ڪنڊيارو جي ايڌي حسوا ٽيم

 

زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي. اِن جو قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي. انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي. اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرندو هُجي. هر طرف رت ئي رت، قتلِ عام، معصوم بيگُناهه ماڻهون جو موت. اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي. اچو ته گڏجي انسانيت کي بچايون ۽ جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون. هِڪٻئي جي ڪم اچون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون. اڄ جي هن ٽيڪنالاجي جي بيباڪ دور ۾ چڱائي هڪ گار بڻجي چڪي آهي ۽ لڱائي پنهنجا پير ايئن مضبوط ڪيا آهن جيئن چقمق پاڻ ۾ چنبڙي ويندو آهي. ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ڌاڙيل کي چور کي چوي ته ڀاءُ ادا هي چوريون نه ڪر ماڻهوبيگناهه نه مار ! ته هي اسان هڪ فرض پورو ڪيو هڪ برڪت جو ڪم ڪيو، باقي الله تعالي هن کي هدايت جڏهن ڏني. چڱائي لڱائي کان 100 دفعه نه هزار دفعه بهتر آهي جيترو ٿي سگهي ته چڱائي ڪجي لڱائيءَ کي گند جي ٽوڪري ۾ اڇلائجي. چڱائي اسان کي بهتر مسلمان بڻائيندي اسان کي اتحاد ۽ اتفاق سان رهائيندي امن محبت جو ماحول فراهم ڪندي. لڱائيءَ مان الائجي ڪيترا نقصان ٿيندا پاڻ ۾ اتحاد نه رهندو متحد منظم نه ٿي سگهبو. اسان جو اسلام به چوي ٿو ته توهان چڱائي نه ٿا ڪريو ته ڪنهن سان لڱائي به نه ڪريو. توهان ڀلائي نه ٿا ڪري سگهو ته برائي به نه ڪريو. ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو نڪري ٿو ته برائيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلايو. اگر هن ۾ انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته وڌيڪ بهتر آهي.

 

وحيد گهانگهرو

 

قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجو‎

 

ٺٽو جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ علمي ادبي حوالي سان پاڻ ملھائيندو اچي قديم تھذيب ۾ مڪلي کان عبداللّٰھ شاھھ اصحابي تائين ڪينجھر کان ڀنڀرو تائين ٺٽو علم ادب جو مرڪز رھيو آهي. ٺٽي ۾ جنگشاھي جو علائقو ھجڻ ٺٽي ضلعي لاءِ ڪنهن اعزاز  کان گھٽ ناهي. ٺٽي سميت آس پاس جا علائقي  واسي خوشنصيب آهن جن جي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ڏونگر ڪردار جنم ورتو جنهن کي سنڌ سميت سڄي دنيا رسول بخش پليجي جي نالي سان سڃاڻي ٿي. محترم رسول بخش پليجو ڳوٺ منگر خان پليجو لڳ جنگشاھي ۾ پليو ۽ اتان کان جوان جذبا کڻي حيدرآباد ۾ رھڻ لڳو. پاڻ مختلف وقتن تي علمي ادبي سياسي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتائين سنڌ جي ھر مسئلي تي پليجي صاحب پاڻ ملھايو. چاهي ڪالاباغ ڊيم ھجي گريٽر ٿل ڪئنال ھجي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ لکرائڻيون ھجن. پاڻي جو اشو ھجي پليجو ثابت قدم رھيو جنهن جي ڪري کيس درياهھ وڪيل جي نالي سان سنڌ جا ماڻهو سڏين ٿا. اڄ به سنڌ جو ليڊر رسول بخش پليجو پاڻي جو وڪيل قائد انقلاب رسول بخش پليجو زنده آهي. پليجو صاحب عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ۽ ان سان گڏ ذيلي تنظيمن جو باني آهي جيڪي تنظيمون اڄ به ميدان ۾ آهن تازو ڪئنالن جو مسئلو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ نالي سنڌ جون زمينون  نيلامي جو مسئلو جنهن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پھرين ڏينهن کان اڄ تائين مخالفت ڪندي انهن منصوبن کي رد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رھي آهي ته انهن منصوبن کي مڪمل مستقل طور رد ڪيو وڃي. مون کي پنهنجو پاڻ تي تمام گهڻو فخر آهي ته آئون پليجسٽ  آھيان پليجي جو پوئلڳ آھيان پليجي جي صفن ۾ صرف ھڪ سچ صبر برداشت آهي جيڪو حقيقي ڪاميابي جي راھ آهي جنهن تي ھلندڙ سرخرو ٿيندا آهن. آئون سمجھان ٿو. پليجي صاحب جي جدوجهد کي وسيع پئماني تي بيان ڪرڻ مون جھڙي ننڍڙي ماڻهو جي حيثيت ناهي جو پليجي صاحب جي فن فڪر کي قلمبند ڪيان ڇو ته ڪي ڪي انسان تاريخ ٿيندا آهن جيئن شاهھ سائين جو ھي بيت آهي ته:

“ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.”

جنهن وقت پليجي صاحب ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. ان وقت جو مھا ڪوي شاعر شيخ اياز ھو. سچ پڇو ته شيخ اياز جي شاعري حوصلو ۽ اتساھ آهي. مون کي شيخ اياز جي ھي شعر تمام گھڻو پسند آهي:

جي ھانءُ نه ھارين ڪوھيارل ھي ڏينهن به گھاري وينداسين

ڇو پير پساري ويٺو آن اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.

پليجو صاحب 07جون 2018ع تي وفات ڪئي بظاهر ھو اسان جي وچ ۾ صرف جسماني طور ناهي پر سندس فن فڪر ڪردار زنده آهي جيڪو ھميشـ  زنده رھڻو آهي. سندس آخري آرامگاه ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاھي ۾ آهي جتي سندس ھر سال ورسي تقريب ٿيندي آهي جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو شرڪت ڪندا آهن.

 

مبارڪ سولنگي /ٻيلوشھر

 

ڪاڇي جو عوام بي يارو مددگار بڻيل

 

ڪاڇي جي معاشي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي . هتي جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي پر پاڻي جي کوٽ سبب زراعت جو شعبو به ڪمزور ٿي ويو آهي. ماڻهو اڪثر مال چاريندڙ آهن پر مال جي بيمارين، واراڻن جي کوٽ ۽ مارڪيٽن تائين رسائي نه هجڻ ڪري اهو ذريعو به کين وڌيڪ فائدو نه ٿو ڏئي.  نوجوان بيروزگار آهن  ۽ کين شهرن ۾ روزگار جي تلاش ۾ هجرت ڪرڻي پوي ٿي.  هي هجرت نه رڳو سندن علائقي کي انساني وسيلن کان خالي ڪري رهي آهي پر انهن جي زندگي به اجاڙي رهي آهي. ڪاڇو  جيڪو سنڌ جي پسگردائيءَ جو هڪ اهم ۽ تاريخي خطو آهي. هميشه کان ئي قدرتي وسيلن، سونهن ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال رهيو آهي  پر ڪاڇي وارن لاءِ سياسي پارٽين جو خيال حقيقت ۾ “وٽ سڃاڻپ” وارو رستو بڻجي ويو آهي سندن مسئلن جو حل صرف چونڊن تائين محدود ھوندو آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪاڇي جو عوام پاڻ به شعوري طور منظم ٿي پنهنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪري ۽ انهن نمائندن کان پڇاڻو ڪري جيڪي رڳو وعدا ڪن ٿا پر عمل نه ٿا ڪن. سياسي پارٽين کي سمجهڻ گهرجي ته ڪاڇو ووٽ جو علائقو نه، پر ذميواري جو نالو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هتان جو عوام هميشه کان ئي وسيلن جي کوٽ حڪومتي لاپرواهي ۽ ترقيءَ کان محروم رکڻ واري رويي جو شڪار رهيو آهي. اڄ به ڪاڇي جا ماڻهو بي يارو مددگار، بنيادي سهولتن کان وانجهيل ۽ حياتيءَ جي ابتدائي ضرورتن لاءِ دربدر آهن. ڪاڇي لاءِ رٿائون گهڻيون ٻڌايون ويون آهن روڊ ٺهندا اسپتالون ٺاهيون وينديون پاڻي پهچايو ويندو پر اهي سڀ رڳو فائيلن ۾ بند رهن ٿيون. زمين تي حالتون سدائين اڳ کان وڌيڪ خراب نظر اچن ٿيون. ڪاڇي جي عوام کي هاڻ بيان نه عمل گهرجي، امداد نه  ادارا گهرجن خيرات نه حق گهرجن. ڪاڇي ۾ پاڻي، صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙيون بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي اڄ به هزارين ماڻهن لاءِ هڪ خواب بڻيل آهي. اسپتالون ته نالي ماتر آهن جتي نه دوائون آهن نه ڊاڪٽر ۽ نه ئي ايمرجنسي سهولتون. ڪيترائي ڀيرا عورتون ٻارن جي ڄمڻ دوران رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿيون ڇو ته ويجهي اسپتال تائين پهچڻ لاءِ رستا ئي ناهن يا ته ٽرانسپورٽ جو بندوبست نٿو ٿي سگهي.  تعليم جي ڳالهه ڪجي ته ڪاڇي ۾ سوين اسڪول بند پيل آهن جن جون عمارتون ڪمزور ٿي ويون آهن يا مال رکڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن  جيڪي اسڪول هلندڙ به آهن  اُهي استاد نه هجڻ  ڪتابن جي کوٽ ۽ ناقص تعليمي ماحول سبب ٻارن لاءِ مستقبل ٺاهڻ جو وسيلو نه بڻجي سگهيا آهن. نياڻيون تعليم کان بلڪل ئي محروم آهن ڇو ته والدين کي نه رستا محفوظ لڳن ٿا نه ئي اسڪولن ۾ نياڻين لاءِ الڳ سهولتون مهيا آهن. روزگار جا موقعا ته ڪاڇي ۾ ناياب بڻجي ويا آهن. ماڻهو مال جي پرورش تي ڀاڙين ٿا  پر ڏڪار، پاڻي جي کوٽ  ۽ واپار جا بند رستا انهن لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. اڪثر نوجوان بيروزگاري سبب وڏن شهرن جو رخ ڪن ٿا  جتي به انهن کي حق نه ٿو ملي. ڪاڇي جا نوجوان نه رڳو محروم آهن پر مايوس به آهن. حڪومتي دعوائون رڳو بيانن تائين محدود آهن  ڪي ٻوڏون هجن  ته ڪاڇي جو نالو پويان اچي ٿو. ڪي ترقياتي منصوبا هجن  ته ڪاڇو انهن کان آجو رهي ٿو.  ڪي چونڊون ٿيڻ ته ووٽ وٺڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڪاڇو ياد اچي ٿو پر پوءِ پنجن سالن تائين ڪو به پارليامينٽ ميمبر واپس نه ٿو اچي. ڪو به حڪومتي ادارو ڪاڇي کي سنڌ جو حصو ئي نه ٿو سمجهي،  ائين ٿو لڳي ڄڻ هي علائقو ڪنهن ٻي ڌرتيءَ تي واقع آهي هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪاڇي جي بي يارو مددگار ماڻهن جي آواز کي بلند ڪيو وڃي.  ميڊيا، صحافين، اديبن ۽ سوشل ايڪٽوسٽن کي اڳتي وڌي ڪاڇي جي محرومين کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي گهرجي ته ڪاڇي لاءِ رڳو اعلان نه  پر عملي قدم کڻي،  ترقيءَ جا در کولي  بنيادي سهولتون فراهم ڪري ۽ انهن ماڻهن کي به باقي سنڌ جيان عزت. سهولتون  ۽ زندگيءَ جا حق ڏئي، ڪاڇي جو عوام خاموش ضرور آهي  پر ان جي اکين ۾  تڪليف ۽ اميد جو ميلاپ آهيئ ڪاڇي جي عوام جو آواز ڪمزور ضرور آهي  پر بند نه آهي.  انهن جي اکين ۾ اميد جو ڏيئو اڄ به روشن آهي انهن کي رڳو هڪ اهڙي حڪومتي پاليسي اهڙي سياسي ايمانداري ۽ اهڙي سماجي ساٿ جي ضرورت آهي  جيڪو سندن زندگيءَ جو رخ تبديل ڪري سگهي.  ڪاڇي جي عوام کي وسارڻ  رڳو هڪ علائقي نه  پر انسانيت سان ظلم ڪرڻ جي برابر آهي. اچو ته انهن لاءِ آواز بڻجون ته جيئن ڪاڇو به ترقيءَ جي واٽ وٺي  ۽ ڪاڇي جا ماڻهو به پاڻ کي هن ڌرتيءَ جا برابر جا شهري سمجهن.ڪاڇو رڳو هڪ علائقو نه  پر سنڌ جي دل آهي  جيڪا اڄ به ڌڙڪڻ لاءِ وسيلن جي تلاش ۾ آهي  اچو ته دل جي ڌڙڪن کي زنده رکڻ لاءِ گڏجي هلون.

 

خليل احمد لغاري/ حاجي خان ، ڪاڇو

 

ٿرديپ ۽ سنڌ بينڪ عملي جي “لاپرواهي”ٻوڏ متاثر پورهيت جي زندگي کسي ورتي!

 

گذريل اربع جي ڏينهن خيرپورناٿن شاهه ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، پورهيت ٻوڏ متاثر سنڌ بينڪ مان رقم وٺڻ دوران قهر جي گرمي کي منهن ڏيندي فوت ٿي ويو. سيتاروڊ واسي نوجوان زاھد پليپوٽو سنڌ حڪومت طرفان گھر ٺاھڻ لاء آيل قسط جي رقم وٺڻ لاءِ جڏهن سنڌ بينڪ ڪي اين شاهه ٻاھران سخت گرمي دوران قطار ۾ بيٺل رهيو. انتظاميه پاران اۡس کان بچاءُ يا پيئڻ جي لاءِ پاڻي جو اهتمام نه هجڻ ڪري ٻوڏ متاثر پورهيت گرمي سبب بيھوش ٿي ويو ۽ ڪجھ ئي دير ۾ ھن دم ڏئي ڇڏيو…..!!

هي ڪيڏي نہ بيحسي آھي، ادارن جي غفلت، لاپرواهي اڻپورن انتظامن سبب ٻوڏ متاثر تڙپي رهيا آهن، ۽ زندگيءَ تان هٿ کڻي رهيا آهن….!! دراصل ڪي اين شاهه جي متاثرن سان ٻٽو عذاب آهي، هڪ پاسي ٿرديپ آفيس ۾ ڪوس گهر آهي، ٿرديپ عملو هر ايندڙ ٻوڏ متاثر کي دربدر ڪري ٿو، ٿرديپ انتظاميا پاران مقرر ڪيل ايجنٽن کان سواءِ ڪنهن جو به ڪم ٿيڻ ممڪن ئي ناهي. مجبور ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن رلندا رهن ٿا، پوءِ مجبور ٿي ايجنٽن جو رخ ڪن ٿا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته متاثر ماڻهن کي بيدردي سان دربدر ڪرڻ ٿرديپ عملي جي سڃاڻپ بڻجي چۡڪي آهي!

جيسيتائين ٿرديپ عملي پاران لسٽ فائينل نه ٿي ٿئي، سنڌ بينڪ  عملو پاڻ کي رقم ڏيڻ جو پابند نٿو سمجهي! هي سراسر ظلم آهي، متاثر بينڪ اڪائونٽ کلڻ باوجود ادارن جا محتاج بڻيا ويٺا آهن، کين مجبور ڪري هلايو پيو وڃي!

زاهد پليپوٽي جو موت ٻن ادارن جي لاپرواهي جي ڪري ٿيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته هي سنگين معاملو آهي، اختيار ڌڻين کي هن واقعي طرف ڌيان ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي، نه ته هتي اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا جنم وٺي سگهن ٿا ۽ متاثرن جا ڪيترا لاش کڻنداسين؟ اسين هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، مرحوم زاهد جي موت جي جوابدارن تائين پهچ کي يقيني بڻائي انهن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي.

 

ممتاز ملاح/ خيرپور ناٿن شاهه

فطرت جو لازمي اصول ۽ جنگي دنيا جعن حقيقتون

 

هن دنيا ۾ ڪابه شيءِ مستقل ناهي، سواءِ تبديليءَ جي. فطرت صدين کان ساڳين شين کي نون رنگن ۽ نون روپن سان پيش ڪندي رهي آهي ۽ انسان به هر دور ۾ ان نواڻ مان لطف اندوز ٿيندو پيو اچي. تبديلي جو اهو اصول زندگيءَ جي هر شعبي تي اثرانداز ٿيندو رهي ٿو، جنگي صورتحال به ان تبديل ٿيندڙ حقيقت کان مبرا ناهي. مئي جي مهيني دوران ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ انتها تي پهتي، پر آمريڪا جي مداخلت کانپوءِ ٻنهي ڌرين پاران جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا يقيناً هڪ مثبت پيش رفت آهي. جيتوڻيڪ ڪا وڏي تباهي رپورٽ ناهي ٿي، پر ڪجھ اهم ۽ غور طلب پهلو سامهون آيا آهن. پهريون، ڀارت پاران فرانس مان ورتل رافيل جنگي جهازن جي ڪارڪردگي، پاڪستان جي JF-17 ۽ J-10C جهازن جي مقابلي ۾ بيڪار ثابت ٿي. ان سان نه رڳو ڀارتي هوائي فوج جي صلاحيتن تي سوال اٿيا، پر فرانس جي رافيل ٽيڪنالاجي تي به شڪ شبها پيدا ٿيا. نتيجي طور، عالمي مارڪيٽ ۾ رافيل ٺاهيندڙ ڪمپني جي شيئرن جي قيمت 3.3 سيڪڙو گهٽجي 373.80 ملين ڊالرن مان 362.05 ملين ڊالر ٿي وئي، جيڪو واضح ثبوت آهي ته رافيل جهازن کي نقصان پهتو آهي. ان بابت نه رڳو بين الاقوامي ميڊيا رپورٽون ڏين پيون، پر ڀارتي فوج جا اعليٰ عهديدار به هاڻي ان نقصان جو اعتراف ڪري چڪا آهن. ٻيو، هي پهريون ڀيرو هو جو ٻنهي ملڪن پاران هڪ ٻئي تي ڊرونز جو استعمال ڪيو ويو. خاص طور تي، ڀارت طرفان استعمال ٿيندڙ اسرائيلي ڊرونز جو وڏو تعداد، هڪ نئين ۽ سنجيده رخ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. اهو مستقبل لاءِ نئين حڪمت عملي ۽ رٿابنديءَ جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. ٽيون ۽ سڀ کان اهم نڪتو DGISPR جي پريس ڪانفرنس ۾ سامهون آيو، جنهن مطابق ڀارت پاڻ آمريڪا کان جنگبندي جي اپيل ڪئي. اها حقيقت، دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي ۽ پنجين وڏي معيشت رکندڙ ملڪ جي ڪمزوريءَ کي وائکو ڪري ٿي. ڀارت، جيڪو مستقبل ۾ عالمي طاقتن جي صف اول ۾ شامل ٿيڻ جو دعويدار آهي، ان جي اهڙي قدم تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ بہ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ذريعي جنگبندي جي تصديق ڪئي، جيڪا هن سڄي صورتحال کي وڌيڪ عالمي توجهه ڏيارڻ جو سبب بڻي. آخر ۾، موجوده حالتن مان اهو سبق ملي ٿو ته تبديليءَ جي رفتار سان هم قدم نه هلايو ويو ته فائدي بدران نقصان ٿيندو. سياسي، عسڪري، ۽ ٽيڪنيڪل ميدان ۾ مسلسل نواڻ کي سمجهڻ ۽ ان جي مطابق حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي.

 

عظيم حسن ميتلو/ خيرپور ميرس

مجبور پوليس اهلڪار آخر ڇا ڪن؟؟

 

هر ڪوئي پوليس تي ڦُوڪيَل آ پر پوليس ۾ ڀرتي علائقي جا لوڪل سپاهي ڪن ته ڇا ڪن، جيڪڏھن پوليس وارا ڪجھ به ڪن ٿا ته تر جا وڏيرا فيصلو ڪري انھن تي ڌاڙيل جو عيوضو 40 کان 50 لک رکي انھن ويچارن جي چيلھ ئي ڀڃي ڇڏين ٿا. ھاڻي توھان ٻڌايو جيڪو پوليس وارو 40 يا 50 لک ڀريندو ٻيھر اُهو ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائيندو؟ هتي سڄي فساد جي جڙ ئي راڄوڻي فيصلا ڪندڙ تر جا چڱا  مڙس آھن ڀلي ڪو مون سان اختلاف رکي باقي حقيقت اها آهي. ڏوهارين سان وڙھڻ جي لاءِ رينجرز بيسٽ آپشن آهي انھن وٽ سمورا سپاهي به ٻاهرين صوبن جا آهن پر پوء به اسٽيڪ هولڊر انھن کي اختيار نه ٿا ڏين پر جيڪڏھن انھن کي نگران سيٽ اپ ۾ اختيار ملي به وڃن ٿا ته اُهي به پوليس وارن جون سِڪُون لاهي ڏوهارين سان ياريون رکي شريف ماڻھن جي ٽُٽل ڀڳل گاڏي جي ڪاغذن ۾ ڌاڙيل پيا ڳولين. آخر شريف ماڻھو ڪري ته ڇا ڪري.

 

اياز بلوچ/ تنگواني

 

لاڙ خطي لاء ھڪ خود مختيار يونيورسٽي جو مطالبو‎

 

مان هن خط جي ذريعي سنڌ يونيورسٽي جي لاڙ ڪئمپس بدين جي 18 سالن تائين نظرانداز ٿيل مسئلي تي روشني وجھڻ چاهيان ٿو. هي ڪئمپس 2007ع  قائم ٿيو جنهن ۾ هن وقت 4 شعبن ۾ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڪجهه سالن بعد نئين بلڊنگ لاءِ 94 ايڪڙ زمين

منظور ڪئي ويئي پر اڄ تائين نئين عمارت تعمير نه ٿي سگهي آهي. سالن کان بجيٽ ڪتابن ۾ ڪئمپس لاءِ رقم ڏيکاري وئي آهي، پر منظوري نٿي نصيب ٿئي. هاڻي 2024-25 جي اِي ڊي پي اسڪيم ۾ 2,365 ملين روپين جي بجيٽ پڻ منظوري جي منتظر آهي. هن سڄي دير جي ڪري 800 کان وڌيڪ شاگرد انتهائي ڏکئي  ماحول ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن. لاڙ خطي جي عوام جو مطالبو آهي تہ هن ڪئمپس کي هڪ خود مختيار يونيورسٽي ۾ تبديل ڪري لاڙ علائقي—بدين، ٿرپارڪر، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي—جي غريب ۽ وچولي گهراڻن جي شاگردن کي  اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا آسان  موقعا ميسر ڪري ڏنا وڃن. ڇو تہ هتي جا ماڻهو مالي طرح ايترا امير ناهن جيڪي پري جي يونيورسٽين جا وڏا خرچ برداشت ڪري سگهن. بدقسمتي سان هن وقت شاگرد انتهائي خراب حالتن ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن

.بدين ضلعي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي  هن مسئلي کي اسيمبلي ۾ اٿاري ڀرپور مالڪي ڪرڻ گهرجي. 18 سالن کان زير التوا  پيل هن  اهم مسئلي کي حل ڪرائي پنهنجو نالو روشن ڪرڻ گهرجي

 

جبار حبيباڻي/بدين