آءِ جي پوليس سنڌ جي نالي کليل خط
جناب غلام نبي ميمڻ صاحب، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس، سنڌ ڪراچي. مان اوهان کي هي کليل خط لکڻ تي ان ڪري مجبور آهيان، جو مون کي انصاف کپي. اوهان کي خط لکي تنگ ڪرڻ منهنجو ڪو مقصد نه هو پر انتهائي مجبوري، دل جي گهري مايوسي ۽ بيوسيءَ سبب هن خط ذريعي اها اپيل ڪري رهيو آهيان ته مون کي منهنجي والده جي بيرحماڻي قتل جو انصاف گهرجيِ. مان اهو بدقسمت پٽ آهيان، جنهن جي دل پنهنجي ماءُ جي بيرحماڻي قتل سبب دردن سان چُور آهي، منهنجي والده مسمات سرداران خاتون کي 5 ڊسمبر 2024 تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي شهر قمبر جي سٽي پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ بيرحميءَ سان قتل ڪيو ويو. آئون هي خط توهان جي قيادت هيٺ سنڌ پوليس جي ڪارروائي ۽ ردعمل ۾ اڻ برابريءَ جي هڪ واضح مثال جي پس منظر ۾ لکي رهيو آهيان. جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي 7 اپريل 2025 تي بيرحميءَ سان قتل ٿيل ليڊي ٽيچر صدف حاصلو جي قتل جو سنجيدگيءَ سان نوٽيس ورتو ته ايس ايس پي قمبر-شهدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي سميت اوهان جو سڄو پوليس کاتو معزز عدالت جي حڪم باوجود جوابدار پوليس ڪانسٽيبل فريد حاصلو جي گرفتاري بابت مطمئن ڪرڻ يا ڪا پيش رفت ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو. عدالت بلڪل مايوسي ۽ برهمي جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌڻيءَ دوران معزز جج صاحبان اوهان پاران لڳايل ايس ايس پي کي نااهل، ناڪارا ۽ نالائق قرار ڏنو. عدالت جي حڪمن تي اوهان ذاتي طور پيش ٿيا ۽ ملزم کي گرفتار ڪرڻ جو واعدو ڪيو، جنهن بعد اوهان انعام طور 25 لک رپين جو اعلان به ڪيو. اتفاق سان توهان جي عدالت ۾ پيشيءَ بعد ساڳئي ڏينهن ملزم کي راڌڻ لڳ ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو. هي پوليس ايڪشن هڪ ڳالهه ثابت ڪري ٿو: جڏهن توهان دلچسپي وٺو ٿا ۽ عدالتي دٻاءَ تحت عمل ڪريو ٿا ته نتيجا حاصل ٿين ٿا. اوهان ڄاڻو ٿا ته رياست وٽ وسيلن ۽ اختيارن جي کوٽ ناهي پر پوليس اختياريون جڏهن اهڙو عمل ڪرڻ جو حقيقي فيصلو ڪن ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي. بدقسمتيءَ سان منهنجي والده سرداران خاتون جي ڪيس ۾ منهنجي بار بار لکيل اپيلن، ذاتي پيروي ۽ بروقت درخواستون جمع ڪرائڻ باوجود قاتل خير محمد مغيري ولد ابوبڪر مغيري عرف غلام مرتضيٰ ولد غلام مصطفيٰ جمالي ۽ سندس پٽ ماجد مغيري اڃا تائين آزاد گهمي ڦري رهيا آهن، جڏهن ته هو چوندا رهن ٿا ته قانون سندن ڪجهه به نٿو بگاڙي سگهي. ڄاڻايل قاتل ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ مون کي، منهنجي والد محترم جان محمد مغيري ۽ اسان جي خاندان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. 5 ڏينهن اڳ جوابدار هٿيارن سان ليس ٿي اسان جي ڳوٺ ۾ واقع رهائشگاهه تي حملو ڪيو، جنهن جو مقصد اسان کي خاموش ڪرائڻ ۽ ڊيڄارڻ توڙي دٻائڻ هو. 27 فيبروري 2025ع تي مون اوهان جي آفيس ۾ هڪ درخواست جمع ڪرائي، جنهن تي اوهان ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي کي هدايتون جاري ڪيون ته نامزد ملزمن کي گرفتار ڪري 10 مارچ 2025ع تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بهرحال، جيئن توقع هئي، تيئن ئي ايس ايس پي اوهان کي هڪ ڪوڙي، گمراهه ڪندڙ ۽ پاڻ بچائڻ واري رپورٽ پيش ڪئي ۽ اوهان ڪو به اصلاحاتي قدم نه کنيو ۽ نه ئي منهنجي ڪيل اپيل جي ڪا مناسب پيروي ڪئي. جڏهن مون کي اوهان پاران انصاف جي ڪا به اميد نظر نه آئي ته مون سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار کي خط لکي ساڳي اپيل ڪئي، جنهن مهرباني ڪري منهنجي ڪيس طرف اوهان جو ڌيان ڇڪائيندي اوهان کي پوليس پاران ڪيس ۾ دلچسپي نه وٺڻ، سهڪار توڙي جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ ايس ايس پي قمبر جي نااهلي بابت جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. بهرحال، جڏهن اوهان جاچ ڊي آءِ جي ڪرائيمز اينڊ انويسٽيگيشن سنڌ، ڪراچي عامر فاروقي کي سونپي ته هن اوهان جي هدايتن تي ڪو به عمل نه ڪيو ۽ مڪمل خاموشي اختيار ڪئي. يعني نه ڪا جاچ ٿي، نه ڪو جواب مليو ۽ نه ئي ڪو نتيجو حاصل ٿيو. منهنجو اوهان کان سوال آهي سائين ته هي ٻٽو معيار ڇو؟ جڏهن صرف معزز عدالتون نوٽيس وٺن ٿيون، تڏهن اوهان ۽ اوهان جي پوليس حرڪت ۾ اچو ٿا! عدالتي حڪم بعد پوليس مقتول صدف حاصلو جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي پر جڏهن هڪ غمگين پٽ انصاف لاءِ اوهان وٽ پڪار ڪئي ته اوهان ان کي معمولي ڪاغذي ڪارروائي طور ورتو ۽ ان ئي ڏينهن درخواست رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي ڪئي. جيڪڏهن مقتوله صدف حاصلو جي بيرحماڻي قتل تي عدالتي حڪم بعد فوري ڪارروائي ضروري هئي ته پوءِ منهنجي اپيل تي منهنجي والده جي قتل تي ساڳي ڦڙتي ڏيکارڻ ڇو ضروري نه هئي؟ مقتوله صدف حاصلو جي طرز تي جوابدار خير محمد مغيري ۽ سندس ساٿي جي گرفتاري لاءِ 25 لک انعام جو اعلان ڇو نه ڪيو ويو؟ اسان کي ملندڙ بار بار جي قتل جي ڌمڪين کي اوهان ڇو نظرانداز ڪيو؟ ڇا انصاف لاءِ مون کي به معزز عدالت جو دروازو کڙڪائڻو پوندو؟ ڇا اوهان کي پنهنجي فرضن جي ادائيگيءَ لاءِ عدالتي دٻاءُ جي ضرورت آهي؟ اهو افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ عمل آهي ته ٻئي عورتون — مسمات صدف حاصلو ۽ مسمات سرداران خاتون — ساڳئي ضلعي ۾ ساڳئي ايس ايس پي جي حدن اندر قتل ٿيون، پر هڪ لاءِ پوري پوليس مشينري سرگرم ٿيندي نظر آئي ۽ ٻي لاءِ خاموشي ۽ لاپرواهي ڏسڻ ۾ آئي. سائين، اوهان پاڻ کي ايماندار آفيسر ۽ پرعزم پوليس چيف سمجهو ٿا پر منهنجي والده جي ڪيس ۾ اوهان جي بيحسي ڪجهه ٻيو ئي ظاهر ڪري ٿي. اوهان ڄاڻو ٿا ته دير سان انصاف اصل ۾ انصاف جي فراهميءَ کان انڪار آهي. مان هن خط ۾ اهو چوڻ تي مجبور آهيان ته منهنجو اوهان جي قيادت تي اعتماد سخت متاثر ٿيو آهي. هاڻي مان دل ۾ صرف اها اميد رکي ويٺو آهيان ته هي خط اوهان کي ضرور جاڳائيندو. تنهن ڪري، مان هيٺ ڏنل چند گذارشون ڪريان ٿو: 1. مهرباني ڪري جوابدارن خير محمد مغيري ۽ ماجد مغيري جي گرفتاري لاءِ انعام جو اعلان ڪيو وڃي. 2. مهرباني ڪري اوهان ذاتي طور منهنجي والده جي ڪيس جي جاچ جي نگراني ڪريو. 3. مهرباني ڪري جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مسمات صدف حاصلو جي قاتل جي گرفتاريءَ واري حڪمت عملي اپنايو. ٽن ڏينهن اندر مون اوهان پاران ڪا چرپر نه ڏٺي ته آئون سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ لاڙڪاڻو سان رجوع ڪندس ته جيئن مسمات صدف حاصلو جي ڪيس جي طرز تي ڪارروائي يقيني بڻائي سگهجي. هڪ غمگين دل ۽ ڏڪندڙ هٿن سان مان هي لفظ لکڻ لاءِ مجبور آهيان ته مان پاڪستان جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي — سنڌ يونيورسٽي — جي پبلڪ رليشنز آفيسر / ترجمان طور نه پر هڪ ٽٽل، غمگين پٽ طور اوهان کان انصاف جي گهر ڪري رهيو آهيان. منهنجو روح انصاف لاءِ رڙي ٿو، پنهنجي پياري والده کي وڃائڻ وارو درد مون لاءِ هاڻي ناقابلِ برداشت ٿي رهيو آهي ۽ صوبي اندر نظام جي خاموشي صرف زخمن کي وڌيڪ گهرو ڪري رهي آهي. واقعي کي تقريبن ساڍا 5 مهينا گذري چڪا آهن ۽ هاڻي به ڏينهن تيزيءَ سان گذري رهيا آهن پر قاتلن جو قانون جي گرفت ۾ نه اچڻ سنڌ پوليس جي وڏي لاپرواهي ۽ نااهلي آهي. قاتل ڪنهن به خوف بنا زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اسان لاءِ هر لمحو اذيتن سان ڀرپور آهي. ڇا هن صوبي کي پنهنجي مائرن، پٽن ۽ ڌيئرن کي خاموشيءَ سان ايئن دفن ڪرڻ جو سلسلو جاري رکڻو پوندو؟ آءِ جي صاحب، مهرباني ڪري انصاف لاءِ منهنجي پڪار کي بيوروڪريٽڪ فائلن ۾ دٻائڻ بجاءِ عملي قدم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ قاتلن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي.
نادر علي مغيري/پي آر او سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
نوشهروفيروز ضلعي ۾ بيچينيءَ جا بادل
سنڌ جي تاريخي، واپاري ۽ انتظامي اهميت رکندڙ شھر مورو هن وقت انتهائي ڏکيائين، خوفناڪ حالتن ۽ حڪومتي بيحسيءَ جي ور چڙهيل آھي. شھر اندر قلم 144 لاڳو ٿيل آهي، موبائل فون نيٽورڪ مڪمل طور تي بند ٿيل آهي، ڪاروبار مفلوج آهي، ۽ سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته عيد جي ويجهو عام ماڻهو پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ٿي ويو آهي. مورو شھر اندر انتظاميا طرفان قلم 144 لاڳو ڪري موبائل نيٽورڪ بند ڪيو ويو. ان جو عذاب عام شهري ڀوڳي رهيا آهن. حڪومتي تدبيرن جو زور سدائين عام ماڻهوءَ تي پيو آهي ۽ انهن تدبيرن سان نه ته امن قائم ٿيو آهي، نه ئي عوام کي ڪو تحفظ مليو آهي. مورو جي موبائل فون بندي نه رڳو رابطن کي منقطع ڪيو آهي، پر شهر کي مڪمل طور تي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو آهي. موجوده دور ۾ موبائيل نه هجڻ جو مطلب آهي ته ماڻهو بئنڪنگ نٿا ڪري سگهن، ايمرجنسي ۾ مدد نه ٿا وٺي سگهن، پڙهائي، آن لائن ڪلاس، ڪاروبار، سڀ بند. اهو عمل شھر جي معيشت کي گوڏن تي آڻي ڇڏيو آهي. قلم 144 جو مطلب آهي ته ماڻهو گڏ ٿي نٿا سگهن، ڪنهن به احتجاجي مظاهري جي اجازت ناهي ۽ قانون جي نالي تي واپارين کان وٺي شاگردن تائين، هر ماڻهوءَ کي دٻايو پيو وڃي. مورو شھر جي مارڪيٽن ۾ هوڪا اٿن، دڪاندار واهر تي ويٺا رهن ٿا، ڇو ته خريد ڪندڙ ئي نٿا اچن. عيد جي تياريءَ لاءِ ايندڙ عورتون به پوليس گشت ۽ سنجيده ماحول سبب واپس موٽي وڃن ٿيون. ائين لڳي ٿو ته حڪومت شهر ۾ امن آڻڻ لاءِ عوام جي زندگين کي اجاڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. مورو جي واپارين جي انجمن، نوجوان ڪاروباري ۽ عام دڪاندارن طرفان بار بار مطالبو ڪيو ويو آهي ته شھر جو نيٽورڪ بحال ڪيو وڃي، پابنديون ختم ڪيون وڃن، پر حڪومتي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. شھر جا واپاري نه رڳو ڪاروباري نقصان ڀوڳي رهيا آهن، پر ڪرايو، قرض، ملازمن جا پگهار، ۽ گهر هلائڻ جهڙين ذميوارين هيٺ چيڀاٽجي رهيا آهن. اُهي پڇن ٿا: “ڇا امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جو جيئڻ ضروري ناهي؟” مورو رڳو شروعات آهي. ضلعي نوشهروفيروز جي باقي شھرن ڪنڊيارو، ڀرياسٽي، محرابپور ۽ نوشهروفيروز سٽي جي حالتن تي به غور ڪرڻ لازمي آهي. هتي چوري، ڦُرن، جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن. سنڌ جو هوم منسٽر ضياءُ لنجار پاڻ انهيءَ ضلعي سان تعلق رکي ٿو، پر ان جي باوجود ضلعي اندر امن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. مورو ۽ نوشهروفيروز جي عام ماڻهن جو صبر جو پيمانو هاڻ لبريز ٿيندو پيو وڃي. هو صرف اهو چاهن ٿا ته کين امن سان جيئڻ، روزگار ڪرڻ ۽ رابطن جي آزادي ملي. پر جي حڪومت انهن بنيادي حقن تان به هٿ کڻي وئي آهي، ته پوءِ اها سرڪار رڳو اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل تماشائي بڻجي رهي آهي. اسين مطالبو ڪريون ٿا ته: 1. فوري طور مورو جو موبائل نيٽورڪ بحال ڪيو وڃي. 2. قلم 144 واري پابندي ختم ڪري ڪاروباري سرگرميون بحال ڪيون وڃن. 3. ضلعي اندر پوليس جي ڪارڪردگيءَ جو احتساب ڪيو وڃي. 4. ضلعي جي چونڊيل نمائندن کي عوام جي وچ ۾ اچي وضاحت ڏيڻي پوندي. 5. عيد جي موقعي تي امن ۽ سڪون کي يقيني بڻايو وڃي، نه ته ماڻهو شڪايتن بدران عمل جي طرف ويندا.
آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو
وفاقي بجيٽ ۾ عوام ۽ سرڪاري ملازمن کي فائدو ڏنو وڃي
وفاقي بجيٽ ۾ اڪثر ڪري هر سال عوام لاءِ ڪا به ماڊل طور پيش ٿيندڙ ڳالهه نٿي رکي وڃي، بجيٽ ۾ رڳو نوان ٽيڪس مڙهيا وڃن ٿا. جنهن سان ويتر غريب وچولو طبقو معاشي طرح ذهني پريشاني جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ روزمرهه جي استعمال ٿيندڙ شين سان گڏ موبائيل فون، بسڪيٽ، سگريٽ، دالين ،سيمينٽ، بيدا ، اليڪٽرانڪ سامان سميت ٻين شين جا اگهه وڌي وڃن ٿا. اهڙي بجيٽ پيش ڪرڻ کان بهتر آهي ته بجيٽ پيش ئي نه ڪئي وڃي، حڪمرانن ۽ ملڪي ناڻو لٽيندڙن هميشه هڪ عجيب روايت قائم ڪندي غريبن، مسڪينن، لاوارث، محتاجن ڏتڙيل ماڻهن جي واهر ڪرڻ بجاءِ پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ ٽي سئو سيڪڙو پنهنجون پگهارون وڌائي ڪو خير جو ڪم نه ڪيو آهي پر جڏهن سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي وڌائڻ جي ڳالھه اچي ٿي ته پوءِ حڪومت ۾ ويٺل مصنوعي اقتدار پرست حڪمران آءِ ايم ايف جي اجازت نه ملڻ جو بهانو بڻائي چيو وڃي ٿو ته پگهارن وڌائڻ سان ملڪي ناڻي تي برو اثر پوندو، ڪيڏي مڪاري فريب جي ڳالھه ڪئي وڃي ٿي ته جڏهن وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن، ايم اين اي / ايم پي ايز توڙي سينيٽرن جي ٻه لک پگهار بجاءِ نو، نو ڏهه ڏهه لک رپيا پگهارون ڪيون وڃن ٿيون ته اتي آءِ ايم ايف نٿو چوي ڇا ته ملڪي ناڻي تي برو اثر پوي ٿو؟ هي رڳو وزيرن مشيرن جي پگهارن جو ئي مامرو ناهي پر نت نيون ڪروڙين اربين رپين جون انهن وزيرن جي لاءِ اسلام آباد / ڪراچي توڙي ڳوٺن شهرن ۾ ڌار ڌار پراڊو، سفاري، لينڊ ڪروزر ۽ ٻيون گاڏيون آءِ ايم ايف لاءِ مٿي جو سور ناهي باقي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پيرسن ضعيف العمر رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن بدمست خونخوار حڪمرانن لاءِ ملڪي معاشي بار آهي؟ سنڌ جي اندر بجيٽ کان اڳ ۽ پوءِ جيڪا مارڪيٽن بازارن ۾ بليڪ مارڪيٽنگ نئين بجيٽ جي نالي ۾ بارگيننگ ٿئي ٿي جنهن جو ڪو مثال ناهي، بجيٽ ته هر سال جون ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي پر هتي ته خاص ڪري سنڌ ۾ جنهن کي جيئن وڻي ٿو پنهنجون قيمتون لڳائي شيون وڪرو ڪندا رهن ٿا، ائين ناهي ته رڳو رمضان شريف جي مهيني ۾ فروٽ مهانگو ٿئي ٿو پر هتي عيد جي موقعن تي به ٻيو ته ٺهيو پر گوشت، مرغي، ٽماٽا، چانور، هر طرح جو فروٽ، انب، صوف، آلوبخارا وغيره مهانگا ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن حڪومت طرفان پرائيس ڪنٽرول ريٽ لسٽ هجي ته مجال آهي جو ڪو مهانگو ڪري پر هتي پوري کوڙي کي ئي گهمرو هجي ته پوءِ ڇا ڪجي ۽ ڪنهن کي دانهن ڏجي!
عبدالوحيد عباسي
سنڌ ۾ عوامي ۽ سياسي تبديلي اچڻ ضروري آ
ملڪ جو عوام مجموعي طور ۽ سنڌ جو عوام خاص طور پنهنجي بنيادي حقن کان هڪ وڏي ڊگهي وقت کان ڄڻ ته محروم رکيو ويو آھي. ان پويان به ڪي سازشون آھن. جنهن ۾ اسان جو سياسي ۽ حڪومتي توڻي عوامي نمائيندو سڌو سنئون ڀاڱي ڀائيوار آھي. هن وقت فڪري ۽ نظرياتي سياست ڄڻ ته پوري دنيا مان وڃي پئي موڪلائيندي پر هتان اسان جي پياري پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ ته باقاعدگيءَ سان فڪري، سياسي، عوامي ۽ نظرياتي سياست جا بنياد ئي ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن. هاڻي سڀ کان پهريان ۽ اهم سوال اهو آھي ته اها عوامي ۽ سياسي تبديلي اچي ڪيئن؟ جنهن سان عوامي ڀلائيء ۽ سياسي نظريات جا بنياد مضبوط ٿين ۽ قومي ۽ صوبائي ادارن جو وقار بحال ٿئي. سياسي عوامي ۽ حڪومتي ذميوار ڪردار پنهنجي ساک بحال رکڻ ۾ناڪام رهيا ۽ ان سان گڏ صوبائي توڙي مرڪزي ادارن جي ساک به قومي ذميوار قيادتن جي ساک متاثر ٿيڻ جيان ادارتي ساک مجروح ٿي آھي. هاڻي اهي ڪم، اها تبديلي، اها ذميواري ڪيئن حل ٿي سگهي ٿي؟ اهو پڻ اهم ۽ غور طلب سوال آھي. ان سلسلي ۾ هيٺ ڪجھه ڳالهيون رکجن ٿيون. نااهل قيادت، بيروزگاري، ڪرپشن، تعليم ۽ صحت جي ابتري عوام کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته هو تبديلي جي ضرورت کي سمجهي. موجوده سياسي صورتحال۔سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪجهه مخصوص سياسي ڌڙن جو قبضو رهيو آهي. انهن قيادتن عوام جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، جنهن سبب حڪمراني جو معيار ڪري پيو آھي. هاڻي سڀ کان پهريان ته مٿيان ذميوار ڪردار پنهنجي ساک بحال ڪن، ادارن جي عوامي ڪم ڪار ۾ ساک بحال رکن ۽ پوءِ وري عوامي ڀلائي جي ڳالھه ڪن. جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته اها ڳالھه ڌيان سان ٻڌي ڇڏيو بي حس سماج جا ڏتڙيل ماڻھو جڏهن اٿي پيا ته هو تبديلي ۽ انقلاب کان مٿانهين ڳالھه ڪري سگهن ٿا. تبديلي سان ڪا نئين راھ ۽ انقلابي تبديلي اچي سگهي ٿي پر انقلابن کان اڳين ڳالھه اوهان جي دروازن، آفيسن ۽ گهرن جو گهيراءُ ٿي سگهي ٿو. عام جو مڇرجڻ ۽ وري سامهون ٿي اچڻ دنيا جي وڏن وڏن فرعونن کي لوڙھي ڇڏيندو آھي. ان ڪري ذميوار قيادتن کي کپي ته عوامي ڀلائي، ڌرتي جي نمائندگي، رياست جي سنڀال، عوامي ادارن جي فعاليت ۽ ڪم تي فوري ڌيان ڏيڻ وقت جي اشد ضرورت آھي. هيٺ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون: تعليمي ادارن ۾ سياسي آگاهي جا پروگرام شروع ڪيا وڃن. ميڊيا ذميوار ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري. غير سرڪاري تنظيمون (NGOs) عوامي شعور جي مهم هلائن. نوجوانن کي سياست ۾ ڀرپور شرڪت ڪرائي وڃي. اليڪشن ڪميشن کي مڪمل خودمختيار بڻايو وڃي. مقامي سطح تي چونڊيل نمائندن جو احتساب يقيني بڻايو وڃي. جيڪڏهن اسان هن ڌرتي جي وسيلن کي بچائڻ، غريب عوام جي بهتري ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ مستقبل ڏيڻ چاهيون ٿا ته پوءِ تبديلي جي هن سفر ۾ هر شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
رحمت الله ٻرڙو
لاڙڪاڻي جهڙو سياسي ڳڙهه ۽ سانگي برادري جو تڪرار
لاڙڪاڻي جهڙي سياسي مرڪز ۾، سانگي برادري جو ستن سالن کان هلندڙ تڪرار هڪ اهڙو ناسور بڻجي ويو آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي نه وڌيو آهي. هي انتهائي افسوسناڪ حقيقت آهي ته سردارن، اڳواڻن ۽ ٺاهه ڪرائڻ جي دعويدارن سميت، ڪنهن به هن تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي. انهن سڀني جي غير فعاليت ۽ خاموشي سبب، هزارين زندگيون عذاب ۾ آهن. هن بي حسي جا نتيجا وڏا ۽ تباهه ڪن آهن. ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار آهن ۽ ڪيترائي خاندان پنهنجن گهرن کان دربدر ٿيڻ تي مجبور آهن. هي سڄي صورتحال انسانيت جي بنياد تي تمام گهڻي تشويشناڪ آهي، پر ان جي باوجود اهي سڀ ڌريون خاموش تماشائي بڻيل آهن جن کان مسئلو حل ڪرڻ جي اميد رکي وڃي ٿي. جڏهن ته سياسي پارٽين جي مداخلت نه ڪرڻ پڻ افسوس جوڳو آهي، پر سڀ کان وڌيڪ ذميواري انهن تي عائد ٿئي ٿي جيڪي برادري جا سردار، اڳواڻ ۽ دعويدار آهن. انهن جي فرائض ۾ شامل آهي ته اهي مسئلن کي حل ڪن ۽ انهن کي ڏکيائين مان ڪڍن. پر افسوس جو اهي پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيا آهن. ستن سالن جو عرصو گهٽ نه هوندو آهي؛ هن ڊگهي عرصي دوران به جيڪڏهن ڪو به حل ناهي نڪتو. هي وقت جي گهرج آهي ته اهي سردار ۽ اڳواڻ، جيڪي اڃا تائين خاموش ويٺا آهن، پنهنجي غفلت کي ڇڏي ميدان ۾ اچن ۽ هن تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ فوري قدم کڻن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو، ته ان جا نتيجا اڃا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا.
ناشاد شوڪت شنباڻي