لاوارث لکي تعلقو، انصاف جو منتظر!

 

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته شڪارپور ضلعي جو لکي غلام شاھ تعلقو، جيڪو ڪڏهن تعليم، سماج، علم ۽ شعور جو مرڪز رهيو، اڄ PST ڀرتين جي عمل ۾ مڪمل طور تي لاوارث بڻيل آهي. اهو لکي تعلقو، جتي 165 ويڪنسيون خالي پيل آهن، اتي 110 پڙهيل لکيل نوجوان ويٽنگ تي ويٺل آهن. نه انهن سان انصاف ٿيو آهي، نه اميد باقي رهي آهي. اڄ اهي نوجوان نه رڳو مايوس آهن، پر دربدر، بي چين ۽ پنهنجي حق لاءِ آواز به اٿاري نٿا سگهن. افسوس جي ڳالھ اها آهي ته لکي تعلقو، جتي ايم اين اي شھريار خان مهر صاحب، ايم پي اي عارف خان مهر صاحب، ڊي اي او پرائمري سعدالله ڀيو، ٽي او پرائمري محمد نواز ڪلوڙ، ۽ پ-ٽ الف جي صدر غلام رسول مهر جو تعلق لکي تعلقي سان آهي، پر پوءِ به لکي تعلقو بيحسي جو شڪار آهي. ڇا اها بيحسي ڪو اتفاق آهي؟ يا ڪنهن سازش جو نتيجو؟ هن سوال جو جواب ملڻ ضروري آهي. شڪارپور ضلعي جا ٽي تعلقا، يعني شڪارپور، خانپور ۽ ڳڙهي ياسين، مڪمل طور تي PST ڀرتي عمل ۾ ڪليئر ٿي ويا آهن. اتي اميدوارن جي DRC ٿي، پوسٽنگ جا حڪم به جاري ٿيا ۽ انهيءَ تعلقي جي اميدوارن کي سندن حق ملي ويو. پر لکي تعلقو اڃا تائين ڀرتين جي بنيادي مرحلي، يعني DRC تائين به نه پهتو آهي. جڏهن ته وقت به گذري ويو، چار مهينا واڌ ملڻ باوجود به لکي تعلقي لاءِ نه ڪا DRC سڏائي وئي، نه ڪا فهرست لڳائي وئي. ڇا لکي تعلقو سنڌ جو حصو ناهي؟ ڇا هتي جي نوجوانن جا خواب خواب ئي رهندا؟ ڇا هتي جي پڙهيل لکيل طبقي لاءِ ڪنهن حڪومتي، سياسي يا انتظامي شعور وٽ ڪا جاءِ ناهي؟ لکي واسي سوال پڇي رهيا آهن، پر انهن جي صدا اڃا تائين ڪنهن ڪن تائين ناهي پهتي. لکي تعلقي جا 110 اميدوار پڇن ٿا، آخر اسان جي ڀرتيءَ جو عمل ڇو رڪيل آهي؟ اسان سان ڪهڙو ظلم ٿي رهيو آهي؟ ڇا هيءَ تعليم دوست حڪومت جي پاليسي آهي ته تعليم يافته نوجوانن کي ويٽنگ تي ويهاري، سندن اميدن کي چيڀاٽي ڇڏجي؟ ڇا انهيءَ ئي بنياد تي نوجوانن کي ميرٽ تي يقين رکڻ لاءِ چيو وڃي ٿو؟ ايم اين اي، ايم پي اي کي ڊي اي او پرائمري، ٽي او ۽ پ-ٽ الف جي صدر کان پڇڻ گهرجي ته جتي توهان جو ڊي اي او پرائمري آفيس سان پنهنجو تعلق آهي، اتي اوهان جي خاموشي ڇو؟ جڏهن اوهان ٻين علائقن لاءِ استادن لاءِ آواز اٿاريو ٿا، ته پوءِ لکي تعلقو ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ اميدوارن جي صدائن، سندن دليون وڍيل حالتن ۽ سندن بيڪسيءَ کي نظرانداز ڪرڻ، اصل ۾ سنڌ جي تعليم کي پوئتي ڌڪڻ برابر آهي. هي 110 اميدوار ٿڪجي پيا آهن، سندن گهر وارا معاشي تڪليفن ۾ مبتلا آهن ۽ انهن جا والدين هر صبح در تي ڪا خوشخبري اچڻ جي انتظار ۾ ويٺل آهن. پر افسوس، نه ڪا لسٽ اچي ٿي، نه ڪو سڏ، نه ڪو اعلان. اسان ڄاڻون ٿا ته سنڌ اندر تعليم هميشه نظرانداز ڪئي وئي آهي، پر ايترو ته ظلم به نه ٿيو هو، جو نوجوان ڀرتين ۾ چونڊجي وڃڻ باوجود به پوسٽ نه وٺي سگهن. جيڪڏهن ٽن تعلقن جا اميدوار مقرر ٿي سگهن ٿا، ته لکي تعلقو ڇو نه؟ ڇا ڪنهن اثر رسوخ، مداخلت، يا سياسي حڪمت عملي تحت لکي کي پوئتي رکيو ويو آهي؟ اڄ لکي تعلقو پڪار ڪري ٿو، ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. اسان جي نوجوانن کي سندن حق ڏنو وڃي. جيڪڏهن لکي تعلقي جا نمائندا ئي خاموش رهيا، ته پوءِ ڪير ڳالهائيندو؟ جيڪڏهن ضلعي جي آفيسرن وٽ ڪو فائل هلي نه ٿو، ته پوءِ انهن جي عهدي جو ڪهڙو فائدو؟ اسان سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاھ، سيڪريٽري تعليم زاھد عباسي ۽ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ کان گهر ڪريون ٿا ته فوري طور تي لکي تعلقي جي 110 اميدوارن جي DRC جو عمل مڪمل ڪيو وڃي. انهن سان انصاف ڪيو وڃي. جيڪڏهن ساڳي ضلعي جي ٻين تعلقن ۾ انصاف ممڪن آهي، ته پوءِ لکي لاءِ ڇو نه؟ ويٽنگ تي ويٺل 110 اميدوارن جي فهرست ظاهر ڪئي وڃي. چار مهينن جي واڌ دوران رڪاوٽن جي جاچ ڪئي وڃي. عملدارن جي لاپرواهيءَ جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي. سياسي نمائندا پنهنجو آئيني ۽ اخلاقي ڪردار ادا ڪن. لکي تعلقي جي اميدوارن جي اکيون اوهان جي واٽ تڪين پيون. هنن جون زندگيون انتظار جي عذاب ۾ ڦاسي پيون آهن. مهرباني ڪري، انهن نوجوانن جي دلين کي ٽوڙڻ بدران، سندن اميدن کي ساڀيان بڻايو. ڪهڙي خبر، هنن مان ڪوبه استاد، ڪنهن ٻار جي مستقبل کي روشن ڪري؟ ڪنهن جو علم، هن سماج کي تبديل ڪري؟ پر جيڪڏهن هنن کي رستو نه مليو، ته شايد علم جو ڏيئو وسامي وڃي.

اڄ به وقت آهي، انصاف ڪيو!

 

آفتاب عالم مهر

سنڌ: تاريخ، ثقافت، جديد اڳواڻن جو ڪردار

 

نوجوانن ۾ منشيات جو وڌندڙ استعمال

سنڌ جي نوجوانن ۾ منشيات، خاص ڪري “آئيس” ۽ ٻين نشي آور شين جو استعمال هڪ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. جنهن جا منفي اثر تعليمي ڪارڪردگي، ذهني صحت ۽ سماجي رشتن تي پئجي رهيا آهن. حڪومت ۽ سماجي ادارن ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي سبب مسئلو گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي. بيوروڪريٽس لاءِ تجويزون: هر بيوروڪريٽ کي گهرجي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو ادارو قائم ڪري جيڪو نثار احمد صديقي جهڙو ئي سنڌ جي تعليم يا سماجي شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهي. اهڙو ادارو قائم ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مشن بڻائڻ سان نه صرف ترقيءَ جا نوان دڳ کُلندا، بلڪ نوجوانن ۾ فخر ۽ اعتماد به وڌندو. اهڙا ادارا نوجوانن لاءِ مستقبل جا اڳواڻ پيدا ڪندا، جيڪي سنڌ جي نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سنڌ ۾ صبر ۽ تحمل جي کوٽ هڪ وڏي سماجي ۽ سياسي مسئلي طور سامهون اچي رهي آهي، جيڪا ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي. سياسي ميدان ۾ اڪثر اڳواڻ جلدي نتيجا حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ جلدبازيءَ وارا فيصلا ڪن ٿا، جيڪي گهڻو ڪري نقصانڪار ثابت ٿين ٿا. مثال طور، ڪجهه سياسي پارٽين جا احتجاج ۽ ڌرڻا، جيڪي بنا ڪنهن منصوبابندي ۽ صبر جي ڪيا وڃن ٿا، اڪثر تشدد ۽ افراتفري جو سبب بڻجن ٿا، جنهن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ۽ عام ماڻهو متاثر ٿين ٿا. سماجي زندگيءَ ۾ به بي صبريءَ سبب ماڻهو پنهنجا مسئلا جلدي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غير منطقي ۽ جذباتي فيصلا ڪن ٿا، جنهن سان تڪرار وڌن ٿا. پاڻيءَ جي بحران ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي مسئلن تي پڻ بي صبريءَ سبب جلدي احتجاج ۽ تڪرار وڌي رهيا آهن، جيڪي مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. سنڌي عوام ۽ اڳواڻن کي گهرجي ته هو صبر ۽ حڪمت سان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، ڇو ته صرف صبر ۽ مستقل مزاجي سان ئي سنڌ جا وڏا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. سنڌ اڄ هڪ سنگين بحران ۾ آهي. تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ قانون لاڳو ڪرڻ واري نظام ۾ خامين سبب امن امان جا مسئلا وڌي رهيا آهن. اغوا، چوري، احتجاج ۽ بيروزگاري عام ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري نوجوان ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن. حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب بنيادي سهولتون اڻلڀ ٿي رهيون آهن. سنڌ جي عوام کي گهرجي ته هو پنهنجي حقن لاءِ متحد ٿي آواز بلند ڪن، تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏين ۽ نوجوانن کي صحيح رهنمائي فراهم ڪن. حڪومت کان شفافيت ۽ جوابدهي گهري وڃي، ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. پاڻيءَ جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي گڏجي منصفاڻيون پاليسيون ٺاهڻيون پونديون ته جيئن پاڻيءَ جي ورڇ منصفاڻي ۽ ماحول دوست طريقي سان ٿئي. سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ هر هڪ سنڌيءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. موجوده اڳواڻن جي ڪوششن کي جاري رکندي، نوجوانن ۾ منشيات جي لعنت خلاف شعور وڌائي، پاڻيءَ ۽ ماحولياتي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد سان ئي سنڌ پنهنجي پراڻي شان ۽ عروج ڏانهن واپس اچي سگهي ٿي. (حصو آخري)

 

محمد مجاهد ميمڻ

انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل ڇوڏاھو روڊ ڪنب

 

ھي روڊ ڪنب شھر جي اتر طرف کان باب عمر فاروق رضه کان شروع ٿئي ٿو ۽ چانڊيه موڙ خيرپور ميرس وٽ وڃي ختم ٿئي ٿو. ھي روڊ جتان شروعاتي سفر ڪري ٿو اتي مختلف قسمن جا دڪان، تعليمي ادارا، مسجدون، مدرسا، ميڊيڪل سينٽر ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڳتيل آبادي موجود آھي. ڇوڏاھو روڊ ھنڌان ھنڌان ٽٽل ۽ سوڙھو ھئڻ جي ڪري ھتي خاص طور تي صبح ۽ شام جي وقت گاڏين جي رش ھوندي آھي ۽ رش سبب حادثا پڻ روز جو معمول بڻيل آھن. ھن روڊ تي ھر وقت اوھان کي گٽرن ۽ نالين جو پاڻي نظر ايندو جنھن سبب مسافرن، تعليمي ادارن ڏانھن ويندڙ ٻارڙن ۽ نمازين کي تمام گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. ھن روڊ جي ٻنھي پاسن کان صفائي سٿرائي نالي ماتر آھي. ٽائون ڪاميٽي جي بيڌياني سبب اڪثر محلي وارا پنھنجي مدد پاڻ تحت صفائي ڪرائين ٿا. ھن اخبار جي ذريعي اسين تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي کي گذارش ڪنداسين ته ڇوڏاھو روڊ ڪنب کي ڪشادو بڻائي مرمت ڪرائي وڃي ۽ گڏوگڏ ٽائون ڪاميٽي ڪنب جي چيئرمين کي پڻ گذارش ڪنداسين ته ڇوڏاھو روڊ ڪنب جي محلن جي صفائي سٿرائي ڏانھن پڻ توجه ڏني وڃي ته جيئن ھن روڊ جا رهواسي به سک جو ساھ کڻي سگھن.

 

ستار سنڌي/ڪنب

 

موت جو راڪاس بڻيل ايف ايف سي ميرپور ماٿيلو

 

ميرپور ماٿيلو ۾ قائم فوجي فرٽيلائيز ڪمپني جو پلانٽ سعودي عرب پاران لڳايو ويو ھو ۽ ھن کي پاڪ سعودي جو نالو ڏنو ويو ھو ۽ پوءِ ھن ڀاڻ جي فيڪٽري کي گورنمينٽ حوالي ڪيو ويو ھو. تڏھن ھن فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندڙ اڪثر ھتان جا تر واسي ھئا جڏھن مشرف دور آيو ھن ڪمپني کي وڪرو ڪيو ويو خريدار به وڪرو ڪندڙ ھئا تڏھن جيڪي پھريان ھتي ڪم ڪندا ھئا انھن کي گولڊ ھينڊ شيڪ جي لالچ ڏئي ھن فيڪٽري مان ڪڍيو ويو ۽ نوان ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا، جن کي پنجاب مان آندو ويو ۽ ھتان جي ماڻھن کي نظر انداز ڪيو ويو. گولڊن ھينڊ شيڪ جي لالچ ۾ ڊيوٽي ڇڏيندڙن سان به ھن فيڪٽري وارن وڏا ڪلور ڪيا. ھن وقت ھن فيڪٽري ۾ مزدور تقريبن ٻاھران گھرايو ويندو آھي ايتري قدر جو مالھي ۽ سئيپر به ٻاھريان اچن ٿا، جنھن ڪري ھتان جا ماڻھو سراپا احتجاج ھوندا آھن. ھتان جا فنڊ به ھتي استعمال ناھن ٿيندا. جيڪو سي آر فنڊ آھي اھو به ضلعي انتظاميه ۽ چند ماڻھن جا جيب گرم ڪري باقي ھتان جو ماڻھو بيروزگاري ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيو آهي. جيڪي ايف ايف سي کي ترقياتي ڪم ڪرائڻا آھن اھي به صرف ھنن جي آفيس جي فائلن ۾ دفن آھن. ڪمپني اڄ تائين ڪو اھڙو پاڻمرادو ڪم ناھي ڪرايو اگر ڪو ڪم ٿئي ٿو ھن ۾ ڊي سي گھوٽڪي چند روپيا خرچ ڪري پنھنجا شيش مھل جوڙائي ٿو. ھي ڊي سي حڪمران وانگر ٿي ايندا آھن جن به ھتي وڏي تباھي آندي آھي. ڪروڙين رپيا سي آر فنڊ جا آھن جي اگر ضلعي تي خرچ ٿين ته ڪنھن ٻئي فنڊ جي ضرورت نه پوندي ۽ ھي ضلعو پيرس ٿي پوندو، پر ھي ڪمپني پنھنجي مفادن خاطر وڏي تباھي آندي آھي. ضلعو گھوٽڪي ڪراچي کانپوءِ ٻئي نمبر تي ٽيڪس ڏيندڙ ضلعو آهي. آفيسر لکين روپيا رشوت ڏئي ھتي پوسٽنگ ڪرائيندا آھن. ان ڪري جو ھي ڪمپني ھنن جا به جيب گرم ڪري ٿي. ان کان علاوه ڪيئي پراجيڪٽ ھوندا آھن جن جا سيمينار ڪري عوام کي ڏيکاري پوءِ اھو پراجيڪٽ بند ڪيو ويندو آھي. سونا پبلڪ اسڪول يا اسپتال صرف ٻاھرين لاءِ آھي. ھن اسڪول ۾ داخلا ڪيڊٽ ڪاليج کان به وڏي مشڪل آهي جنھن ۾ ڪنھن غريب جو ٻار نه پر امير جو ٻار ئي پڙھي سگھي ٿو. ايف ايف سي پاران ڪو به اھڙو اسڪول يا ٽيڪنيڪل ڪاليج ناھي جيئن ڪو ھتان جو غريب مستفيد ٿي سگھي. ايف ايف سي موت جي راڪاس کان گھٽ ناھي ھن فيڪٽري ۾ امونيا گيس ۽ ٻيا ڪيميڪل استعمال ٿيندا آهن، امونيا گيس اڪثر ھي خارج ڪندا رھندا آھن جنھن سان وڏيون بيماريون پکڙجن ٿيون. پلانٽ مان خارج ٿيندڙ زهريلي ڪيميڪل وارو پاڻي جر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجھه مسو واہ ۾ به ڇڏيو ويندو آهي جڏھن واھ جو پاڻي گھٽ ٿي ويندو آهي ته اوھان کي آس پاس ھزارين مئل مڇيون نظر اينديون ۽ اھو پاڻي جڏھن جر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي ته جر تمام گهڻو زھريلو ٿي ويندو آھي ۽ ھي پاڻي واپرائڻ سان ھزارين موذي مرض پکڙيل رھن ٿا ھيپا ٽائيٽس، شگر، بليڊ پريشر، ڪينسر، ٽي بي جھڙا ٻيا ڪيئي مرض ھن پاڻي پيئڻ سان ٿين ٿا. جڏھن به ڪا اھڙي ڪيميڪل واري فيڪٽري لڳندي آھي ھن لاءِ فلٽيلائيز پلانٽ لڳايو ويندو جنھن سان ھن پاڻي جو زھر ختم ڪيو ويندو آھي ھن پاڻي کي صاف ڪرڻ تي ڪجھه خرچ ايندو، پر ھنن کي صرف پيسا بچائڻا ھوندا آھن ڪنھن جي جان جي ڪا پرواھ ناھي ٻيو ته اھڙيون فيڪٽريون شھر کان پري قائم ڪيون وينديون آهن پر ھي شھر جي ويجھو قائم آھي. جر زھريلو ڪرڻ جي عيوض ضلعي انتظاميه کي صاف منرل واٽر وارو پاڻي مھيا ڪيو ويندو آهي باقي گھرو خير. ڊي سي گھوٽڪي اگر اسان سان سچو ھجي ۽ چونڊيل نمائندا به بهتر ڪم ڪن ته عوام سک جو ساھ کڻي سگھي ٿو ميرپور ماٿيلو پيرس بڻجي وڃي.

 

علي حسن چڍڙ

 

گاج ڊيم منصوبي جو ڪم مڪمل ڇو نه ٿو ٿئي

 

تازو وفاقي بجيٽ ۾ حڪومت طرفان 41 نون آبي ذخيرن جي مرمت ۽ نوان ڊيم تعمير ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آھي جنهن لاءِ هڪ کرب 33 ارب 42 ڪروڙ 44 لک 33 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آھن. زيرتعمير منصوبن ۾ سنڌ صوبي جي ضلعي دادو ۾ گاج ندي وٽ تعمير ٿيندڙ سڀ کان وڏي منصوبي گاج ڊيم لاءِ صرف 55ڪروڙ رپيا رکيا ويا آھن ۽ حڪومت ڄاڻي ٿي ته گاج ڊيم منصوبو ڪرپشن سبب مسلسل رولڙي جو شڪار رهيو آھي ۽ هن وڏي منصوبي تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود ان کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ وفاق توڙي سنڌ حڪومت جي ڪا خاص توجه نه رهي ليڪن ڪرپشن سبب ڪم مڪمل طرح بند ڪيو ويو آهي. هن منصوبي جو سنگ بنياد 2006ع ۾ رکيو ويو جنهن کي هن وقت 25 ورهيه گذري چڪا آھن ليڪن ڪم ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي وئي. هن وقت تائين ڪم ڪندڙ ڪمپني گاج ڊيم منصوبي جو صرف نقشو ئي کڻي سمجهو ته تيار ڪيو آھي جيڪو به غلط پلاننگ ۽ غيرمعياري ڪم سبب هر سال نئين گاج ۾ ايندڙ ٻوڏن سبب لڙهي وڃي ٿو. وري ري ڪنڊيشن رپيئر ڪيو وڃي ٿو ۽ هي سلسلو گذريل ويهن سالن کان هلندو اچي جنهن سبب گاج ڊيم منصوبو هن وقت تائين مڪمل نٿي سگهيو آھي. جيڪڏهن انتظاميه اڃا به پنهنجي سستي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ته رکيل 55 ڪروڙ رپيا به ڪرپشن جي نظر ٿي سگهن ٿا ۽ ڊيم ڪڏهن به نه ٺھي سگهندو.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو

 

انقلاب جو املهه نالو: رسول بخش پليجو

 

سنڌ ڌرتي پنهنجي ڏاهن بهادرن ۽ فڪر جي روشنين سان ڀرپور تاريخ رکي ٿي انهن تاريخي هستين ۾ محترم رسول بخش پليجو جو نالو ايڏي عظمت، جُهُد ۽ قربانيءَ سان جُڙيل آهي جو ان کي صرف هڪ سياسي اڳواڻ چوڻ ناانصافي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هو هڪ فڪر هو، هڪ تحريڪ هو، هڪ اهڙو آواز جيڪو مظلوم قومن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. رسول بخش پليجو نه رڳو عوامي تحريڪ جو باني هو پر هڪ اهڙو انقلابي فڪر ڏيندڙ اڳواڻ هو جنهن سنڌ جي قومي سياست کي نئون رُخ ڏنو. سندس جدوجهد جو دائرو صرف هڪ پارٽي يا منشور تائين محدود  نه رهيو بلڪه اُن ۾ سنڌ جي تاريخي حقن ثقافتي سڃاڻپ وسيلن جي مالڪي ۽ مظلوم طبقي جي بحالي لاءِ هڪ وسيع فڪر سمايل هو. هو انهن ڏاهن مان هو جن پنهنجي علم کي صرف ڪتابن تائين محدود  نه رکيو پر ان کي عوام جي زبان بڻايو. سندس لکڻين، ڪتابن ۽ رسالن وسيلي سنڌ ۾ سياسي ۽ قومي شعور جو ٻج پوکيو جنهن مان انقلابي سوچ جا پاڇا نڪري آيا. سندس سياست ذاتي مفادن جي سياست  نه هئي بلڪه اها عوام جي لاءِ ڌرتيءَ لاءِ ۽ ايندڙ نسلن جي سُهڻي مستقبل لاءِ هئي. هن پنهنجي تڪڙيل زندگيءَ ۾ اقتدار کان وڌيڪ اظهار کي اهميت ڏني ۽ ظلم خلاف بيباڪ آواز بڻجي اڀريو. پليجو صاحب هڪ بھترين ليکڪ پڻ هو سندس لکڻين ۾ سچائي تجزيو ۽ سماجي شعور جا اڻ ڳڻيا پاسا ملن ٿا. هن صرف ڳالهائڻ جي فن سان  نه پر لکڻ جي سگھ سان به ماڻهن جي ذهنن کي متاثر ڪيو سندس تحريرن مان سنڌ سان بي انتها محبت تاريخي شعور ۽ نظرياتي پختگي واضح طور محسوس ٿئي ٿي. پليجي صاحب جي جدوجهد صرف قومپرستي تائين محدود  نه هئي هوءَ هر مظلوم هر پيسيل هر نظرانداز ٿيل انسان جو آواز هو. سندس خطابن ۾ صرف سنڌ لاءِ محبت  نه هئي بلڪه بلوچستان، سرحد پنجاب، ڪشمير ۽ فلسطين سميت دنيا جي هر مظلوم قوم لاءِ همدردي ۽ ساڃاھ شامل هئي.

 

عبدالقادر شيخ/ جنگشاهي