سنڌ ۾ هندو نياڻين جي زبردستي مذهبي تبديلي ۽ شاديون
سنڌ، جيڪا هزارين سالن کان محبت، امن ۽ هم آهنگي جي سرزمين رهي آهي، اڄ ڪجهه اهڙن ڏکيائين مان گذري رهي آهي، جيڪي هن ڌرتي جي اصل سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن. خاص طور تي هتي جي هندو برادري، جيڪا صدين کان سنڌ سان وابسته آهي، اڄ زبردستي مذهبي تبديلي ۽ جبري شادين جو شڪار ٿي رهي آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن— جن ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، بدين ۽ هاڻي نوابشاهه به شامل آهي— اهڙا واقعا سامهون آيا آهن جتي هندو ڇوڪريون، خاص طور تي نابالغ، اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽرائي شادي لاءِ مجبور ڪيون ويون آهن. اڪثر ڪيسن ۾ متاثر ڇوڪريون پنهنجن والدين سان واپس وڃڻ به نه ٿيون چاهن، ڇو ته انهن لاءِ شديد ذهني دٻاءُ، ڌمڪين ۽ دٻاءُ جو ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي. نوابشاهه جهڙن شهرن ۾ به هاڻ اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن، جتي اڳتي هلندي صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي. اسان جي خاموشي ظلم کي طاقت ڏئي ٿي، ان لاءِ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ واسين کي گڏجي اهڙي بي انصافيءَ خلاف آواز اٿارڻو پوندو. حڪومت کان مطالبو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي مذهبي تبديلي تي قانوني پابندي هجي، عدالتون اهڙن ڪيسن ۾ اڻ ڌريون ٿي فيصلا ڪن ۽ پوليس پنهنجي ذميواري ايمانداريءَ سان نڀائي. سنڌ جي سونهن ان جي رنگين مذهبن، ثقافتن ۽ قومن ۾ آهي، ان کي زبردستي تبديلي، اغوا يا ظلم ذريعي ختم ڪري نٿو سگهجي. سنڌ کي امن، عزت ۽ آزادي جي ڌرتي بڻايو، جتي هر مذهب، هر قوم ۽ هر انسان سک سان رهي سگهي.
وڪي ڪمار سانسي
اونداھي جي شڪايت ڪرڻ بجاءِ پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻاريندڙ: نثار احمد صديقي
ھن مصنوعي دور ۾ روزانو اسان اهڙن انيڪ مونجهارن کي منهن ڏيون ٿا، جيڪي اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪين ٿا. اهڙين حالتن ۾ عام طور تي شڪايتون ڪرڻ آسان ۽ پھريون قدم ھوندو آھي. پر ڪجهه اهڙا ماڻهو به ٿين ٿا، جيڪي صرف خراب حالتن تي دانھون ڪرڻ بدران عملي قدم کڻڻ جو عھد ڪن ٿا. نثار احمد صديقي به اهڙن ئي ماڻهن مان هو، جنهن چيو ھو ته ” Don’t Complain of Darkness, Light a Candle! “ ( اونداهي جي شڪايت ڪرڻ بجاءِ، پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻاريو!) هي صرف لفظ نه پر عملي ڪم ڪرڻ جو اھڙو سڏ آھي جنهن سان اهو حوصلو ملي ٿو ته تبديلي جي شروعات اسان کي پاڻ کان ئي ڪرڻي پوندي. نثار صديقي يقين انھي لفظن کي چوڻ وقت اھو ايمان رکندو هو ته اھڙين ھٿرادو بگاڙيل نظام تي تبصرا ۽ دانھون ڪندي ھٿ تي ھٿي رکي ويھڻ يا ٻاهرين مدد جو انتظار ڪرڻ بيڪار آهي. مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ پاڻ قدم کڻڻ گهرجن. هن جي زندگي جو هر موڙ، عام ۽ ڏتڙيل طبقي جي زندگين ۾ بھتري آڻڻ کان وٺي اعليٰ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ تائين، انهيءَ سوچ جو مظھر آھي. ضلعي خيرپور جي ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ ۾ جنم وٺندڙ هن امر ڪردار زندگيءَ ۾ بي شمار لاھن چاڙھن کي منھن ڏنو ۽ ھميشه ثابت قدمي ۽ همٿ سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو به ڪيو. سنڌ يونيورسٽي مان معاشيات ۽ تعليم ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ باوجود، جڏهن هو ليڪچرر جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو ته مايوس ٿيڻ بدران مثبت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. هن پنهنجي ڳوٺ جي ھاءِ اسڪول ۾ انگريزي ۽ رياضي پڙهائڻ شروع ڪئي ۽ ساڳئي وقت استاد جي نوڪري ڪرڻ سان گڏ سول سروس جي تياري پڻ ڪندو رهيو. سخت محنت کان پوءِ، امتحان پاس ڪري پھريان ايس ڊي ايم، ڪمشنر ۽ پوءِ سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون. نثار صديقي سمجهندو هو ته سماجي مسئلن جا بنيادي سبب صرف ڳالهين سان ختم نه ٿيندا. هن تعليم کي روشنيءَ جو ذريعو بڻايو. انھي ڪري ڪمشنر سکر ھوندي ھن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ڪلاس ورتا ۽ سيڪريٽري هوندي آءِ بي اي ڪراچي ۾ اعزازي طور پڙهائيندو رھيو. سکر ۾ ڪمشنر رھڻ دوران، نثار صديقي جي ملاقات فريد ڀٽو سان ٿي. انهن ٻنهي وفاقي حڪومت جي مدد سان سرڪاري ملازمن لاءِ ڪمپيوٽر ۽ انگريزي سکيا جا پروگرام شروع ڪيا، جن مان ئي بعد ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو بنياد پيو. پبلڪ اسڪول سکر جي صرف ٻن ڪلاسن ۽ ٻن استاد سان شروع ٿيندڙ هي ادارو، ڊاڪٽر صديقي جي عظيم خواب سان، اڄ پاڪستان جي معروف تعليمي ادارن مان هڪ آهي. 1994ع کان وٺي آءِ بي اي سکر کي ھڪ مڪمل يونيورسٽي طور سڃاڻپ تائين، نثار صديقي پنهنجو ذاتي آرام قربان ڪري، ادارو ٺاهڻ تي ڌيان ڏنو. ان جي نتيجي ۾ هزارين شاگردن کي اسڪالرشپ ملي، خاص ڪري بزنس، ڪمپيوٽر سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبن ۾. آءِ بي اي سکر ۾ ڇوڪرين جو انگ ڪيترين ئي ٻين يونيورسٽين کان وڌيڪ آهي، جيڪو هن جي سماجي برابري جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. نثار احمد صديقي جي زندگي ۽ ورثي جو نچوڙ سندس مشهور قول ۾ موجود آهي: ”اونداھي جي شڪايت ڪرڻ بجاءِ، پنھنجي حصي جو ڏيئو ٻاريو!“سندس سرڪاري خدمتون ۽ تعليمي شعبن ۾ ڪيل ڪم معاشري ۾ امر نقش ڇڏيا آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته هڪ انسان به جي پنھنجي مٽي سان نڀائي ته ڪيترو وڏو فرق آڻي سگهي ٿو. سندس ڪاميابين کي ڏسي، اسان کي به گهرجي ته پنهنجي حياتيءَ ۾ مثبت قدم کڻون، ۽ اوندهه ۾ ڏيئو ٻاري، هن ڪاراڻ اندر پنھنجي وس ۽ وت آھر روشنيون آڻيون. نثار صديقي جي ڪهاڻي صرف هڪ شخص جي ڪاميابي نه، پر انهن سڀني لاءِ مشعلِ راه آهي، جيڪي ڏکيائين جو منهن ڏسن ٿا. ڪورونا وبا جي ڪشمڪش ۽ بيمارين جي وڳوڙ ۾ صديقي صاحب اسان کان جسماني طور موڪلائي ويو ۽ 22 جون 2020 تي سندس مڙهه کي آءِ بي اي سکر جي زمين ۾ دفن ڪيو ويو، پر سندس ورثو اڄ انهن ادارن جي صورت موجود ۾ جيڪي هن قائم ڪيا، انهن شاگردن جي صورت ۾ جن جون زندگيون سنواريون.
پنھل چاڪراڻي
ڪچري جي راڄ ۾ گم ٿيل ميونسپل: دادو انتظاميا جو ڪارو چهرو
دادو شھر اڄ صرف نقشي تي شھر آهي، باقي عملي طور گندگيءَ جو قبرستان بڻجي چڪو آهي. لڳي ٿو ته ميونسپل وارن پنهنجا ڪن وڪڻي ڇڏيا آهن ۽ شهرين جو گوڙ انهن جي ننڊ ۾ به خلل نٿو وجهي. ڪروڙن جي بجيٽ هئڻ باوجود گٽرن جا منهن کليل، ناليون اٿلندڙ، روڊن تي گند جا ڍير لڳل. ناليون رڳو بند ناهن، پر هاڻي ابتيون وهڻ شروع ٿي ويون آهن، ڄڻ انتظاميه به واٽ ورائي وئي هجي. گند ۽ ڪني پاڻي جي تلائن جو منظر دادو جي هر گهٽيءَ ۾ عام آهي، پر ميونسپل جي عملدارن جا منهن صاف آهن، ڇاڪاڻ جو انهن لاءِ دادو شھر جي حالت رڳو هڪ فائيل تي لکيل انگ آهن. واٽر سپلاءِ جي حالت به الله سائين جي رحم تي ڇڏي وئي آهي. پاڻي ملي ٿو ته پئسن تي ملي ٿو ۽ غريب ماڻهو رڳو نلڪن جي سامهون خالي هٿين بيهي رهن ٿا. پر ڪنهن کي ڇا؟ شھر جي روڊن تي به بي ترتيبي جو راڄ آهي. دڪاندار اڌ روڊ تي سامان رکي ڇڏين ٿا، ٽريفڪ جام روز جو معمول بڻجي ويو آهي، شام جو روڊن تي هوٽلن ۽ دڪانن وارا فٽپاٿن تي قبضو ڄڻ قانوني حق بڻجي ويو آهي. پيادل ماڻهو ڪٿان هلن؟ لڳي ٿو دادو شھر ۾ پيادل هلڻ قانوني ڏوهه آهي. شھر جون اسٽريٽ لائيٽون به يا ته بند پيل آهن يا سياسي پارٽين جي جهنڊن سان سينگاريل آهن. لڳي ٿو ته انهن ٿنڀن جو ڪم روشني ڏيڻ ناهي، پر سياسي ڪارڪنن کي خوش ڪرڻ آهي. اونداهي رات ۾ دادو شھر ڄڻ قبرستان بڻجي وڃي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي دادو جي ميونسپل عملدارن جي ڪن تي ڪڏهن جونءَ سُرندي؟ يا انهن جا ڪن به ڪنهن ٻي بجيٽ سان ڍڪيل آهن؟ شهرين کي گهرجي ته هاڻ خاموشيءَ جا زنجير ٽوڙين. ڇو جو جيڪو شهر پنهنجي حق لاءِ آواز نه ٿو اُٿاري، اهو تاريخ جي ڪچري ۾ دفن ٿي وڃي ٿو. دادو کي ڪچري جو شهر بڻائيندڙن جو احتساب ٿيڻ ضروري آهي.
حاڪم علي چانڊيو/دادو
ھڪ چٺي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ ڏانهن
سنڌ جي سونهاري سرزمين پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي انمول هيرن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ جو مان رکندي سندس ۽ ماروئڙن جي ڏکن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي. اھڙن عظيم ڪردارن مان سنڌ جي قديمي ۽ تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙيءَ جي سادات گھراڻي جي نامور شخصيت سيد اسرار احمد شاھ بخاري صاحب جن به ھڪ آھن. سيد اسرار احمد شاھ صاحب بنيادي طور تي تعليم کاتي سان لاڳاپيل آھن پاڻ نه صرف ڀرتين جي عمل، مگر پوري ضلعي جي تعليمي نظام جي ڪاروهنوار کي تمام شفاف، احسن ۽ جديد دور جي گھربل تقاضائن سان ھلائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا. جنھن ۾ پاڻ ڪاميابي ماڻيائون، جنھن جي ساک سموري ضلعي جا استاد صاحبان ۽ پوري سنڌ جا پڙھيل لکيل ماڻهو به ڏيندا. اسان جي موجوده تعليمي نظام ۾ اھڙا آفيسر تمام گھٽ آھن، جن پنھنجي قوم جي نئين نسل جو اونو رکندي کين معياري تعليم جي سھولت ڏيڻ لاءِ پوري دل و جان سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو ھجي. پر جڏھن اھڙن محنتي ماڻھن کي بلا جواز عھدي کان ھٽايو وڃي ته اھو نه رڳو انھن جي قربانيءَ کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آھي، بلڪه سموري معاشري لاءِ ھڪ سوچڻ جھڙي ڳالھه آھي. ڪجھه ڏينهن پهريان اسان جي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) سائين اسرار احمد شاھ کي بنا ڪنھن واضح سبب جي ھٽايو ويو آھي جيڪو پوري ضلعي جي نوجوانن جي دل رنجائيندڙ عمل آھي، جيڪي سائين جي ھوندي ھڪ صاف ۽ شفاف عمل جي دل ۾ تمنا رکيو ويٺا هئا. شاھ صاحب جون خدمتون صرف دفترن جي حد تائين محدود نه ھيون، بلڪه پاڻ عملي طور تي ڪامياب تبديليون به آنديون، جن مان ڪجھه ھيٺ بيان ڪجن ٿيون. *تعليمي معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ خاص پروگرام شروع ڪيا. *شاگردن لاءِ تقريرن ۽ ڪوئز جا مقابلا ڪرايا، جنھن سان نه رڳو انھن جي علم ۾ واڌارو ٿيو، بلڪ خوداعتمادي پڻ اڀاري. * آفيس جي ٻاهران بينر لڳائي واضح پيغام ڏنو ته “چانهه پاڻي جي نالي تي به ڪنهن کي رشوت نه ڏني وڃي” ۽ ان اصول تي پاڻ به بيٺا رھيا. * ڀرتين ۾ سفارش جي بدران ميرٽ – شفافيت کي ترجيح ڏيڻ، جنهن سان قابل استادن کي انصاف مليو ۽ گھر جي ويجهو چوائس تي پوسٽنگ ملي. * بنيادي سھولتن جي خاطر ڪرپشن جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ۽ اسڪولن جي حالتن کي سڌارڻ. * اسڪولن جا دورا ڪري، استادن کي پنهنجي پيشي سان مخلص رهڻ جي تلقين ڪئي ۽ هر ڪم لاءِ آفيس جا دروازا کليل رکيا. *استادن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تربيتي سيمينار جو انتظام ڪرائڻ. وغيره. پر افسوس، انھن سڀني ڪاوشن جي بدلي ۾ ساڻس ناانصافي ڪري کيس ھٽايو ويو. سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏھن محنت ڪندڙ آفيسرن کي اھڙي طرح ھٽائڻ جو سلسلو جاري رھيو، ته پوءِ ٻين خاص طور تي نوجوانن کي تعليمي خدمتون انجام ڏيڻ جو حوصلو ڪيئن ملندو؟ تعليمي اصلاحات ڪرڻ ۽ نظام کي بهتر بڻائڻ وارن آفيسرن کي ناانصافيءَ جو نشانو بڻائڻ، اسان جي مستقبل سان ظلم ڪرڻ جي مترادف آهي. تنھن ڪري اوهان کي وزير تعليم جي حيثيت سان هن معاملي ۾ فوري قدم کڻي نه رڳو قابل آفيسر کي بحال ڪرڻ گهرجي، بلڪه ائين ڪرڻ سان اهو پڻ واضح ڪرڻ گهرجي ته سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندڙ ماڻهن کي انعام ملندو آهي، سزا نه. بقول سنڌ جي عظيم شاعر استاد بخاريءَ جي…
جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آھي،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو…
عبدالوحيد شيخ/ميرپورماٿيلو
قديمي ڳوٺ حاجي دوست محمد ڪلهوڙو کي بنيادي سهولتون ڏيو
نوشهروفيروز شهر هونئن ته هر بنيادي سهولتون کان محروم ۽ نظرانداز رهندو ٿو اچي پر نوشهروفيروز باءِ پاس لڳ ڳوٺ حاجي دوست محمد ڪلهوڙو نوشهروفيروز جو تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ جيڪو پاڪستان ٺهڻ اڳ جو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين نه اسان جي ڳوٺ حاجي دوست محمد ڪلهوڙو ۾ ڪو سرڪاري اسڪول آهي نه ئي وري ڪو پڪو روڊ رستو آهي ۽ نه ئي وري بجلي جو ڪو نظام آهي. بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جا رهواسي جيڪي تقريبن 150 گهرن تي مشتمل آهن تمام گهڻين ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڳوٺ جو پڪو رستو نه هجڻ ڪري اچ وڃ جي تڪليف آهي. سرڪاري اسڪول نه هجڻ ڪري ننڍڙا ٻارڙا تعليم کان محروم آهن. اسان وس وارن ۽ چونڊيل نمائندن کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا اسان جي ڳوٺ تي رحم کائي اسان جي قديمي ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏئي پڪو رستو، سرڪاري اسڪول ۽ بجلي جو نظام ڏنو وڃي.
شڪيل احمد ڪلهوڙو/نوشهروفيروز
سمنڊ زندگي، موسم ۽ ماحول جو محافظ
سمنڊ ھڪ بي ڪناري ۽ بي مثالي دنيا جو نالو آھي. جتي صرف نيري آسمان وانگر پکڙيل پاڻي جو خزانو ۽ رڳو سونھن جو نمونو آھي پر ھي ڌرتي جي حياتي لاءِ ھڪ وڏي نعمت پڻ آھي. ھي ڌرتي جي سطح جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو پاڻي سان ڍڪيندڙ آھي. جيڪو ھزارين قسمن جي حياتين جو گھر آھي. سمنڊ جو پاڻي رڳو لوڻ وارو پاڻي ناھي. بلڪه اھو ڌرتي جي موسم کي سنڀالڻ، آڪسيجن پيدا ڪرڻ ۽ انساني زندگين لاءِ ضروري سامونڊي نظام کي برقرار رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. سمنڊ جو پاڻي جيڪو اسان کي ظاھري طور تي لوڻياٺ وارو لڳي ٿو. پر حقيقت ۾ ان جي اندر زندگين جا ھزارين رنگ سمايل آھن. ھن پاڻي مان نه فقط مڇيون جھينگا ۽ توازن جو پڻ بنياد آھي. سامونڊي ٻوٽا جن کي Phytoplankton سڏيو وڃي ٿو. جيڪي آڪسيجن جو وڏو ذريعو آهن. اڄ جي جديد تحقيق موجب سمنڊ دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ۽ اھا حقيقت ئي اسان کي سامونڊي دنيا جي ويجھو ڪري ٿي. سمنڊ ڌرتي جي گرمي کي به سنڀالي ۽ ان ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. ھن جي لھرن، پاڻي جي وهڪرن ۽ ڪناري کان ڪناري تائين پکڙيل حرڪتن سان موسم تي وڏو اثر پوي ٿو. اسان جي اکين جي اڳيان ھي سڀ خاموش لڳي ٿو پر اندروني طور تي سامونڊي دنيا مسلسل ڳالهائيندي رھي ٿي. پر افسوس جو اسان جي بي ڌياني ۽ آلودگي جي ڪري ھي پاڪ پاڻي به ھاڻي زخمي ٿي رھيو آھي. جيئن پلاسٽڪ جون ڀريل ٻوريون، بندرگاھن جي گندگي، تيل جا داغ ۽ بي ترتيب شڪار سمنڊ جي ساھ کي ڌڪ ھڻن ٿا. انسان جي ننڍڙي غلطي ھزارين جيوت لاءِ موت بڻجي ٿي. جڏھن ڌرتي موسمي تبديلي جي ڪري سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي. تڏهن سمنڊ جي اھميت ۽ ان جي تحفظ جو پيغام ھر قلم، ھر در تائين پھچڻ گھرجي. سمنڊ جيڪو اسان لاءِ راز رکي ٿو، ساھ رکي ٿو. اسان کي گھرجي ته ان جي لھرن کي آزاد ڇڏيون ۽ ان جي تحفظ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪريون. سمنڊ جو پاڻي ڌرتي جو نفعو، انسانيت جو سرمايو ۽ قدرت جو تحفو آھي اچو ته گڏجي ھن تحفي جي حفاظت ڪريون.
خان محمد ڦل
منافقاڻي پاليسي رکندڙ انڊيا لاءِ دنيا جي ٻٽي نظر آهي
جيڪو انڊيا خوار ٿيو آهي دُنيا سڄي ۾. انڊيا پاڪستان مٿان جڙتو جنگ مڙهي پر رهندو به پاڻ خوار ۽ خراب ٿيو. وري جي ايران تي اسرائيل حملا ڪيا يا ايران اسرائيل تي دفاع ۾ حملا ڪيا. اُتي به انڊيا ذليل ٿيو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي. انڊيا نه ايران سان سچو آهي نه وري اسرائيل سان مخلص آهي. نه هڪڙي پاسي مذمت ڪري بيهي ٿو نه ئي وري حمايت ڪري ٻي پاسي جو ساٿاري ٿئي ٿو. هن جي منافقاڻين پاليسين جي ڪري. ايران ڀارتين کي اسرائيل ۽ آمريڪي ايجنٽ قرار ملڪ بدر ٿو ڪري ته وري اسرائيل جهيڙو ڀارت جو پڳ مٽ يار پڻ هر هنڌ تذليل ٿو ڪريس. اسرائيل مان هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي ته ايران جي اسرائيل تي حملن بعد هُن جا شهري بنڪرن ۾ پناهه وٺڻ وڃن پيا. جڏهن ته انڊين شهرين کي اسرائيلي شهري ڌڪا ڏئي ۽ رُعب ڪري ڪڍي رهيا آهن ته اوهان اسان سان سچا ناهيو ۽ نڪري وڃو ٻاهر ويهو. ڀلي حملن ۾ مارجي وڃو. وڊيو ۾ ڏسو ته سهي ٻه اسرائيلي همراه انڊين زائفان کي بنڪر ۾ پناهه وٺڻ مهل ٻاهر ڪڍي رهيا اٿس. ۽ ٽوڪون ڪري رهيا اٿس. ڪيڏو دهمان ڪري رهيا اٿس. اوهان هتان نڪري وڃي ٻاهر مرو. پاڻ ان حق ۾ ناهيون ته اوهان اُن جي تذليل ڪريو يا ڪنهن عورت کي رسوا ڪيو. سوال اهو ٿو اڀري جي هي عورت مري به پئي تازن حملن ۾ ته اها اسرائيلن جي ڳڻبي. پر ڀارت ۽ مودي سرڪار لاءِ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته ڪنهن سان به گڏ هجي اُن سان سچو ٿي هلجي. ۽ ڪوشش ڪري ڀارتي شهري ۽ ڳوٺاڻو ته ايجنٽ ٿي نه رهي ڇو جو جٿي به ويندوَ يا رهندوَ ٽڪو مان ٿيندس.
بادشاھ جان / گاجي کهاوڙ
ڪراچي جي وڏين وڏين ڪمپنيون مان سنڌين جي نيڪالي
مون هڪ دفعو پهريان به ان ڳالھه تي لکيو پر اڃا تائين ڪجھه به ڪونه ٿيو آهي. تاريخ جا ورڪ اوٿلايو ڏسو ته تاريخ ناانصافين سان ڀري پئي آهي جڏهن سنڌ ۾ پاڪستان جو بنياد وڌو ويو هو ته تڏهن ڪجھه ڳالھيون طئي ٿيون هيون جيڪي سنڌي قوم کان پري رکيون ويون آهن. اڄ ساڳي ڳالھ ڪيان ٿو اڃا تائين 1947ع کان وٺي ڪراچي ۾ سنڌي قوم جو روزگار بند آهي جيڪو سنڌي ڪمپني ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ وڃي ٿو ان جو cnic ڏسي واپس ٿا ڪري ڇڏين ان بنياد تي ته توهان جو cnic اردو ڪونهي. هي ڪراچي اسان سنڌي قوم جي روزگار جي مرڪز آهي غريب اچي پنهجي ٻچڙن کي 2 گرانهه به نٿو کارائي سگهي. اسان ڏکيو سکيو ٿي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پريشان ڪري تعليم حاصل ڪيون ٿا ان ڪري جو اڳتي هلي پي ماءُ جو سھارو ٿيون پر اسان شاگردن کي نه اڳتي تعليم پرائڻ جو رستو ٿو ملي نه وري پنهنجي پي ماءُ جو سھارو ٿيڻ جو رستو ملي پي ماءُ ساڳي پهرين وانگر پريشان. مون کي اڄ 7 ست مھينا ٿي ويا آهن ڪراچي ۾ ڪنهن به ڪمپني ۾ نوڪري نه ملي آ. ان ڪري جو منهنجو cnic اردو ڪونهي سنڌي آهي. آئون پنهنجي گهر جو ذميوار وڏو پٽ آهيان گهر ۾ فيملي پريشاني جو شڪار آهي. ڪراچي ۾ روز لاش ٿا ملن پوءِ به اسان ڪراچي اچون ٿا پر هتي اچي پريشاني کان سواءِ ٻيو ڪجھه هٿ ڪونه ٿو اچي. ڪراچي سنڌ جو وڏو شهر هجڻ ڪري هر غريب غربو پنهنجي بک ختم ڪرڻ لاءِ اچي ٿو پر 2 گرانهه نه پاڻ کائي سگهي ٿو نه گهر وارن کي کارائي سگهي ٿو.
سجاد ميربحر