پ پ ۽ ن ليگ اتحاد جلد ٽٽڻ جو امڪان
پاڪستان جي سياست ۾ وڏي هلچل ۽ امڪاني تبديليون سامهون اچي رهيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري کي اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان اڳتي آڻڻ جي امڪانن تي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو اتحاد جلد ٽٽي سگهي ٿو ۽ رڳو 8 ايم اين ايز جي ضرورت هوندي ته مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي کان الڳ ٿي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي پوزيشن مضبوط ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن هو ڪجهه آزاد يا پي ٽي آءِ جي حامي آزاد اميدوارن کي پنهنجي پاسي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پيپلز پارٽي جي حڪومت مان نڪرڻ جا امڪان وڌي ويندا. عمر ايوب جي اپوزيشن ليڊري خطري ۾ آهي. پيپلزپارٽي چاهيندي ته آئيني عهدا انهن وٽ رهن، اهڙي صورت ۾ بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ۾ رهي ٿي ته اپوزيشن ليڊر جو عهدو مولانا فضل الرحمان ڏانهن وڃي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي بعد مخصوص سيٽن جي ورهاست ٻيهر ٿي آهي، جنهن سان قومي اسيمبلي ۾ پارٽين جي طاقت جو توازن بدلجي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) کي وڌيڪ 14 مخصوص سيٽون ملڻ جون اميدون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 3 سيٽون ملڻيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جون 217 سيٽون آهن. ن ليگ جون 14 مخصوص سيٽون ملائي 125، پيپلزپارٽي وٽ مخصوص سيٽون ملائي 75 سيٽون هونديون. اتحادين سميت مسلم ليگ (ن) وٽ 161 سيٽون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي الڳ ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) کي رڳو 8 ايم اين ايز جي ضرورت پوندي. آزاد ميمبرن کي پاڻ سان گڏائڻ سولو نه هوندو پر ناممڪن به ناهي. ماڻهو پي ٽي آءِ مان مايوس ٿي پارٽي کي ڇڏي سگهن ٿا. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبرن تي 9 مئي وارا ڪيس منطقي انجام تي پهتا ۽ انهن جي نااهلي جا فيصلا آيا ته انهن جي سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون، جتي مسلم ليگ (ن) کي وڌيڪ سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي لاءِ حڪومت ۾ رهڻ جو جواز گهٽجي ويندو ۽ هو اپوزيشن ۾ وڃي سگهن ٿا. ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي، جتي مسلم ليگ (ن) حڪومت ۾ ۽ پيپلز پارٽي مضبوط يا ذميوار اپوزيشن جي حيثيت سان سامهون اچي سگهي ٿي. اهي به امڪان هوندا ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ۽ اپوزيشن تحت معاملا اڳتي به وڌائي سگهن ٿا، جتي هو گڏجي آئيني ترميم ڪري سگهندا. پيپلزپارٽي ۾ هاڻي مان نه مڃان واري ڳالهه ناهي، ن ليگ به گهڻين ڳالهين مان سکي چڪي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان پي ٽي آءِ جي حمايت رکندڙ آزاد ايم اين اي چوڌري عثمان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي ٻن ايم ايل ايز فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي، انهن ۾ ايم ايل اي چوڌري رفيق ۽ جاويد بٽ شامل هئا. ان کان اڳ چوڌري الياس تنوير پ پ ۾ شامل ٿي چڪو هو، يعني اها شروعات آهي.
اياز بلوچ /تنگواني
يزيد کي شڪست ڏيندڙ بيبي زينب سلام الله عليها
عورت تاريخ ۾ مردن سان گڏ جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ گڏ گڏ رهي آهي پوءِ اها جدوجهد ۽ جستجو انفرادي هجي يا اجتماعي هجي، دنياوي هجي يا اخروي، هن ڪڏهن به مرد کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي. جڏهن ته خدا جي لاريب ڪتاب قرآن پاڪ جي سورة النساءَ ۾ عورت کي برابريءَ جي حوالي سان حق ڏنا ويا آهن ۽ عورتن سان سهڻو ۽ سٺو سلوڪ ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي. ڪربلا جي تاريخ ۾ بيبي زينب سلام الله عليها جو ڪردار روشن خياليءَ جو، سج وانگر چِٽو نظر اچي ٿو ۽ پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام سان مديني کان ڪربلا تائين قدم بقدم گڏ بيهي ”شريڪة الحسين“ جو اعزاز ماڻيو. ايتري تائين جو جڏهن حسين عليه السلام ڪربلا جي زمين خريد ڪن ٿا ته حضرت بيبي زينب سلام الله عليها پنهنجو اڌ حصو ڏيئي ان ملڪيت ۾ حصيدار بڻجن ٿيون۔ڪنهن شاعر چيو” حسين اڪ نهي، حسين ڏون هن“ يعني مديني کان مڪي ۽ ڪربلا تائين هڪ مولا حسين عه ۽ ڪربلا کان ڪوفي ۽ شام تائين بيبي زينب سه امام وارو ڪردار نڀايو.
حضرت بيبي زينب سه کي قرآن مجيد ۽ حديث تي عبور حاصل ھو ان ڪري کين عقيله بني ھاشم يعني ھاشمي خاندان جي عقلمند عورت سڏيو ويندو هو. حضرت امام حسين عه ڪربلا جو سفر اختيار ڪيو ته پاڻ نه رڳو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ رواني ٿي ۽ پنھنجن پٽن عون ۽ محمد کي به پاڻ سان گڏ وٺي ھلي. سندس ٻئي فرزند الله جي راهه ۾ قرباني وفاداري جو حق ادا ڪندي شھيد ٿي ويا. جڏھن ڪربلا جي واقعي ۾ حضرت امام حسين عه ۽ سندن وفادار ساٿي شھيد ٿي ويا ۽ شام غريبان برپا ٿي وئي. سادات جي خيمن کي باهيون ڏنيون ويون الله جي محبوب پيغمبر جي نياڻين ۽ ٻارن کي قيدي بڻائي مختلف شهرن جي رستن تان گشت ڪرايو ويو. يزيد جي ظلم ۽ استبداد جي مزاحمت ڪندڙ امام شهيد ٿي چڪا هئا. جيڪي صاحب ايمان هئا، انهن مان ڪن عبادتن جي نالي تي ويرانا وسائي غيرجانبداري ظاهر ڪئي ته ڪن وري “ڏاڍن سان الله پڄندو” چئي جان ڇڏائي. مطلب ته يزيدي رياست پنهنجي درٻاري ملن، عالمن ۽ فوجي طاقت جي مدد سان جيڪو فريبي ماحول جوڙيو هو ان کي ڪربلا جي ميدان تي امام حسين عه پنهنجي ساٿين سميت مقابلو ڪندي شهادت ماڻي پر يزيد ۽ سندس ٽولي جي اصليت کي وائکو ڪرڻ لاءِ بيبي زينب سه پنهنجي شجاعت ۽ استقامت جو جيڪو مظاهرو ڪيو اهو اڄ به تاريخ جو حصو آهي.
حضرت بيبي زينب بيوسيءَ ۽ خوف جي گھڙين ۾ حسيني قافلي ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن جو سھارو بڻي نه رڳو وڏي صبر ۽ سھپ کان ڪم ورتو پر لٽيل قافلي جي بھادري سان سرواڻي ڪندي يزيدي سوچ کي للڪاريندي واضع نموني سان پنھنجو پيغام دنيا وارن تائين پھچايو ته، نينوا جي برپٽ ۾ ماريل انسان باغي نه پر رسول پاڪ جو اولاد هئا پاڻ جرئت، شجاعت، صبر ۽ بردباريءَ سان ڪائنات جي سڀني مظلومن جي لاءِ آس ۽ اميد جو باعث بڻي. ڪربلا جي ڏکويلن جو قافلو جڏھن ڪوفي ۽ شام جي بازارن ۽ چونڪن تان ٿيندو يزيد ملعون جي درٻار ۾ پهتو ته حضرت بيبي زينب سه يزيد جي سامھون جيڪا تقرير ڪئي سندس بھادري ھمت ڏاھپ جو اعليٰ مثال آھي. سندس دليلن تي ٻڌل اھا پر وقار تقرير اڄ به تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. يزيد ظالم آڏو پاڻ بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي حق جو ڪلمو ادا ڪندي چيائين ته الله تعاليٰ جو قسم آءٌ الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن کان به نه ٿي ڊڄان. پر ھي جيڪو ٽڪو تو پنھنجي دامن تي لڳايو آھي اھو قيامت تائين نه ڌوپندو. نه رڳو ايترو پر هن بهادر سانئڻ يزيد جي دربار ۾ يزيد ۽ سندس سپاھين جي ڪيل ظلمن ۽ ڪارن ڪرتوتن کي بيان ڪندي ساڻس مخاطب ٿي ارشاد فرمايو: اي يزيد توکي جيترا حيلا ھلائڻا آھن ھلاءِ، جيترو زور لڳائڻو اٿئي لڳاء، جيتري طاقت اٿئي خرچ ڪر، الله (جي عظمت) جو قسم تون ڪڏھن به اسان جي ذڪر کي ختم ڪري نه سگھندين. ۽ ڪڏھن به اسان جي (خاندان تي نازل ٿيل) وحي کي مٽائي نه سگھندين.
بيبي زينب سلام الله عليها جو عقيدو ۽ ايمان ھو ته ظالم جي ظلم جي پردہ پوشي ڪرڻ به ظلم برابر آھي ان ڪري جڏھن ڪوفي وارا رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي خاندان جي بي وطني تي ڳوڙها ڳاڙي رهيا ھئا ته کين مخاطب ٿي فرمايو ”ڪوفي واسيو، توهان الله ۽ ان جي رسول سان غداري ڪئي آهي، توهان رسول سان ڪيل عهد جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. توهان حق ۽ باطل جي وچ ۾ موجود ليڪو لتاڙي خدا ۽ رسول سان جنگ جو اعلان ڪيو آهي. توهان نبيءَ جي اولاد جو رت وهائي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو آسمانن کي ڦاڙي ڇڏيندڙ، جبلن کي اڏائيندڙ ۽ ڌرتيءَ کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندڙ آهي. الله توهان کان ان جو پورو پورو پلاند وٺندو”۔ بيبي زينب سه جڏهن ڪربلا ۾ پيش آيل واقعن جو پسمنظر ۽ پيشمنظر بيان ڪيو ته ڪوفي سڏڪا ڀري روئي ويٺا.
ائين ڪربلا جي اسيرن کي جڏهن يزيد جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو ته يزيد لعين امام حسين عه جي سر مبارڪ کي ڏسي پنهنجي خاندان جي انهن وڏڙن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي جنگ بدر ۾ مسلمانن ۽ خاص ڪري حضرت علي عه جي هٿان مارجي ويا هئا. يزيد هنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته: “اچو ۽ ڏسو ته مون ڪيئن نه بنو هاشم کان توهان جو پلاند ڪيو آهي.” يزيد امام حسين جي سر مبارڪ جي ويجهو وڃي هٿ ۾ جهليل لٺ امام جي ڏندن ۾ هڻندي قران جي اها آيت پڙهي: “تعز من تشاءَ وتذل من تشاءَ” يعني الله جنهن کي چاهي عزت ڏئي، جنهن کي چاهي ذلت ڏئي. يزيد جي هن جملي تي درٻار ۾ موجود بيبي زينب سه ڀڙڪو کائي اٿي ۽ اهو مدلل ۽ تاريخي خطاب ڪيو، جنهن يزيد جي تڪبر ۽ غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڻ فرمايو: ”سموريون تعريفون ان الله لاءِ آهن، جيڪو عالمن جو پروردگار آهي. اي يزيد ملعون، ڇا تون اسان کي قيد ڪري اهو سمجهين ٿو ته تو اسان جي مٿان زمين ۽ آسمان تنگ ڪري ڇڏيا آهن. اسان کي قيد ڪرائي ۽ بازارن ۾ گهمائي ڇا تون اهو گمان پيو ڪرين ته تنهنجي ان عمل سان اسان خدا جي بارگاهه ۾ رسوا ٿيا آهيون ۽ اهو ڪم ڪري تو الله جي آڏو وڏي عزت ڪمائي ورتي آهي؟ ڇا تو پنهنجي ان عمل سان الله جي نظر ۾ واقعي ايڏو مرتبو ماڻي ورتو آهي، جو تڪبر ۽ غرور وچان تنهنجيون ناسون ڦونڊجي ويون آهن؟ ڇا توکان قران جي اها آيت وسري وئي، جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”ڪفر ۽ بي ديني جي ميدان ۾ قدم رکندڙ اهو گمان نه ڪن ته اسان هنن کي جيڪا ڍر ڏني آهي، اها سندن فائدي ۾ آهي. پر هنن کي اها ڍر ان ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن هنن کي گناهه ڪرڻ جي وڌيڪ مهلت ملي ۽ هنن لاءِ ذليل ڪندڙ هڪ عذاب تيار ڪيو ويو آهي“.
”اي اسان جي وڏڙن پاران آزاد ڪيل غلامن جا پٽ، ڇا اهو انصاف آهي ته تو پنهنجي عورتن کي ته پردي ۾ ويهاريو آهي پر رسول الله جي نياڻين کي نامحرمن جي وچ ۾ قيدي بڻائي رکيو آهي ۽ هنن جو پردو تار تار ڪيو آهي؟ پر اهڙي شخص کان مهرباني جي اميد به ڪيئن ٿي ڪري سگهجي، جنهن جي وڏڙن اسلام جي پاڪيزه شهيدن جا جگر ڪڍي چٻاڙيا هجن!! تون ان مولا حسين عه جي ڏندن تي لٺ ٿو هڻين، جيڪو جنت جي نوجوانن جو سردار آهي؟ ان محمد ۽ سندس خاندان جو رت ٿو وهائين، جنهن تي خدا پاڻ درود پـڙهندو آهي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن کي سڏ ٿو ڪرين ۽ گمان ٿو ڪرين ته هو توکي ڪو جواب ڏيندا، جڏهن ته تون پاڻ جلد هنن سان گڏ ٿيڻ وارو آهين. يزيد تو پنهنجي لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن تنهنجي کل اڊيڙي ويندي. ظلم ڪندڙن تي الله جي لعنت هجي“ ۔
اعجاز ممنائي/نوشھرو فيروز
عوامي احتجاج حڪومتن لاءِ مٿي جو سور ضرور آھن
ڏٺو وڃي ته ملڪي سياست ۾ هر لمحي اها رسم رهي آھي پر گذريل ويهارو سالن کان ڏسون پيا ته ملڪي عوام جڏهن به پنهنجي حقن لاء روڊن تي آيو آهي پوءِ مسنگ پرسن جو اشو هجي، چورين، ڦرن جا واقعا هجن، اغوائن سميت ڪافي اشوئن تي عوام حق گهرڻ لاءِ جڏهن به روڊن تي آيو آھي ان وقت سياسي ڌريون پنهنجي سياسي چالبازين وسيلي ڪنهن به طرح سان ان اشو کي جهڪو ڪرائڻ لاء ھر حربو استعمال ڪنديون رهنديون آهن. سنڌ ۾ پاڻي واري اشو سميت ڪافي جڳهن تي عوام جي احتجاج کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪري تشدد ڪري گرفتاريون ڪري ڪال ڪوٺڙين حوالي ڪيا ويا آهن. اهو عمل سندن اڳتي لاءِ پريشاني جو سبب ضرور بڻبو.
تازو سنڌ جي سرڪاري ملازمن ۽ استادن کي سندن تنظيمي صلاح مشوري کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم ھائوس تائين پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرڻ واري ڪال تي سنڌ جا هزارين سرڪاري ملازم ڪراچي پهتا هيا. مٿن جيڪا بزدلاڻي حرڪت ڪري صوبائي حڪومت پنهنجي روايت کي برقرار رکي سخت تشدد ڪيو، لاٺي چارج ڪري گندي پاڻي سان استادن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ٽارچر ڪيو ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آنديون،
جنهن سان استادن سميت سنڌ واسين ۾ ڪاوڙ واري لهر ڇانئيل آهي. بعد ۾ معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير ناصر شاه سميت ڪجهه قيادت کي ڳالهين وسيلي احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ اماڻيو ويو. ٻٻرلي ڌرڻي جيان وري به استادن سميت سنڌ واسين کي لولي پاپ ڏنو ويو ته جلد توهان جو مسئلو حل ڪيو ويندو
جنهن سان نتيجو اهو نڪتو ته ڏهين محرم کان پوءِ وري به سرڪاري ملازمن احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني معاملو حل نه ڪرڻ جي صورت ۾. ڪيڏي نه شرمندگي جي ڳاله آھي جو جنهن استاد محنت ٻار کي پڙھايو ۽ بعد ۾ انهن ئي شاگردن هٿان استادن تي تشدد ڪرايو ويو. احتجاج هر پاڪستاني جو بنيادي حق آھي. اسان جون همدردون معزز استادن سان گڏ آھن. اسان صوبائي حڪومت جي وس وارن کي آگاهي ڏيون ٿا ته پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي ويٺل سنڌ واسين سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سندن پگهارن ۾ شيڊول مطابق اضافو ۽ الائونس ڏنا وڃن. اسان جو مطالبو آھي ته استادن سميت سمورن سرڪاري ملازن جا جائز مسئلا حل ڪري استادن کي حق ڏنا وڃن.
وطن جي ڪوئي وجود ۾ ڄڻ سمنڊ جو طوفان ڇُلي رهيو آ
ٻڏڻ تي آهن اوهان جا ٻيڙا اوهان جو ساحل لڏي رهيو آ
طاقتن جي انڌن ڪُميتن مٿان سواري ڪا دير ناهي
لغام ۾ ناهن هٿ اوهان جا رقاب ۾ يار پير ناهي
اوهان جون اکيون انگن ۾ آهن ڏسو هي ماڻهو لکن ۾ آهن
حساب چڪتو ڪري وٺڻ لاءِ پنهوار سارا پٽن ۾ آهن
هي رات ڪاري لڙي ٿي هاڻي اچي ٿو يوم حساب ويجهو…
قيامتن جي گهڙي به ويجهي اوهان لاءِ آيو عذاب ويجهو……(مير حسن آريسر)
عبدالغني ”عبد“ آريسر
شھيد ڪربلا امام حسين رضي الله عنھ جي اھل بيت سميت لازوال قرباني !!!!!!!!!!!!
ڪربلا جي واقعي ۾ ايندڙ نسلن سميت اسان سڀني لاءِ ھزارين عبرتون ۽ حڪمتون لڪل آهن. ائين ٿيو جو ڪوفي وارن امام حسين عليه السلام ڏانهن خلافت ۽ حڪومت بابت خط لکي خوب تلقين ڪندا رھيا ۽خط مٿان خط لکندا رهيا ته اوھان اچو ۽اسان جو ساٿ ڏيو پوءِ امام حسين عليه السلام وڃڻ جون تياريون ڪيون ڇو ته امير معاويا جي وفات کانپوء يزيد حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته ھن اسلامي طرز تي حڪومت ھلائڻ بجاءِ بادشاهت جو نظام لاڳو ڪريڻڇڏيو جيڪا ڳالهه امام حسين عليه کي ناگوار لڳي ۽ پاڻ پنهنجي چاچي جي پٽ مسلم بن عقيل کي ڪوفي وارن سان بيعت لاء روانو ڪيو ۽ پاڻ به روانا ٿيا. حضرت ابن عباس چيو ته توهان جي خدا شل حفاظت ڪري توهان اھڙن ماڻهن ڏي ٿا وڃو جن پنهنجي امير کي به بي ھٿيار ڪيو آهي ۽ ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ يزيدي ٽولا ظلم وستم ڪن پيا مان سمجهان ٿو ته ڪٿي اوھان کي ڌوڪو نه ڏين ۽ ھو دشمنن جي طاقت ڏسن ته توهان سان توهان جا ساٿي خود جنگ نه ڪن پر امام عليه السلام انهن ڳالهين کان متاثر نه ٿيا ۽ ارادي تي پڪا رھيا جڏهن روانگي جو وقت آيو ته وري ابن عباس چوڻ لڳو ته اي منهنجا سوٽ مان خاموش نه ٿو رهي سگهان مان رستي ۾ اوھان جي بربادي ڏسي رهيو آهيان ۽ عراق وارا وڏا دغاباز آهن پر اوھا نه ٿا سمجهو پوءِ عورتن ۽ ٻارن کي گڏ نه وٺي وڃو. حضرت عبد الله بن جعفر خط لکي امام حسين کي چيو ته ان ارادي کان مڙي وڃو جيڪڏن پيارا حسين عليه رستي ۾ شھيد ٿي ويا ته زمين تان نور ختم ٿي ويندو مان اچان پيو ٿورو ترسجو پر امام حسين عليه چيو ته پڪو ازم ڪري چڪو آھيان آخرڪار پاڻ روانا ٿي ويا پاڻ جڏهن زردوھ نالي ھنڌ تي پھتا ته اھا خبر ملي ته مسلم بن عقيل کي يزيد جي گورنر قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪوفي وارن جي مٿي تي جونءِ به نه چري امام حسين عليه جي ڪجهه ساٿين چيو ته اڃا به وقت آهي اھل بيت جي معامري ۾ خدا جي واسطي واپس ھلو پاڻ خاموش رھيا ۽ واپسي تي به غور ڪرڻ لڳا ته ايتري ۾ شھيد مسلم بن عقيل جا عزيز اٿي بيٺا ۽ چيائون ته و الله اسان ھرگز نه موٽنداسين ۽ اسان پنهنجي عزيز جو بدلو وٺنداسين ان بعد حضرت امام عليه پنهنجي دوستن ۽ رفيقن کي چيو ته جنهن کي واپس ٿيڻو آهي ان کي منهنجي اجازت آهي ڪجهه بدوي واپس ويا باقي رھيا جيڪي مڪي شريف کان گڏ آيا هئا ان کان پوء ھڪ جاء تي پھتا جتي حر بن يزيد ھڪ ھزار سوارن سان اچي حضرت امام سڳوري ۽ ساٿين جو گھيرو ڪيو ظھر ۽ عصر جون نمازون حر بن يزيد ساڻن پويان پڙھيون. ان کانپوءِ امام حسين عليه السلام خطبي ۾ حمد ثناء بعد فرمايو ته اي انسانو حق کي جيڪر سڃاڻو ٿا ته الله کان ڊڄو ۽ حق وارن جو حق سڃاڻو اسين اھل بيت جي ھن خلافت جي لاءِ انهن ماڻهن جا وڌيڪ حقدار آھيون آخر ۾ يزيدي لشڪر چوڌاري گھيرو ڪيو ۽ معصوم ٻارن کي شھيد ڪيو ويو !!!!!_حضرت امام حسين عليه السلام يزيدين کي چيو ته مون کي 2 رڪعتون نماز جي مھلت ڏيو جنهن کانپوءِ امام حسين عليه السلام جن کي به نماز دوران شھيد ڪيو ويو. چند سالن بعد جن امامن کي شھيد ڪيو ھو انهن سمورن يزيدي ساٿين کي ڳولي ڳولي خوفناڪ حالت ۾ ماري ختم ڪيو ويو
وفا ولي محمد ڦل/ ڦل شھر
غوث بخش خان مهر
سنڌ ۾ نالي واري مشهور سياسي ۽ سردار شخصيت الحاج سردار غوث بخّش خان مهر 27 آڪٽوبر 1945ع شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ڏٺو وڃي ته سردار غوث بخّش خان مهر جي شخصيت ۽ سياست ان جي خانداني ۽ سرداري آڌارن تي ٻڌل تعليم يافته مڪمل شخصيت رهي آهي جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هر ان معاملي ۽ مسئلي لحاظ کان توڙي ذات پات ۽ راڄوڻي معاملن توڙي سياسي معاملن ۾ ڪارائتي ۽ ڪامياب رهندي آئي آهي جنهن جا مثال ان جا مد مقابل سردار ۽ سياسي شخصيتون توڙي مخالف بہ ڏيندا آهن جنهن شڪارپور ضلعي اندر مهر جهڙي مضبوط ۽ طاقتور برادري جي سردار ناتي وڏي ۾ وڏا معاملا، تڪرار، جهيڙا جهٽا اهڙا نبيريا جنهن سبب هو پنهنجو پاڻ مهرن وٽ سرخرو رهڻ سان گڏ دوست سردارن کي ويهاري ذاتي سرپئچي هيٺ علائقن اندر امن امان بحالي لاءِ اهڙو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو جنهن سبب جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ ٺاپر ٿيڻ بعد امن بحال ٿيو. خاص ڪري شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، غوث پور، خيرپور، سانگهڙ، بدين، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي تائين وڏن وڏن معاملن نبيرڻ ۽ فيصلن وغيره ڪرڻ ڪرائڻ واسطي الحاج سردار صاحب پيش پيش رهندو آهي. جنهن هميشه ٻين ذاتين وٽ وڏو مان لهي پاڻ مڃرايو. هن پنهنجي سياسي شروعات صوبائي سيٽ پي ايس 07 سکر تان 1977ع ۾ ميمبر طور چونڊجي ڪئي جنهن بعد ان چونڊن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪاميابي ماڻي. بعد ۾ 2002ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبلي سيٽ تي سردار واحد بخش ڀيو کي هارائي چونڊجي وفاقي وزير ريلوي به رهيو. هن هميشه پنهنجي مد مقابل کي شڪست ڏئي سوڀ حاصل ڪئي جيڪو چار ڀيرا قومي تڪ تي چونڊ کٽي ميمبر رهيو. 2024ع وارين چونڊن ۾ ان جو فرزند شهريار خان مهر سندس جاءِ تي ايم اين اي آهي ۽ ٻيو فرزند سردار عارف خان مهر سابق ضلع ناظم شڪارپور پي ايس 10 تان صوبائي سيٽ تي چونڊجي سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر آهي .
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل