لکي جا بيڪَس اميدوار پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اجنبي ڇو؟
تعليم کاتي جي بي حسيءَ جي انتها ٿي چڪي آهي. پنهنجي پسند جي علائقن ۾ سياسي بنيادن تي 32 مارڪن تي هڪ گريس مارڪ ڏئي، “سافٽ ايريا” ۽ “هارڊ ايريا” جا جواز ڄاڻائي ڀرتيون ڪيون ويون. هاڻي وري مخصوص چونڊيل ضلعن کي STR پاليسي مطابق ويڪنسيون ڏئي ٻين ضلعن سان کليل ناانصافي ڪئي پئي وڃي. ڇا باقي سنڌ جا ضلعا، جهڙوڪ شڪارپور، سنڌ صوبي جو حصو نه آهي؟ آخر ٻين ضلعن جي نوجوانن جو ڏوھ ڪھڙو آهي؟ ڇا هو صرف لاوارث علائقن سان تعلق رکن ٿا، انهي ڪري؟ ڇا پڙهيل لکيل نوجوانن کي رڳو ان لاءِ سزا ڏني پئي وڃي جو سندن تعلق سياسي طور طاقتور ضلعن مان ناهي؟ ڪشمور، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، ٽنڊو محمد خان، گھوٽڪي، جيڪب آباد، حيدرآباد کي STR مطابق ويڪنسيون ڏنيون ويون، باقي شڪارپور ضلعي ۾ 110 PST اميدوارن جو ڪهڙو گناھ آهي؟ جڏهن ته STR مطابق لکي تعلقي ۾ 130 ويڪنسيون خالي آهن. پوءِ به انهن اميدوارن کي نظرانداز ڪرڻ، ظلم کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ لکي تعلقي جي 110 اميدوارن لاءِ تعلقه ڪراس پاليسي موجب شڪارپور تعلقي ۾ 30 ميل PST ۽ ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ 10 ميل PST جون ويڪنسيون موجود هجڻ باوجود انهن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو؟ سيڪريٽري جي پول مان مخصوص ضلعن ۽ تعلقن کي سيٽون ڏئي STR جو ڪوڙو ڏيکاءُ ڪيو ويو، ۽ پڙهيل لکيل ميرٽ پاس نوجوانن سان مذاق سان گڏ تماشو ڪيو ويو. اصل انصاف ان وقت ٿيندو، جڏهن هر ضلعي کي برابر بنيادن تي ويڪنسيون ڏنيون وينديون. جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي ميرٽ تي يقين رکي ٿي ته پوءِ STR پاليسي کي هڪجهڙو لاڳو ڪيو وڃي. سائين سردار شاھ صاحب ، اوهان پاڻ قمبر لاڙڪاڻي ۾ واعدو ڪيو هو ته ڀرتي STR جي اصولن مطابق ٿيندي ۽ ويٽنگ اميدوارن کي ڀرسان تعلقن ۾ موقعو ضرور ملندو. سائين، اوهان جا اهي لفظ اسان لاءِ آس بڻيل آهن، ۽ اسان اڄ به انهي اميد تي زندھ آهيون ته اوهان پنهنجي ڳالھ تي قائم رهندئئو. اسان جي والدين پنهنجا خواب، سڪون، خوشيون، حوصلا، سڀ قربان ڪري اسان کي تعليم ڏياري. اسان جي ڊگرين، اسان جي سرٽيفڪيٽن کي مهرباني ڪري ردي جا ڪاغذ نه بڻايو. جڏهن سوَن جي تعداد ۾ سيٽون خالي آهن، ته اسان کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي؟ اسان جو پڪو، جائز ۽ آئيني مطالبو آهي ته سڄي سنڌ جي اميدوارن کي STR جي اصولن مطابق ويڪنسيون ڏنيون وڃن. سردار شاه صاحب، لکي غلام شاھ جون STR واريون سيٽون آخر ڪيڏانهن ويون؟ 130 سيٽون خالي هجڻ باوجود اوهان جي خاموشي اسان جا مستقبل تباھ ڪري ڇڏيندي. آخر ڪيستائين تعليمي کاتو سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل ڪندو رهندو؟ تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. جن اذيتن مان ويٽنگ وارا اميدوار گذري رهيا آهن، شايد اوهان ان اذيت کي محسوس نه ڪري سگهو. اسان جا والدين جيڪي مزدوري ڪري، تڪليفون سهندي اسان کي پڙهايو، اڄ انهن جي سڄي زندگيءَ جي محنت کي حڪومتي بيحسيءَ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اسين صرف ايترو چاهيون ٿا، ته اسان جي لکي غلام شاھ تعلقي سان انصاف ڪيو وڃي. STR مطابق 130 ويڪنسيون، ۽ موجوده DRC ۾ 40 ويڪنسيون ميل شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين ۾ خالي پيل آهن جڏهن ته انھن تعلقن جو Pst ڀرتي عمل پورو ٿي چڪو آهي. اسان سان انصاف ڪيو.
آفتاب عالم مهر
هن جديد دور ۾ نيٽ ورڪ بهتر ڪريو
گذريل ڪيتري عرصي کان نوشهروفيروز کان ٽن يا چئن ڪلوميٽر وارن قديمي ڳوٺن کاهي راهو، کاهي ڪنڍا، کاهي ممن سميت لڳ ڀڳ 30 ڳوٺن ۾ موبلنڪ، يوفون توڙي زونگ ڪمپنيء جي ڪال ۽ انٽرنيٽ انتھائي خراب آھي، جنھن سبب شاگردن کي پڙھائي، آنلائن ڪلاسن، ٽريڊنگ ۽ آنلائن ارننگ سميت هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ ۾ تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آھي۔ کاهي ڪنڍا ۾ موبلنڪ ٽاور هجڻ باوجود ڪوبه نيٽ ورڪ صحيح ڪم نه پيو ڪري۔ اسان ڪيترائي ڀيرا ڪمپني کي شڪايتون ڏنيون آهن، پر اڃا تائين نه ڪو تسلي بخش جواب آيو آھي، نه ئي ڪا بهتري آندي وئي آھي۔ ان صورتحال ۾ ماڻهو هزارين روپين جا پيڪيج ضايع ڪرائين ۽ ڪمپنيون فائدو وٺن ٿيون۔ اسان سمورين ڪمپني مالڪان ۽ پي ٽي اي کان مطالبو ٿا ڪريون ته ساهتي پرڳڻي جي هنن قديم ڳوٺن جي نيٽ ورڪ سروس کي فوري طور بهتر بڻائي شاگردن توڙي عام ماڻهن کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ۔مسلسل لاپرواھي تي PTA قدم کڻي۔ جيڪڏھن اڃا به ساڳي روش رهي ته قانوني ڪاروائيء سان گڏ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
اعجاز ممنائي/ نوشهروفيروز
ميرٽ جي نالي تي نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق
ملڪ جي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن جي آھي، ڪنھن ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ کان نوجوانن کي ملڪي اثاثي ۾ شمار ڪيو ويندو آھي ۽ حڪومتون نوجوانن جي اصلاح، تعليم، ھنر و ترقي جي اھڙا اپاءُ وٺندي آھي جنھن سان انھن جي صلاحيتن جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگھجي. پنھنجي حڪمرانن جي نااھلي چئجي يا دقسمتي چئجي جيڪر ملڪ کي آزاد ٿيندي 78 سال تہ گذري ويا پر نوجوانن جي لاءِ ڪا بہ طويل مدتي لاڀ ڏيندڙ ڪا پاليسي جڙي ناھي سگھي. مالي سال 2025 ۽ 2026 جي وفاقي بجيٽ ۾ تہ 40 ھزار کان وڌيڪ نوڪرين کي ختم ڪرڻ ۽ کاتن کي ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي جنھن جي وفاق ۾ 2008 کان 2013 تائين حڪومت رھي ۽ 2008 کان وٺي سنڌ جي اقتدار جون واڳون پڻ انھن جي ھٿن ۾ آھن، پيپلزپارٽي جي قيادت اھو پڻ تسليم ڪري چڪي آھي تہ نوڪرين نہ ڏيڻ جي ڪري نوجوانن جي عمر جو ڪافي عرضو ضايع ٿي چڪو آھي انھي سبب جي سنڌ حڪومت عمر جي مٿين حد ۾ 15 سالن جي رعايت ڏني ھئي، جيڪو انتھائي بھترين عمل ھو، عدالتن جي پھرين مداخلت جي ڪري سنڌ حڪومت پابند ھئي تہ ڪنھن ٽئين ڌر کان امتحان وٺي نوجوانن کي مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت ، سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽنگ سروس، اين ٽي ايس، پي ٽي ايس ۽ آئي بي سکر ۽ ايس پي ايس سي جون خدمتون ورتيون ۽ نوجوانن لکن جي تعداد ۾ چالان ڀريا ۽ مرحلن ۾ بلڪل بہ ڪنھن قسم جو ڪو نتيجن تي سمجھوتو نہ ڪيو ويو مثال طور سنڌ يونيورسٽي، اين ٽي ايس جي پاسنگ ڪرائيٽريا موجب ئي نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويو جيڪو بھترين ۽ وقت جي تقاضا ھئي پر ان کانپوءِ آئي بي سکر کان تعليم کاتي ۾ جيڪي امتحان ورتا ويا تنھن ۾ اميدوارن جي پاسنگ ريشو گھٽ ھجڻ سبب 5 کان 10 مارڪون گهٽائي پاسنگ ريشو رکيو ويو، ان وقت جي نوجوانن جي خاموشي اڄ جي نتيجن ڀوڳڻ لاءِ مجبور ڪيو! اھو ائين تہ تعليم کاتي ۾ ٿيندڙ ڀرتين ۾ حڪومت پاسنگ ريشو 55 سيڪڙو رکي 33 سيڪڙو تي لھي آئي، امتحان وٺڻ کان پھرئين ھڪ پاليسي تہ امتحان جي نتيجن کان پوءِ صرف اھو جواز ڄاڻائي تہ اميدوارن جو پاسنگ ريشو گھٽ آھي ان جي لاءِ ھارڊ ۽ سافٽ پاليسي توڙي ھارڊ ۽ سافٽ ڪارنر رکي کي سنڌ ۾ 84 ھزار جي لڳ ڀڳ ڀرتيون ڪيون ويون ۽ انھي ساڳي نتيجن جي آڌار تي ويٽنگ پاليسي جوڙي وئي. رھيل نوجوانن کي سوا لک نوڪرين جو لالي پاپ ڏنو ويو. پڙھندڙ ان ڳالھ جو سوال اٿاري سگھن ٿا تہ سنڌ ۾ صرف تعليم کاتي يا پھرئين کان پندرھين اسڪيل واريون ئي نوڪريون ئي ناھن بچيون نہ جيڪر صرف انھن جي ڪڍ لڳجي، تہ انھن کي ٻڌائيندو ھلان تہ پھرئين کان پندرھين اسڪيل جي ميرٽ جو ڪجھ آسرو تہ نظر اچي ٿو باقي 16 گريڊ ۽ ان کان مٿي جي ڀرتي جو مالڪ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آھي. جنھن جي لکت جي امتحان ۾ جيڪڏھن ڪنھن اميدوار جون 33 مارڪون ھجن ٿيون تہ انٽرويو ۾ 95 کان 98 مارڪون کڻي ٿو وڃي ۽ 80 يا 90 مارڪن کڻڻ وارو بدقسمتي سان انٽرويو بہ پاس نہ ٿو ڪري سگھي.
شوڪت علي جلباڻي
زندگيءَ جي سفر ۾ اچو ته سک تلاش ڪريون!
زندگي هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو وقت جي وهڪري سان اڳتي وڌندو رهي ٿو. هن سفر ۾ انسان ڪيترن ئي مرحلن مان لنگهي ٿو. ڪڏهن خوشين جا لمحا، ته ڪڏهن ڏکن جون ڪاريون راتيون، ڪڏهن ساٿين جو سهارو، ته ڪڏهن اڪيلائپ جي سختيون. پر، زندگي جي اصل خوبصورتي ان وقت ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن انسان انهن سڀني حالتن مان به سک جي تلاش جاري رکي ٿو. سک ڪا مادي شئي ناهي، جيڪا بازار مان خريد ڪري سگهجي. نه ئي اهو ڪنهن مخصوص حالتن يا شين سان مشروط آهي. سک هڪ داخلي احساس آهي، جيڪو انسان جي سوچ، روين، ۽ دل جي حالت تي ٻڌل هوندو آهي. اڪثر ماڻهو سک کي دولت، شهرت يا طاقت سان ڳنڍين ٿا، پر اهي سڀ شيون عارضي خوشي ته ڏئي سگهن ٿيون، پر مستقل سک نه. سک ته اندر جي سڪون، دل جي اطمينان، ۽ ذهني سُهڻي حالت جو نالو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ تي غور ڪريون ته ڏسون ٿا ته اڪثر وقت اسين اهڙين شين جي پويان ڊوڙندا آهيون، جيڪي اسان کي سک نه ڏينديون آهن، پر صرف مشغول رکنديون آهن. ڪڏهن اسين ٻين سان مقابلو ڪري پاڻ کي پريشان ڪندا آهيون، ڪڏهن ماضيءَ جون غلطيون وساري نٿا سگهون، ته ڪڏهن مستقبل جي فڪرن ۾ حال کي وساري ڇڏيون ٿا. اهڙي روش اسان کي هميشه بيچين ۽ ناخوش رکي ٿي. انهيءَ جي ابتڙ، سک جي تلاش لاءِ ضروري آهي ته اسين پنهنجون ترجيحات واضح ڪريون. سک ڳولهڻ لاءِ سڀ کان پهريون قدم اهو آهي ته انسان پاڻ کي سڃاڻي. جڏهن انسان پاڻ کي سمجهي ٿو، پنهنجن خواهشن، خوفن ۽ حدن کي قبول ڪري ٿو، تڏهن ئي اهو سک ڏانهن اڳتي وڌي سگهي ٿو. پاڻ سان محبت، پاڻ سان ايمانداري ۽ پاڻ کي وقت ڏيڻ سک جي راهه جا بنيادي قدم آهن. زندگيءَ جي سفر ۾ سک کي ڳولهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين شڪرگذار ٿي وڃون. روزانو جي ننڍن ننڍن لمحن ۾ شڪر ادا ڪرڻ سک جو اهم ذريعو بڻجي سگهي ٿو. هڪ سچو ساٿي، هڪ مسڪرائيندڙ چهرو، ٻارن جي کل، ماءُ جي دعا يا لھندڙ سج جي روشني، اهي سڀ شيون سک عطا ڪري سگهن ٿيون، جيڪڏهن اسان وٽ انهن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هجي. سک جي تلاش ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ به وڏي اهميت رکي ٿو. هڪ ٻيو اهم پاسو وقت جو قدر ڪرڻ آهي. وقت نه ٿو بيهي، پر اسان وٽ ان کي سٺي نموني استعمال ڪرڻ جو اختيار آهي. سک حاصل ڪرڻ لاءِ وقت جو صحيح استعمال ضروري آهي. روحاني سک به هڪ اهڙو عنصر آهي، جيڪو انسان کي اندر کان مطمئن ڪري ٿو. رب سان تعلق، دعا، مراقبو يا خاموشيءَ ۾ ويهي پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ، اهي سڀ شيون انسان کي انهيءَ سک ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، جيڪو دنيا جي شور ۾ گم ٿي ويو آهي. سک جي تلاش هڪ مسلسل سفر آهي، ڪا منزل نه. هر ڏينهن، هر لمحو اسان لاءِ هڪ نئين موقعي جيان آهي ته اسين پاڻ کي بهتر بڻايون، پنهنجن لاڳاپن کي نئون رنگ ڏيون ۽ انهيءَ سک کي ڳوليون، جيڪو اسان جي اندر ئي موجود آهي. اچو ته زندگيءَ جي هن سفر ۾، ڏکن جي باوجود، سک جي تلاش جاري رکون. ڇاڪاڻته سک ڪو دور جو خواب نه پر اڄ جي اندر ئي ڳجهي خزاني جيان لڪل آهي، ان کي صرف محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي.
حبيب مرکنڊ
“سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جي رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن”
سنڌ ۾، علاقائي ۽ مقامي سطح تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ کين بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ مڪاني کاتو قائم ڪيو ويو آهي. جنهن جي اڳ ۾ ڪارڪردگي ڏاڍي سٺي هوندي هئي. ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا هئا. پر، پوءِ آهستي، آهستي هن کاتي به پويان پير ڪرڻ شروع ڪيا. الائي ڪنهن جي نظر لڳي جو ڪارڪردگي جي لحاظ کان زيرو تي وڃي پهتو. ان کاتي جي ناقص ڪارڪردگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن ڪري سڄي سنڌ کنڊر ۽ تباهه ٿيندي پئي وڃي. چوڌاري رڙيون آهن. پر ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي. ڪو داد رسي ڪرڻ وارو ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. کاتي کي ملندڙ سموري بجيٽ ڪنهن به ڪم ۾ استعمال ڪونه ٿي ڪئي وڃي. اها خبر ناهي ته ڪنهن جي کيسي ۾ پئجي رهي آهي. ڄرڪا سموري رقم ڳڙڪايو وڃن. عوام ساڳيو سورن ۾ رهي ٿو. ماڻهن جي ڪير به سار سنڀال ڪونه ٿو ڪري. عوام جا ڏک ۽ درد ڪونه ٿا ٻڌا وڃن. ائين ٿو محسوس ٿئي ته، بلدياتي يا مڪاني ادارن وارو کاتو هتي موجود ئي ڪونه آهي. اهو کاتو عوام کي ڪوبه لاڀ ڪونه ٿو ڏيئي. ان صورتحال کان حڪومت جا پاسبان بخوبي واقف آهن. پر، اهي به ڪرپشن ڪندڙن جي خلاف ڪوبه قدم ڪونه ٿا کڻن. ان جو خاص سبب اهو آهي ته، مذڪوره عملو سندن من پسند آهي. انهن کي نوازڻ لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي. اينٽي ڪرپشن کاتو به، بلدياتي ادارن جي آڏو بيوس ۽ لاچار آهي. جيڪڏهن پڇاڻي جو عمل ٺپ رهيو ته، اڃا وڌيڪ ڪرپشن جي ڪم ۾ تيزي ايندي. جنهن کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ٿي پوندو. جنهن لاءِ اختيارين کي هينئر کان ئي اک پٽڻ گھرجي ۽ ان ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گھرجن. مڃيان ٿو ته، سمورا چيئرمين، وائيس چيئرمين، ٽائون آفيسر يا ڪائونسلر به هن ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڪونه آهن. پر، انهن مان ڪي ايماندار آهن. جيڪي پنهنجيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائين ٿا. عوام جي صحيح نموني سان خدمت ڪندا رهن ٿا. عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ کان غافل ڪونه آهن ۽ مسئلن حل ڪرڻ ۾ ڪاهلي ڪونه اٿ ڪن. تساهل کان ڪم ڪونه ٿا وٺن. هو حڪومت طرفان مليل مدد حقدارن تائين پهچائڻ ۾ دير ڪونه ٿا ڪن. پر اهڙا ماڻهو تمام ٿورا آهن. ڪنهن سان شڪايت ڪجي. ڪنهن کي پنهنجي ڏکپ ۽ درد جو داستان ٻڌائجي. سڀ گونگا، ٻوڙا۽ انڌا لڳا پيا آهن. جنهن ڪري انهن تي ڪيترو به افسوس ڪجي سو بلڪل ٿورو آهي ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. اها به حقيقت آهي ته سڄي سنڌ ۾ مڪاني ادارن طرفان ڪوبه ترقياتي ڪم ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي نه وري ڪا عوام کي سهولت به ڏني پئي وڃي. سنڌ واسي بنيادي سهولتن کان بلڪل وانجهيل آهن ۽ پنهنجي قسمت تي روئي رهيا آهن. اهو سلسلو ائين لاڳيتو برقرار رهيو ته سنڌ ۾ تباهي جو منظر ڏسڻ ۾ ايندو. بلدياتي ادارا هن وقت پنهنجي ذميوارين نڀائڻ کان ڪافي پري ٿيندا پيا وڃن. ماڻهن کي بنيادي سهولتون تعليم، صحت، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ تفريح لاءِ ڪو انتظام نه ٿيڻ ڪري ماحول تي خراب ۽ منفي اثر پئجي رهيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته، جيڪا ڪرپشن مذڪوره کاتي ۾ ڪئي پئي وڃي اهڙي ٻين کاتن ۾ گھٽ آهي. سولر پليٽون، نلڪا ۽ سلائي مشينون وغيره به من پسند ماڻهن ۾ ورهايون پيون وڃن. هڪ ڪائونسلر کان مون پچيو ته، ڳوٺ ۾ اوهان سولر پليٽون ماڻهن ۾ ورهائي ڏنيون آهن. جن ماڻهن کي اهي ڏنيون اٿو انهن سڀني کان فلاڻو ماڻهو وڌيڪ غريب آهي. سندس مالي حالت انتهائي ڪمزور آهي. ان کي اها پليٽ ملڻ گھرجي ها ته ان صاحب چيو ته اهو، اسان جو ووٽر نه آهي. جنهن ڪري اسان کيس نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اهو جواب ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اسان جو ووٽر نه آهي ته کيس سولر پليٽ ڪونه ڏني ويندي. پوءِ اها عوامي خدمت ته ڪونه چئبي. اها پارٽي وارن جي خدمت آهي. حڪومت، جمهوريت جي دعويدار آهي. عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏيڻ لاءِ روزانه وزير ۽ مشير بيان ڏيئي رهيا آهن. پر، اهي بيان حقيقتن جي ابتڙ آهن. انهن بيانن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل کاتي جي عملي جي ڪن مروٽ ڪرڻ ضروري آهي. ته جيئن اهو عملو عوام جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت ڪري سگھي. عوام کي بنيادي سهولتون ملي سگھن. اهي سهولتون ملڻ سان سنڌ وڌيڪ ترقي ڪري سگھي ٿي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ۽ موجوده حالت برقرار رهي ته پوءِ جيترو به افسوس ڪجي سو نه هئڻ جي برابر آهي.
غلام حسين جوڻو/ ڳوٺ مجيد ڪيريو