اُڃايل ڌرتي: وڌندڙ گرمي پد ۽ اسان جو مستقبل

 

سنڌ، جيڪا زرخيز ۽ تاريخي ڌرتي آهي، اڄ وڌندڙ گرمي جي شديد لهرن جي ور چڙهيل آهي. 2025ع جي گرمين ۾، شھيد بينظيرآباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، جيڪو خطرناڪ حد سمجهيو وڃي ٿو، گرمي وڌڻ جو بنيادي سبب عالمي حدت (گلوبل وارمنگ) آهي، جيڪا انساني سرگرمين خاص طور تي صنعتي ترقي سبب پيدا ٿي آهي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گيسن جي واڌ، وڻن جي گهٽتائي ۽ شهري ايراضين جي وڌڻ سان “اربن هيٽ آئيلينڊ” جو اثر به وڌي ويو آهي. گرميءَ پد وڌڻ جا اثر اهي آهن ته وڌندڙ گرمي انسانن جي صحت، زراعت ۽ توانائي تي منفي اثر وڌو آهي. گرمي لڳڻ، پاڻي جي کوٽ، فصلن جي تباهي، ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، خاص ڪري نميءَ وارن شهرن جهڙوڪ ڪراچي توڙي سامونڊي علائقن جي شهرن ۾ حالتون وڌيڪ خراب آهن. هن وڌندڙ گرميءَ کي منهن ڏيڻ جو واحد حل اهو آهي ته وڌ کان وڌ وڻڪاري وڌائجي. شمسي ۽ صاف توانائي کي فروغ ڏجي، شعور ۽ تعليم ذريعي عوام کي باخبر ڪجي، پاڻي جي بچت لاءِ فرد ۽ حڪومت گڏجي ڪم ڪن، جيڪڏهن اسان گهربل حڪمت عملي نه جوڙي ته هن جا نتيجا خطر ناڪ نڪري سگهن ٿا. وڌندڙ گرمي پد انسانيت لاءِ سنجيده خطرو آهي جيڪڏهن اسان اڄ قدم نه کنيا ته سڀاڻي جي ڌرتي غيرمحفوظ ٿي سگهي ٿي. اچو ته گڏجي ڌرتي بچايون، وڻ لڳايون ۽ ماحول دوست زندگي اختيار ڪريون.

 

مصباح الطاف/ جھڏو

سنڌ ۾ پوليس ٿاڻن کي ڪرپشن جا اڏا ٿيڻ کان بچايو

 

سنڌ ۾ پوليس هڪ اهڙو کاتو آھي جنهن کي عوام جي جان مال تحفظ جو ڪريڊٽ مليل آھي جنهن کي ڏوهن تي ضابطي آڻڻ سميت عوام جي حفاظت ادارن ۽ آفيسرن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي به ذميواري مليل هجي ٿي. پوليس ڏوهارين کي انجام تائين پهچائڻ ۽ امن بحال ڪرڻ جي بلڪل ذميوار آھي. ڪجھه سالن اندر پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت سبب جيڪي به ذميواريون هيون انهن کان پوليس کي غيرذميوار ڪندي هڪ طرف سنڌ جو امن امان تباهه ڪيو ويو آھي ۽ ٻئي پاسي سموري سنڌ جي ٿاڻن کي ڪرپشن ڪمائي روزگار جا اڏا ۽ ڏوهارين جو ڄڻ گهر بڻايو ويو آھي. ٿاڻن تي مقرر اهلڪار جوا منشيات جي منٿلي وٺڻ لاءِ ڄڻ مقرر ٿيل آھن جنهن پوليس کي عوام جي تحفظ ۽ حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي ۽ ان جي ايمانداري ۽ فرض شناسي عوام جي اڳيان هاڻي شڪي ٿي وئي آھي ۽ هر ماڻھو ڄاڻي ٿو ته پوليس جي آشيرواد سان ئي ڏوهه ٿي رهيا آھن ۽ انهن تي ضابطو نه اچڻ ئي ان جي غيرذميواري ۽ لاپرواهي جو ڪارڻ آھي. سنڌ ھن وقت ڏوهن جي وارداتن ۾ ٻري رهي آھي. قتل، ڦر، جهيڙا، چوريون، منشيات، جوا جو آزار معمول بڻجي ويا آھن ۽ انهن سڀني غلط ڪمن جي ڪري پوليس ٿاڻن جي ڪمائي ٿي رهي آھي ليڪن پوليس ٿاڻن کان نه ٻاهر نڪري پئي نه وري ڏوهن تي ڪو ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. ٿاڻن کي مٿان کان هيٺين ليول تائين ڪرپشن جو اڏو بڻايو ويو آھي سموري سنڌ جا ٿاڻا ايس ايچ اوز کي ٺيڪي تي ڏنا پيا وڃن. ظاهر ڳالھ آ ايس ايچ او سميت سمورو عملو ڏوهه ڪرائي ٺيڪي جي رقم ادا ته ڪندو نه. سو مقصد جي ڳالھ اها آھي ته سنڌ جي پوليس ٿاڻن جي خراب ڪارڪردگي ۽ رشوت خوري سبب غريب عوام جو پوليس اداري تان ويساھ کڄندو پيو وڃي. جتي غريب سان ناانصافي ٿئي ۽ رشوت خوري ۽ پئسي ڏيڻ کانپوءِ ماڻھو پنهنجي وڃايل عزت واپس به نه ڪرائي. ان ادارن کي عوام جي حفاظت خاطر مقرر ڪرڻ جو ڪو ڪم ناهي. سياسي مداخلت کان جيستائين پوليس ۽ ٿاڻن کي پاڪ نه ڪيو ويندو ڪنهن به طريقي سان ڏوهن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهندي.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو

شھدادڪوٽ جي وسيلن سان ناانصافي ۽ ايم پي اي جي خاموشي

 

شھدادڪوٽ، جيڪو سياسي شعور، قربانين ۽ عوامي جدوجهد جو مرڪز رهيو آهي، اھو شھر اڄ بي حسيءَ جو شڪار بڻيل نظر اچي ٿو. پي ايس 14 جي چونڊيل نمائندي مير نادر مگسي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اقتدار ۾ هجڻ باوجود به شهر لاءِ ڪي به نمايان قدم نه کنيا آهن. شهر جي بگڙجندڙ حالتن ۾ دل جي بيماريءَ سان وڙهندڙ مريضن لاءِ ڪا به خاص سهولت موجود ناهي. اين آءِ سي وي ڊي جهڙي اسپتال جي منظوري اڃا تائين نه ملي سگهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. صفائي جو نظام ناڪام، روڊ تباهه، اسپتالون غيرفعال ۽ پاڻي بجلي جا مسئلا هر گهٽيءَ ۾ عوام کي تڪليف ۾ وجهي رهيا آهن. چونڊيل نمائندن جي خاموشي، هن علائقي جي عوام سان بي واجبي جي علامت بڻجي چڪي آهي. اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته شھدادڪوٽ ۾ دل جي اسپتال قائم ڪئي وڃي ۽ چونڊيل نمائندو پنهنجي ذميوارين کي سنجيدگيءَ سان نڀائي.

 

غلام علي مگسي/ شھدادڪوٽ

پاڪستان: چيني بلاڪ جو نئون مرڪز

 

پاڪستان جي بلاڪ چين ڏانهن واپسي دنيا جي وڏين معيشتن جي وچ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي تي تڪرار جاري آهي، پر پاڪستان خاموشي سان ان شعبي ۾ اڳواڻ ٿيڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهيو آهي. ملڪ جي حڪومت پاران 2000 ميگا واٽ بجلي صرف ڪرپٽو مائننگ لاءِ مختص ڪرڻ، هن شعبي ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي سنجيدگي جو ثبوت آهي. هي قدم صرف معاشي فائدي لاءِ نه، پر حڪومتي سطح تي بلاڪ چين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي پاليسيءَ جو حصو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڃاڻپ جي تصديق، زمين جي مالڪي جا ريڪارڊ، حڪومتي ٺيڪا ۽ پرڏيهين جي موڪليل رقم لاءِ بلاڪ چين جي استعمال تي غور ڪري رهيون آهن. دنيا جي وڏي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج Binance جي CEO، Changpeng Zhao (CZ) جو پاڪستان جو دورو عالمي سرخين جو حصو بڻيو. هي دورو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستان هاڻي صرف صارف نه، پر عالمي بلاڪ چين ايڪو سسٽم ۾ مرڪزي رانديگر ٿيڻ لاءِ تيار آهي. ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين پالسيو جي نئين رخ ۾ حڪومت Bilal Bin Saqib کي وزير مقرر ڪيو، جيڪو Forbes 30 Under 30 ۾ شامل رهي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪومت، ضابطا، توانائي، ۽ تعليم جي شعبي سان گڏجي هلندي رهي ته پاڪستان ڏهاڪن تائين عالمي بلاڪ چين مرڪز بڻجي سگهي ٿو. نوجوان قيادت، عالمي دلچسپي ۽ مقامي قدم، سڀئي گڏجي ملڪ کي ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ اڳڀرو آڻي رهيا آهن.

 

ديپڪ ڪمار لنگھاني

 

حج اسلام جو اھم فرض

 

اسلام ۾ حج، سعودي عرب جي مقدس شهر مڪي ۾ ھرسال ذوالحج جي مھيني ۾ ادا ڪيو ويندو آهي، جيڪو هر بالغ امير مسلمان تي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ڪرڻ گهرفرض آھي. حج جي رسم ذوالحج جي 7 هين تاريخ  تي شروع ٿئي ٿي ۽ 12 هين ڏينهن تي ختم ٿئي ٿي. حج جي رسمن جو نمونو پيغمبر محمد ﷺ پاران قائم ڪيو ويو هو، پر ان ۾ تبديليون آيون آهن. جڏهن حاجي مڪي کان اٽڪل 6 ميل (10 ڪلوميٽر) پري هوندو آهي، ته هو پاڪيزگي جي حالت ۾ داخل ٿيندو آهي انھن جاين کي ميقات چيو ويندو آهي جتان حاجي کي احرام ٻڌڻو پوندو آھي. مردن لاءِ ٻه اڇيون بي عيب چادرون هونديون آهن جيڪي جسم جي چوڌاري ويڙهيل هونديون آهن، جڏهن ته عورتون سلائي ڪيل ڪپڙا پائي سگهن ٿيون. حاجي حج جي رسم ختم ٿيڻ تائين پنهنجا وار ۽ نھن نه ڪٽيندا آهن. اهي مڪي ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ مسجد حرام ۾ ڪعبي جي چوڌاري ست ڀيرا طواف ڪندا آهن؛ جيڪڏهن ممڪن هجي، ته ڪعبي ۾ ڪاري پٿر  (حجر اسود) کي چمي ڏيندا آھن يا ڇهندا آهن. مقام ابراهيم ۽ ڪعبي جي طرف ٻه ڀيرا دعا گهرڻ ضروري ھوندي آھي ۽ صفا ۽ مروه جبل جي اهم جڳهن جي وچ ۾ ست ڀيرا ڊوڙندا آهن. ذي الحج جي ستين تاريخ تي حج جي ادائيگي لاءِ منا پھچندا آھن منا ۾ حاجي ھڪ رات قيام ڪندا آھن. سال ۾ صرف 3 ڏينھن لاءِ حج جي موقعي تي قيام لاءِ سجندڙ دنيا جي وڏي ۾ وڏي خيما بستي منا کي خوبصورتي سان سجايو ويندو آھي. جتي حاجي سڳورا حج کان ھڪ ڏينھن اڳ ۽ 2 ڏينھن پوءِ تائين قيام ۽ عبادت ڪندا  آهن. ھتي خوبصورت بازارون ھوٽل خريداري جا دوڪان صرف ٽن ڏينھن لاءِ قائم ڪيا ويندا آھن ھتي ئي شيطان آھي جنھن کي 3 ڏينھن پٿر ھنيا ويندا آھن. حج جي رسم جي ٻئي مرحلي ۾، ج 8 ۽ 12 تاريخن جي وچ ۾ حاجي مڪي کان ٻاهر مقدس جڳهن – جبل الرحمة، مزدلفه ۽ منيٰ – جو دورو ڪندو آهي ۽ ابراهيم جي قرباني جي ياد ۾ هڪ جانور جي قرباني ڪندو آهي. پوءِ عام طور تي مرد حاجين جا مٿا ڪوڙيا ويندا آهن ۽ عورتون وار ڪٽينديون آهن. منيٰ ۾ رجم جي رسم کان پوءِ ڪعبي جو الوداعي طواف ڪرڻ لاءِ مڪي واپس ايندو آهي. هر سال اٽڪل ٻه ملين کان وڌيڪ ماڻهو پوري دنيا جي مختلف ملڪن مان حج جي ادائيگي لاءِ مڪي ايندا آهن ۽ هي رسم اسلام جي تاريخ ۾ هڪ متحد قوت جو ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪو مسلمان حج صحيح طريقي خشوع ۽ خضوع سان ڪري ٿو ته اهو گناھن کان ائين پاڪ ٿي ويندو آھي جيئن ھو اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان ڄائو ھجي. دعا آهي ته الله پاڪ ھر مسلمان کي حج جي زيارت نصيب ڪري. آمين.

 

شير محمد ملڪاڻي

 

يوم عرفه ۽ حج جي اهميت

 

9 ذوالحج يوم عرفه طور ملهايو ويندو آهي ان ڏينهن رب جي رحمت عرفات وارن مٿان ايتري تيزي سان وسندي آهي جو سندس بارگاھه اقدس مان ڪو به بني بشر هٿين خالي ۽ مايوس ناهي موٽندو. رسول الله (صلعم) جن فرمايو ته سڀني کان وڌيڪ گنهگار شخص اهو آهي جيڪو عرفات مان ان گمان سان موٽي ته سندس گناھه معاف نه ٿيا هوندا. عرفه جي رات تمام گهڻي فضيلت واري آهي. هيءَ مناجات جي رات آهي. هن رات ۾ خدا پاڪ پنهنجن ٻانهن جي دعا ۽ توبهه قبول ڪندو آهي. جيڪو شخص هيءَ پوري رات جاڳي (خدا پاڪ جي) عبادت ۾ گذاريندو، ته ان جي اعمال نامي ۾ هڪ سئو ستر (170) سالن جو ثواب لکيو ويندو. جڏهن ته عرفه جو ڏهاڙو سڄي سال جي ڀلارن ڏينهن منجهان هڪ ڏينهن آهي. هن برڪتن ڀرئي ڏهاڙي خدا پاڪ کان روزي، رزق ۽ گناهن جي بخشش وغيره طلب ڪرڻ گهرجي.  ان ڏينهن روزو رکڻ مستحب آهي ۽ ان جو تمام گهڻو ثواب آهي. ڪجھه روايتن ۾ آيو آهي ته يوم عرفه جو روزو ٻن سالن (جي گناهن) جو ڪفارو آهي.ان کان علاوه ڪجھه ٻين روايتن ۾ پڻ آيو آهي ته جيڪو شخص يوم عرفه جو روزو رکندو ته ان جا اڳيان ۽ پويان سڀ گناھ معاف ٿي ويندا. حج جي فضيلت لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو الله تعاليٰ ان کي پنهنجو حق قرار ڏنو آهي. حديث شريف ۾ آهي ته حج انسان جي گناهن کي ايئن کائي ويندو آهي جيئن سڪي ڪاٺي کي باھ کائي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ٻي جاءِ تي آهي ته حج ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو جا گناھ ايئن ڇڻي ويندا آهن ڄڻ هو ماءُ جي پيٽ مان نئون ڄاول ٻار هجي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته الله پاڪ جي نظر ۾ اوهان جي قربان ڪيل جانور جي گوشت يا رت جي اهميت ناهي الله پاڪ وٽ اوهان جي سچي ۽ خلوص نيت اگهيل آهي ان لاءِ حڪم آهي ته الله جي رضا ۽ خوشنودي لاءِ سهڻا خوبصورت ۽ بي عيب جانور قربان ڪيو . قرباني جو فلسفو اهو آهي ته غريبن مسڪينن ۽ ٻي يارو مددگار ماڻهن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪجي. اميرالمومنين امام علي عليه السلام جن فرمايو ته حج بيت الله کي الله سائين پنهنجي عظمت جي اڳيان جهڪڻ جي علامت ۽ پنهنجي عزت جي نشاني بڻايو آهي جنهن لاءِ ان مخلوقات مان انهن بندن جي چونڊ ڪئي آهي جيڪي ان جي آواز تي لبيڪ چوڻ وارا ۽ ان جي ڪلام جي تصديق ڪرڻ وارا آهن.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

 

قرباني جي عيد جو وساريل اخلاقي فلسفو

 

قرآن پاڪ جي سورة الحج جي آيت نمبر 37 جو ترجمو: “الله کي انهن (قربانيءَ جي جانورن) جو گوشت ۽ رت نه ٿو پهچي، پر الله تائين صرف اوهان جي تقوى پهچي ٿي.” اسلام جو اهو فلسفو ته “الله کي نه رت پهچي ٿو، نه گوشت، پر فقط تقوى” هڪ اهڙو اخلاقي پيغام ڏئي ٿو جيڪو روحانيت کي نيت، اخلاص ۽ سماجي ذميواري سان ڳنڍي ٿو. عيد الاضحى، جنهن کي عام طور “قرباني عيد” چيو ويندو آهي، ان جي پويان اڄ به ايتري ئي گهري انساني، اخلاقي ۽ تاريخي معنيٰ لڪل آهي، جيتري اها مذهبي جذبي سان ڀريل آهي. قديم تاريخ ۾ قربانيءَ جو تصور: مذهبي ۽ تاريخي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته انسانن شروعاتي دؤرن ۾ علم ۽ ڄاڻ جي گھٽتائي سبب فطرتي آفتن کي جھڙو ڪري (برسات، کنوڻ ڪرڻ، ٻوڏون، زلزله، ٻرندڙ جبل، طوفان، وبائي بيماريون وغيره) کي”ديوتائن جي ڪاوڙ” سمجهي انسانن جون قربانيون ڏيندا هئا. ڪيترن قديم مذھبن (ميسوپوٽيميا، آزٽيڪ، ڪنعان، هندومت) ۾ ڪنوارين ڇوڪرين، غلامن، يا ننڍن ٻارن کي قربان ڪرڻ جون رسمون هلنديون رهيون. (ڪتاب پيءُ جا ڌيءَ ڏي خط. جواهر لعل نهرو) اهو عمل انسان جي فطرتي ڄاڻ جي کوٽ، خوف ۽ روحاني تصور سان ڳنڍيل هو. اسلام ۾ قربانيءَ جي روايت حضرت ابراهيم عليه السلام سان منسلڪ آهي. اسلام انهيءَ عمل کي انساني قربانيءَ مان اخلاقي ترقي طور پيش ڪري ٿو. ان جو پيغام اهو آهي ته الله پاڪ قلب جي نيت کي ڏسي ٿو، رت يا گوشت کي نه. اخلاقي ۽ فڪري سبق:

  1. اخلاص ۽ نيت – رسم نه، پر جذبو ۽ نيڪي هجڻ گهرجي
  2. سماجي برابري – گوشت غريبن، ضرورتمندن ۽ پاڙيسرين ۾ ورهايو وڃي
  3. ڏيکاءُ نه، همدردي – قرباني کي نمائشي نه، بلڪه انساني جذبي سان جوڙي ڏسجي
  4. انسان جي عزت – حضرت ابراهيم جي ڪهاڻي انسان جي رت بچائڻ جي علامت آهي.

سماجي تنقيد: جتي قرباني بازار بڻجي وئي

اڄ جي سرمائيدار سماج ۾ قرباني روحانيت کان گهڻو پري، ڏيکاءُ ۽ مقابلي جو وسيلو بڻجي وئي آهي. مال خريد ڪرڻ، تصويرون پوسٽ ڪرڻ، ۽ گوشت ذخيرو ڪرڻ جي چڪر ۾ ماڻھن حقيقي اخلاقي پيغام کي وساري ڇڏيو آھي. ان عمل کي ٻيهر روحاني، اخلاقي ۽ سماجي شعور سان ڳنڍڻ ضروري آهي. ان سڄي ڳالھ جو تت ھي آھي ته: عقيدي سان گڏ شعور به ضروري آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جو عمل فقط رسم ناهي، بلڪه هڪ اخلاقي انقلاب آهي، جيڪو انسان کي سيکاري ٿو ته “توهان الله پاڪ لاءِ ڇا قربان ڪري سگهو ٿا؟ پنهنجو مال؟ پنھنجو اولاد، پنهنجي انا؟ پنهنجو وقت؟ پنهنجا جذبا؟” قرباني عيد جو سچو مطلب اهو آهي ته اسان انساني رت وهائڻ نه، بلڪه انسانيت جي عزت، ايمان، سماج، ۽ اخلاص جي واڌاري لاءِ پاڻ کي وقف ڪريون. ھن سڄي ڳالهه جو مطلب ھرگز اھو ناھي ته قرباني ڪرڻ غلط آھي، پر اسلام جيئن قرباني جو درس ڏئي ٿو قرباني تيئن ئي ڪرڻ گهرجي.

 

امام دين مھر/سٺ ميل