هڪ سنڌ، هڪ پاليسي: رڳو نعرو يا انصاف؟
سي ايس ايس جي مثالن سان ماپيندڙ ميرٽ جا دعويدار سردار شاھ صاحب، ڇا اوهان جي نگاھ اوهان جي ئي تڪ جي انهن نوجوانن تي به پوي ٿي، جتي 32 مارڪون ماڻيندڙن کي محض هڪ گريس مارڪ ڏئي چونڊ جي نعمت سان نوازيو ويو، جڏهن ته 40 کان 53 مارڪون حاصل ڪندڙ پڙهيل لکيل نوجوان اڄ به بيقراريءَ سان ويٽنگ لسٽ ۾ آهن؟ هي ڪهڙي پاليسي آهي، جتي گهٽ مارڪون کڻڻ وارا اڳتي ۽ وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ پوئتي رکيا وڃن ٿا؟ جيڪڏهن “هڪ سنڌ، هڪ پاليسي” واقعي ڪو سنجيده نعرو آهي ته پوءِ ان تي عمل به ته ٿيڻ کپي. افسوس جو نعرو ته آهي، پر عمل رڳو مخصوص علائقن يا ماڻهن لاءِ مخصوص آهي. اسان جا نوجوان، جيڪي سالن کان محنت ڪري، ٽيسٽون پاس ڪري ويهي رهيا آهن، انهن سان مسلسل بي واجبي ٿي رهي آهي. سردار صاحب پاڻ چيو هو ته سنڌ ۾ 95 هزار استادن جي ضرورت آهي. اوهان جي دعويٰ آهي ته 83 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويا. پر جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته انهن مان ڪيترائي نوڪري ڇڏي ويا آهن ۽ هاڻي ڪم ڪندڙ استادن جو انگ صرف 68 هزار آهي. پوءِ سوال آهي ته باقي 27 هزار سيٽون ڪيڏانهن ويون؟ انھن 27000 خالي پيل جڳھن تي 13000 استادن کي ڀرتي ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ اڄ به 13 هزار کان وڌيڪ نوجوان PST ۽ JEST جون ٽيسٽون پاس ڪري ويٽنگ ۾ ويٺا آهن. انهن مان ڪيترائي نوجوان اوور ايج ٿي ويا آهن. انهن جو مستقبل ڇو ضايع پيو ڪيو وڃي؟ انهن جو ڪهڙو ڏوھ آهي؟ ڇا انهن جو گناھ رڳو اهو آهي ته هو “سافٽ ايريا” مان آهن؟ جيڪڏهن “هارڊ ايريا” جي نالي تي گهٽ معنيٰ 32 مارڪن وارن کي نوڪري ملي سگهي ٿي، ته پوءِ “سافٽ ايريا” وارن کي ڇو نه؟ ڇا سنڌ جا قانون، پاليسيون، ضابطا، ماڻهن لاءِ مختلف ٿي ويا آهن؟ نياڻيون اسڪولن ۽ پريس ڪلبن جي ٻاهران احتجاج ڪري رهيون آهن، نوجوان عدالتن جا ڌڪا کائي رهيا آهن. ڪي ته مايوسي جي حالت ۾ خودڪشيءَ تائين پهچي ويا آهن. پر حڪمران طبقي وٽ سندن لاءِ ڪو به حل ناهي. عدالتن ۾ فيصلا سالن کان پوءِ اچن ٿا، پر جيڪڏهن ڪو فيصلو نوجوانن جي خلاف اچي ته رات جو جاري ٿئي ٿو ۽ صبح تي عمل به ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو فيصلو نوجوانن جي حق ۾ اچي ٿو ته ان تي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي تعليم واري وزارت جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسجي ته خبر پوي ٿي ته فقط دعوائن، نعرن ۽ رپورٽن تائين ڳالھه محدود آهي. انرولمينٽ مهم ته هر سال هلائي ويندي آهي، پر استاد ڪونه آهن. اسڪول موجود آهن، پر بند پيا آهن. ٻوڏ جي نالي تي اسڪولن کي “تباھ ٿيل” ڏيکاري، عالمي ادارن کان فنڊ ورتا وڃن ٿا، پر انهن مان 10 سيڪڙو اسڪول به بحال نه ڪيا ويا آهن. دادو، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، سکر، خيرپور ۽ ڪراچيءَ تائين سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. سندن آواز بلند آهي، پر حڪمرانن جا ڪن بند آهن. سردار شاھ صاحب، توهان چوندا آهيو ته توهان ميرٽ تي ڀرتي ڪئي، پر اها ميرٽ ڪٿي آهي؟ ڇا اها ميرٽ انهن 32 مارڪن وارن تائين محدو آھي جن کي گريس مارڪ سان پاس ڪيو ويو؟ جيڪڏهن حقيقي تبديلي آڻڻي آهي ته پوءِ حڪمت عملي ضروري آهي. يوسي ليول تي جيڪا ڀرتي نه ٿي سگهي، ان کي تعلقي، ضلعي يا صوبي ليول تي آڻيو. جيڪي سيٽون پولن ۾ خالي پيون آهن، انهن کي ويٽنگ اميدوارن لاءِ بحال ڪيو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ SNE ذريعي انهن کي شامل ڪيو. عمر جي حد ۾ نرمي ڏيو، جيئن ٻين صوبن ۾ آهي. بلوچستان، پنجاب، خيبر پختون خواہ، سڀني ۾ 45 سالن تائين جي رعايت موجود آهي. پر سنڌ ۾ رڳو 28 يا 30 سالن تائين ڇو؟ ڇا سنڌ جا نوجوان انھن صوبن جي نوجوانن کان گهٽ اهميت رکن ٿا؟ ويٽنگ اميدوارن سان انصاف نه ٿيو ته ايندڙ نسل سرڪاري نوڪرين کان بيزار ٿي ويندو. پڙهائيءَ کان بيزار ٿي ويندو. سماج مايوسيءَ جي صدمي ۾ وڃڻ لڳندو. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي اميدن کي مرڻ نه ڏيڻو آهي. سردار شاھ صاحب ڪجھ ڏينھن اڳ قمبر لاڙڪاڻو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صاف لفظن ۾ چيو هو ته ڀرتيون STR پاليسي مطابق ٿينديون. اُن سان گڏ اُنهن اها به دعوىٰ ڪئي ته جن تعلقن ۾ ويٽنگ اميدوار موجود آهن پر ويڪنسيون نه آهن، انهن لاءِ تعلقو ڪراس پاليسي لاڳو ڪئي ويندي ۽ ويجهن تعلقن ۾ انهن کي ڀرتي ڪيو ويندو. پر افسوس جو اهڙي پاليسي جو اعلان ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي. پوءِ سوال اهو ٿو اڀري ته آخر اهڙي اهم ۽ نجات ڏيندڙ پاليسي تي عملدرآمد ڪڏهن ٿيندو؟ جڏهن اميدوار اوورايج ٿي ويندا؟ جڏهن احتجاج ۽ مايوسي انتها تي پهچي ويندي؟ سردار شاھ صاحب، اوهان جو چشمو لڳل هجڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته اوهان اکيون سچ کان لڪائڻ ٿا چاهيو. پر توهان انھن اميدوارن کي توهان ڌوڪي ۾ نه ٿا رکي سگھو. اميدوارن کي خبر آهي ته انهن سان ڇا پيو ٿئي. “هڪ سنڌ، هڪ پاليسي” تڏهن سچو نعرو ٿيندو، جڏهن هر اميدوار سان هڪجهڙو انصاف ٿيندو. سردار صاحب، اڃا وقت آهي، پاليسي تي نظرثاني ڪريو، ميرٽ کي بحال ڪريو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي سندن جائز حق ڏيو. انصاف صرف تقريرن سان نه ٿو اچي انصاف عمل سان ايندو آهي.
آفتاب عالم مهر
ايران تي اسرائيل جون حملو!
اسرائيل جون مسلمان ملڪن ۽ مسلمانن تي مسلسل ڪاروائيون جاري آھن. پھريائين يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۽ ان جنگ ۾ آمريڪا يوڪرين کي سپورٽ ڪري رھيو ھو. ان جو سبب يوڪرين جو صدر اسرائيل يھودي لابي جو زلنسڪي ھو. آمريڪا کي روس مان خطرو ھو ته متان روس وري سپر پاور ٿي نه وڃي ..آمريڪا يوڪرين ۾ پنھنجون فوجون موڪليون. ان کانپوءِ فلسطين تي اسرائيل جو ظلم. ڪالھه اسرائيل ايران جي جوهري طاقت ۽ اھم شخصيتن حسين سلامي، علي خامنائي جي ھنڌن کي نشانو بڻايو. خطي ۾ جنگ ڇڙي آھي جنھن جي جواب ۾ ايران جي صدر جو ۽ ايران جي عوام جو سخت ردعمل آيو آھي ته اسرائيل به تيار رھي ۽ جنگي جواب ضرور ڏنو ويندو. ايران جو چوڻ آھي ته اسرائيل کي مدد سپورٽ ڪرڻ وارو آمريڪا آھي. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي ايران تي حملي کانپوءِ چيو آھي ايران کي ڳالھين جي ميز تي اچڻ گھرجي ۽ اسان پھريان به چيو ھو ته معاھدو ڪري ۽ اڄ به ٿا چئون ته معاھدو ڪري. ايران ھڪ اسلامي ۽ جمھوري ملڪ آھي جنھن ھميشه آمريڪا جي خلاف ڪم ڪيو آھي. مسلمان ملڪن کي به گھرجي ته ايران جو ساٿ ڏين ۽ اسرائيل کي تباھ برباد ڪن. دنيا ۾ ھر ملڪ جو آئيني ۽ جمھوري رياستي حق آھي ته اھي پنھنجي ملڪن کي مضبوط ڪن. سپر طاقت بڻائن. پنھنجو دفاع ڪن پنھنجي ملڪ جي سلامتي ۽ امن کي يقيني بڻائين. سڀني مسلمان ملڪن کي اظھار يڪجھتي ۽ ايران سان ساٿ ڏيڻ گھرجي ته جيئن اسرائيل پنھنجي بزدلاڻي حرڪتن کان باز اچي.
شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ
اسرائيل، ايران کان موت گهري ورتو آهي!!!
گذريل ڏينهن اسرائيلي جهازن موساد جي تعاون سان ايران مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ اسرائيلي جهازن ميزائل فائر ڪيا. جنهن بعد نيتن ياهو چيو ته هن ايران جي مکيه يورينيم افزودگي واري سائيٽ ۽ انقلابي گارڊز جي ايٽمي ۽ فوجي عملدارن کي نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته ايران چيو آهي ته هوائي دفاعي نظام مڪمل طور تي فعال آهي ۽ لورستان ۾ دشمن جي جڳهن تي مداخلت ۽ اثر ڪيا ويا آهن، اسرائيل ايران جي شهر نطنز ۾ ايراني ايٽمي پلانٽ کي نشانو بڻايو آهي. اسرائيل ايران جي جن جڳهين تي حملو ڪيو آهي تن ۾ قيطريه، نياوران، مغربي تهران ۽ چيتگر، مشرقي تهران، مهرآباد، شهرڪ محلاتي، شهرڪ شهيد چمران نوبنياد، ڪامرانيه ، نارمڪ،سعادت آباد، اندرزگو، ارڪيده ڪمپليڪس، ستارخان، شهرڪ شهيد دقايقي، فرحزادي، فوجي سربراه جي ڪمانڊ هيڊڪوارٽر ،ازگل، علي شمخاني جي رهائشگاهه، شهرآرا، استادن جي رهائشي ڪمپليڪس، ميدان ڪتاب، سعادت آباد، گرم دره، مرزداران شامل آهن. جن ۾ سردار سلامي، سردار غلام علي رشيد، ڊاڪٽر فريدون عباسي، ڊاڪٽر محمد مهدي طهرانچي، عبدالحميد مينوچهر ٽارگيٽ ٿي شهيد ٿي ويا. ان کانسواءِ جن حساس هنڌن کي نشانو بڻايو ويو انهن ۾ نطنز جي جوهري سائٽ تي ڪيترائي حملا، پارچين جي تنصيبات، تهران ۾ ڪيترائي فوجي اڏا، خرم آباد، همدان، پارچين، قصر شيرين، تبريز، پيرانشهر، مغربي آذربائيجان، ڪرمانشاهه، ايلام، اراڪ شامل آهن. لکندي خبر آئي ته ايران جو اسرائيل مٿان جوابي حملو ٿيو آهي، 800 کان وڌيڪ ايراني پروجيڪٽائل، ڪروز ميزائل، خودڪش ڊرون ۽ بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جو ڪافي سارو نقصان ٿيو آهي جڏهن نيتن ياهو ٻه جهاز ساڻ ڪري ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ٽين عالمي جنگ جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن؟ ڇوته آمريڪا منافقانه پاليسي اختيار ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ايران مٿان موجوده اسرائيلي حملي ۾ اسان جو هٿ نه آهي جيڪڏهن ٽرمپ اسرائيل کي اڪيلو ڪيو (جيڪو ممڪن ناهي) ته جلد ايران اسرائيل کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز
ايران تي اسرائيل جي ڪاهه
نيٺ شيطان پنهنجي سوچ جو مظھر ڪري ڏيکاريو ۽ مظلوم ايران تي آمريڪا جي مدد سان اسرائيل حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ 10 کن ٽاپ ليڊرز ۽ سياستدان شهيد ٿي چڪا ۽ هزارين ارب جي مالي اثاثن کي نقصان پهچائي ڇڏيو. اهو پهريون دفعو حملو ناهي جيئن فلسطين ويچارو سالن کان پيو ظالم جو شڪار ٿئي تيئن مظلوم ايران به پيو هر سال شديد حملن ۾ پنهنجو نقصان ڪرائي. انهن يهودي نصراني قوتن هٿان جن لاءِ الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ واضح چيو آ ته اهي امت مسلمه جا کليل دشمن آهن انهن سان گهڻيون قربتون نه رکو. پر بدقسمتي سان پوري امت مسلمه انهن يهود نصاره جا مقروض ۽ غلام ٿي چڪا آهن جو هيڏو سارو ظلم ڪرڻ باوجود پيو ڌمڪيون ڏئي زوري پنهنجا ناجائز مطالبا مڃرائي جنهن سان هميشه لاءِ غلامي جو ڦندو اسان جي ڳچي ۾ آ جنهن سبب اسان نه آزادي سان پيا جي سگهون نه مري سگهون. سو هاڻي پاڪستان سرڪار کي ايراني حڪومت سان هر قسم جو سهڪار ڪري ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ان جي آله ڪار نيتن ياهو کي واضح پيغام ڏيڻو پوندو ته اسان پنجتن پاڪ جي پاڪ سيرت تي هلڻ وارا آھيون هر ظالم سان مهاڏو اٽڪائيندا هون ۽ هر مظلوم جا ڀرجهلا ٿيندا آهيون پوءِ نفعو نقصان الله تي ڇڏي نعره تڪبير هڻي جهاد في سبيل الله جو علم بلند ڪري نڪرندا آهيون ته شهادت يا غازي جو لقب ماڻي ورندا هون. الله پاڪ پنهنجي پاڪ مدد سان هر مظلوم جي غيبي مدد ڪئي آهي انشاء الله آمريڪه سميت سڀني انسانيت دشمنن کي ناس ڪندو.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
احمد آباد حادثو
پرتيڪ جوشي گذريل ڇهن سالن کان لنڊن ۾ رهي رهيو هو. هو هڪ سافٽ ويئر پيشيور هو ۽ سالن کان هن پنهنجي زال ۽ ٽن ننڍڙن ٻارن لاءِ هڪ بهتر مستقبل ٺاهڻ جو خواب ڏٺو هو، جيڪي اڃا تائين هندستان ۾ رهندا هئا. سالن جي منصوبابندي، ڪاغذن ۽ صبر کان پوءِ، آخرڪار سندس خواب سچو ٿي رهيو هو. صرف ٻه ڏينهن اڳ، سندس زال، ڊاڪٽر ڪوي وياس، هڪ طبي پيشيور، هندستان ۾ پنهنجي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. سامان پيڪ ڪيو ويو، موڪلون ڏنيون ويون ۽ هڪ نئون مستقبل انهن جو انتظار ڪري رهيو هو. اهي پنج ئي اميد، جوش ۽ نئين منصوبي سان ڀريل لنڊن لاءِ ايئر انڊيا جي پرواز 171 تي سوار ٿيا. انهن هڪ سيلفي ورتي، ان کي مائٽن ڏانهن موڪليو – اهو هڪ طرفو سفر هو، هڪ نئين زندگي شروع ڪرڻ لاءِ. پر اهي ڪڏهن به نه پهتا. جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. ڪو به نه بچيو. ڪجهه لمحن ۾، سالن جا خواب خاڪ ۾ تبديل ٿي ويا. زندگي ڪيتري نازڪ آهي ان جي هڪ ظالمانه ياد ڏياريندڙ. هر شيءِ جيڪا توهان ٺاهيو ٿا، هر شيءِ جيڪا توهان اميد رکو ٿا، هر شيءِ جيڪا توهان پيار ڪريو ٿا سڀ هڪ ڌاڳي سان ڳنڍيل آهي. تنهن ڪري جيستائين زندگي آهي، پيار ڪريو، جيترو ٿي سگهي جيئو ۽ خوشي کي سڀاڻي لاءِ نه ڇڏيو.
گورڌن داس پرمار/ کاروڙوسيد امرڪوٽ
ڳوٺ مٺو آريسر جي پرائمري اسڪول جي تعليم کاتو سار لهي
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته تعليم جي لحاظ کان ضلعو عمرڪوٽ پوري سنڌ اندر بهتر ڪارگردگي ڏيکاريندڙ ضلعو آھي، تعليمي حوالي سان هڪ ڳوٺ متاثر آهي ان ڳوٺ جي سماجي ورڪر سائين خميسو آريسر جي زباني اڄ نماڻي گذارش به تعليم واري صوبائي وزير ۽ قدرتي انهي ئي تڪ تان منتخب ٿيل ايم پي اي، نامياري شاعر سيد سردار علي شاھ صاحب کي ڪرڻ چاهيان ٿو ته قبلا ڳوٺ مٺو آريسر 8 ميل هيرل يوسي شاھ مردان شاھ تعلقو پٿورو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺو آريسر جيڪا لڳ ڀڳ 2008ع ڌاري منظور ڪئي وئي جنهن ۾ پڙھائي جو عمل صرف ڇهه کان اٺ مهينا هليو بعد ۾ اتي موجود واحد جيڪو استاد هو ان کي بدلي ڪيو ويو. اسڪول۾ ڪجهه وقت شاگرد ايندا رهيا انتظار ڪندي ڪندي ورهيه گذري ويا پر استاد نصيب نه ٿيو. نيٺ 2022ع ڌاري نئين اپارٽمينٽ تحت ٿيل ڀرتين ۾ ڳوٺ واسين تي احسان ڪري استاد مقرر ڪيو ويو جنهن ڪجهه پڙھائي جو عمل جاري رکيو. پر ان استاد جي ساهه جي پکيئڙي اڏامڻ شروع ڪيو ۽ ھو لاڏاڻو ڪري ويو ان استاد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻيو استاد ناهي اماڻيو ويو. ٻار ۽ سندس والدين هر سال هڪڙي اسڪول منجهان نالو داخل ڪرائڻ وري نالو ڊي سي ڪرائڻ واري عمل منجهان ڦاسي چڪا آھن ۽ ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي. ھي ڳوٺ قديمي ڳوٺ آھي ۽ براءِ ڪرم هن ڳوٺ جي ٻارن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ ھڪ وک وڌايون.
عبدالغني ”عبد“ آريسر /عمرڪوٽ
پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ زميني حقيقتون
حڪومتي دعوائن جي باوجود ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ٿي چڪو آهي، لکين پاڪستانين لاءِ حقيقت بلڪل مختلف آهي. هر ٻيو شهري غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي ۽ لڳ ڀڳ هر چوٿون ماڻهو بيروزگار آهي. مارچ 2022ع کانپوءِ حقيقي آمدنيءَ ۾ شديد گهٽتائي آئي آهي، هڪ عام پاڪستاني جي خريداري طاقت 58 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. مثال طور، جيڪو ماڻهو ماهوار 50,000 رپيا ڪمائي ٿو، ان جي هاڻ خريداري طاقت صرف 20,833 رپين جي برابر رهجي وئي آهي. وچولو طبقو ۽ ماهوار پگهاردار ماڻهو شديد دٻاءُ هيٺ آهن، جيڪي وڌندڙ مهانگائي ۽ گهٽ ٿيندڙ آمدنيءَ جي ڪري بنيادي ضرورتون به پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن. حڪومت هڪ طرف لازمي شين تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪري عام ماڻهوءَ جي خريداري طاقت وڌيڪ گهٽائي رهي آهي، ته ٻئي طرف انهن ماڻهن جي پگهار 200 سيڪڙو وڌائي رهي آهي، جيڪي سڀ ڪجھه برداشت ڪري سگهن ٿا ۽ صرف 10 سيڪڙو واڌ انهن لاءِ ٿي رهي آهي، جن کي سڀ ڪجھه جي ضرورت آهي. هي پاليسي هڪ خطرناڪ ٻٽو معيار ظاهر ڪري ٿي. ساڳئي وقت، حڪومتي ادارا مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جو هڪ طرفو بيانيو پيش ڪري رهيا آهن، پر عام ماڻهن جي وڌندڙ ڏکن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. حقيقي معاشي استحڪام تڏهن ٿيندو، جڏهن ان جا فائدا عام شهري جي زندگيءَ ۾ به واضح طور تي نظر اچن.
سينگار علي وساڻ
جبلت جوجهان ۽ ظلم جي ڪهاڻي
هر فرد جي جبلت ڀلي ساڳي هجي پر احساسن جي سونهن ساڳي فطرت نٿي رکي، ڪن جي خيالن ۾ دولت سڀ ڪجھه آھي، ڪن جي خيالن ۾ انسانيت سڀ ڪجھه آھي. پر جبلت جو جهان ئي نرالو آھي هو ته آزاد رهڻ کائڻ ۽ خوشين جي حاصلات جي امين آھي. پر روڪ ۽ رنڊڪ ته اخلاقي سماجي رتبي جي آھي، ڇاڪاڻ ته ماڻھو جي دل ۾ عزت ماڻڻ کان ڪا ٻي وڏي شي نه آھي. ها قانون به وحشي جبلت کي ڪٿي ضرور قيد ڪيو آھي، ورنه هو ته جانورن ۽ چرين وانگي گهمندو ڦرندو کائيندو ملڪن جا ملڪ اجاڙيندو، جبر، ظلم جا نشان ڇڏيندو پنهنجي من جي خواهش کي مهان سمجهندو ۽ ٻين کي ڪيڙو ماڪوڙو خيال ۾ آڻيندي هاٿي جيان چپيندو، چيريندو اڳيان وڌندو وڃي ها۔ ها اڄ انهي وحشي جبلت جو ڪٿي گهٽ ته ڪٿي گهڻو ماڻھو اظهار ڪري رهيا آهن. دنيا جي هر هڪ ديس جي سانگين جي جسم تي ستم ۽ ظلم جا ظاهري ڦٽ ٻڌائين ٿا ته وحشي جبلت اڃا وڏي ڏاڍ سان جاري آھي. پر بقول لطيف سرڪار جي ”جا سانگين سڏائي سا مور نه مرڪي ماڙئين “ ها اهو لطيف جو روح آھي جو وحشي جبلت تي لت رکي سانگين جي سکن لاءِ تڙپي نڪري پيو آھي. سانگين جي سچ کي چوڏهين جي چند جي چانڊاڻ جهڙي سونهن بخشي ۽ ستمگير جي ستايلن جو ڀرجلو بنيو۔ اها ئي ساڳئي اندر جي آتما ڪبير سچل سامي مارڪس مائو ۽ اسپارٽيڪس جي ته آھي جو گهڻن ديسن ۾ وحشيت جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا آھن. ورنه اڄ به سڄي دنيا ۾ ھر ماڻھو انسانيت جو ماس ايئن چٻاڙيندي نه ٿڪجي ها، جيئن اسرائيل پنهنجي بد روح سان بارودن جي ڀرمار ڪري معصومن جي ماس کي آڪاش جي بلندين تي پچائي فضا کي رت جو ريج ڏئي، جشن ملهائيندي ٿڪجي ڪو نه ٿو. فلسطين جي سرزمين تي نياڻين جي چچريل جسمن جي صدائن به پاپي کي پاپ کان نه روڪيو. اهو ته ٺھيو، پر پروردگار جي در ڏنل دانهن ۾ ٻڌندڙ ڇو دير ڪئي آھي اهو به هڪ سوال آھي جنهن کي به حل ڪرڻو آھي.
حسين آزاد
آزاد خيال قدر
آمريڪا طرفان هارورڊ يونيورسٽي ۾ پرڏيهين شاگردن جي داخلا روڪڻ جو فيصلو، جيڪا دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي ۽ جيڪا آزاديءَ واري سوچ ۽ علمي برتري جي علامت آهي، انتهائي مذمت جوڳو آهي. هارورڊ يونيورسٽي جا پنجون حصو پرڏيهي شاگرد چين سان لاڳاپيل آهن ۽ اهو ئي هڪ سبب آهي جو ڊونلڊ ٽرمپ کي يونيورسٽي سان مسئلو رهيو آهي. ٽرمپ جي ناراضگي جو ٻيو سبب اهو آهي ته هارورڊ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي آزاد خيالي پاليسين تي عمل ٿئي ٿو، جيڪو اسرائيل کي پسند نه آهي. هي فيصلو عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي ۽ دنيا جي سمورن آزاد ۽ جمهوري علمي حلقن جي اها اميد آهي ته هارورڊ پنهنجي علمي آزاديءَ کي قائم رکندي.
جمال شاه/نصيرآباد