مھانگائي‎

 

ايتري مھانگائي ڪري ڇڏي ٿن جو غريب عوام 2 وقت جي کاڌي کائڻ جي لاءِ پريشان ٿي رھيو آھي. اسان جا حڪمران ننڊ ۾ ستل آهن ۽ بيروزگاري سبب غريب عوام مشڪلاتن ۾  آهي. اسان جا حڪمران آرام سان ويٺا آھن. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته کائڻ پيئڻ جون شيون گھٽ ريٽ ۾ فراهم ڪري عوام کي رليف ڏين. غريب عوام جون دانهون نڪري ويون آھن. ھر سال بجيٽ پيش ڪن ٿا. غريبن جي لاءِ ويل  آهي. هر بجيٽ سان گڏ مھانگائي ڪندا ويندا. ھنن کي غريب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. ڇا غريب انسان نه آھن. حڪومت کي گھرجي ته غريب مزدورن ۽ ھارين جي لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ دوائون ٻج ڀاڻ گھٽ ريٽ ۾ ڏين. جڏهن به بجيٽ پيش ڪن ته  ھارين مزدورن ۽  غريبن جي لاءِ به سوچين. اليڪشن جي وقت اسان جا حڪمران غريبن وٽ اچي ويندا ۽  وڏا وڏا واعدا ڪندا. ھڪ به واعدو پورو نه ڪندا. اسان اوھان کي روڊ  رستا  ۽ بجليءَ ۽ پاڻي جي سهولت ڏينداسين ۽ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا رھندا پر ڪاميابي بعد پوريون نه ڪندا.

 

زاھد حسين زرداري/ سرھاڙي

 

جنگ ڪڏهن به مظلوم جي حق ۾ ناھي

 

جنگ رڳو گولين، بمبارين ۽ بارودن جو نالو ناهي. جنگ تباهي جو ٻيو نالو آهي. پوءِ ڀلي سرمائيدار ڌريون ان کي ڪهڙو به نالو ڏين پر حقيقت اها آهي ته جنگ ۾ مرن ٿا رڳو غريب، عام ماڻهو، مزدور، هاري، شاگرد، عورتون، ٻار ۽ بيوس مرد. هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جنگ هلندڙ آهي. فلسطين، ايران، اسرائيل، يوڪرين، روس، پاڪستان، ڀارت وغيره. پر اهي جنگون نه ته خالص مذهبي آهن، نه قومي، نه انساني ۽ نه ته انسانن جي “حق” لاءِ. هي سڀ جنگون سرمائيدار طبقي جون جنگون آهن، جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ مڙھيون وڃن ٿيون تيل، گيس، وسيلن، زمينن، مارڪيٽن۽  اسلحي جي وڪري ۽ عالمي راڄ لاءِ. کاٻي ڌر جي ڪارڪن لاءِ جنگ جو اصل چهرو لڪل ناهي. اسان ڄاڻون ٿا ته سامراجي قوتون (جهڙوڪ آمريڪا، اسرائيل، روس، چين وغيره) مذهبي جذبي يا قومي جذبي کي هٿيار بڻائي ماڻهن کي مرڻ لاءِ موڪلين ٿيون ته جيئن پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪري سگهن. جنگ ته سرمائيدارن جي آهي، پر مرن ٿا غريب! اهڙي طرح پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگلاديش جي آزاديءَ لاءِ بنگالي قوم به ٻڏتر ۾ رهي. شيخ مجيب الرحمٰن جي قيادت هيٺ بنگالي قوم قربانيون ڏنيون ۽ آزادي حاصل ڪئي. شيخ مجيب کان پوءِ شيخ حسينه واجد جي حڪومت ان سرمائيداري نظام جي ور چڙهي وئي ۽ بنگالي قوم موروثي سياست کي رد ڪري ڇڏيو، جنھن شخص کي بنگالي قوم ديوتا ڪري پوڄيو ان جي ئي مجسمن جي بيحرمتي ڪئي وئي، ڇو ته سرمائيداري نظام انهن جي قومي خواهشن کي ڪچلي ڇڏيو. قومن جي آزادي، جيڪڏهن سرمائيداري ڍانچي ۾ حاصل ٿئي، ته اها آزادي نالي ماتر هوندي آهي – نا انصافي، غربت ۽ بيروزگاري بدستور جاري رهندي آهي. سنڌي، بلوچ، فلسطيني، بنگالي، پشتون وغيره سڀ قومون پنهنجي آزاديءَ لاءِ تڙپن پيون، پر سرمائيداري نظام هنن قومن کي فقط مارڪيٽ ۽ وسيلن جي نظر سان ڏسي ٿو. قومي آزادي، جيڪڏهن رڳو قومي سرواڻن يا سردارن جي هٿ ۾ رهي، پر سماج ساڳي طرح استحصالي رهي ته پوءِ اها آزادي ڪنهن ڪم جي نه رھندي. اهو ئي سبب آهي جو جي ايم سيد جو خواب به ساڀيان تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سماج مان طبقاتي فرق ختم ٿئي، زمين تي پورهيتن، هارين، شاگردن ۽ مظلومن جو راڄ هجي. اهو ئي سوشلزم آهي – يعني اهڙو نظام، جتي دولت چند خاندانن وٽ نه، پر عوام جي هٿ ۾ هجي.

حل ڇا آهي؟

اڄ جي دور ۾ نه رڳو قومون، پر طبقا به مظلوم آهن. آمريڪا جو غريب مزدور به مرڪزي سرمائيداري نظام جو شڪار آهي، جيئن فلسطين جو پورهيت. ان ڪري وقت جي اهم ضرورت آهي ته: سڀ مظلوم قومون ۽ مظلوم طبقا گڏجي، هڪ عالمي سطح جو سياسي اتحاد قائم ڪن ۽ سرمائيداري نظام کي پاڙان اکيڙي سوشلسٽ نظام قائم ڪن. سوشلسٽ نظام ۾ ئي انسانيت، قومي آزادي، امن، تعليم، صحت، روزگار ۽ سماجي انصاف ممڪن آهي. باقي سرمائيداري نظام ته جنگون وڪڻي ٿو، نسل پرستي وڪڻي ٿو، مذهب جي نالي تي قتل ڪرائي ٿو ۽ انسانن کي جانورن کان به بدتر زندگي گھارڻ تي مجبور ڪري ٿو، سرمائيداري نظام ته ھن ڌرتيءَ لاءِ ئي ناسور بڻجي چڪو آهي. تنهن ڪري اسان سڀني جي ذميواري آهي ته شعور پيدا ڪريون، علم کي هٿيار بڻايون، سياست کي پڙهون، سمجهون ۽ انقلابي عمل جو حصو بڻجون.

 

امام دين مھر/سٺ ميل

 

جنگي ميدان ۾ پاڪستان، ايران جو ساٿي ٿيندو!!؟

 

انسانيت دشمن اسرائيل آمريڪا جي چرچ تي اڳرائي ڪندي ايران مٿان بمباري ڪري جاني ۽ مالي نقصان پهچايو جنهن جو ايران کيس ڀرپور جواب ڏنو آهي پر هي جنگ تڪڙي ختم ٿيڻي ناهي. تنهن ڪري ايران کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي مدد وٺڻ لازمي آهي ڇوته ٽرمپ جي دوري کانپوءِ عرب ملڪن سڀ ڪجهه لکي ڏئي ڇڏيو آهي. موجوده جنگي صورتحال ۾ روس ۽ چين پاران ايران جي کليل مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميڊيا تي پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف پاران پڻ ايران جي مڪمل مدد ڪرڻ جون خبرون پڻ اچي رهيون آهن جڏهن ته اسيمبلين ۽ سينيٽ مان پڻ ايران جي حمايت ۾ قراردادون پاس ٿيون آهن ۽ عوام به ايران جو مڪمل حامي ڏسڻ ۾اچي ٿو. هاڻي آرمي چيف يا حڪمران باقاعده مدد ڪيئن ٿا ڪن اهو جلد واضح ٿي ويندو. ايران ۽ پاڪستان جا تعلقات هر دور ۾ ڪافي بهتر رهيا آهن. ان تعلقات جو جائزو وٺڻ لاءِ ايران جي تاريخ کي ٻن حصن ۾ ورهايون ٿا. هڪ اسلامي دور سان لاڳاپيل آهي ۽ ٻيو انقلابي دور سان. ايران تي عرب فتح کان پوءِ (ستين ۽ اٺين صدي عيسوي ۾)، ايران ۾ اسلام جو دور شروع ٿيو، جيڪو 1978 تائين هلندو رهيو. هن دور جو آخري حصو رضا شاهه پهلوي جي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهي ٿو. جڏهن پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع ۾ دنيا جي نقشي تي اُڀريو ته ان کي گڏيل قومن ۾ تسليم ڪندڙ پهريون ملڪ ايران هو. ان سان ايران- پاڪستان لاڳاپن جي شروعات ٿي. انهي وقت ايران مغربي بلاڪ (آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني) ۾ مڪمل طور تي شامل هو. پاڪستان پڻ SETU ۽ CENTO معاهدن جو حصو بڻيو. انهن جا هٿيار ۽ فوج ٻئي مغربي بلاڪ پاران تيار ۽ تربيت يافته هئا. ايران جي زميني، هوائي ۽ بحري فوجن پڻ مغربي بلاڪ جو گهڻو حصو، خاص طور تي آمريڪي هٿيار قرض تي ورتا هئا. پاڪستان کي 1950ع جي شروعات ۾ ساڍا پنج ڊويزن فوج ٺاهڻ جو موقعو پڻ مليو، جنهن جي قيمت آمريڪا برداشت ڪئي. انهن ساڍا پنج ڊويزن فوج ۾ هڪ ٽينڪ ڊويزن هئي، جيڪا هڪ نئين ڇانوڻي ۾ مقرر ڪئي وئي هئي. هن عرصي دوران کاريان ڇانوڻي ٺاهي وئي ۽ پاڪستان جي پهرين آرمرڊ ڊويزن ان ۾ مقرر ڪئي وئي. 1977ع کان 1980ع تائين 48-M ۽ 60-M ٽينڪ ۽ بعد ۾ پيٽن ٽينڪ پڻ کاريان ۾ ٺاهيون ويون. اڄ، هي ڊويزن گوجرانوالا ڪينٽ ۾ واقع آهي. کاريان جي قيام دوران، 1979 ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب آيو ۽ شاهي دور ختم ٿيو. پاڪستان ۽ ايران جو باهمي تعلقات انهي دور کان  ڀائراڻا ۽ دوستانه رهيا. انقلاب ايران کي شروع کان ئي جيڪي مشڪلاتون درپيش هيون، اهي فوج سان لاڳاپيل هيون. ايراني فوج شاهه جي وفادار هئي. انقلاب کان فوراً پوءِ عراق-ايران جنگ شروع ٿي وئي. آمريڪا عراق جي پويان هو. ايران جي نئين فوج کي IRGC سڏيو ويندو آهي، جيڪو اصل ۾ انقلابي گارڊ ڪور سڏيو ويندو هو. ان جا اهلڪار شروعاتي طور تي تربيت يافته ۽ هٿياربند هوندا آهن. پر انهن هٿيارن کي استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون هيون. ايران-عراق جنگ 8 سال (1980 کان 1988 تائين) هلي. جڏهن اها جنگ ختم ٿي، ته ڪنهن به ڌر کي واضح فتح نه ملي ڇوته آمريڪا کي تيل تي قبضو ڪرڻ ۽ ايران خلاف اڏو قائم ڪرڻو هو ان ڪري صدر صدام حسين کي اڳيان آڻي پويان سندس مدد ڪندو رهيو. پر جڏهن کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيو ته صدر صدام حسين کي به باغي ڪري مارائي ڇڏيو. ان دور ۾، جڏهن جنرل ضياءُ الحق پاڪستان تي حڪومت ڪري رهيو هو، ته ايراني وفد باقاعدگي سان پاڪستان ايندا ۽ ويندا رهيا. جنرل ضياءُ الحق کان پوءِ جنرل مرزا اسلم بيگ کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو. سندس ٽن سالن جي دور ۾، پاڪستاني فوج جي هڪ وڏي مشق، “ضرب مومن” منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه لک آفيسرن ۽ سپاهين حصو ورتو. اها هڪ ٻه طرفي مشق هئي. ايرانين مشق ڏسڻ لاءِ چار جنرلن تي مشتمل هڪ وڏو فوجي وفد موڪليو هو. 1988ع کان پوءِ، ايران اوچتو هڪ وڏو قدم کنيو ۽ پنهنجي هٿياربند فوجن کي جديد بڻائڻ لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ پروگرام قائم ڪيو. ان ايٽمي پروگرام تي به خاص ڌيان ڏنو ۽ روايتي هٿيارن (هٿياربند، توپخانا، هوائي) جي بدران ميزائل فورسز جي پيداوار تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. ايراني اختيارين پنهنجي فوجي موجودگي کي پنهنجي سرحدن کان ٻاهر وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. روس هن منصوبي ۾ ايران جي ڀرپور مدد ڪئي آهي. ايران پنهنجو سڄو ڌيان ايٽمي پروگرام، ميزائل پروگرام ۽ ڊرون جي پيداوار تي مرڪوز ڪيو آهي ۽ اهو قابل ذڪر آهي ته ان ۾ هڪ حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وقت ايران وٽ هڪ امير تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي. ايران ۾ ڊرون ۽ ميزائلن جي پيداوار ۽ انهن جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد مغربي بلاڪ لاءِ مٿي جو شديد سور بڻيل آهي. ڇوته ايران مغرب ۾ پنهنجو اثر قائم ڪيو آهي. پنهنجي سرحدن کان ٻاهر، عراق، شام ۽ لبنان يمن ۽ پوءِ ميڊيٽرينين سمنڊ تائين وڃڻ جو خواهشمند آهي. ان جون نظرون اوڀر ملڪن تي به آهن. ڇوته مغربي ملڪن ائٽمي طاقت کي انسانيت جي خاتمي لاءِ استعمال ڪيو آهي جنهن جو جواب ڏيڻ لازمي آهي. هن وقت پاڪستان توڙي ايران وچ ۾ باهمي لاڳاپن جو هڪ نئون دور شروع ٿيڻ جي اميد آهي. ڇوته هن وقت ايران ڏکئي وقت ۾ آهي ۽ عالمي يهودي طاقتن سان گڏ ڪجهه مسلم ملڪ به سندس ويري بڻيل آهن. ايران جي هٿياربند فوجن ۾، انقلابي گارڊز (IRGC) ۽ وڏي تعداد ۾ نيم فوجي دستا شامل آهن. هٿياربند اهلڪارن جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ 800,000 آهي. IRGC فوج کان وڌيڪ اهم ۽ ڳرو آهي. شام ۾، عراق ۾ باقر برگيڊ ۽ قط الرضا برگيڊ، يمن ۾ انصار الله برگيڊ، بحرين ۾ الاشتر برگيڊ، افغانستان ۾ فاطميان برگيڊ موجود آهن. ايراني ڊرونز ۾ ڪمان، مهاجر ۽ شاهد سيريز شامل آهن، ۽ ميزائلن ۾ شعب (I، II، III)، ذوالفقار، فتح مبين، دزفول ۽ قائم ريجمينٽ شامل آهن. ايراني ميزائل هٿياربند فوج جو سڀ کان اهم حصو آهن، جن جي رينج 2500 ڪلوميٽر تائين آهي. انهن مان، خيبر شڪن ميزائل کي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته سمجهيو ويندو آهي. اهو هڪ گائيڊڊ ميزائل آهي ۽ ان جي رينج 1500 ڪلوميٽر آهي، جيڪو اسرائيل کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. روس ايراني ڊرون ۽ ميزائلن جو هڪ وڏو خريدار آهي. ايران جي بحري فوج کي فارسي نار جي پاڻي ۾ گشت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ايران جي هي فوجي طاقت پاڪستان لاءِ هڪ شاندار ثانوي اثاثو پڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. جڏهن به مغربي بلاڪ جون فوجون انهن ٻنهي ملڪن (ايران ۽ پاڪستان) کي منفي نظر سان ڏسنديون آهن، ته اهي ايٽمي ۽ ميزائل پاڪستان کان علاوه هڪ ايٽمي ۽ ميزائل جو شڪار ايران ڏسندا آهن ۽ هي صورتحال هن خطي ۾ ٻنهي ملڪن جي اختيارين ۽ ماڻهن لاءِ تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪندڙ آهي. اميد ٿي ڪجي ته هن جنگ ۾ پاڪستان ايران جو ساٿاري ٿيندو ۽ هڪ صدي کان قائم آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جو خاتمو آڻيندا.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

ڪنڊيارو: امن جا خواب چڪناچور

 

ڪنڊيارو شھر جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي سادگي، پرامن ماحول ۽ محبت ڀري زندگيءَ لاءِ سڃاتو ويندو هو، اڄ خوف، دهشت ۽ بدامني جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ڪڏهن ماڻهو هتي رات جو اڪيلو هلڻ تي فخر ڪندا هئا، پر اڄ ڏينهن ڏٺي جو به محفوظ نه رهيا آهن. گهڻن لاءِ شايد اها خبر عام لڳي، پر ڪنڊيارو جي واسين لاءِ اها روز جي اذيت بڻجي وئي آهي. تازو ئي شهر جي معروف ڪلر واپاري عرفان قريشي کان ڏوهاري 25 لک رپيا ڏينهن ڏٺي جو ڦري فرار ٿي ويا، ڏينهن جي روشني ۾، بازار جي وچ ۾! ڪو پوليس وارو، ڪو قانون جو نمائندو نظر نه آيو، جيڪو ان واپاري جي مدد لاءِ اڳتي اچي سگهي. هن شهر ۾ روز هڪ يا ٻه موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ هاڻي ڪا نئين خبر ناهي رهي، بس شھرين جي تقدير جو حصو بڻجي ويو آهي. حيران ڪندڙ ڳالهه ته اها آهي جو سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو تعلق به نوشهروفيروز ضلعي سان آهي، جنهن ۾ ڪنڊيارو پڻ شامل آهي. ان باوجود شهر جو امن هن حد تائين خراب ٿي چڪو آهي جو عوام کي پنهنجي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو ڪو به تحفظ باقي نه رهيو آهي. ڇا وزير صاحب کي نظر نٿو اچي ته سندس ئي علائقي جا ماڻهو ڪنهن دوزخ جي زندگي گذاري رهيا آهن؟ ڇا ڪنڊياري جا رهواسي سنڌ جا شهري نه آهن؟ ڇا قانون لاءِ انهن جي ڪابه حيثيت نه آهي؟ ايس ايس پي نوشهروفيروز بشير بروهي جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿي رهيا آهن. سندس دور ۾ نه ڪو وڏو آپريشن ٿيو، نه ڏوهارين جي خلاف ڪا وڏي ڪاروائي، نه ئي ڪو اهڙو قدم کنيو ويو جنهن سان شهرين جي دلين ۾ امن جي اميد جا ڏيئا ٻري سگهن. لڳي ٿو ته پوليس کي صرف ايف آءِ آر لکڻ ۽ فائيل بند ڪرڻ جو ڪم رهيو آهي. ڪنڊيارو جا رهواسي اڄ به پراڻن ڏينهن کي ياد ڪري روئيندا آهن، جڏهنامن جي فضا هئي، ڏوهاري پناهه وٺندا هئا، عوام جي دلين ۾ تحفظ جو احساس هوندو هو. پر افسوس ته حڪومت، خاص طور تي گھرو وزير جي ڪنن تي جونءَ به نٿي چُري. شايد کين انهن ماڻهن جي تڪليف محسوس ئي نه ٿي ٿئي، جيڪي روز پنهنجي روزگار، زندگي ۽ امن جي لاءِ ترسي رهيا آهن. حڪومت جي خاموشي، پوليس جي نااهلي ۽ ڏوهارين جي آزاديءَ ملي ڪري ڪنڊيارو جو امن هميشه لاءِ تباهه ٿيڻ واري ڏس پيو وڃي. اڄ ڪنڊيارو جو ماڻهو سوال ڪري ٿو: “اسان جا گناھ ڇا آهن؟ اسان جو ڏوهه ڇا آهي جو اسان کي تحفظ نه ٿو ڏنو وڃي؟” حڪومت جي ذميواري آهي ته هو هتي جي ماڻهن جي هن دانهن جو جواب ڏئي، سندن تحفظ کي يقيني بڻائي، نه ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن ڪنڊياري جا ماڻهو پنهنجو انصاف پاڻ وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پوندا ۽ پوءِ جيڪو ٿيندو، ان جي ذميواري رياست تي هوندي. حڪومت جا وڏا ايوان، وزيرن جون وڏيون تقريرون، پوليس جي وڏي بجيٽون – سڀ بيڪار لڳن ٿيون، جڏهن عام ماڻھو جي زندگي، امن، عزت ۽ مال محفوظ نه هجي. ڪنڊيارو جي رهواسين جي آواز کي وسارڻ، سندن ڏک کي گهٽ سمجهڻ، هڪ وڏي غلطي ٿيندي. اڄ نه ته سڀاڻي، حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو. ڪنڊيارو جي امن لاءِ، انصاف لاءِ، تحفظ لاءِ، هاڻ خاموش رهڻ وقت نه رهيو آهي.

 

آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو

 

ڇا نوشهروفيروز  ۾ امن قائم ٿي سگهن؟

 

نوشهروفيروز ۾ هڪ مهيني  جي ڏوهن جا تفصيل هن ريت آهن:  ڪنڊيارو، درٻيلو ۽ ڀاڳوديرو ۾ ھڪڙي رات ۾ 5 وارداتون ٿيون. رات 7 وڳي ڊاڪٽر صالح ابڙو پنھنجي ڪلينڪ تان روزو افطار ڪرڻ لاءِ گھر وڃي  رھيو ته 4 ھٿياربند موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري ويا. ان کان پوءِ سراج پنجابي  جو موٽر  چور لاھي ويا. ان کاپوءِ وڏيري عادل ميمڻ جو موٽر رات چور زمين تان لاھي ويا. ان کان پوءِ عبدالرزاق ولد غلام نبي سيال ڪراچي کان موٽي پنھنجي شھر آيو ته ڦورن ان کان 2 عدد موبائيلون، روڪ رقم 50 ھزار ۽ عيد جا ڪپڙا ڦر ڪري ويا، ان کان پوءِ درٻيلو کان گھر ويندي غريب مزدور گل سولنگي کان روڪ رقم ۽ موبائيل ڦورو ڦر ڪري ويا ۽ ان کان پوءِ ڳوٺ کمن سوڍر مان رات جو چور ٻڪريون ڪاھي ويا. ڪنڊيارو شهر ۾ 14.6.2025 تي موبلنڪ فرنچائيز ڀرسان ڪلر جي واپاري عرفان قريشي جي ڪلر جي دوڪان تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند 25 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڪنڊيارو پوليس هميشه وانگر اگهور ننڊ ستل رهي ۽ بروقت واقعي واري هنڌ تي نه پهتي. پوليس صرف شريف ماڻھن کي تنگ ۽ تشدد ڪرڻ لاءِ آهي باقي ڏوهاري پوليس کان زور آهن. شھر ۾ وڌيل ڏوھ ڪنڊيارو پوليس کي شايد نظر نه پيا اچن بس غريب ئي پوليس کي نظر ٿا اچن جن تي بلا وجھ تشدد ڪيو وڃي ٿو.

 

آغا وحيد گهانگهرو