ڪراچي ۾ وڌندڙ گندگي ۽ حڪومت جي بيحسي

 

ڪراچي، جنهن کي پاڪستان جو معاشي مرڪز، روشنين جو شهر ۽ “مني پاڪستان” سڏيو ويندو آهي، اڄ ڪلهه شديد گندگي، افراتفري ۽ حڪومتي بيحسيءَ جي شڪار آهي. هڪ طرف آبادي وڌي رهي آهي، ته ٻئي طرف صفائيءَ جو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي. گٽر اٿيل، ڪچرو هر هنڌ، بدبوءِ، مڇر، بيماريون ۽ صفائي عملو غائب – اهي سڀ شيون شهرين جي روزاني زندگيءَ کي اذيت جو شڪار ڪري رهيون آهن. شهر جي مختلف علائقن مان روزانو هزارين ٽن ڪچرو نڪرندو آهي، پر اهو مڪمل طور کڻڻ جو مناسب بندوبست نه آهي. ڪچرو کنڊرن، روڊن، بازارن ۽ نالن ۾ اڇلجي ٿو، جتي هفتن جا هفتا پيل رهندو آهي. ڪراچيءَ جي گهڻن علائقن ۾ گٽر اٿيل رهن ٿا. برساتن دوران ته روڊ تلائن جو منظر پيش ڪن ٿا. اهو پاڻي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. اختيارن جي ڇڪتاڻ، نيب ۽ سياستدانن جي مداخلت، فنڊن جي ڪرپشن، ۽ مقامي نمائندن جي غيرفعال هجڻ سبب بلدياتي ادارا مڪمل ناڪاره ٿي چڪا آهن. جڏهن شهر جي حالتن تي آواز اٿاريو ويندو آهي، ته حڪومتي ڌريون هڪٻئي تي الزام لڳائيندي نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ جا رهواسي انهيءَ رساڪشي ۾ پيڙهجي وڃن ٿا. حل ۽ تجويزون:  1. هڪ مڪمل صفائي مهم هلائڻ، جنهن ۾ فوج، رضاڪار ۽ مڪاني ادارا شامل هجن. 2. بلدياتي ادارن کي اختيار ۽ فنڊ ڏيڻ. 3. ڪچرو کڻڻ لاءِ نيون جديد ٽرڪون، مشينون ۽ ٽيمون مقرر ڪرڻ. 4. شهري شعور لاءِ آگاهي مهم (ڪچرو گهٽايو، ماحول بچايو). 5. ڪرپشن جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي. 6. گٽرن جي صفائي، نالن جي بحالي ۽ نڪاسي جو بهتر نظام. ڪراچي صرف هڪ شهر نه، پر پاڪستان جي ڌڙڪندڙ دل آهي – ان کي بچائڻ اسان سڀني جو فرض آهي.

 

ظفر حسين ملاح‎

 

محمد بخش مهر ايم اين اي نه ايم پي اي آهي!

 

24 جون 2025ع تي روزاني پنهنجي اخبار ۾ جاويد مهر صاحب جو ليک ڇپيو جنهن جو عنوان هو سنڌ جي سياست ۾ مخصوص خاندانن جي هڪ هٽي. جنهن ۾ هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالن جي جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته خورشيد شاهه کان وڌيڪ جيڪي جيالا پارٽي جي جلسن توڙي پروگرامن ۾ سرگرم نظر ايندا هئا، پر هن مهل سيد خورشيد شاهه پ پ جي مک اڳواڻن ۾ ڳڻجي ٿو ۽ فقير مشتاق مڱريو وري انهن لاتعداد جيالن وانگر گمنام سپاهي بڻجي چڪو آهي جن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پارٽي لاءِ پنهنجي شهرن ۾ قربانيون ڏنيون هيون. هن ڪافي جيالن جا نالا ڏئي انهن جي قربانين تي لکيو آهي هن سنڌ جي سياست تي بااثر خاندانن جي غلبي تي لکيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي مختلف دور جي ميمبرن جا نالا سامهون آيا ته خبر پئي ته مني صدي کان گهمي ڦري مخصوص خاندانن جي قبضي هيٺ رهندي پئي اچي. جن جا فرد نسل در نسل سنڌين تي حڪمراني ڪندا پيا اچن ۽ اڃا به ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي اولاد کي تيار ڪري ويٺا آهن جنهن ۾ هن سيد ناصر شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. هن  سيد قائم علي شاهه سندس ڌي ايم اين اي سيد نفيسا شاهه، سيد خورشيد شاهه 1988 ع کان ايم اين ٿي رهيو آهي جنهن وري پنهنجي ڀائٽي کي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ پنهنجي پٽ کي سياست ۾ آڻي مستقبل ۾ سکر جي سياست تي قبضي ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي،  اڳ منظور وساڻ هو، هاڻي سندس پٽ ۽ خاندان جو هڪ  فرد آهي جيڪي اسيمبلي جا ميمبر آهن، گهوٽڪي ضلعي جي مهر، لنڊ سردارن، ڌاريجن، پتافين ۽ ڏهرن جو پڻ ساڳيو حال آهي جيڪي ابن ڏاڏن جي دور کان وٺي چونڊجي رھيا آھن. ايئن ٻيا ضلعا آهن جتي خاص خاندان سنڌ جي سياست کي اڏوهي جيان وڪوڙيل آهن. ليکڪ نئين نسل کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي 1971ع جي ڪجهه ميمبرن جا نالا نموني طور ڏنا آهن جيئن کين خبر پئي ته سنڌ سان ڪيڏو نه ويڌن آهي جو ستر سيڪڙو انهن ئي ميمبرن جو نسل 2025 ع جي اسيمبلي ۾ موجود آهي اهو ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ سنڌ اتي ئي بيٺل آهي پوءِ ليکڪ چند جيالن جا نالا لکي اهو لکيو ته عام ماڻهو ڪيئن اليڪشن کٽي ايوانن ۾ پهچن. ليکڪ پو ون يونٽ جو احوال ڏئي لکيو اٿائين ته ” ون يونٽ ” جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو، ان اسيمبلي ۾ دادو مان پير الاهي بخش موجود هو جنهن جو پوٽو پير مظهرالحق 88ع کان ايم پي اي ٿيو، هاڻي سندس فرزند پير مجيب ايم پي اي چونڊيل آهي، ڄام بشير احمد ڏهر به ان اسيمبلي ۾ هو هن وقت ڄام مھتاب ڏهر ويٺل آهي، هن ٺٽي جي شيرازين ، گهوٽڪي جي مهر سردارن، شڪارپور جي مهر سردار غوث بخش مهر ۽ سندس خاندان جو به ذڪر ڪيو آهي،  شڪارپور مان آغا سراج دراني، اهڙي نموني مٽياري مان مخدوم خاندان، قمبر مان چانڊيا سردار، نادر مگسي ۽ عامر مگسي چونڊيا پيا اچن، سرڪي، بجاراڻي خاندان جا فرد به به چونڊيل آهن، مزاري خاندان به هن وقت خانداني سياست وڌائي پيو، مٿي ماضي جي جن اسيمبلي ميمبرن جا نالا لکيا آهن انهن ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ وڌا ھئا. معلوم ٿيو ته سنڌ جي سياست تي مخصوص گهراڻن جي هڪ هٽي قائم ٿيل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته خوشحال سنڌ جا ماڻهو غريب پيا ٿين ۽ مخصوص گهراڻا وڌيڪ امير پيا ٿين ان ڪري سنڌ جي باشعور عوام کي شعور جو مظاهرو ڪري خانداني بت پرستي مان نڪرڻو پوندو. ليکڪ ڪجه مضمون ۾ غلطيون ڪيون آهن جنهن کي درست ڪرڻ گهرجي. ليکڪ گهوٽڪي جي سردار محمد بخش مھر کي ايم اين اي ڄاڻايو آهي جڏهن ته هو 2024ع جي اليڪشن ۾ ايم پي اي چونڊيو ويو هو ۽ هن وقت هو صوبائي وزير زراعت آهي ۽ علي گوهر خان مھر نيشنل اسيمبلي جو ميمبر آهي ليکڪ ان کي ايم پي اي ڄاڻايو آهي.

 

عرض محمد پيرزادو /  ڪراچي

 

سنڌ: تاريخ، ثقافت، موجوده چئلينج ۽ صبر جي اهميت

 

سنڌ جي تاريخ پنج هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي، جيڪا دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهي. موهن جو دڙو، سنڌ جو هڪ شاندار آثار قديمه، تهذيب جو مرڪز هو، جتي شهر سازي، نيڪالي ۽ پاڻيءَ جي نظام جهڙا جديد نظام موجود هئا. سنڌ کي “باب الاسلام” پڻ چيو ويندو آهي. سنڌ جي ثقافت تاريخي طور وڏي اهميت رکي ٿي، جيڪا پنهنجي ٻولي، موسيقي، ادب ۽ ميلن سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. جديد دؤر ۾ سنڌي شخصيتن تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ مکيه خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن شخصيتن مان نثار احمد صديقي، جنهن سکر آءِ بي اي يونيورسٽي قائم ڪئي، سنڌ جي نوجوانن کي جديد تعليمي موقعا فراهم ڪيا ۽ خاص ڪري انهن کي تيار ڪيو، جن کي تعليم جي حاصلات ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ڪيئي رڪاوٽون درپيش هيون. ڊاڪٽر اديب رضوي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ذريعي صحت جي شعبي ۾ انقلاب آندو، جتي مفت علاج ۽ ٽرانسپلانٽ جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي گِمس (GIMS) کي ترقي ڏياري، جتي جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون ٿيون وڃن. عبد الستار ايڌي جو نالو ته ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، جنهن پنهنجي سماجي ڀلائيءَ واري اداري ايڌي فائونڊيشن ذريعي، سماجي خدمتن ۾ هڪ نئون معيار ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران هڪ انتهائي سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ ۽ وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي پاڻي حقن کي نظرانداز ڪرڻ سبب سنڌ جي زراعت توڙي چوپايو مال سخت متاثر ٿي رهيو آهي.  سنڌ کي پاڻيءَ جي کوٽ کان علاوه، ٻيلن جي واڍي، زمين جي خراب ٿيڻ، ۽ موسمي تبديليءَ جي اثرن سان به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. قدرتي وسيلن جي ناقص انتظام ۽ ناپائيدار استعمال سبب سنڌ جي ماحولياتي ۽ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. حڪومت ۽ سماجي ادارن کي گڏجي ماحولياتي تحفظ، پاڻيءَ جي بچاءُ ۽ قدرتي وسيلن جي سنڀال لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا. (حصو پهريون)

 

محمد مجاهد ميمڻ

 

جنگ بندي ۽ ايران

 

12 ڏينهن جي خطرناڪ جنگ کانپوءِ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي چڪي آهي، جيڪا وچ اوڀر ۽ پوري دنيا ۾ امن جي اميدن لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. جنگ کان پوءِ اسرائيل ۽ آمريڪا جي بنيادي مقصدن تي نظر وجهجي ته لڳي ٿو ته اهي پنهنجا گهڻا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. انهن جو پهريون مقصد ايران جي نيوڪليئر سهولتن کي تباهه ڪرڻ هو. ايراني ذميوارن موجب يورينيم جي افزودگي وارو عمل اڃا تائين محفوظ آهي، حساس نيوڪليئر مواد محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ نيوڪليئر سائيٽون مڪمل طور تي تباهه نه ٿيون آهن. ڪجهه نقصان ضرور ٿيو آهي، پر بنيادي ڍانچو اڃا تائين موجود آهي.  ٻيو هدف ايران جي حڪومتي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ يا اقتدار ۾ تبديلي آڻڻ هو، پر جنگ کانپوءِ حالتون ان جي ابتڙ نڪتيون، آيت الله خامنه اي جي اڳواڻيءَ واري موجوده حڪومت نه رڳو پنهنجي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي پر ان جي مقبوليت ملڪ اندر ۽ سڄي دنيا ۾ وڌي آهي. انهن 12 ڏينهن دوران ايران جي عوام ۽ رياست کي تمام وڏا نقصان ٿيا، پر انهن بي مثال حوصلو، بهادري ۽ مزاحمت ڏيکاري، هنن هڪ نيوڪليئر رياست ۽ عالمي سپرپاور جي سامهون ڪڏهن به سر نه جهڪايو. ايران جي عوام هن جنگ ۾ هڪ بهادر قوم طور اڀري سامهون آئي آهي، انهن کي سلام پيش ڪجي ٿو! هاڻ امڪان آهي ته ايران پنهنجي نيوڪليئر صلاحيتن کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائيندو. هن جنگ بعد ايران جو عزم وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي.

 

علي سولنگي

 

موجوده دنيا ۽ امن جي ضرورت

 

اڄ جي دنيا هڪ نازڪ دور مان گذري رهي آهي. جتي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ترقي جي نالي تي انسانيت اڳتي وڌي رهي آهي، اتي ٻئي طرف جنگ، ڇڪتاڻ ۽ طاقت جي ڏيکاءَ سبب عالمي امن کي خطرا آهن. تازو ئي ايران تي ٿيل فضائي حملا، جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل جي شراڪت سان ڪيا ويا، هن خطي جي حساسيت کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. هي رڳو ٻن ملڪن جو معاملو ناهي، بلڪه سڄي دنيا جي امن، معيشت ۽ انساني تحفظ لاءِ هڪ چتاءُ آهي. جنگن جا نتيجا تاريخ هميشه ڏيکاري چڪي آهي ته نقصان فقط فوجين جو ناهي ٿيندو، پر عام ماڻهو، ٻار، عورتون ۽ سڄا سماج متاثر ٿيندا آهن. بغير سوچ ۽ ذميواريءَ جي ورتل فوجي قدم، نه رڳو معاهدي کي نقصان پهچائين ٿا، پر بين الاقوامي قانونن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي پڻ ڪن ٿا. اڄ جي وقت ۾ امن جي ضرورت اڳي کان وڌيڪ آهي. اختلاف، تڪرار يا سياسي مفادن کي طاقت ذريعي حل ڪرڻ جو زمانو گذري چڪو آهي. دنيا کي ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري، ڀائپي ۽ ڀلائي جي بنيادن تي اڳتي وڌڻ گهرجي. عالمي ادارن جيئن اقوام متحده، او آءِ سي ۽ ٻين امن دوست قومن کي ذميواري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان کي جنگ نه، پر انصاف، گفتگو ۽ همدردي تي ٻڌل دنيا جي ضرورت آهي. امن صرف هڪ لفظ نه، پر انسانيت جي بقا لاءِ هڪ لازمي شرط آهي.

 

احمد عزيز ملاح/ڪنڊيارو

 

آمريڪا يھودين جي وچ اوڀر ملڪن۾ انٽري ۽ پاڙيسري ملڪن تي اثر !‎

 

اسرائيل اقوام متحده چارٽر آف جي ڀڃڪڙي ڪري  ايران تي حملو ڪيو ۽ امن ۾ خلل وڌو. جنھن ايران جي رياست ۽ جوھري طاقت تي حملا ڪيا ۽ سائنسدانن کي شھيد ڪيو آھي . ان جي موٽ ۾ ايران اسرائيل کي موڙ ٽوڙ جواب ڏنو آھي اسرائيل جي تل ابيب، بيت گليري ۽  اھم ھنڌن کي نشانو بڻايو آھي. ايران جي روحاني پيشوا آيت الله خامنائي اسرائيل سان گڏ آمريڪا کي به جوابي ڪاروائي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪا کي اتر  ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا به ايران تي حملي کي روڪيو آھي چين به روڪيو آھي.21 مسلم ملڪن اسرائيل جي اھڙي بزدلانا حرڪت کي ننديو آھي.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

آمريڪا جو بارود، ايران جي جرئت ۽ دنيا جي خاموشيءَ تي ڪهڪشانن جو ماتم!!

 

ايران رڳو ملڪ ناهي، اهو هڪ فڪر آهي، هڪ للڪار آهي، هڪ مزاحمت آهي جيڪو وقت جي فرعونن آڏو حسين جي ميراث وانگر بيٺل آهي. هن ڌرتيءَ جا ماڻهو ساهه سان نه، پر يقين سان جيئندا آهن. وچ اوڀر جي فضا ۾ وري بارود ڀريل آهي. گولا وسن پيا، ڊرون گهمن ٿا ۽ لاش پيا ڪرن پر ايران، جيڪو هزارين سالن جي تهذيب سان بيٺل آهي، هاڻي هٿن ۾ صرف هٿيار نه، پر اصول، غيرت ۽ فڪر کڻي وڙهي رهيو آهي. سندس خاموشي خوددار آهي، سندس غصي ۾ به وقار آهي ۽ سندس جُهد ۾ حسين جي قافلي جي صدائن جو رنگ آهي. جن ڏينهن ۾ اسرائيل ميزائلن سان ايران جي دل تي وار ڪيو، ايران خاموش نه رهيو. هن قوم واهه جيان نه، پر جبلن جيان بيهڪ ورتي. سندس جوابن ۾ صرف بارود نه، پر پيغام به هو. اهو پيغام ته، “اسان پنهنجي حق، پنهنجي وطن، پنهنجي عقيدي جي حفاظت لاءِ آخري رت جي ڦڙي تائين وڙهنداسين.” ايران جي فضا ۾ جڏهن “الله اڪبر” جون صدائون گونجيون، ته دنيا کي خبر پئجي وئي ته هي قوم قاسم سليمانيءَ جي رت جي وارث آهي. آمريڪا جي بمباري، هن جي فوجي بيسن مان ميزائلن جا وسڪارا، ايران جي جوهري سائٽن تي حملا سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هي جنگ صرف فوجي نه، پر اخلاقي، سياسي ۽ تاريخي جنگ آهي. سوال اڄ به باقي آهي ڇا دنيا ٻيهر خاموش رهندي؟ يا ايران جي للڪار دنيا جي ضمير کي جاڳائيندي؟ دنيا وٽ وقت اڃا آهي، پر گهڻو ناهي. جيڪڏهن دنيا اڄ به خاموش رهي، ته پوءِ اها خاموشي، ظلم جي ساٿ طور تاريخ ۾ لکبي. جيڪڏهن ضمير جاڳي پيو، ته ايران جي رت مان هڪ نئون صبح جنم وٺندو  جنهن صبح جي روشنيءَ ۾ فقط ايران نه، پر سڀ مظلوم، سڀ سچ، سڀ آزاديون پنڌ ڪندا. فورڊو، جيڪو 80 ميٽر زمين هيٺان، پهاڙن جي ڇاتي ۾ وسيل هو، اتي آمريڪا جو سڀ کان طاقتور بم به 60 ميٽر تائين ئي لهندو. باقي جا 20 ميٽر؟ شايد ٽرمپ جي واعدن جيان خالي، بي وزن ۽ بي اثر. سوشل ميڊيا جو دنيا تي طوفان هلي پيو.  اسلامي دنيا خواب مان جاڳي پئي پهرين واهه! ايران تي حملو ٿيو، پوءِ امت جي دل ڌڙڪڻ لڳي. پاڪستان جون دعائون، عراق جون شيعا رستن تي، لبنان جي حزب الله بندوق سان تيار، شام جا زخمي پٽ ايران لاءِ بيٺل  هي ته ايران نه پر ايمان جي مرڪز تي حملو هو.ترڪي چوڻ لڳو: “جيڪڏهن اڄ ايران ٻڏي ٿو، سڀاڻي اسان سڀ ٻڏي وينداسين.”۽ سعودي عرب؟ شايد سياست جي بينچ تي ويٺو، پر دل جي ڇيڙ تي ايران جي حق ۾ پيو ماٺ ڪري.

 

فرحان علي سهتو

 

ڳوٺ ملنگ خان منڱريو – جتي ترقي رڳو واعدن تائين محدود آهي..!!‎

 

تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور جو ڳوٺ ملنگ خان منڱريو، جتي لڳ ڀڳ 500 گھرن جا رهواسي بنيادي انساني حقن لاءِ تڪليفن ڀري زندگي گذارين پيا. هي ڳوٺ موھن جي ڌڙي جو عڪس پيش ڪري ٿو، جتي هر سال واعدا ته ٿين ٿا، پر نتيجا رڳو “ڪاغذن جي دنيا” تائين محدود رهجن ٿا. ڳوٺ جا ماڻهو ايمرجنسي حالتن ۾ به علاج لاءِ ڪيترا ڪلوميٽر پري شهرن تائين سفر ڪرڻ تي مجبور آهن. دوائون، اسپتال، ايمبولينس يا بنيادي علاج جي به ڪا سهولت موجود ناهي. ڪيترائي ڀيرا غريب ماڻهو وقت سر علاج نه ملڻ سبب نقصان جو شڪار ٿين ٿا. ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول موجود آهي، جيڪو سخت زبون آهي. ڪلاسن ۾ نه فرنيچر، نه پاڻي، نه واش روم – نتيجي طور تي ننڍڙا معصوم شاگرد کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا. خاص طور تي نياڻين لاءِ الڳ اسڪول جي سهولت بلڪل به موجود ناهي، جنهن سبب ڪيترن ئي والدين کي مجبوراً پنهنجون ڌيئرون تعليم کان روڪڻيون پون ٿيون. اهو هن دور ۾ انتهائي افسوسناڪ آهي. ڳوٺ ۾ نه بجلي، نه گئس، نه روڊ ۽ نه ئي نيڪال جو نظام. برساتن ۾ ڳوٺ تلاءُ بڻجي وڃي ٿو،  هر چونڊ ۾ نمائندا واعدا ڪن ٿا ته: روڊ ٺهندا، اسڪول ٺهندو، هيلٿ سينٽر ملندو – پر ووٽ وٺڻ کان پوءِ نه ڪا خبر پوندي آهي، نه ئي ڪو عمل نظر اچي ٿو.

 

وقار منڱريو/ خيرپور ميرس