ايران ۽ اسرائيل جي جنگ
تهران تي حملي جي جواب ۾ ايران اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، تل ابيب ڌماڪن سان گونجي ويو. ايران جي ميزائل فائر ڪرڻ کان پوءِ اتر ۽ وچ اسرائيل ۾ سائرن وڄايا ويا. اسرائيلي فوج شهرين کي پناهه وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسرائيلي فوج موجب اسرائيلي هوائي دفاعي نظام جديد ترين ايراني ميزائلن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف ڪجهه وقت اڳ، اسرائيل ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ مختلف هدفن کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوج موجب 50 جهازن 170 ايراني فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته تهران ۾ انقلابي گارڊ ۽ ايراني دفاعي نظام سان ڳنڍيل هدفن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. عرب ميڊيا موجب تهران جي مرڪزي علائقي ۾ ايراني پارليامينٽ جي عمارت جي ويجهو ڌماڪن کان پوءِ باهه لڳي وئي، جڏهن ته تهران ۾ طالقاني هاءِ وي ۽ ولي عصر اسڪوائر جي ويجهو علائقن ۾ ڌماڪا ٿيا. عرب ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته تهران ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. تهران تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ايراني صدر مسعود پيشڪيان چيو ته جيڪڏهن اسرائيل جا حملا جاري رهيا ته جواب تمام طاقتور ۽ فيصلو ڪندڙ هوندو.
آغا وحيد/ گهانگهرو
ايران تي اسرائيلي حملو پاڪستان لاءِ به خطري جي گھنٽي!
اسرائيل پاران ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا ۽ اهم سائنسدانن سميت انقلابي گارڊز جي سربراهن کي قتل ڪرڻ بعد خطي ۾ تڪرار خطرناڪ موڙ تي پهچي ويو آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ به ڳڻتي جوڳو بڻجي ويو آهي. اهو حملو ايران جي سرزمين تي عراق-ايران جنگ کان پوءِ سڀ کان وڏو حملو قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن تي عالمي مارڪيٽن ۾ به اثر ٿيو آهي. تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. اسرائيل جا دوست به تنقيد ڪري رهيا آهن ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بيان ڏنو آهي ته “هي رڳو جنگ جي شروعات آهي”. عالمي ايٽمي اداري (IAEA) تصديق ڪئي آهي ته حملن جي باوجود ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن مان في الحال ڪنهن به ريڊيئيشن خارج ٿيڻ جي نشاندهي ناهي ٿي. ايران جو چوڻ آهي ته هو حملن جو جواب ڏيندو، پر جواب جي نوعيت اڃا واضح ناهي. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ايران تي حملو نه رڳو علائقائي پر عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي. جيڪڏهن ايران نيوڪليئر طاقت بڻجڻ جي طرف وڌي ٿو ته خطي جون ٻيون رياستون به متاثر ٿينديون، خاص طور تي تيل جي واپار وارا رستا ۽ هوائي اچ وڃ وڌيڪ دٻاءَ هيٺ اچي سگهن ٿيون، جيڪي اڳ ئي متاثر ٿي چڪيون آهن. پاڪستان جي قيادت هن وقت دبئي ۾ موجود آهي، جڏهن ته آرمي چيف آمريڪا جي دوري تي آهي. افغانستان، ڀارت ۽ هاڻي ايران جي ويجهو صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، جيڪا پاڪستان لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. هي ويڙهه رڳو شروعات آهي، جيڪا ڪنهن به وقت وڏين علاقائي تبديلين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال مان فائدو وٺندي ڀارت به ڪا اڳرائي ڪري سگهي ٿو، جيڪو خطي جي امن لاءِ وڌيڪ خطرو وڌائي سگهي ٿو. ٻئي پاسي غزا ۾ قتل عام کانپوءِ اسرائيل پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿو، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي ميڊيا ۾ ٻن مهينن ۾ وڏي تبديلي نظر اچي ٿي ۽ نيتن ياهو خلاف آواز اڀري رهيا آهن.
اياز بلوچ
امام بخاري رح جي زندگي ۽ سندن تاريخ جي ميدان ۾ ڪيل ڪم
تاريخ ھميشه انھن ڪردارن کي پنھنجي ساھ ۾ سانڍي رکندي آھي، جيڪي پاڻ تاريخ جي لاءِ جاکوڙون ڪري، پاڻ ملھائيندا آھن ۽ ان سان لاڳاپيل ھر پھلو کي نظر ۾ رکندي ھڪ بامعنيٰ تاريخ قائم ڪندا آھن. اھڙن لازوال، امر ۽ مشھور و معروف ڪردارن منجھان امام بخاري رح جو نالو پڻ حديثن ۽ سيرت جي ڪتابن جي تاريخ لکڻ ۾ پھرئين نمبر تي بيٺل آھي. سندس اسلام جي لاءِ ڪيل ڪم جھڙوڪ، “صحيح البخاري” جو مجموعو سندس امر ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. سندس بيھڪ تاريخ جي نامور ليکڪن، محدثن منجھه جڳھ وٺي ٿي. امام بخاري رح جو اصل نالو ابو عبدالله محمد ابن اسماعيل ابن ابراھيم ابن المغيرہ الجفري آھي، پر عام طور تي کين امام بخاري جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو. امام بخاري رح جن جي پيدائش، رسول الله صه جن جي وصال کان تقريبن 170 سال پوءِ 21 جولاءِ، 810 ع بمطابق 13 شوال 194 ھجري جمعي جي ڏينھن بخارا جي شھر ۾ ٿي. سندن والد جو نالو اسماعيل بخاري ۽ سندن ڏاڏي جو نالو ابراھيم بخاري ھو. سندن والد اسلام جو ھڪ نامور عالم ھو، والد جي وفات کان پوءِ امام بخاري جي پرورش جي ذميواري سندس ماءُ سنڀالي. سورھن سالن جي عمر ۾ امام بخاري ڪيترن ئي عالمن، ليکڪن جا لکيل مشھور حديثن جا ڪتاب پڙھي ياد ڪري چڪو هو. جنھن کان پوءِ سندس حديثن جي سفر ڏانھن لاڙو شروع ٿيو. ارڙھن سالن جي عمر ۾ پاڻ پنھنجي والدہ ۽ ڀاءُ سان گڏ مڪه مڪرمه ۾ آيا ۽ حج ادا ڪيائون. حج ادا ڪرڻ کان پوءِ سندس ماءُ ۽ ڀاءُ واپس پنھنجي اباڻي شھر بخارا واپس ٿيا پر امام بخاري اتي ئي وڌيڪ ٻن سالن جي لاءِ رھيا، جنھن جو مقصد صرف مذھب ۽ سماج مطابق ۽ حديثن جي ڄاڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ ھو. انهن ٻن سالن اندر امام بخاري رح ڪيترن ئي مشھور ليکڪن، عالمن ۽ دانشورن جا تاريخي ڪتاب پڙھيا ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي قول ۽ فعل کي مطالعو ڪري، حديثن جو علم حاصل ڪيائون ۽ انھن کي عملي شڪل ۾ آندائون. امام بخاري رح ٻه سال مڪي ۾ پورا ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ فقھ جي علم جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ کيس وڌيڪ چار سالن تائين محنت ڪرڻي پئي. مڪي ۾ اھي ڇھه سال گذارڻ کان پوءِ پاڻ وڌيڪ تعليم لاءِ بصري روانا ٿيا ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي ملڪن مصر، شام، بغداد ۽ ڪوفي جي شھرن تائين پنھنجو تعليمي سفر جاري رکيائون. امام بخاري پاڻ پنھنجي تشريح ڏيندي چوندا ھئا ته ھو پاڻ مختلف عالمن، اسلا مي ماھرن سان علم جي لحاظ سان ملي جلي ويندا ھئا جنھن ڪري کين ڪافي فائدو ۽ سٺي معلومات ملندي ھئي. انھن عالمن يا اسلامي اسڪالرز سان ملاقات وقت پاڻ ڪيترائي مضمون جھڙوڪ، سماج، مذھب ۽ علم کي مرڪز بڻائي علمي بحث ڪندا ھئا. امام بخاري جي استادن منجھان معروف استاد امام احمد بن حنبل، علي ابن المدني، يحيٰ ابن معين ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور عالم ۽ اسلامي ماھر سندس تعليمي سفر ۾ رھنما رھيا. سندن معروف شاگردن منجھان مسلم بن حجاج (امام مسلم)، عبدالله بن عبدالرحمان الدارمي، ابو بڪر ابن اسحاق ابن خزيمه ۽ ٻيا شامل آھن. امام بخاري پنھنجي تحقيق دوران ڪيترائي نامور ڪتاب لکيا جيڪي پڻ شايع ٿي چڪا آھن. سندن لکيل مشھور ڪتابن منجھه التاريخ الڪبير، التاريخ الصغير، التاريخ الاسوت ۽ صحيح البخاري شامل آھن. سندن سڃاڻپ اڪثر ڪري صحيح البخاري جي ڪتاب جي ڪري ڪئي ويندي آھي. ھي ڪتاب جيڪي امام بخاري پنھنجص حياتي ۾ لکيا اھي رسول الله صه جي دين کي سمجھڻ ۾ بھترين رھنمائي ۽ سمجھاڻي مھيا ڪن ٿا ۽ روزمرھ جي زندگي جي مسئلن ۽ ڳالھين تي روشني وجھي انھن کي واضح انداز ۾ پيش ڪن ٿا جن سان نه فقط خاص پر عام ماڻھو به فائدو حاصل ڪري پنھنجي علم ۽ سمجھه ۾ اضافو ڪن ٿا. امام ابو عبدالله محمد ابن اسماعيل ابن ابراھيم ابن المغيرہ ابن الجفري جي وفات 1 شوال 256 ھجري ۽ 870 عيسوي ۾ 62 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. سندن آخري آرامگاھه سمرقند ۾ آھي. سندن زندگي نه صرف خاص پر عام ماڻھو جي لاءِ ھڪ راھ آھي جنھن تي ھلي ماڻھو پنھنجي زندگي جي علم يا فلسفي کي آساني سان سمجھي سگھي ٿو.
مسعود احمد خاصخيلي/سڪرنڊ
سيد هارون شاهه راشدي ڏانهن خط
قبلا سائين! اوهان جي صحت ۽ سلامتي لاءِ دعاگو آهيون. اسان ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان کي گذارش ڪئي هئي ته لاڙڪاڻي جي عاقل روڊ، چنا محلي ۾ ستن سالن کان هلندڙ سنڌ جي بهترين اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عزيز سانگي ۽ سانگي برادريءَ جي تڪرار کي ختم ڪرايو وڃي. هن تڪرار جي ڪري نه رڳو مقامي ماڻهو پر سڄي سنڌ جا فن سان پيار ڪندڙ پڻ پريشان آهن. اسان محسوس ڪيو آهي ته هي معاملو هاڻي سنڌ جي ثقافتي ورثي، سماجي سڪون ۽ امن امان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته هن تڪرار ڪيترن ئي خاندانن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، سندن زندگيون اجاڙي ڇڏيون آهن، ڪيترائي گهر خالي ٿي چڪا آهن ۽ ان جا منفي اثر ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن. ماڻهو دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ سندن مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي. اڄ وري به ساڳي درخواست وڌيڪ زور ڀريندي ورجائي رهيا آهيون ته قبلا سائين! اوهان جو گهراڻو هميشه امن، انسانيت جي خدمت ۽ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. اوهان جي بزرگن سدائين تڪرارن کي حل ڪرائڻ ۾ ڪوششون ڪيون آهن ۽ ٺاهه ڪرايا آهن ۽ اڄ به اسان سموري سنڌ جا ماڻهو اوهان کان اها ئي اميد رکون ٿا. اسان کي خبر آهي ته اوهان جي شخصيت ۾ اهڙي قوت ۽ احترام موجود آهي جو ماڻهو اوهان جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. اوهان جو صرف هڪ اشارو هن ناسور تڪرار کي ختم ڪري سگهي ٿو. ان ڪري، مهرباني ڪري هن ستن سالن کان هلندڙ ۽ ناسور بڻيل تڪرار کي حل ڪرائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيو. هي معاملو هاڻي مقامي سطح تان وڌي چڪو آهي ۽ سڄي سنڌ جي فنڪار برادري ۽ ادبي حلقا ان تي نظر رکي ويٺا آهن. اهڙي طرح جي تڪرارن سان سماج ۾ بيچيني وڌي ٿي، امن جو ماحول متاثر ٿئي ٿو ۽ بيگناهه ماڻهو نفسياتي ۽ مالي طور تي سخت متاثر ٿين ٿا. هي صرف عزيز سانگي ۽ سانگي برادريءَ جو مسئلو ناهي پر هي سنڌ جي مجموعي امن ۽ خوشحاليءَ جو مسئلو آهي. اسان اوهان کي دل سان عرض ڪريون ٿا ته هن سنگين معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو. اسان کي پورو يقين آهي ته اوهان جي اڻٿڪ ڪوششن سان سردار معظم علي خان عباسي يا راشد محمود سومري جهڙين شخصيتن سان ڳالهائي هن تڪرار جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان هن معاملي ۾ مداخلت ڪئي ته اسان کي يقين آهي ته هن ڊگهي تڪرار کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهبو، متاثر خاندانن کي سڪون ملندو ۽ عزيز سانگي پنهنجي فن ذريعي سنڌ جي خدمت جاري رکي سگهندو. اوهان جو هي قدم نه رڳو چنا محلا جي رهاڪن لاءِ پر پوري سنڌ جي فن ۽ امن سان پيار ڪندڙن تي وڏو احسان هوندو. تاريخ ۾ اوهان جو نالو امن جي پيروڪار، سماج سڌارڪ ۽ ماڻهن جي محسن طور سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. اسان کي پڪ آهي ته اوهان سنڌ جي هن درد کي محسوس ڪندا ۽ هن نازڪ وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. اسان اوهان جي جلد جواب ۽ مثبت قدم جا منتظر آهيون.
ناشاد شوڪت شنباڻي
پيپلزپارٽي يا مشڪرن جر پارٽي!
اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪئنال واري اشو تي پيپلزپارٽي آخر تائين انڪار ڪندي رهي ته ڪي به ڪئنال نٿا ٺهن ۽ آخرڪار سنڌي ماڻهن ثبوت پيش ڪيا تڏهن وڃي ڦڪا ٿي چوڻ لڳا ته ها ڪئنال ٺهن پيا پر اسان ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندا سين. هو اهڙن بيانن تائين محدود رهيا. جڏهن سنڌ جو ننڍو وڏو پوڙهو جوان سڀ ڪئنال خلاف روڊن تي نڪتا تڏهن پيپلزپارٽي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ۽ پوءِ پنهنجو موقف وزيراعظم شھباز شريف اڳيان رکيو ته ڪئنال جو ڪم روڪرايو نه ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي اهميت صفا زيرو ٿي ويندي. تڏهن بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي وزيراعظم کي پريس ڪانفرنس ڪري ڪئنال کي روڪڻ جو اعلان ڪيو. ياد رکجو ته پنجاب حڪومت اڃا به ضد تي قائم آهي ته ڪئنال ضرور ٺهندا. خير اها ته ٿي پراڻي ڳالھه وري جڏهن وفاقي حڪومت بجيٽ پيش ڪئي تڏهن به پيپلزپارٽي ماٺ ڪري ويهي رهي ۽ ٻاهر نڪري سندس وزيرن کان اعلان ڪرايو ته اسان عوام دشمن بجيٽ کي نٿا مڃون ۽ خاص ڪري سرڪاري ملازمن جي پگهار پنجاھ فيصد وڌائڻ بدران ڏھ فيصد وڌائڻ خلاف احتجاج ڪندا سين. وري مزي جي ڳالھه جڏهن سنڌ حڪومت، جيڪا پيپلزپارٽي جي آهي، بجيٽ پيش ڪئي ته ٻارنهن فيصد سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائڻ جو اعلان ڪيو. ان کان پوءِ اسان پيپلزپارٽي کي مشڪرن جي پارٽي نه چئون ته ڀلا ڇا چئون! وفاق جي خلاف سدائين ڪوڙا بيان ڏئي وري وفاق سان بيهي ته ان ڳالھه کي ڇا سمجهجي؟ اسان جي نظر ۾ پيپلزپارٽي هاڻي ڪوڙي پارٽي آهي عوام دوست ناهي جيڪڏهن ائين ناھي ته پيپلزپارٽي پنهنجي موقف تي قائم رهي ڏيکاري.
دليپ آزاد/ عمرڪوٽ
ڇا مان غريب آهيان؟
اَوج تي پهتل هِن دنيا ۾ ڇا مان ئي هڪ غريب آهيان؟ اهو سوال من جِي بيقرارِي کي دِل کان دماغ تائين ور ور وڪوڙي ٿو پيو ! نه….! مون وٽ ته دنيا جون سڀ کان وڏيون نعمتون آهن، سُڪون جي ساز کان گڏ غُربت جو تاج پاتل آهي، سڄو ڏينهن پنهنجي محنت ۾ مشغُول ٿي سانجھي مهل حَقِي معاوضو کڻي پنهنجن ٻچڙن سان حق جو ڀلي هڪ گرهه ئي سهي، سو کائڻ کان پوءِ سُک سان آراميءَ ٿيان ٿو. پوءِ مان ته پنهنجِي ننڍڙِي دنيا جو بادشاھ آهيان. مون وٽ ته دنيا جي عظيم طاقت منهنجي امڙ آهي، جيڪا مون کي ڌنڌي تي وڃڻ مهل پيشانِي تي پيار مان چُمي ڏئي چوي ٿي ته منھنجا سِڪِيلڌا ٻچڙا …! تون ئي منهنجي ڪائنات جو بادشاھ آهين، تو کي هر موڙ تي شل سوڀ جي سُڳنڌ اچي، سُکن جي صحرا ۾ ڏُک پاڻي وانگر اڻلڀ نظر اچن. ماءُ هڪ اُهو مقدس روح آهي، جيڪو هر وقت شفقت جي برسات وسائي ٿو ۽ مان اُنهي برسات ۾ هر پَل ڀِنل رهيو آهيان. مون وٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هٿ جيڪو پيءُ جو آهي، اِهو هميشه درخت جي ڇانوَ وانگر ٿڪل مسافر جو ٿڪ ڀڃي سُڪون اَرپي ٿو. پيءُ منهنجي اها طاقت آهي جيڪو ڪارين راتين ۾ ڦڙڪندڙ ڏِيئي جيان پاڻ کي جلائي پر هر وقت، هر پل منهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ سِج جي تپش ۾ محنت مزدوري ۾ مَشغول رهي ٿو. مون وٽ ته منهنجي ڀيڻ آهي، جيڪا رکشا ٻنڌڻ جي ڏينهن ٻانهن جي ڪارائي ۾ ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي کي مضبوط ڪرڻ وارو ڌاڳو ٻڌي ججھي ڄمار لاءِ پروردگار کان دعائون گُهري ٿي. غربت جي ڄار ۾ ڦاٿل مان ڪڏهن ڪين نه امير ٿيندس مون کي ته ذميوارين جا زيور پاتل آھن. مان ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃان. مون کي ته منهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو پٽ آهي. جيڪو منهنجي پَگهر ۾ ڀِنل نوٽن کي بهار جي مُند ۾ وڻن جي پتن جيان موج مستي ۾ اُڏاري پيو. اڄڪلهه جو اولاد ستائڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ نه ڇڏيندو آهي هر وقت ڇڙواڳ دوستن سان گڏ هلي ٿو ۽ مستقبل کي مُشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. مائٽ مُشڪل سان پڙهائن ٿا، وڏيرن جي غُلامي سهي، قرض کڻي تعليم ڏياري اُهو اولاد اگتي هلي ڪنهن ڪم جي لائق نٿو رهي. تنهن ڪري هن غضب زندگيءَ کان تنگ ٿي آپگهات ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏي ٿو، انهي جو سبب خبر نٿي پئي ڪهڙو ڏِجي هڪ ته اسان جي بي پرواهه حڪومت جا قابض ۽ غاصب حڪمران سنڌ جي وسيلن کي وڪرو ڪري ڪَکُ پتي مان ڪروڙ پتي ٿيندا ٿا وڃن ۽ مان غريب مان مسڪين ٿيندو پيو وڃان. ٻيو ته هِن اٻوجھه شعور کان محروم قوم کي ڪابه خبر ناهي ته دنيا ڪٿان کان ڪٿي پهتي آهي. مان غُربت جي ڳار ۾ ڳرندو پيو وڃان. هن غريب جي ڪوئي ٻڌڻ وارو ناهي. مون مُلڪ کي خوشحال ڏسڻ لاءِ کُليل اک سان ڪيئي خواب ڏٺا ۽ پورا ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ مصروف آھيان، پر ھن ناڪاره حڪمرانن منهنجي خوابن کي خيالي سمجھي سَڻڀن ٽُڪرن تي منهنجي ملڪ جي مستقبل کي ماضيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. آئون ته سرڪار جي ڪُل خزاني جي بقايا غربت آھيان.
دولت ڪمار اگراڻي
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان
اڪثر ڪري (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان) جيئن ته قسط ھلي رھي آھي گورنمينٽ وفاق حڪومت کي گھرجي ته ڪجھه نيون بينڪون کولي غريب عوام جي سھولت جي لاءِ غريب عوام انهن بينڪن مان پنهنجي حق جا پئسا وصول ڪري سگهن. غريبن جي لاءِ سهولت مھيا ڪن. جيئن ته ھن وقت ٽائيم ۾ غريب عوام کي ڏاڍي تڪليفن کي منهن ڏيئي رھي آھي. پريشان ٿي رھي آھي. اڪثر ڪري ڪجھه غريب عورتن جا فنگر به نٿا لڳن. انھن کي ڏاڍي مشڪلات پيش ايندي آهي. ڪجھه سوچڻ سمجهڻ گھرجي. انھن جي لاءِ الڳ سينٽر کوليا وڃن. ته جيئن غريب عورتون آسانيءَ سان پئسا کڻي سگھن. حڪومت کي گھرجي ته جلد ۾ جلد قدم کڻي. مثال طور جيئن سرڪاري ملازمن کي پنھنجون پگھارون وقت تي ملن ٿيون. ھنن غريبن جي لاءِ اھا سهولت ڏين. بينظير جي قسط بيڪن جي ذريعي ڏيڻ گھرجي. غريب عورتون جا بينڪ اڪائونٽ کوليا وڃن. غريب عوام آسانيءَ سان پئسا وصول ڪري سگهن. جيڪا ھاڻي حالت ڏسڻ ۾ اچي پئي. گرمي جي شدت وڌيڪ وڌي رھي آھي. منھنجي لکڻ جو اھو مقصد آھي ته غريب عورتن جي پاڻي جو به بندوبست ڪيو وڃي. پاڻي جي سهولت نه ھجڻ جي ڪري عورتون بيهوش ٿيڻ جو خدشو آهي. سنڌ حڪومت کي اھا سهولت ڏيڻ کپي.
زاھد حسين زرداري/ سرھاڙي
منهنجو بابا
يبين الاقوامي طور دنيا ۾ مختلف ، سماجي سياسي ،مذھبي، ۽ ڪي تاريخي ڏينھن ملھائڻ کان سواءِ ڪڏھن ماءُ جو ڏينھن تہ ڪڏھن پيءُ جو ڏينھن به ملھايو ويندو آھي. اڄ پيءُ جو ڏينھن آھي، منھنجي خيال ۾ دنيا ۾ عظيم رشتن ۾ ماء پيء جو رشتو افضل ھوندو آھي. انھن جي ھر گھڙي اولاد جي ڪاميابي لاء محنت ،جدوجھد ۽ اوجاڳن ۾ گذري ٿي ته پوءِ اسان ڪو ھڪ ڏينھن انھن لاء وقف ڇو ڪريون؟ اسان پنھنجي ھر گھڙي ھر ساعت انھن لاء وقف ڪريون، مون پنھنجي زندگي ۾ ڪو ورلي اھڙو پيءُ ڏٺو جھڙو منھنجو والد آھي. جنھن پنھنجي سڄي زندگي پنھنجو سک آرام ڦٽائي پنھنجي اولاد جي سک ۽ ڪاميابي لاءِ جدوجھد ڪئي. ھو اڄ به 85 سالن جي عمر ۾ ورچي ويھڻ وارن مان نه آھي. نہ صرف اسان جي ڪاميابين لاءِ ڪوشان آھي پر ھن پنھنجي سموري نوڪري سنڌ جي ٻارن کي پنھجي اولاد وانگر سمجھي پڙھايو. ھو ڪڏھن به ڪنھن آفيسر اڳيان نه جھڪيو، ڪڏھن ڪن وڏن ماڻھن جي پٺيان نه لڳو، ھن تعليمي ادارن جي نه صرف نوڪري دوران مالڪي ڪئي پر اڄ به انھن جي ترقي لاءِ وس آھر ڪوششون ڪندو رھي ٿو. ھو سماج کي بھتر ڪرڻ جو خواهشمند آھي، اسان سڀئي سندس اولاد سندس نقش قدم تي ھلڻ جي ڪوشش ۾ آھيون. انھي ۾ گھڻيون ڪاميابيون مليون ته ڪڏھن ڪڏھن ناڪاميون بہ ملن ٿيون پر اسان جا ارادا به بابا سائين وانگر اٽل آھن. ھن جو چوڻ آھي ته تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي، متان ٿئي اونداھي پير نه لهين پرينءَ جو. ھو اڄ به پنھجي ساٿين محترم رسول بخش پليجو ۽ شھيد عوام فاضل راھو جي واٽ تي ھلندڙ آھي. جن سان گڏجي عوامي تحريڪ ٺاھي اٿن جنھن جو مرڪز اسان جو ڳوٺ ھوندو ھو. سندس روح اڄ به انھن سان رليل آھي ھو اڄ به سنڌ جي حقن لاءِ ھر عمل ۾ ثابت قدم آھي. سنڌ جي پاڻي، زمينون، ڌاري آبادي يا ٻيا مسئلا ھجن انھن ۾ اڳين صفن ۾ ھوندو آھي. سندس ساٿ ۽ ڏسيل واٽ تي اسان گامزن آھيون. الله ڪري سندس حياتي جو ھر پل اسان جي ۽ سنڌي قوم جي رھنمائي ۾ گذري.
غلام محمد ميرجت/ٽنڊوالهيار