شھيد ڀٽي جو وڇوڙو ۽ مايوس جيالا
اڄ 5 جولاءِ جو اھو بدنصيب ڏينهن آهي جنهن ڏينهن 1977ع تي ڊڪٽير چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق عوامي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جمھوري حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري بنيادي انساني حق معطل ڪيا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اھو عوامي ليڊر ھيو جنهن غريب عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ نوڪرشاھي ۽ ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي دقيانوسي نظام سان بغاوت ڪندي غريب ۽ ھيٺين طبقي جي محروم ۽ نظرانداز عوام کي زبان ڏيارڻ ۽ سياست کي ڊرائينگ رومن مان ڪڍڻ لاءِ 30 نومبر 1967ع ۾ جمھوري ۽ سيڪيولر پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، منشور ڏنو ته اسلام اسان جو دين آهي. سوشلزم اسان جي معيشيت آھي. جمھوريت اسان جي سياست آهي. طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان اسان جي منزل آهي. ڀٽي جي ان منشور کي غريب عوام دل سان پسند ڪري عام اليڪشن ۾ ڪيترن ئي سردارن، جاگيردارن ۽ وڏن وڏن سياسي بتن کي ٽوڙي اقتدار شھيد ڀٽي حوالي ڪيو. شھيد ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ بعد ملڪ ۾ وڏا انقلابي سڌارا آندا. سرداري نظام جي خاتمي لاءِ عملي ڪم ڪيو. زرعي زمينون ھارين ۾ ورھايون. ھارين ۽ مزدورن لاءِ اصلاحات آندا ۽ عوامي راڄ قائم ڪيو. ملڪ کي 73 جو آئين ڏنو. پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻايو ۽ عالم اسلام کي امريڪا جي شڪنجي مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ ۾ اسلامي سربراھ ڪانفرنس منعقد ڪري دنيا جي اسلامي ملڪن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڳالهه دنيا جي سامراجي ملڪن جي سربراھن خاص طور تي امريڪا کي پسند نه آئي جنهن بعد جنرل ضياءُ الحق ھڪ سازش تحت بيروني طاقت ور ملڪن جي اشاري تي 5 جولاءِ 1977 تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ۽ شھيد ڀٽي کي اقتدار کان ھٽايو ۽ ھڪ من گھڙت قتل ڪيس ۾ کيس ڦاھي جي سزا ڏني ۽ شھيد ڀٽي جي وڇوڙي بعد بيگم نصرت ڀٽو ڏکي وقت ۾ وفادار گهر واري جو ڪردار ادا ڪندي پيپلز پارٽي جي قيادت ڪئي ۽ پارٽي کي زنده رکيو ۽ جمھوريت جي بحالي ۽ آمرانا دور خلاف پڻ جدوجھد ڪئي. ان دوران شھيد ڀٽي جي پٽن شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شھيد شاھنواز ڀٽو پڻ مارشل لاءِ جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ پرڏيھه ۾ ويھي جدوجھد ڪئي. ضيا جي مرڻ کانپوءِ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پ پ سوڀاري ٿي ۽ محترما 2 ڀيرا ملڪ جي وزير اعظم ٿي. ان دوران ھن ملڪ جي خدمت ڪئي ۽ ۽شھيد ڀٽي جي ويزن تحت ملڪ جي ھزارين بيروزگارن کي مختلف کاتن ۾ نوڪريون پڻ ڏنيون. ملڪي مفاد ۾ اھم فيصلا ڪيا ۽ اصلاحات ڪيا ۽ ترقياتي ڪم وغيره ڪرايا پر ھن ڪڏهن به وقت سان سمجھوتو ڪو نه ڪيو نه ڪڏهن جھڪي نه ڪڏهن وڪي ۽ ھميشھ اصول پسندي تحت ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا جنهن ڪري ڪڏهن به ھن کي پنج سال پورا حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي. سندس جان جي پياسن 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي جلسي ۾ مٿس قاتلانا حملو ڪرائي کيس ھميشھ ابدي ننڊ سمھاري ڇڏيو. ان جي شھادت بعد پ پ کي عوام اليڪشن ۾ سوڀارو ڪيو ۽ اقتدار جا مزا ماڻيندڙن شھيد راڻي جي قتل ڪيس جي ڪا به مالڪي ڪا نه ڪئي ۽ ان جي شھادت بعد شھيد راڻي جا نظرياتي ۽ جيلن جون تڪليفون برداشت ڪندڙ قربانيون ڏيندڙ جيالا ويڳاڻا مايوس ۽ نظرانداز آهن. شھيد ڀٽي ۽ شھيد راڻي جي پارٽي لبرل، جمھوري، سيڪيولر ۽ غريبن جي پارٽي ناھي رھي. اڄ دادو ضلع خاص طور تي تعلقي ميھڙ ۾ پ پ جا بي تاج بادشاهه اھي آهن جن جا وڏا شھيد ڀٽي جي ڦاسي جي سزا خلاف احتجاج ڪندڙ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ احتجاج ڪندڙ پ پ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائيندا ھئا ۽ راڌڻ ۾ ضيا حمايت تحريڪ ٺاھي انتظاميا ۽ اسٽيبلشمنٽ جي مخبري ڪئي ۽ ضياءُ حمايت تحريڪ جا عھدا حاصل ڪيا. انهن جو اولاد موقعو وٺي اقتدار دوران پ پ ۾ شامل ٿيا ۽ پ پ جا تنظيمي عھدا ۽ چيئرمينيون وٺي ڪرپشن جا ڪلور ڪري ارب پتي ٿي ويا ۽ جيڪي موٽر سائيڪلن تي يا پيدل گھمندا ھيا اڄ ڊبل ڪيبن گاڏين جا مالڪ آهن. جيلن جون تڪليفون برداشت ڪندڙ ڪارڪن اڄ به بنيادي مسئلن جي حل ۽ نوڪرين کان محروم آهن جڏھن ته پ پ قيادت پڻ سندن واھر نٿي ڪري.
عبدالستار ميراڻي/ راڌڻ
ڪربلا اسان کي قرباني، صبر، وفاداري جو درس ڏي ٿو..!!
ڪربلا جو واقعو اسان کي سيکاري ٿو ته ظالم ڪيترو به طاقتور ۽ بااثر ڇو نه هجي آخر فتح حق ۽ سچائي جي هوندي آهي ۽ شڪست هميشه باطل جو مقدر بڻجندي آهي. حضرت امام حسين عه جن ڪربلا جي ميدان ۾ خاندان، دوست ۽ پنهنجو سر گھوريو. حق، سچ جي راهه تان نه هٽائڻ لاءِ ڇا نه سٺو. وطن جي جدائي، حرمين کان دور، شهرن کان دور ، پاڻي بند، معصوم ٻارن جو تڙپڻ، ٻارن ٻچن کي بک ۽ اڃ ۾ ڏسڻ، جگري يارن جا سر ڪٽجندي، اولاد جا سر ڌڙن کان ڌار ٿيندي ڏسڻ، سڄي خاندان جي شهادت اکين اڳيان ٿيڻ، ڪو به انسان ايتريون سختيون ڏسي گھٻرائجي وڃي ٿو، ڪيڏو به دنياوي مقصد هجي پر ان لاءِ ايتري قرباني برداشت نه ڪندو پر جنهن جو موقف سچ ۽ حق جو علم بلند ڪرڻ هجي، اهو سر ۽ گھر گھوري سرخرو ٿيندو ۽ دنيا وارن جي لاءِ هڪ مثال بڻجي ويندو آهي جو ماڻهو ان جي پيروي ڪندا رهن. هي مثال اسان کي حضرت امام حسين عه جي صورت ۾ مليو، جنهن کي حق کان ڪا به سختي روڪي نه سگهي. جنهن جي پهاڙن کان وڌيڪ مضبوط ارادي کي زخم، سور، سختيون سمهاري نه سگهيون. هيءَ حقيقت آهي ته امام حسين عه ڪنهن هڪ مسلڪ ۽ فرقي جو نه پر انسان ۽ پوري انسانيت جي بقا جو نالو آهي. جيڪا ڏهين محرم الحرام 61 هه تي واضح ٿي وئي هئي ته جتي ڪوڙ، فريب، فتنو فساد، چوري، قتلام هوندا اتي يزيدي ڪردار ادا ڪيو ويندو ۽ جتي حق ۽ حق جي ڳالهه ڇانئيل هوندي ته اتي امام عالي مقام عه جو ڪردار ادا ڪيو ويندو. ڪربلا اسان کي قرباني، صبر، وفاداري ۽ استقامت جو سبق سيکاري ٿو. هن عظيم سانحي ۾ حضرت زينب (رضي الله عنها) جو ڪردار هڪ مثال آهي ته ڪيئن هڪ بهادر عورت ظلم جي خلاف احتجاج جي آواز بڻجي ٿي ۽ دشمن جي عدالت ۾ به حق جو لفظ ڳالهائڻ کان نه ڊڄندي آهي. هي جنگ صرف تلوارن جي نه هئي، پر اها ضمير، اصولن ۽ ڪردار جي جنگ هئي. ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجي جان، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجن وفادار ساٿين جي قرباني ڏئي، امام حسين عليه السلام مسلم امت کي سيکاريو ته ڪوڙ ڪيترو به طاقتور هجي، پر سچ جي سامهون هميشه ڪمزور هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ به جڏهن ڪو سچ ڳالهائي ٿو، مظلوم جي حمايت ۾ بيٺو آهي يا ظالم جو مقابلو ڪري ٿو ته ان کي “حسيني” سڏيو ويندو آهي. امام حسين عليه السلام يزيدي نظام کي رد ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته ظالم جي بيعت ڪرڻ اصل ۾ ظلم کي مضبوط ڪرڻ آهي، اهو ئي سبب آهي ته هر دور جو حسيني هر دور جي يزيد جي خلاف اٿي بيهندو آهي، ڀلي ڪيترو به وڏو طاقت ڇو نه هجي.
غلام مصطفيٰ جمالي/ کڏهروموري
ليڪچرارن کي به اپگريڊيشن ڏيو
ڪجهه ڏينھن اڳ سنڌ حڪومت جي ماتحت ھلندڙ ھڪ اداري ۾ نوڪرين جو اشتھار پڙھيم جنھن ۾ ليڪچرار بي پي ايس 18 جون پڻ ڪجهه پوسٽون ھيون. اشتھار پڙھي سوچڻ لڳس ته ھڪ صوبي ۾ ٻه معيار ڇو؟ يعني سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جڏھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي نوڪرين جو اشتھار اچي ٿو ته ان ۾ ليڪچرار بي پي ايس 17 لکيو وڃي ٿو جڏھن ته ساڳئي صوبي جي ٻين ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار بي پي ايس 18 ۾ مقرر ڪيو وڃي ٿو. نه صرف اھو بلڪه ڪيڊٽ ڪاليجز، آءِ بي اي پبلڪ اسڪولز ۽ ٻين پبلڪ پارٽنرشپ تحت ھلندڙ تعليمي ادارن ۾ پڻ ليڪچرار کي 18 گريڊ ملي ٿو ته پوءِ آخر ڪاليجز جي استادن سان ٻٽو معيار ڇو؟ منھنجي وزير تعليم سنڌ کي گذارش آھي ته جھڙي ريت اسڪول سائيڊ ۾ استادن کي اپگريڊ ڪيو ويو آھي ساڳي ئي نموني سان ليڪچرارن کي به اپگريڊيشن ڏني وڃي ۽ کين 17 گريڊ ۾ مقرر ڪرڻ جي بجاءِ ھاڻي ليڪچرارن کي به بي پي ايس 18 ۾ مقرر ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرر ايسوسيئيشن سپلا جي اڳواڻن کي پڻ گذارش ڪندس ته ان سنجيده معاملي تي پڻ غور ڪن ته جيئن ڪاليجي استادن اندر پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿئي.
ستار سنڌي/ڪنب
شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ساٿين جو قتل ڪيس ھلايو وڃي
سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي امر ڪردارن کي جنم ڏنو آھي جن سنڌ امڙ جي لڄ بچائڻ ۽ ڀٽائي جي ٻولي جو مان رکڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي آھي ۽ ان جدوجهد ڪندڙ وجودن کي اسان جي غلام حڪومتن ھميشه سازشون سٽي کيس رستي تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھونئن ته ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جن سنڌ ۽ ملڪ خاطر شھادتن جو جام پيتو، انهن شھيدن ۾ 20 سيپٽمبر 1996ع تي سازشي عنصرن سرڪاري مشينري جو ڀرپور فائدو وٺي ستر ڪلفٽن ڪراچي ۾ سندس گھر اڳيان شهيد ڪيل مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ساٿي به آهن. جن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو ۽ ھڪ بزدلاڻي حرڪت ڪري سنڌي قوم جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اھا ڪوشش ڪامياب ٿي ۽ پاڪستاني قوم ھڪڙي دلير ۽ غيرت مند ليڊر کان محروم ٿي وئي. انھي ڪاروائي ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ جھموري پارٽي جو راڳ آلاپيندڙ مفاد پرست پارٽي سنئون سڌو ملوث آھي جنھن اڳتي ھلي انھن قاتل سرڪاري آفيسرن کي ترقيون ڏئي وڏن وڏن عھدن سان پڻ نوازيو. جيڪي اي ايس آءِ منجھان ايس ايس پي، ايس ايس پي منجھان ڊي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي منجھان آءِ جي جي سيٽ تي به ويھندي ڏٺاسين. سڀ ڪجهه سامھون ھئڻ جي باوجود اھا ڌر ايتري ته طاقتور آھي جو عدالتون به خاموش تماشائي بڻجي سندس سازشي گيم ڏسي رھيون آھن پر انصاف ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ھيترو وقت گذرڻ باوجود سندن ڪيس سستي جو شڪار آھي. آخر ۾ وس وارن کي پرزور اپيل ٿي ڪجي ته مير صاحب ۽ ساٿين جو ڪيس جلد کان جلد ھلائي ملوث عنصرن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.
عبدالغني “عبد” آريسر
ڪربلا ۾ شهادت جو فلسفو
امام حسين عه جي شهادت تنها شهادت نه هئي بلڪه ٻاهتر شهيدن جو غم هو ۽ ان واقعي کان پوءِ اهو منظر هو جو نه حضرت قاسم عه هو نه حضرت عباس عه هو نه وري حضرت علي اڪبر هو. تڪبيرن جي نعرن ۾ شهداءِ ڪربلا جا سر جسمن کان جدا ڪيا ويا. امام حسين عه بذات وصفات خون ميدان جنگ ۾ نه آيو پاڻ چيو هو ته بيعت يزيد فروختگيءَ ايمان آهي. جن ماڻهن يزيد کي اميرالمؤمنين مڃيو اهو مومن ناهي يزيد ايمان کان گهڻو پري آهي. اسلام جي امانت مون وٽ آهي. ڪربلا ۾ آيو آهيان منهنجو قتل قرآن سنت دين ۽ انسانيت ۽ آدميت جو قتل آهي. ان يزيد جي چيلينج کي قبول نه ڪيو هو. مرڻ جو غم ملهايو وڃي ٿو. جيڪو به شخصيت جو مالڪ دنيا مان وڃي ٿو ان جي موت تي پرچم سر نگون ٿئي ٿو، ڪارا نشان هنيا وڃن ٿا. بازارون بند ڪيون وڃن ٿيون جلسه منعقد ڪيا وڃن ٿا تعزيت نامه لکيا وڃن ٿا قومي ۽ مقامي رهنمائن جي يادگارن تي هزارين رپيا خرچ ڪرڻ انهن جي يادگار ۾ ستون ۽ مينار ٺاهڻ جي رسم عقلي به آهي ۽ رائج به. ڪمال اتا ترڪ، گانڌي جي، حضرت عيسيٰ جون يادگارون اڄ به قائم آهن. امام حسين عه اسلام ۽ مسلمانن جي خاطر سڀ ڪجهه ڪيو اگر اسلام ۽ مسلمان قيامت تائين زنده آهي ته ڇا ان تي فرض نه اهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ عام اخلاقي قدرن جي احترام ۾ ان جو غم ملهائي ان جي يادگار قائم ڪري؟ جيڪڏهن امام حسين عه جي شهادت کان پوءِ امام زين العابدين کي غم ملهائڻ ۽ يادگار قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ها عظيم الشان واقعي جي يادگار ۽ هن غم جو اعلان ۽ اظهار ٻن چئن سالن تائين نه سهي هڪ صدي ۾ بهرحال ختم ٿي وڃي ها. ياد حسين عه به قيامت تائين لازوال آهي. وڏين شخصيتن جي يادگار ۾ تصويرون رکڻ ان جا ڪپڙا، ڪتاب، پڙهڻ وارو ڪمرو، ڄمڻ جو هنڌ، ان جي هٿن جا لڳايل وڻ، ان جي قلم سان لکيل خط شرعاً ان جي مخالفت نه ٿي ڪري.
ارشاد شيخ/ لاڙڪاڻو
ڳوٺ جھنگو وساڻ جي تاريخي عزاداري
ھر سال جيان ھن سال به عزاداري جا ڏينھن نھايت احترام سان امام حسين عليه السلام جي ڏنل قرباني کي ماتم ۽ غم ڪري پرسو ڏئي رهيا آھن. 7 محرم تي امامن جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ امام پياسا رھيا. مومن سبيلون ۽ نياز نگر ڪندا آھن. سنڌ ۾ خيرپور ضلعو عزاداري جي لحاظ کان مشھور آھي. اڄ به تعلقي ڪوٽڏجي ۾ عزاداري وڌيڪ ٿيندي آھي انھن جو ھڪ سبب ميرن جو عزاداري ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار آھي. ڪوٽڏجي تعلقي ۾ تاريخي جلسا ٿين ٿا. ھي ڏينھن غم حسين عليه السلام جا ڏينھن آھن جن اسلام جي خاطر قرباني ڏئي اسلام کي زنده رکيو. جيئن ئي محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندو آهي ڳوٺ ۾ غازي عباس جي عَلمن کي سينگاريو ويندو آھي. ڳوٺ جھنگو وساڻ علمن واري ڳوٺ سان مشھور آھي. ڳوٺ جھنگو وساڻ ۾ ٻه وڏا کنھنبن جو ماتم ۽ مجلس عزا ٿيندي آھي. ھڪ 7 محرم تي مجلس عزا شروع ٿيندي ۽ سج لٿي جو زري مبارڪ جو ماتم ۽ گھوڙي تي قاصد چڙھي اچي آخري ذاڪر کان سوال جواب پڇندو آھي. آخر ترارن، گرزن ۽ زنجيرن جو سيني تي مومن ماتم ڪري امام حسين عليه السلام جي قرباني کي ياد ڪندا آھن. ستين وارو پڙ ۽ اٺين وارو پڙ جي نالي سان مشھور آھي. ست محرم الحرام جا باني زوار مرحوم نظر حسين وساڻ، زوار محروم الھورايو وساڻ، زوار سعيد خان وساڻ، زوار ڪرم حسين وساڻ، زوار غلام تقي وساڻ، نياز وساڻ، زوار غلام اڪبر، زوار در محمد وساڻ، زوار ڪاظم وساڻ، عابد حسين وساڻ، اختيار وساڻ عرف مرحوم فقير ساجن علي وساڻ، زوار ذاڪر غلام شبير وساڻ، لطف علي وساڻ، زوار اعجاز وساڻ، رستم علي وساڻ، زوار عبدالغني وساڻ ۽ ٻيا مجلس عزا نگر نياز جو بندوبست ڪندڙ رهيا آهن. تاريخي جلسي کي سنڌ ۽ پنجاب جا مشھور ذاڪر ۽ علماءَ خطاب ڪندا آهن جنھن ۾ مولوي منظور سولنگي، شاھد حسين ڳاھيجو، زوار حسين شاھ، صوبي شاھ، احمد علي وساڻ، ذاڪر حسين ڀٽي ۽ ٻيا شامل آهن. ائين وري 8 محرم تي ٻيو پاڙو مجلس عزا کنهنبي جو ماتم ڪرائيندا آھن. هي مجلسون ۽ ماتم تاريخي آھي سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن مان ماڻھو اچي شرڪت ڪري امام حسين عليه السلام جي ڏنل قرباني کي ياد ڪندا آھن. نگر نياز زوار بھادر خان وساڻ جي اوطاق تي ھلندو آھي. مٺين ۽ ٿڌين سبيلن جو اھتمام انتظام مؤمن ڪندا آھن. ھنن تاريخي جلسن کي پنجن صدين کان مٿي وقت ٿي ويو آھي. وڏن کان وٺي مجلسون ۽ ماتم ڪرائيندا ٿا اچن. ڳوٺ جھنگو جي مشھور عزاداري آھي.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
حضرت امام حسين عليهه السلام ۽ ڪربلا جي واقعي جو تاريخي پسمنظر
حديث جي مشھور ڪتاب سنن ابن ماجه جي ھڪ مشھور روايت تاريخ جي صفحن تي لکي وڃي ٿي جنھن ۾ رسول الله صلي الله عليهه وسلم جن جو ارشاد آھي ته جنھن حسن ۽ حسين سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنھن حسن ۽ حسين سان بغض رکيو ان ڄڻ ته مون سان بغض رکيو. ھن حديث مبارڪ مان اھو ڏسي سگھجي ٿو ته رسول الله صه جن جي پنھنجي پيارن ڏوھٽن سان ڪيتري نه گھڻي محبت ۽ شفقت ھوندي ھئي جو ھڪ ٻي روايت ۾ اچي ٿو ته نبي پاڪ صه ايتري قدر ارشاد فرمايو ته حسن ۽ حسين منھنجي جگر جا ٻه الڳ الڳ ٽڪرا آھن ۽ پڻ رسول الله صه صحيح المسلم ۾ فرمايو آھي ته حسين مون مان آھي ۽ مان حسين مان آھيان. ھنن سڀني حديثن جا مختلف حوالا ڏيڻ جو مقصد صرف اھو ئي آھي ته اھو معلوم ڪجي ته حضرت امام حسين عليهه السلام ڪيڏي نه عظيم الشان ۽ باوقار ھستي ھئي. سندن شخصيت ۽ ڪردار جو معيار ڪربلا جي تاريخي واقعي ۽ قربانين جي لازوال مثالن مان نمايان آهن. جنھن ۾ پاڻ عليهه السلام پنھنجن 72 ساٿين سان گڏجي ڪربلا ۾ يزيدي لشڪر سان جنگ ڪيائون. حضرت امام حسين عليهه السلام سن 627 عيسوي ۾ ھجرت جي چوٿين سال شعبان مھيني جي ٽين تاريخ تي مدينه منورہ ۾ پيدا ٿيا. سندن والد محترم جو نالو حضرت علي ابن ابي طالب ۽ سندن امڙ جو نالو حضرت فاطمه الزھرا بنت محمد صه ھو. حضرت امام حسن عليهه السلام سندن وڏو ڀاءُ ھو جنھن سان کيس ڏاڍي محبت ھوندي ھئي، سندن اسلام سان محبت ۽ سچائي جو مثال دنيا جي تاريخ جي ورقن تي چٽي طرح لکيل ۽ نمايان آھي. حضرت امام حسين عليهه السلام پنھنجي ڀاءُ امام حسن عليهه السلام کان پوءِ امامن جي سرفھرست ۾ ٽيون نمبر امام بڻيو جنھن کان پوءِ سندن امامت جو وقت 670 کان 680 عيسوي تائين جاري رھيو. حضرت امام حسين عليهه السلام جن جي تاريخ نه صرف ڪربلا جي واقعي تائين محدود آھي پر پڻ پاڻ ڪيترن ئي تاريخي واقعن يا ڪمن جي ڪري نمايان ۽ مشھور آھن. حضرت امام حسين عليهه السلام ڏاھپ ۽ علم جو ھڪ اھڙو روشن ڏيئو آھن جن مان ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن ۽ سندن علم جي فيض مان فيض حاصل ڪيو اٿن. سندن عه الله تعاليٰ ۽ رسول الله صه جي دين سان سچائي، محبت ۽ ايمانداري کين اعليٰ عزت بخشي ٿي. سندن وڌيڪ ناموري ڪربلا جي ميدان ۾ 61 ھجري ۾ يزيد جي لشڪر سان جنگ ڪرڻ ۾ سمايل آھي جنھن ۾ پاڻ عليهه السلام شھادت ماڻيائون ۽ پنھنجن 72 ساٿين سان گڏ اسلام جي جھنڊي کي بلند رکڻ خاطر پنھنجيون جانيون قرباني ڪري ڇڏيائون ۽ اسلام جي تاريخ ۾ ھڪ امر ڪردار جي حيثيت حاصل ڪيائون. ڪربلا جو واقعو دنيا جي تاريخ ۾ ھڪ اھم ۽ يادگار واقعو آھي جيڪو ان ڳالھه جو آئينو ڏيکاري ٿو ته حق ۽ سچ جي واٽ کي ھميشه فتح حاصل ٿيڻي آھي.
مسعود احمد خاصخيلي