سنڌ،جيلن جي صورتحال ۽ ڪجھه صلاحون۔۔۔
سنڌ صوبي ۾ جيلن جي جوڙجڪ ۽ قيدين جي صورتحال بابت تفصيل هيٺ ڏجن ٿا: سنڌ ۾ مجموعي طور تي 33 جيلون آهن، جن مان 26 جيلون فعال آهن. انهن ۾ 7 سينٽرل جيلون (مرڪزي جيلون)۔ڊسٽرڪٽ جيلون (ضلعي جيلون) عورتن لاءِ خاص جيلون ۽ ٻارن لاءِ جيلون (Youthful Offenders Industrial Schools) جيلن جي مجموعي گنجائش 13,500 قيدين جي آهي، جڏهن ته موجوده وقت ۾ انهن جيلن ۾ 23,500 کان وڌيڪ قيدي رکيل آهن، جيڪو گنجائش کان لڳ ڀڳ ٻيڻو آهي. سنڌ ۾ عورتن لاءِ خاص جيلون ڪراچي (Central Prison for Women) حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ واقع آهن. انهن ۾ 222 عورتون قيد هيون، جن مان 126 ڪراچي،57 حيدرآباد،11 سکر ۽ 28 لاڙڪاڻي ۾ هيون. انهن مان 49 عورتون سزا يافته هيون. ٻارن لاءِ خاص جيلون ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ آهن. انهن ۾181 ٻار قيد هئا،جن مان 13 سزا يافته هئا. سنڌ حڪومت جيلن جي سلامتي ۽ سيڪيورٽي پلان، مشينري، هارڊويئر، سافٽ ويئر، هٿيار، گولي بارود وغيره لاءِ 212.5 ملين رپيا خرچ ڪندي آهي روزاني خوراکي اخراجات لاءِ 2,745ملين مختص ڪيا ويا . جيڪڏهن توهان ٻين مخصوص منصوبن جهڙوڪ جيلن جي مرمت يا ڪلينڪ آباد منصوبن جي بابت ڄاڻ چاهيو ٿا، ته اُهي تفصيل شايد عوامي دستاويزن ۾ موجود نه هجن. پر امن و امان ۽ روزمره جي انتظام تي مخصوص بجيٽ وضاحت سان دستياب آهي. قيدين لاءِ بهتر تعليم، فني تربيت ۽ اخلاقي سڌاري جا پروگرامن متعارف ڪرايا وڃن. جيلن کي صرف سزا ڏيڻ جو هنڌ نه پر اصلاح جو مرڪز بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. قيدين لاءِ صفائي، خوراڪ، صحت ۽ تحفظ جي بهتر سهولتن جو بندوبست هجڻ کپي. نئين عمارتن، سيڪيورٽي سسٽمز ۽ واچ ٽاورز جو قيام ضروري آھي. انساني حقن جو احترام۔عورتن، ٻارن ۽ بيمار قيدين سان انساني روين کي فروغ ڏيڻ تمام ضروري آھي. قيدين جي ٻاهرين دنيا سان رابطي جي لاءِ ملاقاتن، خط و ڪتابت ۽ قانوني مدد جا امڪان وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ کپي. انتظامي سڌارا ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجي. تبديلي ۽ نگراني جي لاءِ شفاف نظام متعارف ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آھي. غيرقانوني عملن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. قومي ۽ اخلاقي قدمن جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪرڻ ضروري آھي جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون هجڻ ضروري آھن. جيلن ۾ قومي ترانو، قرآن شريف جي تلاوت ۽ ديني تعليم کي فروغ ڏيڻ کپي. جيلن ۾ ڪتاب گهر (Library) قائم ٿيڻ ضروري آھي.
رحمت الله ٻرڙو
ڳوٺ الهداد هيسباڻي جا نوجوان تعليم سان روشناس پر روزگار کان محروم بڻيل !
ساھتي ضلعي نوشهرو فيروز تعلقو ڀريا پوري سنڌ پنهنجي زرخيزي، ثقافت ۽ علم ادب مھمان نوازيءَ جي حوالي سان مشھور آھي. ساھتي پرڳڻي جا ڪجهه ڳوٺ اڃا تائين بنيادي صحولتن کان وانجھيل آھن. ھن جديد دور ۾ بـ وقت جي تيز رفتاريءَ کان ڪوهين پنڌ پري بيٺا آهن. انهن ڳوٺن ۾ ھڪ ھي ڳوٺ الهداد هيسباڻي آھي، جيڪو پڻ ڪيتري ئي عرصي کان صحت، تعليم، گئس، روڊ رستن ۽ ٻين بنيادي صحولتن کان محروم آهي. ھتي جا نوجوان ڀرپاسي جي ويجھن اسڪولن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن ٿا. ھن وقت بـ ڳوٺ جا ڪيترائي نوجوان سنڌ جي سٺن ادارن يونورسٽي آف سنڌ ۽ ايگريڪچلر يونيورسٽي ۽ شاھ عبداللطيف يونورسٽي خيرپور جھڙن ادارن مان گريجوئشن ڪري ويٺا آھن. ڪامورن جي ماٽيلي ماءُ واري روض سبب سرڪاري نوڪرين کان محروم آھن. اڄ تائين هن ڳوٺ مان هڪ به فرد ڪنهن به شعبي ۾ سرڪاري ملازمت حاصل نه ڪري سگهيو آهي. ڳوٺ الهداد هيسباڻي لڳ ڀڳ 100 کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل آهي، اتي جي آباديءَ جي رجسٽريشن مطابق ووٽرن جو انگ 1000 کان مٿي آهي. يعني اهو ڳوٺ سياسي لحاظ کان بـ ڪامورن جي لاءِ وزن رکندڙ آهي. هتي جي نوجوانن ۾ تعليمي شعور ته آهي، پر سفارشن، رهنمائيءَ جي کوٽ، تياريءَ جا مناسب ذريعا نه هجڻ سبب اهي نوڪري لاءِ ٿيندڙ مقابلي جي عمل ۾ حصو نٿا وٺي سگهن يا شڪست کائن ٿا. گهڻا نوجوان بيروزگاري جي ڪري زراعت، پورهيت يا شهرن ۾ معمولي روزگار کي ترجيح ڏين ٿا. هتي جو نه ڪو اسڪالرشپ پروگرام آهي، نه ڪو ڪوچنگ سينٽر، نه وري سرڪاري آفيسرن سان رابطو ڪرڻ جو ڪو چينل. اهو سڀ ڪجهه هتي جي تعليم يافته نوجوانن لاءِ مايوسيءَ جو وڏو سبب بڻيل آهي. اڄ به الهداد هيسباڻي جي نوجوانن جي مستقبل جي باري ۾ ڪنهن به سياسي يا سرڪاري ڌر وٽ ڪو سنجيده ويزن نظر نٿو اچي. جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجن تعليم يافته پر بيروزگار ماڻهن لاءِ روزگار جا در کولي نه ٿي سگهي، ته اتي غربت، مايوسي ۽ سماجي بيچيني قدرتي نتيجا هوندا. ڳوٺ الهداد هيسباڻي جو معاملو رڳو هڪ ڳوٺ جو نه، پر هزارين اهڙن پٺتي پيل علائقن جو استعارو آهي، جتي تعليم ته آهي، پر سرڪاري نظام سندن درن تائين نه ٿو پهچي. مطالبا ۽ تجويزون: 1. سرڪاري نوڪرين لاءِ ڪوچنگ ۽ رهنمائي سينٽر قائم ڪيا وڃن. 2. تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ استاد مقرر ڪيا وڃن ۽ عمارتون بهتر بڻايون وڃن. 3. برابر جا موقعا ڏيڻ لاءِ اسڪالرشپ، ٽيڪنيڪل ٽريننگ ۽ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيا وڃن. 4. ترقياتي اسڪيمون، جهڙوڪ رستا، اسڪول، ۽ صحت مرڪز، ڳوٺ لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. 5. چونڊيل نمائندا ڳوٺ جي مسئلن تي سڌي راءِ وٺن ۽ حل لاءِ سنجيده قدم کڻن. ڳوٺ الهداد هيسباڻي جي بي روزگار نوجوانن جو سوال اسان سڀني لاءِ سوال آهي: تعليم يافته هجڻ باوجود جيڪڏهن روزگار نٿو ملي، ته پوءِ تعليم ڇا لاءِ؟ حڪومت، چونڊيل نمائندا، سماجي ادارا ۽ تعليم کاتو هاڻي به جاڳن ته ان ڳوٺ وانگر ڪيترائي ٻيا ڳوٺ به اجاري سگهن ٿا. اسان جي تعليم يافته نوجوانن کي صرف برابر جو موقعو ڏيو، هو پاڻ پنهنجو مستقبل بڻائيندا.
مير وقار هيسباڻي/ ڀرياروڊ
جمهوريت بچايو عوام مارايو…!!؟؟
گڊو گورننس، رياست جي رٽ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سڀ ڪجهه ٿي ويو بس هاڻي راهداري رٿا کي مڪمل ڪرڻو آهي. دهشتگردي ڪهڙي….؟ غنڊا گردي ڪهڙي…؟ ڦر ڪهڙي…..؟ ڌاڙو ڪهڙو…؟ اهي سڀ ڏوهه آهن، ته پر نام نهاد ڏوهه، ماڻهو ماريو اها دهشتگردي ٿي ويندي، ڪنهن سان ڏاڍ مڙسي ڪريو ان کي غنڊا گردي چئبو، ڪنهن جي دڪان يا گهر ۾ گهڙي رقم کسجي ان کي ڦر يا ڌاڙو چئون…. پر ڇا هن سماج ۾ اهي ئي ڏوهه آهن جن ڏوهارين کي ڳولي انهن کي ماريو به ويندو ته گرفتار به ڪيو ويندو. هن سماج ۾ ٻيا به ڏوهه ٿين ٿا اهي جيڪي سرعام ٿين ٿا، اها به دهشتگردي آهي، اها به غنڊاگردي آهي، اها به ڦر آهي، اهو به ڌاڙو آهي، پر ان ڦر ۽ ڌاڙي کي نقاب لڳل آهي ڪراچيءَ سميت سڄي ملڪ ۾ جيڪا ٽرانسپورٽ مافيا عوام سان ويڌن ڪئي آهي ڪڏهن سرڪار ان تي به سوچيو آهي؟ هرو ڀرو جو ٽرانسپورٽ جا منسٽر رکي ۽ سيڪريٽرين کي سيڙايو ويو آهي ته ان ٽرانسپورٽ مافيا جو علاج ڪير ڪندو؟ رات جو 10 بجي کان پوءِ گاڏيون گهٽجي وڃن ٿيون، پوءِ گاڏين وارا پنهنجي مرضي جا ڀاڙا وصول ڪري عوام کي بليڪ ميل ڪن ٿا، ڇا ان کي دهشتگرديءَ جو نانءُ نه ڏجي…؟ اڄ ڪلهه سي اين جي مافيا حڪومت جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي 18 ڪروڙ عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو آهي، ڪير پڇي سي اين جي مافيا کان……..؟ ڇا هن ملڪ ۾ رياست جي رٽ کي رڳو طالبان ئي چئلنج ڪيو آهي…..؟ رياست جي رٽ کي ته پٽاٽا کپائڻ وارو هڪ پورهيت به چئلنج پيو ڪري، رياست جي رٽ کي ته صدر کان منظور ڪالوني تائين هلندڙ گاڏيءَ جو منشي به چئلنج ٿو ڪري، ڪراچيءَ ۾ ڪير ٿو سرڪاري لسٽ موجب ڀاڙا وصول ڪري؟ ڇا رياست جي رٽ ان ئي چئون ته ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي…؟ رياست جي رٽ اها ناهي، جو سي اين جي مافيا هاڻي ليٽر جي حساب سان سي اين جي وڪرو ڪندي..؟ هاڻي ان جي رد عمل ۾ ٽرانسپورٽر هڙتال ڪندا رد عمل ڇا ٿيندو…؟ هڙتال سبب پوري قوم پريشان رهندي، نيٺ ماڻهو وڌيڪ ڀاڙا ڀري وڃي ان عذاب مان جند آجي ڪرائيندا، چون ٿا ته عوام ڪمزور آهي، هاڻي ٽرانسپورٽر اها ڪسر عوام مان ڪڍندا، سي اين جي مافيا يا ٽرانسپورٽ مافيا ٻئي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن سرڪار ٻنهي کي اهو ئي چئي پنهنجي جان آجي ڪرائيندي ته وڃي ڀاڙا وڌايو ، پوءِ عوام پيو ڀوڳي. باقي سرڪار ڪهڙي مرض جو دارون آهي…؟ نه دهشتگردي ختم ڪرائي سگهي نه ڌاڙيل گردي ختم ڪرائي سگهي نه ئي ماڻهن کي تحفظ ڏياري سگهي، پر هي جيڪو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي هرڪو ئي جتان وڻيس اهو عوام کي ڌڪ هنيو پيو وڃي ان رياست جي رٽ کي ڪير بحال ڪندو..؟ جنهن سرڪار جو پٽاٽن واري تي حڪم نه هلي، جنهن سرڪار کي سي اين جي مافيا نه کنگهي جنهن سرڪار جي ٽرانسپورٽ مافيا نه ٻڌي ان سرڪار جو ڪهڙو فائدو…؟ ڇو نه پوءِ دڪان ئي بند ڪري ڇڏجي…؟ اها جمهوريت ڪهڙي ڪم جي…؟ ڀلا پوءِ ان سي اين جي وارن خلاف به فوج اچي…؟ عدالت ايڪشن کڻي…؟؟ ڪير اچي….؟ ڪو ته اچي….؟ جي سرڪار ڪجهه ڪين ڪري ته ڪنهن ٻئي کي ئي چون ته اهي ئي اچي عوام کي رليف ڏين…؟ جي ڪير ٻيو ٿو اچي ته وري گهوڙا ڙي گهوڙا اسان سان قهر اسان سان ظلم اسان مري وياسين، جمهوريت تي راتاهو وارو ڙي وارو آمر ٿا اچن، وارو ڙي وارو جمهوريت کي خنجر پيو لڳي، وارو ڙي وارو جمهوريت بچايو عوام مارايو…….. هتي سڌارو اچڻو ئي ناهي، هرڪو ئي پنهنجي رياست قائم ڪيو ويٺو آهي، تنهن ڪري روزاني پنهنجي اخبار وسيلياهو مطالبو نه ڪنداسين ته سي اين جي مافيا جي ڪن مهٽ ڪريو، ڇو ته سرڪار انهن سان ٻڌل آهي، سرڪاري ڪامورن جون سي اين جي اسٽيشنون آهن، پاڻ اهو مطالبو ڪڏهن به نه ڪنداسين، تنهن ڪري اسان جي به خاموشي بهتر هوندي.
آغا وحيد گهانگهرو
راڌڻ ٽائون جي مهيني جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي ٿئي
راڌڻ ٽائون جي هر مهيني جي بجيٽ هڪ ڪروڙ جي لڳ لڳ آهي راڌڻ ٽائون جو چيئرمين صاحب اقتدار پارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري آهي سندس پارٽي مسلسل 17 سال سنڌ جي اقتدار تي ويٺل آهي ۽ پاڻ راڌڻ جي عوام جي راڄ ڀاڳ جو مالڪ لڳو ويٺو آهي پوءِ به راڌڻ شهر جا جائز بنيادي مسئلا حل ٿي ناهن سگھيا، جنهن ۾ پيئڻ جو پاڻي جو مسئلو راڌڻ شهر ۾ 90 سيڪڙو انساني آبادي ۾ پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي. جر کارو ٿي چڪو آهي شهر ۾ واٽر سپلاءِ جي ڪابه اسڪيم موجود ناهي. سنڌ حڪومت طرفان بيٽريون سولر پليٽون پکا ۽ نلڪا کيس ملندا رهن ٿا پر اهي به ڪنهن غريب مستحق کي ملي ناهي سگھيو اهي سڀ بااثر ۽ انهن مخصوص ماڻهن کي مليا آهن غريب مستحق ماڻهن کي ڪابه شي نصيب ناهي ٿي. ان کان علاوه زڪوات عشر جي چيئرمين پاران 17 سالن ۾ ڪنهن به بيوه مستحق کي ڪجھه ناهي ملي سگھيو. نه ئي وري بي پهچ مسڪين جي بيمار آهن انهن کي علاج لاءِ ٽڪو ناهي مليو ۽ غريب جيڪي پنهنجي نياڻين کي ڏاج نه ٿا ڏئي سگھن انهن جي نياڻين جي ڏاج لاءِ به فنڊ ناهي ڏنو ويو. هر غربت ماريل غريبن کي قانوني ۽ آئيني حقن کان محروم نه ڪيو وڃي. ڪجھه جائز حقدارن کي حقدار سمجھي اهميت ڏيو. سنڌ جمهوريت حڪومت غريبن جي عوامي پارٽي جا دعويدار حڪمرانو غريبن کي پنهنجي حقن کان دستبردار نه ڪيو. اٽي لٽي اجهي جو نعرو هڻندڙ پارٽي انهيءَ نعري تي پاڻ کي قائم رکي عوام سان سچا آهيو ته عوام جي حقن تي ڌاڙا نه هڻو اهو مثال قائم نه ڪيو ادا ڀائو هڙ کائو وارو .
مسڪين راهب علي سولنگي /راڌڻ اسٽيشن
پئسو، سڪون ۽ ٻين لاءِ ھمدردي جو جذبو!
اسان جي وڏي بدقسمتي چئبي جو اسان زندگي جو سڪون فقط پئسي کي سمجھون ٿا، پر منھنجو ذاتي خيال آھي ته: ضرورت کان وڌ پئسو ماڻھو جو سڪون برباد ڪري ٿو. توھان پنھنجي اندر جي ڳالھه کي لفظن جي شڪل ڏئي ڏسو ماڻھو اوھان کي چريو سڏيندا. ڪافي عرصو اڳ جڏھن ڪنھن ويجھي رشتيدار سان حال احوال ٿيو تڏھن ڪا دل جي ڳالھه لفظن ۾ شيئر ڪيم وٽائنس مون کي جواب مليو ته: تون احساس ڪمتري جو شڪار آھين. عمر جو لحاظ ڪندي ڪجھه چئي نه سگھيس! پر ان درويش کي خبر نه ھئي ته احساس ڪمتري جو شڪار ماڻھو ته دنيا جي حَوس ۾ ٻُڏل ھوندا آھن جنھن ڪري سندن دل ۾ حسد ۽ ساڙ پيدا ٿيندو آھي، پر جيڪي ماڻھو اڪيلائي ۾ موسيقي سان محبت ڪندا ھجن جيڪي سرد شامن ۾ ڍنڍن تي ويٺل پکين جي قطار تي سوچيندا ھجن، جيڪي وھندڙ ندين بلڪ سموري فطري حسن سان ڳنڍيل ھجن اھڙا ماڻھو به حساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيندا آھن ڇا۔۔؟! وڏو بدبخت چئبو اسانجو سماج جو جيڪي ماڻھو بغير پئسي سان خوش رھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ماڻھو انھن کي آوارا سمجھندا آھن. اھڙن ماڻھن جا ذھن صفا سوڙھا ھوندا آھن. ڪجھه عرصو اڳ ڪراچيءَ ۾ جڏھن ھڪ ڪمپني ۾ ليبر جو ڪم پئي ڪيم تڏھن ھڪ پٺاڻ ڇوڪرو سندس نالو علاؤدين ھو پاڻ مون کي پلاسٽڪ بوتلن جي ٿيلھي کَسي چيو: تو کان مزدوري ڪرائيندي اسان کي شرم ٿئي ٿو تون ھيٺ اچ تنھنجو انٽرويو وٺي تو کي ڪنھن پوسٽ تي لڳايون ٿا. ٿيو ائين ھنن مون کي انگريزي جو ھڪ جملو پُڇيو ته: اسين ڪرڪيٽ کيڏون ٿا جي انگريزي ڪري ٻُڌاءِ۔۔۔ زباني جواب ڏنم ته: we will play the crcket مون کي فرسٽ ۽ سيڪنڊ فارم جي سُڌ ڪونه رھي پر مون جملي ۾ فرسٽ فارم ھنيو. ھمراھ ڪرڪيٽ جو شوقين ھو جنھن ڪري مون کي ڪرڪيٽ سان گڏ The لڳائڻو پيو. ھنن چيو ٺيڪ آھي پر ڇا تو کي ايڪسل ھلائڻ ايندو آھي۔۔؟؟ چيم نه! تيسين دوست علاؤدين وراڻيو: سڀ ڪجھه خدا ئي ڪندو پر تو کي آئون ڪنھن منزل تي ضرور پھچائيندس! ھنن يارن کي شايد مون ۾ ڪجھه شرافت جا گُڻ نظر آيا ھئا، پر ٿيو ائين منھنجو گورين تي گذارو ھئڻ ڪري ٽئين ڏينھن منھنجي ڊپريشن سچوئيشن سبب ھارٽ بيٽنگ گھڻي وڌي وئي ۽ آئون کارادر مان ڊاڪٽر مشتاق بادامي کان چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ ھليو ويس. مون کي اھو احساس ضرور رھجي ويو ته آئون ڪمپني ۾ نئون ھئس پر پٺاڻ دوست جي پنھنجائپ واري رَوش ڏسي احساس ٿيو ته خبر ناھي ڇو اسان سنڌي ماڻھن مان ھاڻ ٻين لاءِ احساس ۽ ھَمدردي مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آھي!
رياض امر ٻجورو/سجاول
ڊرينج نالين جي صفائي ڪرائي وڃي
يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ گذريل پنجن مهينن کان گٽر نالين جي صفائي نه ٿي سگهي آهي ۽ هينئر عيد ڏهاڙن ۾ به گٽر ناليون اوور فلو ٿيڻ ڪري نه رڳو ڳوٺاڻن کي پنڌ هلڻ ۾ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو پر گند ڪچري سان ڀريل نالين جي ڌپ ۽ مڇر وڌڻ ڪري به ماڻهو نهايت پريشان آهن. جيتوڻيڪ اڳوڻي بلدياتي دور ۾ ضلعي ڪائونسل ٽنڊو الهيار جي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولھاري جي هدايت تي يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺن جنهن ۾ اسان جو ڳوٺ به شامل آهي، هر مهيني باقاعدگي سان صفائي وارو عملو نالين جي صفائي ۽ گهٽين جي ٻهاري لاءِ ايندو هو. ۽ هاڻوڪي دور ۾ پهرين ٽين چوٿين مهيني نالين جي صفائي ٿيندي هئي. پر گذريل پنجن مهينن کان اهو سلسلو بند پيل آهي جنهن ڪري نالين جي صفائي نه ٿي آهي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري جو عوام ضلعي ڪائونسل ٽنڊو الهيار جي چيئرمين مير سهيل ٽالپر ۽ وائس چيئرمين درياخان مري کان اهو مطالبو ٿو ڪري ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي نالين جي صفائي يقيني بڻائي وڃي.
مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي ٽنڊو