هٿ بند در بند: جاگيرداري جو ڀيانڪ روپ

جاهلن جو به پنهنجو پنهنجو درجو هوندو آهي، مرشدن جو ته ڏوهه ئي ناهي! جيترو مريد جاهل هوندو، اوترو ئي مرشد باڪرامت لڳندو. مان پاڻ به ڪنهن دور ۾ هڪ مرشد جو مريد رهي چڪو آهيان ۽ مون کي انهيءَ ڳالهه جو ذاتي تجربو به آهي ته مرشد جن ڳالهين کان منع ڪندو هو مثال طور: (پيرن تي چمڻ، مرشد آيو ته اٿي بيهڻ، مرشد جي اڳيان هٿ ٻڌي بيهڻ) انهن سڀني غيرانساني رسمن کان هو مون کي سختي سان روڪيندو هو. پر منھنجو زور وري انھن ئي رسمن تي هوندو هو! جن تي مرشد مون کي منع ڪندو هو. ان  لاءِ هو مون کي رڍن ۽ ٻڪرن سان ڀيٽ ڏيندو هو. هو پاڻ سٺو انسان هو ۽ چاھيندو هو ته مان به انسان ٿي پوان، پر مان پاڻ انسان ٿيڻ  لاءِ تيار نه هئس! جاگيرداريءَ جو اصول هميشه اهو رهيو آهي ته ننڍڙو جاگيردار، وڏي جاگيردار کي خوش ڪرڻ  لاءِ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي، ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ انياءُ ڪندي فخر محسوس ڪندو آهي. ۽ ايندڙ وقت ۾ اهو ئي ظالم، انسان دشمن جاگيرداري نظام جو کاڄ بڻجندو آهي. گهڻو پري وڃڻ جي به ضرورت ناهي، ويجهي ماضيءَ ۾ اسماعيل ڏاهري جو مثال موجود آهي جيڪو ڪيل ڪلورن جو اعتراف ڪري چڪو آهي. جيستائين وڏي جاگيردار کي ڪنهن معمولي جاگيردار ۾ مفاد هوندو آهي، تيستائين هو کيس استعمال ڪندو آهي. اهو ننڍڙو جاگيردار وري پاڻ کي انهيءَ وڏي جاگيردار کان وڌيڪ معتبر سمجهندو آهي! اهڙيءَ ريت وريام فقير به جيڪي مريدن تي “مهربانيون” ڪيون، سي به ڪنهن کان ڳجهيون ناهن. وڏي ڳالهه ته، پير صاحب کان به وڌيڪ، خليفو پاڻ کي مرشد سمجهي مريدن تي حڪم هلائيندو رهيو آهي. سڀني ننڍڙن جاگيردارن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته جاگيرداري نظام ڪنهن جو به سڄڻ ناهي. اهو انهيءَ اٺ وانگر آهي، جيڪو جنهن به وڻ سان ٻڌو ويندو، ان کي ئي کاڄ بڻائيندو آهي.

امام دين مهر/سٺ ميل

بلاول جو ٻاهر ملڪ وڃي پنهنجو بيگ پاڻ کڻڻ ۽ پاڪستان جي عوام دشمن بجيٽ

هر سال پاڪستان جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي فائدو گهٽ ۽ امير ماڻهو کي فائدو پهچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هڪ وزير جي پگهار ٽي لک مان ٻارنهن لک ڪرڻ ملڪ تي بار نٿو سمجهيو وڃي. باقي عوام کي رليف ڏيڻ کي ملڪ جي معيشت کي نقصان سمجهيو ويندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت  لاءِ چند ارب رپيا رکي عوام تي احسان ڪيو وڃي ٿو ۽ خيرات جي نالي تي ست سئو ارب کان به وڌيڪ رقم رکجي ٿي جيڪو سراسر افسوسناڪ آهي. تازو بلاول ڀٽو زرداري يورپ جي دوري تي پهتل آهي ۽ هي دورو بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين سياستدانن جو ڪو پهريون دورو ناهي ۽ اسان جا سياستدان سڌريل ملڪن ۾ وڃي اتي جي ترقي ۽ خوشحالي ڏسي شرمندا الائي ٿيندا آهن يا نه! ڇو ته اهي سياستدان پنهنجي ملڪ ۾ وي وي آءِ پي ڪلچر سان هلندا آهن ۽ سندس ڇاڙتا ۽ سيڪيورٽي فورس وارا پيا ڊوڙندا آهن ته متان صاحب ڪاوڙجي نه پوي. صرف ايترو ئي نه پر سندس گاڏي جو دروازو به صاحب کولڻ يا بند ڪرڻ جي زحمت نه ڪن. ايتري بادشاهيءَ واري زندگي! تازو بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ وڊيو وائرل ٿيو آهي جنھن ۾ بلاول هڪ وزني بيگ کڻي ريل گاڏي مان لهي ٿو ۽ سندس ملڪ ۾ ائين ناهي. عوام هاڻي سمجهي ٿو ته ملڪ کي قرضن ۾ ٻوڙڻ وارا اهي سياسي ماڻهو ئي آهن جن پنهنجي عياشين ۾ ملڪ کي قرضدار بڻايو آهي. باقي عوام ته اڳ ئي سورن ۾ هو ۽ رهندو. خدارا ملڪ کي قرضن کان آجو ڪرائڻو آهي ته جيئن يورپ ۾ پنهنجا بيگ پاڻ کڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪيو ٿا اهڙو ئي انداز پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ رکو پوءِ ڏسو ملڪ ڪيئن نه ٿو ترقي ڪري.

دليپ آزاد/عمرڪوٽ

 

ڪاپي علم جو قتل

 

جتي تعليم جي واڌاري  لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن، اتي جيڪڏهن استاد پاڻ ئي تعليم جي بربادي جو وسيلو بڻجن، ته پوءِ اميد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ تازو يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي بورڊ جي امتحانن ۾ جيڪا صورتحال سامهون آئي اها رڳو افسوس جوڳي نه پر تعليم جي نظام  لاءِ هڪ مڪمل الميو آهي. جتي شاگردن کي نقل کان روڪڻ گهرجي ها، اتي استاد پاڻ ئي انهيءَ عمل جي اڳواڻي پيا ڪن. ائين نٿو چئي سگهجي ته “ڪجهه استاد” ــ ها، صاف لفظن ۾ چئجي ته اڪثر استاد، خاص ڪري پرائيويٽ اسڪولن جا، ملوث آهن. اهي ئي استاد، جن کي شاگردن جي محنت جو سبق ڏيڻ گهرجي ها، سي پاڻ ڪاپي جا پرچا ورهائن، سوال ٻڌائن بلڪه بعض حالتن ۾ شاگردن  لاءِ جواب لکڻ ۾ به مدد ڪن ٿا. تڏهن به ظلم جي حد ته اها آهي، جو امتحان کان پوءِ به سرندي وارن ماڻهن جا ماڻهو بورڊ جي آفيسن ۾ پئسا ڏئي، مارڪون وڌائڻ جا “سودا” ڪن ٿا. اهي استاد ۽ “مائٽ” (امتحاني مرڪزن جا ڪارڪن) انهيءَ ۾ سهولتڪارن جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڇا اها تعليم آهي؟ ڇا اهو علم آهي؟ ڇا اها قوم جي تعمير آهي؟ اها رڳو نافرماني نه، اها شاگردن جي مستقبل جو واپار آهي. اڄ جو استاد جيڪڏهن پئسي، لالچ ۽ ٿوري شهرت جي  لاءِ پنهنجو ڪردار وساري ڇڏي، ته پوءِ اسان جي نسلن جو ڇا ٿيندو؟ ميرپورخاص ۽ خاص طور تي انهن بورڊن کي ڇو انهيءَ گندگي ۾ ڳاريو ويو آهي؟ ڇا انتظاميا کي ڪجهه نظر نٿو اچي؟ يا اهي به انهيءَ “سلسلي” جو حصو بڻيل آهن؟ اهي شاگرد جيڪي سڄو سال محنت ڪن ٿا، جاڳن ٿا، سي به ڪاپي ڪندڙن سان برابر لائن ۾ بيهاريا وڃن. ته پوءِ ايمانداري جو انعام ڇا؟ ۽ نقل جو انجام ڪڏهن؟ ڪڏهن ڪڏهن ته حيرت ٿيندي آهي ته امتحان مرڪزن تي “ڪاپي ڪرائڻ” به هڪ فن بڻجي ويو آهي، جنهن  لاءِ مخصوص استاد سڃاتا وڃن ٿا. انهيءَ فن ۾ وڏو حصو اڪثر پرائيويٽ اسڪولن جي استادن جو ٿئي ٿو، جن  لاءِ اسڪول، بورڊ، امتحان صرف هڪ واپار بڻجي ويو آهي. هتي استاد رڳو علم جو ناهن، پر نمبرن جا بروڪر بڻجي ويا آهن. ڪاپي ڪرائڻ، مارڪون وڌرائڻ، پئسن جا واعدا، ۽ پوءِ شاگردن جي تقديرن سان راند. اهڙي ماحول ۾، تعليم نه صرف بي معنىٰ ٿي وڃي ٿي، پر معاشري جو اخلاقي ڍانچو به ڪمزور ٿئي ٿو. ڇو ته شاگرد صرف اهو سکندو آهي ته “شارٽ ڪٽ” ئي ڪاميابيءَ جو رستو آهي. هاڻ سوال اهو ناهي ته “ڪاپي ڇو ٿئي ٿي؟” سوال اهو آهي ته “انهيءَ ڪاپي جي پويان ڪير آهي؟” ۽ جواب سادو آهي: اهي استاد، جيڪي پنهنجي ضمير کان غافل ٿي ويا آهن. اهي اسڪول مالڪ، جن  لاءِ تعليم نه، رڳو آمدني ضروري آهي. اهي بورڊ عملدار، جن جون اکيون پئسي تي بيهي رهن ٿيون. اڄ به وقت آهي، جيڪڏهن اسين سنجيده نه ٿياسين، ته اسان جو ايندڙ نسل رڳو سندن سان سينگاريل هوندو علم سان نه. قومون ڪاپي سان ناهن ٺهنديون، قومون ايمانداري، محنت ۽ سچائي سان اڀرن ٿيون.

دادو پرمار

 

والدين جا حق ۽ ذميواريون‎

 

والدين دنيا جو عظيم ۽ سچو رشتو آھي، جنھن جي باري ۾ فرمايو ويو آھي ته “ماءُ جي پيرن ھيٺيان جنت آھي”. والدين جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ سان انسان ايڏي وڏي بلندي تي پھچي ٿو جنھن جو ھو سوچي به نٿو سگھي. والدين رب پاڪ طرفان ھڪ عظيم ۽ انمول نعمت آھن، جيڪا ھڪ دفعو ھٿ مان نڪري وڃي ٿي ته وري ٻيھر ان جو ملڻ ناممڪن آھي. پوءِ انسان پڇتائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڪري به نٿو سگھي. والدين جو قدر انھن کان پڇو جنھن جا والدين ان دنيا ۾ ناھن رھيا. پوءِ انسان سوچيندو ته والدين ڪيتري وڏي دولت ۽ نعمت ھـئا جنھن اسان قدر نه ڪيو. ماءُ اھا عظيم ھستي آھي جيڪا نو مھينا پنھنجي ٻار کي پيٽ ۾ پالي ٿي ان جا سور برداشت ڪري ٿي. دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ان جي پرورش ڪري ٿي. پوءِ ڀلي اھي سخت سردي جون راتيون ھجن يا سخت گرمي جا ڏينھن ڪڏھن به توھان کي اڪيلو نٿي ڇڏي. پيءُ جيڪو ڏينھن رات گرمي سردي ۾ پورھيا ۽ مزدوريون ڪري توھان  لاءِ ڪپڙا، کير، دوائون، وٺي ٿو اچي جنھن جو توھان تصور به نٿا ڪري سگھو. چوندا آھن ته انسان پنھنجي ماءُ جي ھڪ رات جي اوجاڳي جو قرض به نٿو لاھي سگھي. توھان کي جڏھن پالي پنھنجن پيرن تي بيھاري ڇڏيندا آھن ته اھي اوھان جي خدمت جا طلبگار ھوندا آھن. پوڙھائپ واري عمر ۾ انھن جو سڀ کان وڌيڪ خيال ۽ سنڀال جي ضرورت ھوندي آھي. ڪافي عرصي کان اھڙيون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جيڪي دل کي جنجھوڙي ڇڏينديون آھن ته ڪنھن اولاد پنھنجي والدين کي گھران ڪڍي ڇڏيو ته ڪي وري اسپتالن ۾ اڇلائي ايندا آھن. ڪي وري مارڪٽ ڪندا آھن. ذھني جسماني تشدد ڪـندا آھن. افسوس افسوس!! بس رب پاڪ اھڙي اولاد کي توفيق عطا ڪري جو ھي والدين جي قيمت ۽ قدر کي سمجھن ته اھي ڪھڙي شي آھن. اولاد کي خدا پاڪ کان پنھنجي والدين جي وڏي عمر  لاءِ دعا گھرڻ گھرجي ۽ انھن جو سايو اسان جي مٿان ھميشه قائم دائم رھي. آمين

مير وسيم عباس ٽالپر/سرھاڙي

 

لاڙڪاڻي ۾ سانگي برادري جو تڪرار ڪڏهن ختم ٿيندو؟

 

لاڙڪاڻو، جيڪو پنهنجي تاريخي امن ۽ علم دوست ماحول جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو ۽ جتي ڪيترن ئي وڏن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن جنم ورتو آهي، سو اڄڪلهه تڪرارن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. خاص طور تي، عاقل روڊ، چنا محلا ۾ سانگي برادري جي ٻن ڌرين جو ستن سالن کان هلندڙ تڪرار انتهائي افسوسناڪ ۽ پريشان ڪندڙ آهي. جنهن ۾ ڪنهن وس وارن جي مداخلت اڄ ڏينهن تائين ناهي ٿي. هي اهڙو شهر آهي جتي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ امن ۽ خوشحالي جا نعرا هڻي ووٽ وٺندا آهن، پر جڏهن حقيقي امن جي ضرورت پوي ٿي ته اهي غائب ٿي ويندا آهن. ان تڪرار جي ڪري علائقي ۾ بي چيني وڌي وئي آهي، معصوم ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ علائقي جو مجموعي ماحول خوف وارو آهي. ڪو زمانو هو جو لاڙڪاڻي ۾ ننڍا تڪرار به رات جو ٿيندا هئا ته صبح جو حل ٿي ويندا هئا. پر افسوس، هن سانگي تڪرار کي ست سال گذري ويا آهن، پر مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي. اهو ظاهر ڪري ٿو ته وس وارن جي بيڌياني ۽ لاپرواهي حد کان وڌي وئي آهي. لاڙڪاڻو اڳ ئي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي ۽ هاڻي امن امان جي حوالي سان به پنهنجو تاريخي مقام وڃائي رهيو آهي. آخر ڪيستائين وس وارن جي خاموشي سانگي برادري کي تڪرارن ۾ لوڙائيندي رهندي، ڇا اُنهن جي تباهه ٿيندڙ مستقبل ۾ وس وارا راضي آهن؟ هي هڪ وڏو سوال آهي، جيڪو ستن سالن کان وٺي لاڙڪاڻي جي عوام سميت سمورا سنڌ واسي پڇي رهيا آهن، پر افسوس جو ان جو ڪو به جواب نه ٿو ڏنو وڃي. وقت اچي ويو آهي ته سردار معظم عباسي، گلفام گل سانگي، راشد محمود سومرو سميت سانگي برادري جا سردار ظفر سانگي ۽ ٻيون بااثر شخصيتون اڳتي اچن. انهن کي هن تڪرار کي ختم ڪرڻ  لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ علائقي ۾ ٻيهر امن بحال ڪرڻ گهرجي. لاڙڪاڻي جي عوام کي هن بي چيني واري صورتحال مان ڪڍڻ ۽ ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ  لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ ضروري آهي. لاڙڪاڻو امن جو شهر رهيو آهي ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ان جي شان کي بحال رکون.

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گاج بند جا گهارا بند ڪيا وڃن

 

ڪاڇي ۾ گاج بند اهو منصوبو آھي جنهن جي پئسي مان سياسي ڪامورن سميت دادو آبپاشي کاتي ۽ گاج ڊويزن انتظاميه کي پنهنجا کيسا گرم ڪرڻ جو وڏو آسرو ۽ اميد هجي ٿي. ڇو ته هر ماڻھون بخوبي ڄاڻي ٿو ته بي ايماني وارن طريقن سان ٿيل ترقياتي ڪم سهولتن  لاءِ نه بلڪ روزگار هجن ٿا انتظاميه کي خبر هجي ٿي ته نئن گاج جا وهڪرا گاج بند جي ٿيل ناقص ڪم کي ڪنهن به صورت ۾ بيهڻ نه ڏيندا اهڙو ئي ڪاروبار بڻايو ويو آھي هتي گذريل سال سانوڻي جي برساتن کانپوءِ گاج بند جي زيرو پوئنٽ چڪري کان ويندي مختلف آرڊين يعني پندرنهن کان پنجويهين آرڊي تائين نئن گاج ۾ آيل ٻوڏن سبب پيل گهارا جيڪي هن وقت تائين آبپاشي کاتي جي سستي ۽ نااهلي سبب نه ٻڌجي سگهيا آھن ۽ بند جي تباھ حال انهن ڄاڻايل آرڊين جا پيسا آبپاشي کاتي گاج ڊويزن جي عملدارن ايس ڊي او آبپاشي سب انجنيئر سرويئر ٺيڪيدار کي اڳواٽ ۾ جاري ٿيل آھن ليڪن گاج ڊويزن جي ڪرپٽ ايس ڊي او سب انجنيئر سرويئر ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري اها رقم خرچ ڏيکاري بند جي گهارن کي مڪمل ڄاڻائي اها رقم هضم ڪري ڇڏي. پر ياد رهي ته هي اهي آرڊيون آھن جتي سانوڻي جي ٻوڏن دوران ايندڙ نئن گاج جي تيز وهڪرن جو رخ ۽ زور هوندو آھي ليڪن افسوس جو سڄي ڪاڇي جو انفرااسٽرڪچر تباھ ڪندڙ گاج نئن جي تباھ حال بند ڏانهن دادو گاج ڊويزن آبپاشي کاتي عملدارن مان ڪنهن جو به توجھ ناهي ۽ هرسال جڏهن علائقي جي ماڻھن جي تباهي ٿيندي آھي ماڻھن جا مال متاع گهرگهاٽ فصل لڙھي تباهه ٿي ويندا آھن ۽ سڀ کان وڌيڪ پريشان مسڪين ماڻھو ٿيندا آھن ۽ حڪومت کي صرف ان جي مرمت  لاءِ ايندڙ فنڊ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي ۽ بند کي هن وقت به جيڪي گهارا لڳل آھن انهن کي جيڪڏهن سانوڻي جي برساتن کان اڳ بند نه ڪيو ويو ته علائقي جا ڳوٺ روڊ رستا پليون هڪ دفعو ٻيهر نئن گاج جي وهڪرن جي نشاني تي هونديون. ڪنهن وڏي تباهي ۽ نقصان کان پهرين آبپاشي کاتي سنڌ ۽ خاص طور دادو ضلعي انتظاميه کي اکيون کولڻ گهرجن. جيڪڏهن اڳواٽ ڪي اپاء نه ورتا ويا ته علائقي واسي وري مشڪلاتن ۾ ڦاسجي سگهن ٿا. بهرحال سنڌ حڪومت منسٽر آبپاشي کي آگاهي ڏيڻ جو اهو مقصد آهي ته آبپاشي کاتي دادو گاج ڊويزن جي ڪرپٽ ڪامورن جي گاج بند تي ٿيل ڪرپشن ۽ بند جي تباه ٿيل آرڊين جي ڪم جو فوري طور جائزو وٺي رهيل اڌوري ڪم کي معياري طريقي سان مڪمل ڪرايو وڃي. جيئن ڪاڇي واسين جي امڪاني ٻوڏ سبب زندگي معمول مطابق روان دوان رهي ۽ روڊ رستا به بحال ۽ محفوظ رهن.

محمد اسماعيل لانگاھ /ڊرگھ بالا ڪاڇو

 

ڪراچي جي وڏين وڏين ڪمپنين ۾ سنڌين جي ڀرتي بند

 

مون هڪ دفعو پهريان به ان  مسئلي تي لکيو هو پر اڃا تائين ڪجھ به ڪونه ٿيو آهي. تاريخ سنڌ سان ٿيل ناانصافين سان ڀري پئي آهي جڏهن سنڌ ۾ پاڪستان جو بنياد وڌو ويو هو ته ڪجھ ڳالھيون طئي ٿيون هيون جيڪي سنڌي قوم کان پري رکيون ويون آهن. پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان پهريان سنڌ هڪ الڳ وطن رهيو آهي ان وطن ۾ هر ماڻهو خوشحال هو. سنڌ وطن جي معاملي تي اديب، دانشور حيدر کوسو جيڪو هن وقت حيدرآباد سينٽرل جيل اندر قيد ڪاٽي رهيو آهي الائي ڪيترا آرٽيڪل لکيا آهن. ان کان علاوه به الائي ڪيترن ليکڪن سنڌ سان ٿيل ناانصافين تي لکيو آهي. 1947ع ۾ سنڌ کي پاڪستان ۾ ان بنياد تي شامل ڪيو ويو ته تيستائين سنڌ پاڪستان سان گڏ رهندي جيستائين پاڪستان جو بنياد پڪو نه ٿيندو. سنڌ جا ٿيل نقصان: (1) سنڌين کان پنهنجو حق کسيو ويو 1.5 ڏيڍ ڪروڙ سنڌي ڪراچي کان ڌڪي ڪڍيا ويا. (2) سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا. ڪراچي ۾ اردو، پنجابي، پشتو، سرائيڪي ڳالهائيندڙن کي وڏين وڏين ڪمپنين ۾ ڀرتي ڪيو ويو. (3) بلوچستان ۾ بلوچن جا چچريل لاش مليا. 1947ع کان اڄ تائين ڪراچي ۾ سنڌين جو روزگار بند آهي جيڪو سنڌي ڪمپني ۾ ڀرتي ٿيڻ  لاءِ وڃي ٿو ان جو cnic ڏسي واپس ٿا ڪري ڇڏين.اسان سنڌي ڏکيو سکيو ماءُ پيءُ کي پريشان ڪري تعليم حاصل ڪيون ٿا ان ڪري جو اڳتي هلي پيءُ ماءُ جو سھارو ٿيون پر اسان شاگردن کي نه اڳتي تعليم پرائڻ جو رستو ٿو ملي نه وري پنهنجي پيءُ ماءُ جو سھارو ٿيڻ جو رستو ملي. پيءُ ماءُ ساڳيا پهرين وانگر پريشان آهن. مون کي اڄ 7 ست مھينا ٿي ويا آهن ڪراچي ۾ ڪنهن به ڪمپني ۾ نوڪري نه ملي آ. ان ڪري جو منهنجو cnic آردو ڪونهي سنڌي آهي. آئون پنهنجي گهر جو ذميوار وڏو پٽ آهيان گهر ۾ فيملي پريشاني جو شڪار آهي ڪراچي ۾ روز لاش ٿا ملن پوءِ به اسان ڪراچي اچون ٿا پر هتي اچي پريشاني کان سواءِ ٻيو ڪجھ هٿ ڪونه ٿو اچي، ڪراچي سنڌ جو وڏو شهر هجڻ ڪري هر غريب غربو پنهنجي بک ختم ڪرڻ  لاءِ اچي ٿو پر 2 گرهاه نه پاڻ کائي سگهي ٿو نه گهر وارن کي کارائي سگهي ٿو.

سجاد ميربحر