محبت جي دنيا
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ نازو نالي ڇوڪري رهندي هئي. نازو جي اکين ۾ هميشه خواب هوندا هئا — اهڙا خواب، جيڪي محبت، امن ۽ سهپ سان ڀرپور دنيا جا هئا. هن جي لاءِ محبت صرف هڪ احساس نه هو، پر زندگي جي سڀني رنگن جي روشني هئي. ڳوٺ ۾ سڀئي کيس محبت سان ڏسندا هئا، ڇاڪاڻ ته هوءَ هر ڪنهن سان محبت سان پيش ايندي هئي، ٻارن سان کيڏندي هئي، پوڙهن جو خيال رکندي هئي ۽ مسڪراهٽون کڻي هلندي هئي. هڪ ڏينهن ڳوٺ ۾ شاديءَ جو ميلو لڳو. اتان هڪ نوجوان، سيف، شھر مان آيو. هو پڙهيل لکيل هو، پر دل جو اڪيلو. جڏهن هن نازو کي ڏٺو، ته حيران ٿي ويو. هن کانسواءِ هوءَ ڪا ٻي هئي — عام نه، خاص. سيف نازو سان ڳالهائڻ لڳو. هن نازو کان پڇيو، “توھان هميشه ايترو خوش ڇو هجون ٿيون؟” نازو مرڪندي وراڻيو، “ڇاڪاڻ ته مان محبت جي دنيا ۾ رهندي آھيان — جتي بغض جي جاءِ نه آهي، رڳو دلين جي ڳالھه آهي.” سيف کي ان معصوم دنيا سان محبت ٿي وئي. هو ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، ۽ نازو سان گڏ، هڪ اهڙي زندگي گذارڻ لڳو، جتي محبت روز جي زبان هئي.
محبت جي دنيا ڪنهن ٻئي هنڌ نه، اسان جي اندر هوندي آهي. جيڪڏهن اسان محبت سان ڏسڻ شروع ڪريون، ته هي دنيا ئي جنت بڻجي سگهي ٿي. ھن ڪھاڻي م حقيقت بيان ٿيل آھي.
حبدارعلي ڪٻر/ ڳوٺ باگو وداداڻي
ڪراچيءَ جي ڊمپر مافيا ھٿان ھڪ استاد جو قتل
ڪراچي جي گهٽين ۾ رت جو رقص جاري آهي. هتي انسانن جي حياتيءَ جي قيمت هڪ ٽرالر جي ٽڪر کان به گهٽ آهي. هتي قانون صرف اميرن لاءِ آهي ۽ عام ماڻهو لاءِ موت بي آواز آهي. هتي نه ڪو آواز ٻڌڻ وارو آهي، نه انصاف ڏيڻ وارو. ان ئي بيحسي، ان ئي بي رحمي ۽ ان ئي خونخوار نظام جي ور چڙهي ويل هڪ استاد هڪ اهڙو استاد، جيڪو علم جو روشن ڏيئو هو، هزارين شاگردن جي ذهنن کي روشن ڪري رهيو هو، پنهنجي ٻارن جو سهارو، پنهنجي والدين جي اميد ۽ پنهنجي ڪاليج جو فخر هو، اسسٽنٽ پروفيسر افتخار احمد ڀٽو. افتخار ڀٽو گلشن حديد جو رهواسي هو. هر صبح جيان هي پنهنجي ڊيوٽي طرف وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي نڪتو. هو سپيريئر سائنس ڪاليج، شاھ فيصل ڪالوني ۾ رياضيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر هو. پر شرافي ڳوٺ ڀرسان، هڪ بدمست ڊرائيور جي بي قابو ٽرالر کيس چيڀاٽي ڇڏيو. سندس جگر، گردا، آنڊا ٽرالر جي هيٺان پيسجي ويا. زمين تي پيل هو، زخمن سان ڀريل ھو، پر اڃا زندھ هو. پنهنجي آخري ساھ سان پنهنجو نالو ۽ علائقو گلشن حديد ٻڌائيندو رهيو. پر پوءِ ڪجھه ئي دير ۾ ھن پنهنجون اکيون ھميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيون.
افتخار ڀٽو جي پٺيان چار نياڻيون آهن. ننڍيءَ ڌيءَ جي عمر صرف ٻه سال آهي. هڪ پُراميد گهر جو چراغ وسامي ويو. سندس معصوم ٻارڙين جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها، خوف ۽ بيگناهيءَ جي آڙاھن ۾ سنڌ جي بي حس حڪومت کي ڪو شرم نه آيو. ڇا افتخار جو قصور رڳو هي هو ته هو استاد هو؟ ڇا هو ڪو وزير جو پٽ نه هو، جو سندس خون به ڪنهن لاءِ اهم نه رهيو؟ ڪراچي ۾ ڊمپر، ٽرالر ۽ واٽر ٽينڪر هلائيندڙ بدمست مافيا کي ڪنهن جو ڊپ ناهي. اهي رات ڏينهن تيز رفتاريءَ سان هلن ٿا، ماڻهو چيڀاٽجن ٿا ۽ ڊرائيور فرار ٿي وڃن ٿا. افتخار ڀٽو جي قاتل به ٽرالر ڇڏي ڀڄي ويو. پوليس رڳو ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي رپورٽ لکي ڇڏي. باقي سڀ ڪجھه جيئن هو تيئن، جيئن اڄ تائين هو، جيئن سڀاڻي به هوندو. ڊمپر، ٽيلر ۽ ٽرالر مافيا ڪراچي جي روڊن تي خون جي راند کيڏندڙ بدمست مافيا بڻجي چڪي آهي، جيڪي ڌمڪين ۽ “منٿلي” جي نالي تي اربين روپيا ڪمائن ٿا. روڊ انهن لاءِ قاتل جا ميدان بڻجي ويا آهن. نه ڪنهن کي روڪڻ وارو، نه پڇڻ وارو. جيڪڏهن ڪو شهري چيڀاٽجي مري وڃي ٿو ته پوليس کان وٺي حڪومت تائين، سڀ خاموش، سڀ مصلحتن جا قيدي. هي استاد جي موت نه، پر انسانيت جو قتل آهي. سوال هي آهي، جيڪڏهن هڪ پڙهيل لکيل، ذميوار استاد محفوظ نه آهي، ته عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ضمانت ڪير ڏيندو؟
آفتاب عالم مهر
ميرپورخاص ۾ لڳندڙ 57 هون مينگو فيسٽيول
سنڌڙي انبن جي سرزمين ميرپورخاص جيڪو پنهنجي منفرد مٺاس ۽ ذائقي سبب نه رڳو پاڪستان بلڪه عالمي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. هن خطي جا انب ميٺاج ۾ ان ڪري وڌيڪ آهن جو هتي ساڳي صدي ۾ هاڪڙي درياءَ رُخ موڙيو ۽ پراڻ ندي جو وهڪرو گھٽ وڌ هلندو رهيو، مٿان ٿر جو وارياسو علائقو اُن پوسل واريءَ زمين کي سوڪهڙو ته ٿيو ڪونه، پوءِ جڏهن هن علائقي ۾ باغباني ٿي ته وڻن جا ٻوٽا جيڪو ڦل ڏيڻ لڳا اُن ۾ وزن به هو ته ميٺاج به هئي نتيجي ۾ هڪ اندازي موجب ته هتي برساتي ٻوڏ ٿي ان کان اڳ ضلعي ميرپورخاص مان جيڪا انبن جي پيداوار جو ڪاٿو لڳايو ويو اُهو 369766 ٽن پيداوار لٿي. ميرپورخاص جا انب رڳو ميوو نه پر هڪ محبت ڀريو پيغام به آهن جيڪو سنڌ جي مهڪ سان گڏ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ٿو. ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش جو آغاز 1965ع ۾ اُن وقت جي گورنر نواب آف ڪالا باغ ڪيو جيڪو سچ نه آهي دراصل انبن جي پهرين نمائش 1963ع ۾ گلستانِ بلديه ميرپورخاص جي لائبريري هال ۾ ٿي هئي جنهن جو افتتاح سيد عملدار رضا اڳوڻي ڊي سي ڪيو هو جيڪو 1962ع کان 1965ع تائين ميرپورخاص ۾ رهيو. هن ضلعي ۾ انبن جي باغن جا وڏا زميندار رئيس حيات رِند، اسد محمد خان جوڻيجو، رئيس حاجي خير محمد ڀُرڳڙي، سيد لعل شاهه رضوي، سيٺ خوب چند نارائڻ داس، سيٺ ڌنراج مل (راجا فارم) جا باغ هينئر به آهن پر اُنهن مان اڪثر مينگو فيسٽيول ۾ حصو نه ٿا وٺن. انبن جي جنسن جي پيداوار جو ڪريڊٽ رفيق ڪاڇيلو کي وڃي ٿو. ضلعي جي انبن جي ٻين وڏن مشهور آبادگارن ۾ حاجي محمد عمر ٻُگھيو (ٻُگھيو فارم)، رئيس عارف خان ڀُرڳڙي (ڪوٽ غلام محمد)، سيٺ هريرام ڪشوري لال (ٻيلهاڙو ميرپورخاص)، سيٺ اجي گوبند رام، مير ظفر الله ٽالپر (ڊگھڙي)، الله بچايو راڄڙ ، نوازآباد فارم (ٽنڊوالهيار) ۽ ٻيا شامل آهن جن جا انب گذريل سال مينگو فيسٽيول ۾ پڻ رکيا ويا هئا جن مان نوازآباد فارم کي پهريون انعام ڏنو ويو هو. انبن جي نمائش جو سٽاءُ خالص ايگريڪلچر ريسرچ کاتي جو آهي پوءِ وري جڏهن کان مِٺي وات جو رجحان ٿيو ته پوءِ روينيو کاتي جا عملدار به ٽُنبجي پيا ۽ اُنهن من پسند ماڻهن جي ڪاميٽي جوڙي کين خاص مهمان ۽ ميزبان شو ڪيو ۽ رسمي طور وقت جي وزير کي به نمائش ڏيکارڻ لاءِ وٺي آيا. معياري پروگرام “زرعي سيمينار” رهيو آهي جنهن ۾ ٽنڊو ڄام کان پهتل زرعي اسڪالر پرزنٽيشن ڏئي هليا ويندا آهن. موسمياتي تبديليون، پاڻي جي کوٽ ۽ شهري توسيع انبن جي ورثي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي زرعي طريقن کي جديد بڻائڻ، مقامي آبادگارن جي تربيت ۽ سهولتن جي فراهمي ذريعي هن عام ورثي کي محفوظ بنائڻ جي ضرورت آهي انبن سان لاڳاپيل ميلا ۽ ثقافتي تقريرون هن ورثي جي حيثيت کي اجاگر ڪن ٿيون 57 هين مينگو فيسٽيول جي تاريخ اڳ ۾ 31 مئي کان 2 جون تائين رکي وئي هئي جيڪا ثقافت ۽ سياحت کاتي واري صوبائي وزير سيد ذولفقار علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيندڙ ٻيهر گڏجاڻي ۾ 4 ۽ 5 جون تي منقعد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ هن ڀيري علماءِ ڪرام، ڪاڇيلو فارم جي مشهور زميندار سردار فيصل ڪاڇيلو ۽ ڪجھه ٻين آبادگارن پاران “مينگو فيسٽيول” جي بائيڪاٽ کانپوءِ ان کي محدود ڪري صرف 02 ڏينهن منعقد ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ “محفلِ موسيقي” جو پروگرام ڪينسل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مينگو فيسٽيول ۾ هينڊي ڪرافٽس ، ڪيٽل ۽ زرعي نمائش جا اسٽال لڳايا ويندا ۽“شهيد بينظير ڀُٽو مينگو ايڪزيبيشن هال” فروٽ فارم ميرپورخاص ۾مختلف انبن جون جنسون نمائش لاءِ رکيون وينديون. هن ڀيري سالانه انبن جي نمائش ۾ تجزيا نگارن جون نظرون آهن ته 4 ۽ 5 جون تي ميرپورخاص جا سنڌڙي انب قربان ٿيندا يا 6 ۽ 7 جون تي عيدالاضحيٰ جا ٻڪر قربان ٿيندا.
پارومل پريمي/ميرپورخاص
ضلعي گھوٽڪي ٻيھر بدامني جي ور چڙھيل
ضلعو گهوٽڪي انڊسٽريل زون آھي جتي ڪئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون، گيس، ڀاڻ جون فيڪٽريون ۽ پاور پلانٽ آھن. ھن ھوندي جتي عام ماڻھو کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اتي بدامني به عروج تي آھي ھنن انڊسٽريز سان گڏ اغوا انڊسٽري به مشھور آھي جيڪا گھڻن جي گھرن جي چلھه اجھائي ۽ ڪجھه ماڻھن جا گھر ڀري رهي آھي. 1992 جو اگر ڪنھن کي دور ياد آھي ته ھنن ڏينھن ۾ روڊن تي پوليس نه پر ڌاڙيل گشت ڪندا ھئا. شھر توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ماڻھو گھرن ۾ سموري رات ھٿيار کنيو ويٺا ھوندا ھئا ۽ ھر پاسي ڏھڪاءُ ھوندو ھو. ڪچي توڙي پڪي جا ڌاڙيل روڊن تي گشت ڪندا ھئا جنھن کي جتان ڪو مليو کنڀي کنيو ھليا ويندا ھئا يا ھن جي ھر شيءِ ڦري وٺندا ھئا. ھر پاسي خوف طاري ھوندو ھو سرعام شھرن مان ڪاروباري ماڻھن کي اغوا ڪيو ويندو ھو. پر پوليس وارا بيوس ھوندا ھئا. ھن وقت به ساڳيو حال آھي جتي سينئر صحافي اسلم ملڪ جي ڀاڻيجي ۽ صحافي وقار ملڪ جي ڀاءُ وقاص ملڪ کي اغوا ڪيو ويو آھي. ڪئي ڏينھن گذرڻ باوجود ھن مھل تائين پوليس ھن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آھي. ھن کان علاوه ٻيا ڪئي ماڻھو ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آھن جنھن جا وارث سراپا احتجاج آھن. ھن کان علاوه اسٽريٽ ڪرائيم چوريون وغيره جام آھن. منشيات جو ڪاروبار پوليس جي سرپرستي ۾ ٿئي پيو. پوليس جو ڪردار بلڪل سست آھي. ھن وقت پنجاب جي موالين جا ڪٽڪ لٿل آھن ھن ڪري چورين جي وارداتن ۾ وڏو اضافو ٿيو آھي پوليس پڪڙي ڇڏي ڏيندي آھي ته ھي موالي آھي متان مري پوي معني’ موالي آھي ھن کي ڇوٽ آھي ھو چوريون ڪري ۽ ھنن موالين سان ئي پوليس جي روزي آھي جيترو وڌيڪ وڪرو ٿيندو اوترو مال ھنن کي وڌيڪ ملندو ڇا منشيات فروش پوليس کان ڏاڍا آھن. ھن وقت ضلعو گھوٽڪي اغوا ڪاري ۾ عروج تي آھي ڪشمور ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۽ گھوٽڪي ڄڻ ته نوگو علائقا آھن جتي بادشاھت وڏيرا شاهي ڌاڙيل نظام آھي ۽ ھي ٽيئي ھڪ ٻي سان جڙيل آھن. پڪي ۾ ڪڏھن به ڪچي جو ڌاڙيل نه ايندو. ڪچي واري کي خبر آھي مان ٻاھر ايندس ته پوليس جي ھٿ چڙھي ويس ھاف فرائي يا فل فرائي ٿي ويندس. ھتان پڪي جا ئي ڌاڙيل آھن جيڪي سرعام ڪار تي گھمندا آهن ۽ ھو اغوا ڪري ڪچي ۾ پھچائيندا آھن جنھن ۾ ڪيترا ئي ماڻھو ملوث آھن ڇا اھي پوليس کان ڳجها آھن؟ ھن وقت پوليس جا ڪچي مٿان ريٽ ھلن پيا مگر ھن وقت تائين وقاص ملڪ ۽ ٻيا بازياب نه ٿي سگھيا آھن. پوليس عام شھري جي ڏنل ٽيڪس مان پگھار کڻي ٿي ماڻھو ٽيڪس ان ڪري ڏيندو آھي جيئن اسان جي جان مال جو تحفظ
ٿئي پر ھتي تحفظ ڏيندڙ ئي مجرم بڻائي ٿو اھڙا ھزارين واقعا آھن پر ھي دور ٻيو آ ھر ڪنھن کي حق گھرڻ جو ڏانءُ اچي ويو آهي.
علي حسن چڍڙ
فلسطين: ھڪ جاري الميو – تاريخ، والار ۽ انسانيت جو سوال
1948ع کان اڳ “فلسطين” نالي سرزمين برطانوي سرپرستي ھيٺ ھئي، جتي عرب اڪثريت سان ڪيترن ئي سالن کان رھندا ھئا. يھودي آبادي اتي تمام گهٽ ھئي، پر يورپ مان صيهوني تحريڪ جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ يھودي آباد ٿيڻ لڳا. ھنن زمين خريد ڪرڻ شروع ڪئي، جنھن سان مقامي فلسطيني ڳوٺن مان بيدخل ٿيڻ لڳا ۽ علائقي ۾ تڪرار وڌڻ لڳا. 1947ع ۾ گڏيل قومن فلسطين کي ورهائڻ جي تجويز ڏني، جنھن تحت يھودين کي 55 سيڪڙو زمين ڏني وئي، جيتوڻيڪ يھودي ان وقت فلسطين جي رڳو ٽئين حصي جي آبادي ھئا ۽ کين ڪل زمين جو 10 سيڪڙو کان به گھٽ مالڪاڻو حق ھو. فلسطيني ۽ عرب ملڪن ان منصوبي کي غيرمنصفاڻو سمجهي رد ڪري ڇڏيو. 1948ع ۾ اسرائيل پنهنجي قيام جو اعلان ڪيو. ان کان پوءِ جنگ ڇڙي پئي، جنھن دوران 750,000 کان وڌيڪ فلسطيني جبر، خوف يا تشدد جي ڪري پنهنجا گھر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. لڳ ڀڳ 400 کان وڌيڪ فلسطيني ڳوٺ تباھ ڪيا ويا. ھن عمل کي “نڪبه” يعني “الميو” سڏيو وڃي ٿو. اسرائيل ھن جنگ کان پوءِ فلسطين جي 78 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري ورتو.
1967ع جي ڇھه ڏينهن واري جنگ دوران اسرائيل وڌيڪ زمينون قبضي ۾ ورتيون، جن ۾ اولهه ڪنارو (West Bank)، غزه، مشرقي بيت المقدس ۽ گولان جي جابلو ٽڪرين وارو علائقو شامل آھي. اڄ تائين ھي علائقا اسرائيل جي والار ھيٺ آھن، جيتوڻيڪ عالمي قانون مطابق اھا والار غيرقانوني آھي. وقت سان گڏ اسرائيل اولهه ڪناري ۽ مشرقي بيت المقدس ۾ سوين غيرقانوني آباديون قائم ڪيون آھن، جتي ھن وقت تائين 700,000 کان وڌيڪ يھودي آباد ڪرايا ويا آھن. بين الاقوامي قانون، خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن مطابق، اھو عمل جنگي ڏوھ ۾ شمار ٿئي ٿو.2007ع کان غزه پٽي اسرائيل جي مڪمل روڪ کي منهن ڏئي رهي آھي. ھوا، زمين ۽ سمنڊ جون واٽون بند ڪيون ويون آھن. اسرائيل بجلي، پاڻي، دوائون ۽ سفر جي آزادي تي مڪمل ڪنٽرول رکي ٿو. انساني حقن واريون تنظيمون جيئن ته ايمنيسٽي انٽرنيشنل، ھيومن رائيٽس واچ، ۽ اسرائيلي تنظيم “بيتصيلم” اسرائيل کي ھڪ “نسل ڪشي ڪندڙ رياست” قرار ڏين ٿيون، جتي فلسطيني ۽ يھودي آبادي لاءِ ڌار ڌار قانون ۽ رستا مقرر آھن. آڪٽوبر 2023ع ۾ حماس پاران اسرائيل تي حملو ڪيو ويو، جنھن ۾ لڳ ڀڳ 1,200 اسرائيلي مارجي ويا ۽ ڪجھه يرغمال به ورتا ويا. ان جي جواب ۾ اسرائيل غزه تي مڪمل فوجي يلغار شروع ڪئي. تازي انگن مطابق، غزه ۾ 56,000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آھن، جن مان اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آھي. اسپتالون، اسڪول، پناهگيرن جون ڪئمپون ۽ عام شهر تباهه ڪيا ويا آھن. اقوام متحده، قانوني ماهرن ۽ نسل ڪشي جي ماھرن خبردار ڪيو آھي ته اسرائيل جا قدم انساني نسل ڪشي جي قانوني تعريف تي پُورا لهن ٿا، جن ۾ عام آباديءَ جي قتل، بک ۽ بنيادي ڍانچي جي تباھي شامل آھي. اھا جنگ ٻن برابري وارن ڌرين وچ ۾ ناھي. اسرائيل ھڪ نيوڪليئر هٿيار رکندڙ ملڪ آھي، جنھن کي آمريڪا طرفان هر سال اربين ڊالر امداد ۽ مغربي اتحادي ملڪن جي سفارتي مدد حاصل آھي. فلسطينين وٽ نه فوج آھي، نه هوائي طاقت، نه پنهنجا بارڊر ۽ نه آزاديءَ سان گهمڻ جي سگهه. فلسطيني عوام ڏهاڪن جي والار، جبري لڏپلاڻ ۽ ظلم خلاف مزاحمت ڪري رھيا آھن، نه صرف سرزمين، پر پنهنجي عزت، آزادي ۽ وجود لاءِ. فلسطين جو مسئلو رڳو سياسي مسئلو ناھي، اھو انسانيت جو مسئلو ۽ امتحان آھي.
علي رضا سومرو/ڪراچي
ننڍي عمر ۾ شادي غيرقانوني قرار
ننڍي عمر جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي حدن ۾ قانون پاس ڪيو ويو آهي. قومي اسميبلي مان پاس ٿيڻ بعد صدر ان تي صحيح ڪري اسلام آباد جي حدن ۾ ارڙهن سالن جي عمر کان ننڍن ٻارڙن جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. خلاف ورزي ڪندڙن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي. معصوم ٻارڙين سان شاديون رچائي انهن جون زندگيون تباهه ڪندڙ ذهني بيمارن جي رستا روڪ ٿي وئي آهي. انساني حقن خاص طرح ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين اهڙي قانون کي ڀليڪار ڪيو آهي جڏهن ته مذهبي ڌرين ان خلاف ردعمل جاري ڪيو آهي. ان کان اڳ سال ٢٠١٣ع ۾ سنڌ ۾ پڻ سنڌ چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ پاس ٿيل آهي، جڏهن ته سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ ٢٠١١ پڻ ٻارڙن جي حقن جو محافظ بڻيل آهي، پنجاب چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۾ به ترميم جو مسودو تياري هيٺ آهي، ڪي پي ڪي ۾ حڪومت پڻ ننڍي عمر جي شادين خلاف ٢٠١٨ع ۾ قرارداد پاس ڪري چڪي آهي ۽ وڌيڪ قانونسازي لاءِ ڪم هلي پيو. بلوچستان حڪومت به ننڍي عمر جي شادين جي خاتمي لاءِ بل جو مسودو جوڙي ورتو آهي. ننڍي عمر جون شاديون معاشري لاءِ ناسور ۽ عورت دشمني آهن. پاڪستان ٻارڙن جي عالمي معاهدي سميت عورتن ۽ خاندان جي تحفظ توڙي صحت جي بحالي ۽ بهتري وارن ٺهرائن جو حصو آهي اهڙن اٽڪل ٢٧ معاهدن تي پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ ڌر بڻيل آهي. گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي اصول نمبر پنج تحت ٢٠٣٠ تائين سڄي دنيا کي ننڍي عمر جي شادين تي بندش کي يقيني بنائڻو آهي. هي جيڪي به معاهدا يا ٺهراءُ جن تي پاڪستان صحيح ڪئي آهي يا ڪري ٿو ان سان ملڪ کي امداد ملي ٿي. واپار ۽ ڪاروبار ۾ سهولتون ملن ٿيون. انساني حقن خاص طور ٻارڙن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ ڪرڻ ڪري دنيا ۾ پاڪستانين جو نالو روشن ٿئي ٿو. انگريزن ننڍي عمر جي شادين جي روڪ لاءِ ١٩٢٩ ۾ قانون آندو پر اهو قانون اڻپورو هو ڇو ته ان ۾ سورنهن سالن جي ڇوڪري ۽ ارڙهن سالن جو ڇوڪرو ڄاڻايل هو. جنهن سان ٻارڙن جي ذهني ۽ جسماني صحت تي منفي اثر پئجي رهيا هئا. جيڪڏهن ڪٿي به هن قانون جي لتاڙ ٿيندي ته پوليس ۽ ٻيا ادارا حرڪت ۾ اچي ويندا. هي هڪ بهترين قدم آهي جنهن جي تعريف ۽ حمايت کان رهي نه ٿو سگهجي. انساني ۽ خاص طور ٻارڙن جي حقن جي محافظ هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ انتهائي خوشي ۽ ڀلائي وارو قدم آهي. جيتوڻيڪ هن قانون تي عمل لاءِ عملي ڪوشش جي ضرورت آهي پر هاڻي جنسي جنونين ۽ پيڊوفوليا جي مرض ۾ مبتلا دردندن کي لغام ايندو. معاشرو ڪمزور طبقي ٻار جي حقن جي حفاظت لاءِ قانون جو در کڙڪائيندو. پاڪستان جي سول سوسائٽي، سنڌ ۾ سجاڳ سنسار، اسپارڪ تنظيم ۽ اقبال ڏيٿي سميت ڪيترن ئي گهڻ گهرن جي ڪيتري عرصي کان اها تمنا هئي جيڪا پوري ٿي آهي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد