الاٽ ڪيون ويون. ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين علائقن مان رٽائرڊ آفيسرن کي به حُرن جي ڳوٺن ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون ۽ سهولتون ڏئي منتقل ڪيو ويو جيئن حُرن جي چُرپُر تي نظر رکي سگھجي ۽ هر خبر انگريز سامراج تائين رسائي پاڻ کي اڳڀرو ڪري سگھجي.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد