حضرت عمر فاروق جو عدل و انصاف تي مبني دور
الله تعاليٰ جي پياري محبوب حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جا صحابه اڪرام اهي نفوسِ قدسيه آهن جن مديني واري شهنشاهه صلي الله عليه وسلم جي رخ روشن سان پنهنجي اکين کي ٿڌو ڪيو. سيدنا فاروق اعظم رضي الله عنه مرادِ رسول الله هئا. جن جو قلب انوار الاهيءَ سان روشن هو. شمع رسالت مان روشني وٺڻ بعد اهي خود به منبع نور و هدايت (روشني و هدايت جا سرچشمه) بڻجي ويا هئا. سندن جرائت، بهادري، عاجزي، سادگي، همت، مردانگي، بلند حوصلو، استقامت، ديانت و امانت، ذهانت، خشيت ( توبهه و خوف خدا) جا مثال تاريخ جي صفحن تي ائين چمڪي رهيا آهن جو انهن کي ڏسڻ سان اکيون روشن ٿي رهيون آهن. حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنه مڪي پاڪ ۾ عام الفيل جي تيرهين سال بعد پيدا ٿيا اهڙي طرح تاريخ پيدائش 583 عيسوي تقريبن 41 سال قبل هجرت آهن. اهڙي طرح حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه کان عمر ۾ تقريبن ڏهه سال ننڍا ۽ پياري آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان تقريبن تيرهن سال ننڍا ٿيا. پياري آقا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ؛ ابوبڪر منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ نرم ۽ رحمدل ۽ عمر بن خطاب منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارو ۽ عثمان غني منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ باحيا ۽ عزت دار جڏهن ته علي بن ابي طالب منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ عقل مند ۽ سڀ کان وڌيڪ بهادر آهي. حضرت عمر فاروق اهي آهن جن کي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ گهريو هو، اهو عمر فاروق اعظم رصي الله عنه جنهن 22 لک مربعه ميل تي اسلام جا جهنڊا بلند ڪرايا، جنهن لاءِ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ” جيڪڏهن مون کانپوءِ ڪو نبي هجي ها ته اهو عمر فاروق هجي ها، حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم جو اهو شان آهي جو جنهن کي شيطان ڏسي پنهنجو رستو بدلائي ڇڏيندو هو. اميرالمومنين عمر فاروق اعظم رضي الله عنه دعا ڪندا هئا ته اي الله مونکي شهادت جو موت نصيب ڪر ۽ منهنجو موت پنهنجي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شهر ۾ مقدر فرماءِ ، الله تعاليٰ مديني ۾ ئي کين شهادت عطا ڪندي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي قدمن ۾ هميشه جي لاءِ آرام فرمائڻ جي سعادت نصيب ڪري ڇڏي، جتي روزانو صبح شام 70 ، 70 هزار فرشتا درود و سلام پڙهندا رهن ٿا جو انهن فرشتن کي وري قيامت تائين اها نعمت عظمه نٿي نصيب ٿئي. اميرالمومنين سيدنا عمر فاروق اعظم رضي الله عنه فرمايو ته: تقويٰ کان بغير عقل ڪامل نه ملي سگهندو. علم کان بغير فضيلت نٿي ملي سگهي. خوف خدا کان بغير ڪاميابي ناممڪن آهي. انصاف کان بغير بادشاهت درست ناهي. ادب کان بغير حسب درست ناهي ٿي سگهندو. امن کان بغير خوشي درست نه ٿي سگهندي. مالداري بغير سخاوت جي درست نه ٿي سگهندي. قناعت کان بغير فقر درست نه ٿي سگهندو. عاجزي کان سواءِ بلندي درست نه ٿي سگهندي. توفيق کان بغير جهاد درست نه ٿي سگهندو. جيڪو زياده کلندو انهيءَ جي هيبت گهٽجي ويندي. جيڪو زياده مذاق ڪري ٿو ماڻهن جي ويجهو اهو حقير ٿي ويندو آهي. جنهن جو حيا گهٽجي وڃي انهيءَ جي تقويٰ گهٽجي ويندي آهي.
عبدالفتاح عباسي
معاف ڪرڻ جي طاقت – دل جي آزاديءَ جو نالو
معاف ڪرڻ، رڳو هڪ عمل نه، پر روح جي آزاديءَ جو نالو آهي. اڪثر اسان سمجهون ٿا ته جيڪو غلط ڪري، سو سزا جو حقدار آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن معافي ئي اها سزا آهي، جيڪا پنهنجي خاموشيءَ سان اڳتي وڌڻ سيکاري ٿي. زندگيءَ ۾ اهڙا لمحا ضرور ايندا آهن، جتي ڪنهن جي لفظن، عملن يا خاموشيءَ دل تي زخم ڇڏيو هوندو. اتي ٻه رستا هوندا آهن: يا ته بدلي جي باهه ۾ سڙبو، يا معافيءَ جي پاڻي سان دل کي صاف ڪبو. ڇو معاف ڪجي؟ ڇو ته معاف ڪرڻ پاڻ لاءِ آهي، نه ته ٻئي لاءِ. ڇو ته دل ساڙ سان نه، بلڪه سڪون سان جيئڻ چاهي ٿي. ڇو ته ساڻا رستا صرف “دل صاف” ماڻهن لاءِ کُلندا آهن. معاف ڪرڻ جي حقيقت: معاف ڪرڻ جو مطلب وسارڻ ناهي، معاف ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته تون هاڻي ان تڪليف کي پاڻ تي حاوي نه ٿيڻ ڏيندين. اهو عمل ته اڃا ياد آهي، پر ان جي تڪليف نه، اهو نالو ته اڃا ياد آهي، پر ان لاءِ خفگي نه. اهو ئي معاف ڪرڻ آهي. اندر جي روشني، جيڪا تون پاڻ لاءِ ٻاري ٿو ڇڏين. معاف ڪرڻ جي طاقت ڇا سکيائي ٿي؟ صبر- انسانيت- نفس تي قابو- حقيقت جي سڃاڻ ۽ دل جي آزادي “جنهن معاف ڪرڻ سکيو، تنهن جي اندر ۾ وڏائي نه، پر وسعت آهي.” ۽ جنهن جي دل وسيع ٿي وئي، سو زندگيءَ کي ساھ سان نه، سڪون سان جيئڻ شروع ڪري ٿو.
راھي راشد صديق
ميھڙ جو ٿيٻا روڊ ڪڏھن جڙي راس ٿيندو!!!
ھڪ طرف سنڌ ۾ مھانگائي، بک، بيروزگاري، وياج جي وبا، رشوت، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ،سماجي اڻبرابري، منشيات، جوا، اسمگلنگ، قتل، قبائلي تڪرار، ذاتي پراڻي دشمني، سڱاوتي زميني تڪرار، اغوا براءِ تاوان، ڦرون، چوريون، ڌاڙا، ڀنگ، بد امني،خود ڪشي جو وڌندڙ رجحان، ننڍن ٻارن عورتن ۽ نياڻين سان بدفعلي ۽ تشدد، ناانصافيون ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ۽ زيادتيون ۽ سماجي برايون تمام گھڻو وڌي ويون آھن. اھي ڏک ۽ برايون ۽ تڪليفون معاشري ۾ ھڪ وڏو ناسور بڻجي وڻ ويڙهيءَ جيان سنڌ ۽ غريب ماڻھن کي ھر طرف کان وڪوڙي ويون آھن. ته وري ٻئي طرف پاڻي، بجلي، گئس، سيوريج، تعليم،صحت، صفائي، روڊن ۽ اسڪولن جي تعمير ۽ زندگيءَ جي ٻين تمام تر بنيادي سھولتن ۽ ترقياتي ڪمن کان اڄ به سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ شھر وانجهيل آھن. سنڌ جي اھڙن ئي بنيادي سهولتن ۽ ترقياتي ڪمن کان محروم شھرن ۽ ڳوٺن مان دادو ضلعي جو تعلقو ميھڙ به آھي. جيڪو سدائين نظر انداز رھيو آھي ۽ ڪنھن به دؤر حڪومت جي وزير مشير يا چونڊيل نمائندن تعلقي ميهڙ طرف اڄ ڏينهن تائين ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آھي. پاڻي ۽ بجلي جو اڳوڻو وفاقي وزيرلياقت علي خان جتوئي، سابقه ۽ موجوده MPA فياض علي خان ٻٽ، MNA ظفر علي لغاري ۽ شھر جا ٻيا ڪيترائي بااثر، زميندار، سردار، جاگيردار ۽ نالي وارا سياسي سماجي ماڻھو ميھڙ ۽ هن تڪ جا رھواسي آھن. ان باوجود به ھن شھر جي حالت بنيادي سهولتن ۽ امن امان جي حوالي سان ڏاڍي خراب آھي. هتي چوريون، ڦرون ۽ منشيات جو آزار وڌي ويو آهي. صفائي نالي ھن شھر ۾ ڪا شيءِ ئي ناھي ۽ ميونسپل انتظاميه اگهور ننڊ پيل آهي. ميھڙ شھر جي وچ مان ٻن حصن ۾ پاڻي جو ھڪ وڏو پراڻو ڪڪول واھه گذري ٿو. جنھن مان راھي پوکي لاءِ غريب آباد گارن ۽ جانورن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو. ھن شھر ميھڙ کي سيوريج ۽ نيڪاسي جو نظام نه ھجڻ ڪري پوري شھر جو سڄو ڪن ڪچرو گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي ڪڪول واھه ۾ اڇليو ۽ نيڪال ڪيو وڃي ٿو. جنھن ڪري سانوڻي مند ۾ ڪڪول واھه گندي واهه جو ڏيک ڏيندو آھي. صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ ميھڙ شھر جا ماڻھو سڪي رھيا آھن. ٿيٻا روڊ جي حالت تمام گھڻي خراب آھي. سال کان به مٿي عرصو گذري وڃڻ باوجود ھي روڊ اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي. سيوريج نظام نه ھئڻ ڪري پوري روڊ تي ھر وقت شھر ۽ ڪالونين جو گندو پاڻي بيٺل آھي. ميهڙ شهر ۾ هڪ ڪورٽ سڳوري ۽ وڏا جج، وڪيل، مختيار ڪار، پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنئير، سيڪشن اي ۽ سيڪشن بي پوليس اسٽيشن، ھڪ وڏي سرڪاري اسپتال، وڏا وڏا ڊيلر ۽ واپاري، ڪاروباري شخصيتون، سڃاڻ شھري، وڏيرا ۽ ٻيا وڏا امير ترين ماڻھو موجود آھن. جيڪي شھر جي خراب حالت ۽ ماڻھن جي اھڙي بيوسي تي الائي ڇو چپ آھن. روڊ سان برف ۽ سارين جا ڪارخانا، ماربل فيڪٽري، اٽي جون چڪيون، پاڻي جا تلاءِ، ريتي بجري جا ڊيلر، سرن جون بٺيون، جرنل ميڊيڪل اسٽور اسپتالون ۽ دڪان، شادي حال، مال جا وٿاڻ، اسٽيٽ ايجنسي، پلاٽ، ٻنيون ڪالونيون وغيره موجود آھن. جنھن ڪري ھن روڊ سان ھر وقت ٽريفڪ ۽ ماڻھن جي رش ھوندي آھي. ھڙتال يا ڪنھن به ھنگامي صورت ۾ ميھڙ انڊس هاءِ وي بند ٿيڻ ڪري لاڙڪاڻي ڪراچيءَ ۽ پشاور کان ايندڙ ويندڙ وڏيون ھيوي گاڏيون ڪوچون، ڪنٽينر، ٽرالر ۽ ٻيون سواريون ھن ٿيٻا روڊ باءِ پاس وٽان گذرنديون آھن. قھر جي گرمي ۽ جبل جيڏو گرم ترين سخت ڏينهن، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، پاڻي جي شديد کوٽ، غذائي قلت، مھانگائي ۽ بي روزگاري، ناقص سيوريج نظام،نه روڊ نه رستا نه صفائي ۽ نڪي وري ڪي ٻيا ترقياتي ڪم مٿان وري ٽول ٽئڪس کاڌي پيتي ۽ استعمال جي تمام شين تي حڪومت پاران ڳرن ٽيڪسن ۽ بلن ۾ اضافي چارجز عوام کي گھڻو مجبور ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ميھڙ جي چونڊيل نمائندن، بالا آفيسرن وس وارن ۽ اعلى اختيارين کي گذارش آھي ته مھرباني ڪري ميھڙ جي ٿيٻا روڊ جي اسڪيم منظور ڪرائي ڏني وڃي ان سان گڏ گٽرن، نالين ۽ شھر جو گندو پاڻي نيڪال ڪري روڊ جي صفائي سٿرائي جو ڪم جلد شروع ڪري عوام جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ته جيئن آمد رفت، ھتان جا ماڻھو رھواسي ۽ شھري آرام سان گذري سگھن ۽ سڪون سان پنھنجو ڪم ڪار ۽ روزگار ڪري سگهن.
زاھد ابڙو
انڪم سپورٽ پروگرام مان ناجائز ڪٽوتي
سنڌ جي مختلف ضلعن مان شڪايتون ملي رهيون آهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن کي ملندڙ مالي امداد مان ناجائز ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جيڪا 1000 کان 1500 رپين تائين آهي. هي عمل غريب ۽ ضرورتمند عورتن سان وڏي ناانصافي جي برابر آهي، جتي بيواهون، يتيم ٻارن جون مائرون ۽ محتاج عورتون پنھنجي مدد لاءِ آيل رقم مان به محروم ٿي رهيون آهن. وس وارن کي پرزور اپيل ڪئي وئي آهي ته:1. فوري طور تي ان عمل جي جاچ شروع ڪئي وڃي. 2. ناجائز ڪٽوتي ڪندڙن کي سڃاڻي، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. 3. متاثر عورتن کي مڪمل رقم جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي. 4. رقم جي ورڇ واري نظام ۾ شفافيت آندي وڃي، جيئن ڪرپشن جو خاتمو ٿئي. وقت آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائيندي، انهن ماڻهن کي بچاءُ فراهم ڪري، جن لاءِ هي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جيڪڏهن اڄ خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اهو ظلم وڌندو رهندو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي عوام جو اعتماد مڪمل طور ختم ٿي ويندو.
وقار مڱريو/ خيرپور ميرس
هڪ چٺي رميش لال ميمبر پارلياماني ڪاميٽي جي نانءُ
محترم رميش لال صاحب، معزز ميمبر، پارلياماني ڪميٽي، اسلام آباد. اميد ته اوهان خيريت سان هوندا. سائين، احترام سان عرض آهي ته سکر ڊويزن کان شاهنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن،لاڙڪاڻو جنڪشن ۽ ڪوٽڙي تائين هلندڙ واحد ريگيولر ٽرين موهن جو دڙو ايڪسپريس جيڪا اڳ روزانه بنياد تي اپ ۽ ڊائون ٻنهي رخن تي هلندي هئي، هاڻ ان کي هر ٻي ڏينهن هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو لاڙڪاڻو، نئون ديرو سميت آس پاس جي لکين مسافرن لاءِ وڏي تڪليف جو سبب بڻجي رهيو آهي. هاڻ وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته محرم الحرام تائين ان ٽرين کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جيڪا هن علائقي جي ماڻهن لاءِ سراسر ناانصافي آهي. سائين، هڪ طرف ريلوي هيڊ آفيس لاهور پاران سنڌ لاءِ ڪوچز جي کوٽ جا جواز پيش ڪيا پيا وڃن، ته ٻئي طرف پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ روزانه بنياد تي نيون ٽرينون هلايون پيون وڃن. ائين لڳي ٿو ته سنڌ جي مسافرن سان ٻٽو معيار اختيار ڪيو ويو آهي. نئون ديرو جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آبائي شهر آهي، اتي قائم شاهنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن، نه رڳو تاريخي اهميت رکي ٿي پر اڄ به چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جو اليڪشن تڪ آهي. ان کان علاوه، نئون ديرو صدارتي ڪيمپ هائوس پڻ هتي موجود آهي، جنهن ڪري هن علائقي کي حڪومتي سطح تي خاص مقام حاصل آهي. سائين، اوهان کي گذارش آهي ته هن اهم ۽ عوامي مسئلي تي توجه ڏيو. هتي جي ماڻهن ڪورونا جي وبا کانپوءِ ريلوي سروس جي بحالي لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جدوجهد ڪئي آهي. هاڻ اوهان جو اخلاقي ۽ آئيني فرض بڻجي ٿو ته هن بنيادي سهولت جي بندش خلاف نه صرف آواز اٿاريو، پر ان کي روزاني اپ ۽ ڊائون سروس سميت مستقل بنيادن تي بحال ڪرائڻ لاءِ ريلوي وزارت سان سنجيدگي سان رابطو ڪريو.
ارشاد علي ميراڻي/نئون ديرو
موبائل سان لڄ وئي لوئي به وئي
ھن معاشري ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان گھڻا فائدا ته گھڻي قدر نقصان به پهتا آهن. جيتوڻيڪ تعليم پرائي ڄڻ اسان آزاديءَ جي طرف نڪري چڪا ھجون، شھر ھجي توڙي ٻھراڙي اميري ھجي کڻي غريبي جيئن اکين کان محروم انسان پنھنجي نظر جي علاج ڪرائڻ کانپوءِ سڄو ٿي پنھنجي خوشيءَ جو اظهار ڪري دنيا کي ٻڌائڻ چاھي ٿو ته مان ھاڻي انڌو نه پر سڄو آھيان ۽ ھاڻي منھنجون اکيون آهن ڏسي سگھان ٿو، انھيءَ طرح موبائل فون به اڄڪلهه عام ٿي چڪي آهي ۽ ان کي سھي يا غلط استعمال ڪرڻ اسان جي مرضيءَ مطابق ٿي چڪو آهي انھيءَ بابت ڪجهه ڄاڻ اوھان تائين پهچائڻ پئي چاھيم. اوھان اڄ کان ڪجهه عرصو پھرين ڏٺو ھوندو يا اخبارن ۾ شايع ٿيل ڪو قسم نامو پڙھيو ھوندو ته مان پنھنجي رضا خوشيءَ سان ھن شخص سان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي ۽ هاڻ مون کي پنھنجي گھر وارن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي انھيءَ طرح جواني، جوڀن ۽ ٻالڪپڻ موت مثال آهي جنھن ۾ عزت، ذلت ۽ ننڍ وڏائيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي ايتري قدر جو ماءُ ۽ پيءُ جو به ڪنھن کي خيال ئي ناهي ڇاڪاڻ ته موبائل فون مان نڪرڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي. ڇوڪرا ڇوڪرين ۾ ۽ ڇوڪريون ڇوڪرن ۾ ايتري قدر ھٿيڪيون ۽ ڄار ۾ ڦاسي چڪيون آهن جو ڪنھن خاندان جي فضيلت ۽ عزت جو خيال ئي ناھي رھيو. ڪجهه عرصو پھريان جي ڳالهه ڪجي ته موبائل فون نه ھجڻ ڪري ڪجھه اهڙا سنگين واقعا ٻڌڻ لاءِ گھٽ ملندا ھئا پر اڄ ڪلھه اھي روز جو معمول بڻيل آهن. واٽسپ، فيسبوڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام، ٽڪ ٽوڪ، گوگل توڙي يوسي برائوزر تي ڏسڻ لاءِ ۽ سمجھڻ لاءِ گھڻيون شيون موجود آهن. تنھن باوجود به اڄ ڪلھه جي پنجاھ فيصد نئين جنريشن جو اھو حال آھي جو چڱي ڏسڻ کان پاسيرو ۽ فحش ڏانهن گھڻو روان دوان آهي. انھيءَ سبب ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ انھن کي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻ لاءِ ايتري قدر جو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور يا نه ته نفسياتي طور انسان مفلوج ٿي پوندو آھي. جيڪو ھن معاشري ۾ ھلڻ جي قابل ناھي رھندو. ان جو ڪارڻ اھي والدين آھن جيڪي اولاد تي ۽ خاص طور نياڻين تي توجه گھٽ ڏيندا آھن. انھن سان پڻ اھڙو سلوڪ ٿيندو آهي جو ڪنھن کي منھن ڏيکارڻ جھڙا ناھن رھندا. سو منھنجي ننڍڙي گذارش آهي انھن والدين کي جيڪي اولاد کي موبائل فون ته وٺي ڏين ٿا پر انھيءَ جي استعمال بابت انھن کان پڇا ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا ته ٻيلي وس وارا بڻجو ۽ پنھنجي گھر پنھنجي خاندان جي بقا خاطر پنھنجي اولاد تي ڌيان ڏئي انھن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ انھن جي زندگيءَ کي گناھن جي ڌٻڻ کان محفوظ بڻايو.
اصغر مصطفيٰ پنھور/ بلال ڪالوني ڪورنگي ڪراچي
خيرپور ضلعي ۾ امن ڪير ڪرائيندو؟
ضلعو خيرپور بدامني جي باھ م ٻري رھيو آھي. قبائلي تڪرارن اھڙو ته ڪر کنيو آھي جو ڪنھن نه ڪنھن علائقي ۾ قبائلي تڪرارن ۾ ڳڀرو گولين جو کاڄ بڻجي ٿو. ضلعي خيرپور جو ھڪ علائقو ھجي ته ان نالو لکجي سمورو ضلعو قبائلي تڪرارن جي ورچڙھي ويو آھي. تازوئي خيرپور جي ڪنگري واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي ۾ 4 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا. ٻئي پاسي سينٽرل جيل جي اندر حاضري کان موٽندڙ قيدي پوليس وين مان لھي رھيا ھئا ته نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھاشم رند ٿڏي مارجي ويو ٻه ڄڻا زخمي پيا. ھتي ٿاڻا، جيل، ڪورٽ ڪچھريون سڀ غير محفوظ آھن. ھن وقت ڄڻ ته خيرپور ۾ قيامت جي گھڙي ويجھي پوندي پئي وڃي. ائين لڳي رھيو آھي ته ڄڻ تباھي جو سج نيزي پاند اچي بيٺو ھجي. ڪا ھڪڙي مصيبت آفت ۽ تباھي ھجي ته تنھن کي ٽارڻ جو بلو ڪجي ھر پاسي خودڪشيون ديده دليري واري رشوت خوري واري گرم بازار ڏينھن ۽ رات جي اٺن پھرن ۾ پل پل ڦرون، ڌاڙا، قبائلي قتلام، عام نياڻين جا ڪوس، ابھم ٻارڙن سان اجتماعي زنائون روز جو معمول بڻجي ويو آھي. پنھنجي ۽ پنھنجن ٻارن ٻچن ۽ عزيزن جي جانين عزتن جي آزادين جي مٿان خوف جي راڪاسن جو راڄ آھي. ھي بيرحم سفاڪ دور جا ڀوائتا منظر سامھون اچي رھيا آھن. قبائلي تڪرارن ۾ قتل ٿيندڙن جا لاش روڊن تي رکي احتجاج ڪندڙ وارث احتجاجي پڪارون ڪندي نظر اچن ٿا. خيرپور اندر قبائلي تڪرار شدت اختيار ڪري چڪا آھن، جتي جھيڙيندڙ ڌرين جون ڪھاڙيون، لٺيون، بندوقون رت جون ھيراڪ بڻجي ويون آھن. ڪيترائي ڳڀرو باھمي فسادن ۾ گولين جو کاڄ بڻجي ويا آھن. انصاف امن امان ڄڻ مذاق بڻجي ويا آھن. درندگين سان ختم ڪيل جانين جو حساب ڪتاب ۽ سزا ۽ جزا جي انصاف کي مفاھمت جو راڪاس ڳھي ويو آھي. باھمي فسادن ۾ ڪيترائي جانٺا جوان خوناريزي جو شڪار ٿي ويا آھن. ڪيترائي جانٺا جوان ڳولين جو کاڄ بڻجي چڪا آھن. سوين عورتون رنڙ بڻجي ويون آھن. ڪيترائي گھوٽ گھايل ٿي چڪا آھن. قانون نافذ ڪندڙ ادارا جھيڙيندڙ ڌرين اڳيان بيوس نظر اچي رھيا آهن، تڪرارن کي ٻنجو ڏيڻ ۾ رياست ناڪام بڻجي چڪي آھي.
وحيد ڄامڙو