سنڌ ۾ داءُ تي لڳل زندگيون – رياست ۽ سماجي بيحسي!!
سنڌ جيڪا پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ مهمان نوازيءَ جي ڪري سڃاتي ويندي ھئي. سنڌ ڌرتي جيڪا تهذيبن جي ماڳ، ثقافتن، وسيلن ۽ مزاحمت جي علامت رهي آهي ۽ هينئر ان ئي ڌرتيءَ کي ڏسون ٿا ته روح مان رڙ نڪري پئي ته سنڌ سان ايتريون ويساهه گهاتيون ٿين پيون. ڪا به شيءِ محفوظ ناھي رھي نه ڪو ماڳ، ثقافت، وسيلا، درياءُ نه ئي ڌرتي. نه ئي ھاڻي سنڌ جون اهي مزاحمتون محفوظ رهيون آهن. اڄ ان ئي سنڌ ڌرتيءَ تي هزارين زندگيون روزانو خطري ۾ آهن. ھن ڌرتي تي صوفي ازم جو پيغام، برداشت جي سبق شاهه سائين جي شاعري ۾ “انسانيت” جو پرچار ھو اڄ ان ئي سنڌ ڌرتيءَ تي انسانيت کي لتاڙي، سنڌ جي ھر ڳوٺ، شھر جي گھٽين کي رت سان رڱيو ويو آھي. سنڌ جيڪا امن امين رهي آهي اڄ ان امن امين واري ڌرتي پنھنجي ئي وارثن لاءِ قيد خانو بڻجي وئي آهي، ھاڻي ته سنڌ جو ھر فرد صرف پنھنجو ۽ ٻچڙن جي زنده رھڻ جو حق گھري پيو. اهو ڏينهن خالي ناهي جتان هن ڌرتيءَ جي ڪنھن نه ڪنھن ڪُنڊ مان ڪنهن ڪونڌر يا ڪنهن نياڻي جو لاش نه ملندو ھجي. سنڌ ۾ روزانو ڪيتريون ئي زندگيون خطري ۾ ھونديون آهن ڪڏهن غيرت جي نالي تي، ڪڏهن قبائلي دشمنيءَ ۾، ڪڏهن ڌاڙيلن جو راڄ ته ڪڏھن تحفظ ڏيندڙ ادارن جي ھٿان ته ڪڏهن معاشرتي اڻبرابريءَ جي ور چڙهي وڃن ٿيون. ھاڻي ته ايئن محسوس ٿئي ٿو گھر کان وٺي ٻاھر تائين سنڌين جي نسل ڪُشي جو ٺيڪو کنيو ويو ھجي. اھو سنڌي مرد ھجي يا عورت ان جي زندگي داءُ تي لڳل آھي. جيڪڏھن عورت جي زندگي ڏانھن ڏسون ته ھر روز عورتن جو قتل ٿئي پيو سنڌ مان روز ٻه کان ٽي عورتون ڪارنھن جي نانو ۽ مختلف سببن جي ڪري قتل ٿين ٿيون يا ادارن مان انھن جا لٽڪيل لاش ملن ٿا پر ادارن جي بيحسي ۽ سماجي ماٺ جي ڪري قاتل بچي ٿو وڃي. وري ٻئي ڏينھن وري ڪا نياڻي ڪُسجي وڃي ٿي. ساڳي طرح ئي قبائلي تڪرارن ،کان وٺي ڌاڙيل ۽ رياستي ادارن جي راڄ ۾ ڪو به ڪونڌر محفوظ ناهي. سنڌ جا سڀئي ضلعا غيرمحفوظ بڻيل آھن. جيڪو ٻاھر نڪري ٿو انھيءَ جو لاش والدين کي ملي ٿو. خاص ڪري ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڌرتي امن لاءِ تڙپي پئي. سالن کان ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا رھواسي امن جي جنگ اڪيلي سر وڙھي رهيا آھن. روز ٻچڙن جا لاش ڪلھن تي کڻن پيا جتي نه قانون جو ڪو اثر رھيو آھي نه ئي ڪا حڪومتي رٽ جو ڪو نالو نشان رھيو ھجي. پوري سنڌ جي اها صورتحال آھي ته ڪو به فرد پاڻ کي محفوظ نه پيو سمجھي. گھر کان خوفزده ٿي نڪري ٿو ان کي اها خبر به نه هوندي آھي ته هو صحيح سلامت واپس ٿيندو به يا نه؟ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گھوٽڪي، جيڪب آباد ضلعي جا علائقا ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهن. رستا بند، اسڪول بند، اسپتالون غيرفعال، ماڻهو يرغمال. ڀنگ لاءِ اغوا، قبائلي دشمني ۽ جديد هٿيارن جي کلي عام نمائش اهي سڀ قانوني رٽ ختم ٿيڻ ۽ ادارن جي ناڪامي ۽ بيحسي جو نتيجو ئي آھي جنھن جي ڪري ئي عام ماڻهو جي زندگي مفلوج بڻيل آھي ۽ انساني جانين جو تحفظ نه ھجڻ انھن علائقن کي هڪ مستقل خوف ۽ نوگو اريا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو ھر فرد عتاب جو شڪار رھي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، صحافي، شاعر، سماجي ڪارڪن ۽ سياسي ورڪر خطري هيٺ ھوندا آهن. ڪنھن کي ڪھڙي وقت کنڀيو وڃي يا ھميشه لاءِ خاموش ڪيو وڃي اھو صرف ان لاءِ ئي ڪيو ٿو وڃي ته لکندڙن، ڳالهائيندڙ ذهنن ۾ خوف ڀريو پيو وڃي ته جيئن هو سوال نه ڪن، سوچين نه، رڳو تابع ٿي وڃن. سنڌ ۾نه صرف ڌاڙيل گردي، پوليس گردي، قبائلي دھشتگردي، منشيات، مذھبي انتھاپسندي ۾ انساني جانيون ضايع ٿين پيون جيڪڏھن غور ڪيون ته سنڌ کي ھر پاسي بربريت ۽ رهزني سوچ گھيري ڇڏيو آھي. ادارن جي ايتري بربريت وڌي وئي آھي جيڪڏھن ڪو انسان قتل ٿئي ٿو ته ان جي ايف آءِ آر لاءِ وارث احتجاج ڪن ٿا ته انھن تي گوليون ھلايون وڃن ٿيون يا حق گھرڻ جي ڏوھ ۾ ان خاندان جي مٿان به دھشتگردي جا ڪيس داخل ٿي وڃن ٿا. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مختلف طريقن سان استحصال ڪري جيئڻ جو حق کسيو وڃي ٿو نه صرف اھو پر سنڌ ۾ معاشي قتل عام جي ڪري به سنڌ کي روز لاش ملن ٿا. پاڻي جي کوٽ، فصلن جو نه ٿيڻ ۽ بيروزگاري ماڻهن جي زندگيءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو. سنڌ ۾ بک بدحالي، معاشي قتل عام جي ڪري انسان ذھني مونجهاري ۾ رھي ڪري ذھني بيمارين ۾ وڪوڙجي انتھائي تڪليفده قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پنھنجو ۽ ٻچڙن جي زندگين جو انت آڻي ٿو. سڀ کان وڌيڪ ٿرپارڪرجي پاسي جتي هزارين ٻار هر سال غذائي کوٽ يا دوا نه ملڻ سبب فوت ٿين ٿا. هن سائنسي دور ۾ اڃا تائين انساني ناانصافيءَ جو اھو زنده مثال توھان کي سنڌ ۾ ئي ملندو جنھن سبب جي ڪري روز ڪيترن ئي معصوم زندگين جو انت ٿيندو آهي جن ۾ تمام گھٽ ڪيس منظر عام تي ايندا آھن . اڄ پاڻ اهڙي جڳھه تي بيٺل آھيون جتي انسان جي جان، عزت، تعليم ۽ حق هر وقت خطري ۾ آهي. هتي صحافي، استاد، ڊاڪٽر، وڪيل ۽ سماجي، سياسي ڪارڪن ڀلي اھو مرد ھجي يا عورت سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ظلم هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. جيڪڏهن اسين اڄ به پنهنجون اکيون بند ڪري بي حس بڻيل رهياسين، ته سڀاڻي هر گهر جو دروازو ڪنهن ڏک جي نئين داستان سان کلندو! اسان ھن جُڙيل خوف واري سماج ۾ پنھنجو پاڻ کي صرف خبرن جي هيڊ لائنز تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي جنھن سان واقعو پيش اچي ٿو بس سوشل ميديا تي ڪجھه ڏينھن افسوس ڪري وري نئين واقعي جي لاءِ وقتي غمزده ڪري ٿا ڇڏيون. پر ڪا سنجيده ۽ مستقل حڪمت عملي ڪٿي به نظر نه ايندي جنھن جي ڪري سنڌ ڪنھن ڪربلا کان گھٽ ڪونه آھي پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچڙن جي تحظ لاءِ سڀني کي اڳتي وڌڻو پوندو. انهن بي آواز ماڻهن لاءِ نه رڳو لکڻو، پر بيهڻو، وڙهڻو ۽ ساٿ ڏيڻو پوندو. جيڪڏھن نه ته پوءِ اسان سڀني جو وارو ھوندو، رڳو انگ اکر بڻجي انهيءَ فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي انتظار ۾ ھونداسون.
شانل کوسو
بادشاهه سلامت نفري وڌايو
ڪنھن زماني جي ڳالھه ٿا ڪن ته ھڪ بادشاهه پنھنجي وزير کان پڇيو ڏي احوال پنھنجي ملڪ ۾ سڀ ڪجھه صحيح پيو ھلي جو ماڻھو پاڻ وٽ اچن ئي نٿا؟ ڪو گوڙ ناھي، ڪو شور ناھي. وزير چيو سائين پاڻ به سست ٿي ويا آهيون پر توھان چاھيو ته درٻار ۾ ميڙا مچي ويندا. بادشاهه چيو وارو ڪر. سو وزير ھڪ شھر کي ٻئي شھر سان ملائيندڙ پل تي ھڪ پاسي کان ٽيڪس لڳائي ڇڏيو. ماڻھو ٽيڪس ڏيندا ويا ڪو گوڙ نه ٿيو. بادشاهه سلامت پل جي ٻئي پاسان به ٽيڪس نافد ڪيو. ماڻھو خاموشي سان ٽيڪس ڏيڻ لڳا گوڙ نه ٿيو. بادشاهه سلامت وزير کان پڇيو بلا ڏي خبر ھاڻ ڇا ڪجي؟ تڏھن وزير مشورو ڏنو سائين پل تي داخل ٿيندڙن کان ٽيڪس به وٺجي پويان لڪڻ به وھائجن. ائين ڪيو ويو پر پوءِ به ڪو گوڙ نه ٿيو. پل جي ٻئي پاسي کان به ٽيڪس ۽ پادريشن شروع ٿي، تڏھن ڪجھه ماڻھو بادشاهه جي سلامت جي درٻار ۾ آيا. ھٿ ٻڌي عرض ڪيائون. سائين توھان ھڪ پاسي پل جي ٽيڪس لڳايو، اسان کي ڪو اعتراض ناھي توھان ٻئي پاسي ٽيڪس لڳايو، اسان کي ڪو اعتراض نه ٿيو. توھان اسان کي لڪڻ پادر ڪوڙا ھڻائڻ شروع ڪيا. پل جي ٻنھي پاسن کان اسان کي ڪو اعتراض ناھي. بس ٿوري دير ٿي وڃي ٿي توھان نفري وڌايو، جيئن اسان جلدي جلدي ٽيڪس به ڏيئي پادر کائي گذري وڃون وقت ضايع نه ٿئي. توهان جي اڪائونٽ ۾ رقم ايندي ته ان تي به ٽئڪس، توهان جي اڪائونٽ مان رقم نڪرندي ته ان تي به ٽئڪس، توهان رقم ڪيش ڪڍرائڻ چاهيو ٿا ته ان تي به ٽئڪس، توهان آن لائن خريداري ڪريو ٿا ته ان تي به ٽئڪس، بل جمع ڪرائڻ تي به ٽئڪس، پنهنجي سهولت لاءِ جيڪڏهن ڪا گاڏي وٺڻ چاهيو ٿا ته ان تي به ٽئڪس ۽ ان ۾ پيٽرول ڀرائڻو آهي ته ان تي به ٽئڪس!
الھڏنو راهمون/ سجاول
سنڌ ۾ پيئڻ جي زيرِزمين پاڻي جي صورتحال ۽ وڌندڙ خطرناڪ بيماريون
زندگيءَ جو بنياد، پاڻي، جڏهن زهر بڻجي وڃي، ته قومن جي خاموشي تاريخ جو ماتم بڻجي ٿي. سنڌ ۾ زيرِزمين پيئڻ جو پاڻي، جيڪو اڳي نعمت هو، 2024 جي تحقيقن مطابق هاڻ هڪ خاموش قاتل بڻجي ويو آهي. 2024ع جي سروي رپورٽن ۽ تحقيقي جرنلن موجب سنڌ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن جو زيرِزمين پاڻي پيئڻ جي قابل ناهي. Pakistan Council of Research in Water Resources ۽ عالمي سطح جي مطالعي مطابق خاص طور تي ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، نوابشاهه، سجاول ۽ ڪنڌڪوٽ وارن علائقن ۾ پاڻي ۾ هيٺيان خطرناڪ جزا مليا آهن:
آرسنيڪ (Arsenic) – ڪينسر پيدا ڪرڻ وارو عنصر
فلورائيڊ (Fluoride) – هڏن ۽ ڏندن جي بيمارين جو سبب
ڪلورائيڊ ۽ نڪل – جگر، گردن ۽ چمڙي جي بيمارين سان لاڳاپيل
بيڪٽيريا – دست، گيسٽرو ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين جو ڪارڻ.
ماهرن موجب اهڙو پاڻي استعمال ڪندڙن ۾ خاص ڪري ٻار، عورتون ۽ پوڙها گهڻو متاثر ٿيا آهن. 2024ع جي طبي رپورٽن مطابق سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هي بيماريون عام ٿي ويون آهن: هڏن جي ڪمزوري، ڏندن جو خراب ٿيڻ، گردن جون بيماريون، دست ۽ پيٽ جون بيماريون، ڪينسر جو وڌندڙ خطرو،
پاڻي ڇو خراب ٿيو؟ 1. زمين مان پاڻي جي وڌيڪ کڻائي. (Over-extraction) 2. زراعت ۾ بي جا زهر ۽ ڀاڻ جو استعمال. 3. صنعتي فضلي جو نيڪال بغير صفائي جي. 4. سمنڊ جو کارو پاڻي زميني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ. 5. سرڪاري پلانٽن جو غير فعال هجڻ.
حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ حڪومت سنڌ ۽ وفاقي ادارن طرفان ڪجهه قدم کنيا ويا، جن ۾ شامل آهن: سنڌ واٽر ڪوالٽي پروگرام تحت 2024ع ۾ 20+ ضلعن جو پاڻي جاچيو ويو. آر او (RO) پلانٽس لڳايا ويا، پر انهن مان اڪثريت غير فعال يا خراب آهي. PCRWR جي 2024ع رپورٽ موجب باٽل واٽر جا 28 برانڊ غير معياري آهن Sea Water Intrusion Study لاءِ ڪراچي ۽ ٺٽو ۾ مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي آهي. Sindh Groundwater Protection Bill 2024 جو ڊرافٽ تيار آهي، پر اڃا لاڳو ناهي ٿيو.
آر او پلانٽس جي بحالي فعال مرمتي نظام تحت پلانٽس کي فوري هلايو وڃي. قانون تي عمل صنعتي ۽ زرعي فضلي تي قانوني ڪاروائي ضروري آهي. باقاعده سروي هر 3 مهينن تي پاڻي جي معيار تي رپورٽ جاري ڪئي وڃي. شعور مهم اسڪولن، ميڊيا ۽ مڪاني ادارن ذريعي ماڻهن ۾ آگاهي ڏني وڃي. واٽر پاليٽ جو نفاذ “Sindh Groundwater Act” کي فوري لاڳو ڪيو وڃي. 2024ع جون تحقيقون واضح ڪن ٿيون ته سنڌ جي زيرِزمين پاڻيءَ جي صورتحال بحران کان به اڳتي آهي. جيڪڏهن فوري طور تي قدم نه کنيا ويا، ته ايندڙ نسلن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي صرف خواب رهجي ويندو. حڪومت، ادارن، ميڊيا ۽ عام شهرين کي گڏجي سنجيده، پائدار قدم کڻڻا پوندا. ڇو ته پاڻي ـ صرف وسيلي نه، پر زندگيءَ جي ضمانت آهي.
اويس سونو خان راڄپر/نوشهروفيروز
هاڻي واٽس ايپ تي وسري ويل پيغام ٻيهر موڪلي سگهجن ٿا
واٽس ايپ هڪ نئون ۽ ڪارائتو فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي، جنهن جو مقصد واهپيدارن کي اڻپورا رهجي ويل پيغام ڳولي مڪمل ڪرڻ ۽ موڪلڻ آسان بڻائڻ آهي. ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب هي نئون فيچر خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ سازگار ثابت ٿيندو، جڏهن صارف ڪنهن چيٽ ۾ پيغام لکڻ وقت سينڊ ڪرڻ وساري ويهي ٿو يا ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. واٽس ايپ هاڻ اهڙن ”ڊرافٽ” پيغامن کي سڃاڻڻ ۽ ٻيهر استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ نئون فلٽر متعارف ڪرائي رهيو آهي. جيئن ته هن وقت واهپيدارن کي ڊرافٽ پيغامن جي ڳولا لاءِ سڄي چيٽ لسٽ اسڪين ڪرڻي پوي ٿي، جيڪو ڏاڍو ٿڪائيندڙ عمل آهي، خاص ڪري انهن واهپيدارن لاءِ جن وٽ واٽس ايپ تي ڪيئي چيٽس موجود آهن. نئون ڊرافٽ فلٽر واٽس ايپ جي ٻين فلٽرز وانگر جهڙوڪ اَن ريڊ، گروپس، آل وغيره جي ڀرسان موجود هوندو، ان ۾ اهي سمورا پيغام ظاهر ٿيندا جيڪي ڪنهن به چيٽ ۾ لکي موڪلڻ کان رهجي ويا هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊرافٽ فلٽر هڪ پري سيٽ آپشن هوندو، يعني صارف پاڻ ان کي سيٽ نه ڪري سگهندو، پر واٽس ايپ پاڻمرادو ان فيچر کي فعال ڪندو. پر واهپيدار کي اهو اختيار هوندو ته هو ڊرافٽ فلٽر کي ڊس ايبل ڪري سگهي. هن فيچر جي آزمائش واٽس ايپ جي نئين اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ جاري آهي ۽ امڪان آهي ته جلد ئي اهو سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ دستياب ڪيو ويندو.
اياز بلوچ/تنگواني
سوال امن جو ! بدامني ۽ سنڌ م رھندڙ ھندو!
سنڌ امن جو خطو رھي آھي. سنڌ ۾ رھندڙ اصل سنڌ جا رھاڪو ۽ سنڌ کي امير ڪرڻ وارا ھندو ھئا. ھندو ڪميونٽي امن پسند رھي آھي ۽ سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي ورھاگي کان يا ھاڻي ھندن جو واپار ڪرڻ ۽ سنڌ کي ڪاروباري مرڪز بڻائڻ ۾ ھندو ڪميونٽي جو اھم ڪردار رھيو آھي. گذريل ڏھن سالن کان ھندو واپاري طبقو يا انھن سان زيادتيون ٿي رھيون آھن. گھوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، لاڙڪاڻو، نوابشاھ ۽ خيرپور ميرس م ھندن جو قتل ڪرڻ ۽ انھن کان ڀتا مافيا ڀتو نه ڏيڻ تي انھن کي ڌمڪايو وڃي. ان ڪري ھندو ڪميونٽي ھن وقت پريشان آھي. ڪالھه تازو خيرپور ميرس ۾ تعلقا پير ڳوٺ م ٻه معصوم ٻارڙا ۽ ھڪ مرد کي زھر ڏئي ماريو ويو آھي. ائين لاڙڪاڻي ۾ سر عام ھندو ڪميونٽي جي ماڻھو کي قتل ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي مون وڊيو ٻڌي اخبارن ۽ ٽي وي نيوز چئنل تي رپورٽون ٿي رھيون آھن. ھندو ڪميونٽي جو چوڻ آھي ته آخر اسان جو جو ڏوھ ڪھڙو آھي؟ جو اسان کي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. پريا ڪماري معصوم ٻارڙي جو ڪو به پتو نه آھي. ان جي ماءُ دانھون واڪا ڪوڪون ڪري رھي آھي. سنڌ م ھندو ڇوڪرين کي هراسان ڪري شاديون ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جو مھذب، پروقار، امن پسند واپاري طبقو ظلمن جي ڪري لڏ پلاڻ پيو ڪري. سنڌ کي ڇڏڻ تي مجبور آھي. امن جو پکي اڏامي ويو آھي. آخر سنڌ کي ڇا ٿي ويو آھي جو صوبي ۾ امن نه رھيو آھي. ھي اصل سنڌ جا وارث وڃن ته ڪيڏانھن وڃن. ھي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌو جا اصلي وارث آھن راجا ڏاھر کان سوڀو گيانچنداڻي، ڀيرو مل، گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو جنھن بنياد وڌو ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ھندو مشھور ۽ معروف شخصيتون آھن جن سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي لاءِ ڪم ڪيو آھي. سنڌ سرڪار ھندو ڪميونٽي جي تحفظ کي يقيني بڻائي. ماڻھن کي پنھنجي محنت مزدوري ڪرڻ گھرجي ھندن کان ڀتو نه وٺڻ گھرجي. انھن کي ڀتي نه ڏيڻ تان قتل نه ڪرڻ گھرجي. سنڌ کي امير ۽ واپاري مرڪز بڻائڻ وارا ھندو ئي آھن انھن جو خيال ڪرڻ گھرجي. سنڌ ۾ امن بحال ڪيو وڃي. ان ۾ ئي سنڌ جي بقا، سلامتي، خوشحالي ۽ فراخدلي آھي. سنڌ جي ھر فرد کي امن بحال ڪرائڻ خاص ڪري پوليس، وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن کي امن بحال ڪرائڻ لاءِ مثبت ادا ڪرڻ گھرجي.
شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ
بجيٽ
ھي بجيٽ وڏن ملازمن جي آهي. زراعت جي باري ۾ ڪجھه سوچڻ گھرجي. غريب ھاري جو فصل تيار ٿئي ٿو. منڊي جو ريٽ صفا گھٽ ڪري ڇڏين. سنڌ ۽ وفاق جي حڪومت ڪڻڪ ڪپهه جا ريٽ گهٽ مقرر ڪن ٿا. اھو سراسر غريب ھاري ۽ مزدورن سان ظلم آھي. ھارين ۽ مزدورن جي لاءِ خاص ڪھڙي بجيٽ پيش ڪئي اٿن. مزدور ۽ ھاري ڪارڊ جاري نه ڪري سگھيا. رڳو سرڪاري ملازمن جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. هاري سڄو سال لنڊيون لتاڙي فضل تيار ڪن ٿا. حڪومت کي گھرجي ته ٻج ڀاڻ ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ غريب عوام کي رليف ڏئي. عوام کي ميرٽ تي نوڪريون ڏين. بجلي ۽ گيس جا بل گھٽ ڪيا وڃن ۽ غريبن کي پنھنجا حق ملڻ کپن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ھلي رھي آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي گھرجي ته بينڪ جي ذريعي غريبن کي پيسا ڏين چيڪ جي ذريعي ڏين. غريب عوام سڪون سان پيسا کڻن.
زاھد حسين زرداري/ سرھاڙي
سنڌ جي ملازمن سان ناانصافي ڇو؟
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي پيپلزپارٽي (بحيثيت حڪومتي پارٽي) مان وڏيون اميدون هيون ته سنڌ جي بجيٽ جي اندر سرڪاري ملازمن کي وڌيڪ نه سهي پر گهٽ م گهٽ وفاقي بجيٽ جي طرز تي ايڊهاڪ ۽ ڊسپيرٽي ريڊيڪشن الائونس ڏئي خوش رکندي. پر هتي جڏهن 13 جون تي بجيٽ پيش ڪئي وئي ته سنڌ جي ملازمن جي اميدن تي پاڻي هاريو ويو. جيڪا حڪومت سنڌ جي پنهنجي ملازمن سان سراسر ناانصافي آهي. حالانڪ هڪ طرف پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت جي اتحادي هوندي به ملازمن جي پگهارن ۾ 50 فيصد واڌاري جو مطالبو ڪري ۽ وفاقي بجيٽ جي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ نج پنهنجي حڪومت جي هوندي به ملازمن جي پگهارن ۾ 10 ۽ 12 فيصد اضافو ڪري ٻٽي پاليسي ڇو اختيار ڪري رهي آهي؟ حالانڪ سنڌ جي ملازمن کان هميشه اها ڳالھه ٻڌي آهي ته پيپلزپارٽي جي دؤر ۾ ملازمن کي سٺو ريليف ملندو آهي پر هن دفعي شايد پيپلزپارٽي عوام سان گڏ ملازمن کي به معاشي طور رڳڙو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪي ملازم پهرين ئي هڪ محدود پگهار جي ڪري هن مهانگائي جي دؤر ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. اسان سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي (بحيثيت حڪومتي پارٽي هجڻ جي) کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ بجيٽ تي نظرثاني ڪري سنڌ جي ملازمن سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ وفاق جي طرز تي ايڊهاڪ الاؤنس سان گڏ ڊسپيرٽي ريڊيڪشن الائونس ڏئي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
عبدالرزاق صالح/ شڪارپور
حضرت عثمان غني رضه جي شهادت
اسلام جي آخري مهيني ذوالحج جي 18تاريخ تي اسلام جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غني رضي الله عنه جي شهادت ٿي. حضرت عثمان غني رضه جون اسلام لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون ۽ قربانيون آهن ۽ هو اهو اڪيلو اصحابي پڻ آهي جنهن جي نڪاح ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جون ٻه نياڻيون حضرت ام ڪلثوم رضه ۽ حضرت رقيه رضه رهيون. مسلمانن لاءِ يهودي کان پاڻي جو کوهه ٻارنهن هزار درهمن ۾ خريد ڪري وقف ڪرڻ، مسجد نبوي جي زمين جي خريداري، 9هجري ۾ جنگ تبوڪ جي موقعي تي نو سو اٺ سامان جا ڀريل مسلمانن جي لشڪر لاءِ ڏيڻ تائين ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا ڪم هئا جيڪي هن پياري اصحابي سرانجام ڏنا. ان سان گڏ ٻه ٻيون اهڙيون خوبيون حضرت عثمان غني رضه ۾ هيون جيڪي ان کي ٻين اصحابين کان جدا بڻائين ٿيون. هڪ ته پاڻ حد کان وڌيڪ حيادار هئا جو هڪ دفعي جڏهن حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ صلي الله عليه وسلم پنهنجي گوڏ واري ڪپڙي کي صحيح ڪري ڇڏيو. ٻيو کين قرآن پاڪ جي تلاوت سان خاص رغبت هئي ۽ ٽي قرآن تلاوت ڪندي شهيد ٿيا. حضرت عثمان غني رضه جي ٻارنهن سالن جي خلافت واري دور ۾ اسلامي فتوحات به ڪثرت سان ٿيون. الله پاڪ اسان کي اهڙين هستين جي پيروي جو ڪو حصو نصيب ڪري جي سدائين لاءِ اسلام کي سڄي دنيا ۾ پکيڙڻ جا سبب بڻيا.
مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار