شديد گرمي ۾ بجلي بحران جو نوٽس ورتو وڃي

 

اسان جي حڪمراني ۽ ادارن جو اهڙو حال ٿي ويو آھي جو اهي صرف پنهنجي   لاءِ جيئن پيا ۽ عوام جي تڪليفن ڏکن جو انهن کي ڪوبه احساس ناهي. هن وقت سنڌ شديد گرمي جي لپيٽ ھيٺ آھي ۽ حڪومت طرفان شهرن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي وارننگ به ڏني وئي آھي جنهن ۾ گرمي پد پنجيتاليھ کان پنجاھ تائين پهچڻ جو انديشو ڏيکاريو ويو آھي ۽ اهڙي گرمي مان عوام جي حفاظت ۽ بچڻ جا ٻه طريقا آھن هڪ بجلي جو هجڻ ۽ ٻيو پيئڻ جو پاڻي. جيڪڏهن شھرن جا ماڻهو اهڙي قهر جي گرمي ۾ انهن ٻنهي سهولتن کان محروم رکيا ويا ته انهن جون زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. پر اسان جي صوبي سنڌ ۾ هڪ ته بجلي ناهي ۽ ٻيو پيئڻ جو پاڻي به اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي. شهري علائقن جي عوام  لاءِ اهي ٻئي بنيادي سهولتون هميشه  نه هئڻ برابر رهيون آھن. بجلي جي اکٻوٽ، هٿرداو لوڊشيڊنگ، رشوت خوري سبب هميشه رهي آھي. بجلي کاتي ۾ عروج تي پهتل ڪرپشن سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. ليڪن وفاقي سطح کان بجلي لوڊشيڊنگ ۽ ان جي چوري کي روڪڻ ناجائز رشوت عيوض ڏنل ڪنيڪشنن وارو معاملو حل ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويو آھي. عوام جو سڄو ڪاروبار ٺپ ٿيل آهي. سرڪاري ڪامورن سياسي طاقت ۽ اثر رکندڙ ماڻھن  لاءِ ھروقت بجلي آھي پر هڪ پکو بلب ٻاريندڙ غريب جو گهر هميشه بجلي کان محروم ۽ بجلي جو سرڪاري سطح کان قرضائي رهيو آھي. سو مقصد واري ڳالھه اها آهي ته جڏهن به ڪنهن شي جي ضرورت ۽ کپت وڌيڪ ٿي وڃي ٿي ان کي اسان جا حڪمران هٿ سان غائب ڪري صرف عوام تائين ان جي پهچ بند ڪن ٿا. ليڪن سرڪار پاڻ ان شي سان هميشه آراسته رهي آھي جيئن هن وقت گرمي جي شديد لهر شروع ٿي وئي آھي تيئن عوام  لاءِ مشڪلاتون وڌايون ويون آھن. خدارا جيڪڏهن اوهان پاڻ کي انسان سمجهو ٿا ته ڇا ٻي مخلوق جانورن ۾ شمار ٿئي ٿي؟ سنڌ حڪومت ۽ بجلي کاتي کي گذارش ته براءِ مهرباني گرمي جي هن شديد لهر کان بچڻ  لاءِ بجلي جو هجڻ لازمي آھي جيڪڏهن بجلي ناهي ته عوام پاڻي کان به محروم رهي سو هن معاملي تي ٿورو توجه ڏئي عوام جون تڪليفون ختم ڪيون وڃن.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا ڪاڇو

دوائن جي وڌندڙ قيمتن کي روڪيو !!

 

ھونئن ته ملڪ ۾ مهانگائي جون دانهون ڪي نيون ناهن پر عام واهپي جي شين کان ويندي هاڻي زندگي جي ضرورت جون اڪثر شيون روزانو مهانگيون ٿي رهيون آھن، ڪافي شيون اهڙيون به آھن جيڪي مهانگيون ٿي رهيون آھن جنهن پاسي اڪثر ڌيان ناهي ويندو، خبر تڏهن پوندي آھي جڏهن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڪا اهڙي شيءِ ضرورت وقت خريد ڪرڻ ويندا آھيون ته ان جي قيمت ٻيڻ ٽيڻ يا ان کان به وڌيڪ ٻڌي دماغ کي ڄڻ ھٿوڙا لڳي ويندا آھن ته هي شيءِ جيڪا اڳ معمولي قيمت جي هئي اها ايتري مهانگي ٿي وئي؟ ڏٺو وڃي ته رڳو لوڻ ماچيس مرچ ڌاڻن کان ويندي ٻين گهريلو ننڍين شين جون قيمتون به آسمان تي پهچي ويون آھن پر تازو لڳاتار دوائن جي وڌندڙ قيمتن تي نظر ڪنداسين ته هوش ئي اڏامي وڃن ٿا. هڪ عام سادي گوري يا سيرپ کان ويندي ٻين وڏين دوائن جي قيمتن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي وئي آھي، جنهن سان عام پورهيت ماڻهو ته پريشان آھي ئي آھي پر سکيو ستابو ماڻھو به روز روز دوائن جي وڌندڙ قيمتن کان پريشان ٿي رهيو آھي. هن ظلم تي ڪير به آواز اٿارڻ  لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي هن طرف ڪير ڌيان ڏئي رهيو آھي. وس وارن کي اپيل آھي ته دوائن جي قيمتن جي هن واڌ تي نوٽيس وٺي دواساز ڪمپنين پاران روز وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي ته جيئن بيمارين کان اڳ ئي بيزار ٿيل ماڻھن خصوصن عام پورهيت طبقي کي ڪو ريليف ملي سگهي.

 

قاسم خاصخيلي/ سڪرنڊ

اسان جو سماج ۽ وڌندڙ ذهني بيماريون

 

اڄ جو دور، جتي سائنسي ترقيءَ جي اوج تي آهي، اتي انسان جي داخلي دنيا ايتري ئي افراتفريءَ جو شڪار آهي. جديديت ۽ مشيني زندگيءَ جي تڪڙ ۾ انسان پنهنجي جذباتي ۽ نفسياتي صحت کي نظرانداز ڪري ويٺو آهي. اسان جو سماج، جيڪو هڪ وقت ۾ گڏجندڙ رواجن، اخلاقي قدرن ۽ سماجي سهپ جو نمونو هوندو هو، هاڻ بيحسي، مقابلي جي جنون ۽ تنقيد جي ڇيڻن ۾ ورتل نظر اچي ٿو. ان جو نتيجو آهي ته ذهني بيماريون، خاص طور تي ڊپريشن، انزائٽي ۽ شيزوفرينيا، تڪڙي رفتار سان وڌي رهيون آهن. ذهني دٻاءُ، عام ٻوليءَ ۾ ڊپريشن، رڳو اداسي جو نالو ناهي، پر اها هڪ اڻ ڏٺي جنگ آهي، جيڪا انسان اندر ئي اندر وڙهندو رهي ٿو. مسلسل نااُميدي، بي معنيٰ هجڻ جو احساس يا روزمره جي زندگيءَ کان لاتعلقي، اهي سڀ اهڙا سگنل آهن جيڪي ڊپريشن جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا. پاڪستان ۾ تقريبن 34 سيڪڙو آبادي ذهني بيمارين جو شڪار آهي، پر حقيقت ان کان به ڳري آهي. گهڻائي ماڻهو ته ان ڳالهه کان واقف ئي ناهن ته اُهي نفسياتي مسئلن سان جهيڙي رهيا آهن، ڇو ته سماج ۾ هن موضوع بابت ڳالهائڻ کي شرم، ڪمزوري يا “پاڳل هجڻ” سان ڳنڍيو وڃي ٿو. نتيجي طور ماڻهو دوا يا علاج بدران خاموشي کي ترجيح ڏين ٿا. ڊپريشن جا ڪارڻ گهڻ رخو ٿين ٿا. حياتياتي (جينياتي)، نفسياتي (ذهني صدمو، خوف، مايوسي)، سماجي (بيروزگاري، سماجي دٻاءُ، تعلقات جا مسئلا) ۽ معاشي (غريبي، آمدني جي اڻبرابري). ننڍپڻ جا زخم، جذباتي زيادتي، يا گهر جي ماحول جو غير متوازن هجڻ به ان جا اهم ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. شيزوفرينيا هڪ پيچيده نفسياتي مرض آهي، جنهن ۾ مريض حقيقتن کان ڌار هڪ دنيا ۾ رهڻ لڳي ٿو. هن مرض ۾ آواز ٻڌڻ غيرموجود شين جو ڏسڻ يا ناقابلِ يقين خيالن تي پڪو ويساهه رکڻ شامل آهي. ان جو علاج ممڪن آهي، پر مڪمل طور تي علاج نٿو ٿئي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ان  لاءِ موجود سهولتون انتهائي محدود آهن. ان کانسواءِ ٻارن ۾ ADHD جهڙا مرض به عام ٿي رهيا آهن، جن ۾ ڌيان جي کوٽ، حد کان وڌيڪ متحرڪ هجڻ ۽ ڪابه ڳالهه مڪمل ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچڻ شامل آهن. اهڙين بيمارين کي جيڪڏهن وقت سر سڃاتو نه ويو ته اهو ٻارن جي تعليم، تعلقات ۽ مستقبل تي خطرناڪ اثر وجهي سگهي ٿو. اسان جي سماج ۾ نفسياتي بيمارين کي اڃا تائين “پاڳلپڻو” سمجهيو وڃي ٿو. ماڻهو ڊاڪٽر وٽ وڃڻ کان گهٻرائين ٿا. نتيجي ۾ ڪيترائي مريض علاج کان رهجي وڃن ٿا ۽ حالتن جي شدت سبب خودڪشي تائين پهچي وڃن ٿا. صحت جي بجيٽ جو صرف 4 سيڪڙو نفسياتي صحت  لاءِ مقرر آهي، جيڪو ناڪافي هجڻ سان گڏ درست استعمال ۾ به نٿو اچي. حل: 1. ذهني صحت بابت شعور وڌائڻ: اسڪولن، ڪاليجن ۽ ميڊيا ذريعي نفسياتي بيمارين بابت شعور پيدا ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. آگاھي مهمون، سيمينار ۽ مشاورتي مرڪز ان  لاءِ قائم ڪرڻ گهرجن. 2. سستي ۽ سادي سهولتن جي فراهمي: حڪومت طرفان ضلعي سطح تي نفسياتي مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي ماهر موجود هجن ۽ مريضن کي بنا ڪنهن خوف جي رجوع ڪرڻ جي آزادي هجي. 3. سماجي لاڳاپن جي اهميت: متوازن زندگي، دوستن ۽ خاندان سان لاڳاپا، پاڻ سان ڳالهائڻ، مشغلا اختيار ڪرڻ ۽ روحاني طور مطمئن رهڻ. اهي سڀ ڳالهيون نفسياتي صحت  لاءِ ضروري آهن. 4. پيشه ورانه مدد حاصل ڪرڻ: سائيڪالاجسٽ يا سائيڪاٽرسٽ سان ملاقات ڪرڻ ڪنهن به جسماني ڊاڪٽر سان ملاقات جيترو ئي ضروري آهي. ذهني صحت کي به اوترو ئي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گھرجي جيترو جسماني صحت کي. 5. دوائن سان گڏ طرزِ زندگيءَ ۾ بهتري: صحتمند غذا، سمهڻ جو مناسب وقت، ورزش، سن شيئرنگ ۽ منفي سوچن کي قابو ۾ رکڻ ڊپريشن کان نجات جا لازمي جزا آهن.نفسياتي بيماريون ڪو عيب يا شرمندگيءَ جو سبب نه آهن، بلڪه اڄ جي دور جو عام، پر اهم مسئلو آهن. انهن بابت ڳالهائڻ، پنهنجا مسئلا شيئر ڪرڻ، ۽ وقت سر علاج وٺڻ ئي بهتر زندگي ڏانهن پهريون قدم آهي. جيڪڏھن حڪومت، سماج ۽ فرد پاڻ پنهنجو حصو ادا ڪن، ته اسان اهڙو معاشرو جوڙي سگهون ٿا جتي ذهني صحت کي به جسماني صحت جي برابر اهميت ڏني وڃي.

 

آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو

 

ڪشمور ضلعي جو امن امان بحال ڪرائڻ۾ رياست ناڪام

 

سنڌ ۾ امن امان جو خواب اڌورو رهجي ويو. اغوائن ڦرن قتل عام بڻجي ويا روز معصوم ٻارڙا مسافر مزدوري ڪندڙ ڪاروباري ماڻهوءَ عام واپاري به بدامنيءَ جي باھ ۾قتل ڪيو پيو وڃي. ڪشمور ضلعو پاڪستان ۾ ھاڻي ڪشمير بڻجي ويو آهي ڏوھارين مسافرن تاجر واپارين  لاءِ ضلعي ڪشمور کي عذاب خانو بڻائي ڇڏيو آهي. سرڪار اربين رپيا بدامنيءَ  لاءِ بجيٽون جاري ڪري ٿي پر پوليس وارا اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌيو ويٺا آهن. ڏوھارين ھٿان واپارين مزدوري ڪندڙ مسافرن کي ڏوھارين ھٿان مارايو پيو وڃي. 7سالن کان وٺي چند ڏوھاري قانون کي چيئلنج ڪري رھيا آھن. ڏوھاري لوفر ماڻهن کان ڦرلٽ ڪرڻ دوران ھٿيارن جي زور تي ماڻھن کان موٽرسائيڪل فون نه ڏيڻ تي گولين جو نشانو بڻايو. ڪشمور جي ڌرتيءَ کي رت سان رنگيو پيو وڃي. ھڪ مھيني اندر بدامنيءَ جي باھ ۾ڪيترائي معصوم ٻارڙا نوجوان مسافر ماريا ويا آهن. ھندو پنھنجي جنم ڀومي ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، تنگواڻي، غوثپور، ڪرمپور کي ويران ڪري ڇڏيا ويا پر بدامني ساڳين گھنٽين ۾ گھڙي جيان وڄي ٿي. چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي اقتدار جي ايوانن ۾ويھي گونگا ٻوڙا ٿي ويٺا آهن پر بدامنيءَ کي ختم ڪرائڻ ۾ ھنن ڪو ڪردار ادا ناھي ڪيو. ھتي ڏوھارين عام ماڻهن، مسافرن، اسڪولي ٻارڙن، واپارين، مزدوري ڪندڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ڌاڙيلن وڏيرن جي اوطاقن تي پلجن پيا پر ڪنھن غريب مسڪينن کي بخش نه ٿا ڪن. ھنن لوفرن کي ڪنھن نياڻي جي شناس به نه رھيو، نه ئي قرآن پاڪ جو خيال رھيو. پراڻي زماني جا ڌاڙيل نياڻي ننگ ڏسي پردي پوشي ڪري ڏوھ ڇڏي ڏيندا هئا ھاڻي ڏوھاري ايترا بيغيرت ٿي ويا آهن جو چند پيسن تي گوليون هڻي قتل ڪن ٿا. ماڻهو بدامنيءَ جي سور ۾ ڳوڙھا ڳاڙي رهيا آهن. آخر ڪيسن تائين بدامنيءَ جاري ڪرائيندا حڪمران ۽ ھتان جا چونڊيل نمائندا ڪشمور جو مقدر قتلن اغوائن ڦرن ۾ ڏوھارين جي ھٿان تبديل ڪيو ويو آهي.

 

مختيار علي بلوچ /تنگواڻي

 

ڍاٽ ڍاٽي ۽ ڍاٽڪي سڀ ٿريا!

 

وقعت ۾ گھڻ ملڪن کان ڀلو، عظمت ۾ گھڻ ملڪن کان اوچو، وسعت ۾ گھڻ ملڪن کان وڏو، ڏيک ۾ ڀلوڙ سنڌ جو ٿر علائقو بلڪل الڳ، خاص، ممتاز ۽ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو جنھن جو ظاهري بت به ڪافي الڳ ۽ نمايان خصوصيتون رکي ٿو، ھن جا شاعر دل جا نرم وارياسي پٽ جيان جيڪي ھميشه برسات جي آسر اميد ۾ رھندا آھن. جنھن مٿان ھن جون ڀٽون ڪنھن مست اٺ جي ارھن جو تقدس کنيو بيٺيون آھن. ھن جون ترائيون ٽوڀا اھڙا ته ايماندار جو پلر جو ھڪ ڍڪ به ڪين وڃائين ٿا. ھن مٿان وري مورن جي ٽولن جو رقص ته روح ريجهائڻ جھڙو ھوندو آھي. پر جڏھن ڪو ڀاڳيو پنھنجي ڌڻ جو ولر پاڻي  لاءِ آڻيندو آھي. ته ھن جي مٽرن جا سر به دنيا جي ڪنھن به موسيقي کي مات ڏيڻ جھڙا ھوندا آھن. اھا ھن جي ظاھري حسن جي ورکا بيان ڪئي آھي. وسڪاري ۾ ھي علائقو حسناڪين جي انتھا تي پھچي ويندو آھي. ھن موسم ۾ جي ڪو ھن جا گيت ھمرچا، نارين جا پلر کي ميڙيندڙ ٽولن جا ٽھڪ ۽ چوڏس جي چانڊوڪي ۾ چڱن جون ڪچھريون ڍاٽڪي ٻولي ۾ ٻڌي ته ھن کي ھڪ عظيم ثقافت، تھذيب ۽ روايت نظر ايندي. ھتي جي ھر روايت جو سوڀارو سچو، سخي ۽ سپوت ھوندو آھي. ھن جي ڪھاڻين جي سٽ سٽ محبت، پيار ۽ ڀائيچاري سان ڀرپور آھي. ھن جي ڪويتائن ۾ توھان کي اميد جي ادا، ٻار جي مرڪ جھڙا خواب، حسن جا ٽھڪ، شھپرن جا وٽ، نٿ، ڦلڙي سان گڏ توھان کي سوڀارا ٿيل سپوت به ملندا. ماروي جو پنھنجي ريت، رواج، ويس ۽ وطن  لاءِ مرڻ ته ملڪان ملڪ مشھور آھي پر ھن جا ٻيا به امل ڳڻ موجود آھن. قدرت ھن کي معدنيات سان مالدار ته ڪيو ئي آھي. پر ھي علائقو گھڻ ئي عدم تي پھتل ٻوٽن، پکين، جيتن ۽ جانور جو محفوظ گھر پڻ آھي. جي تاريخ کي ڏٺو وڃي ته ھن علائقي تي به ڏکيا ڏينھن آيا ھن جي سپوتن ھن کي دليري سان منهن ڏنو آھي. پوءِ اُھي ظالم حڪمرانن جي صورت ۾ آيا ھجن جن ھتي جي ماروئڙن کي هيسائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ھجي پر ھن ھوندي به ھتي جي مٽي مان تخليق وٺندڙ ماروئڙن جو پنھنجي راجن،ريتن ۽ رواجن سان ويساهه ھميشه سوڀارو رھيو آھي. ھن جو روح ھر شيطاني چالاڪي کان نڪري نروار ٿي اڇي ڪبوتر جيان آسمان ۾ اجاگر ٿي پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکيو اچي پيو ۽ رکڻ به کپي ڇو ته ھڪ باشعور ماڻهو کي ايترو شعور ھجڻ گھرجي ته آزادي ماني کائڻ جو نالو ناھي. اھو ڪم گڏھ به ڪندا آھن. پيٽ ڀرڻ  لاءِ گاھ گڏھ کي به ملي ٿو پر جيڪو پنهنجي روايتن کي نيچ سمجھي ۽ ڌارين جي روايت کي عظيم سمجھي اھو ذھني غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سمجھيو ويندو آھي. پنهنجي روايتن تي فخر ڪري ۽ ھن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو ھي آزاد ۽ باضمير انسان ھوندو آھي.  جي توھان کي لڳي ٿو ته ھن تحرير ۾ مبالغه آرائي ڪئي وئي آھي ته پوءِ توھان ھن دنياوي شور ۾ حقيقت تائين پهچڻ سکيا ھي ناھيو. اڄ به جيڪڏھن توھان ڪنھن ٿر جي رهواسي کان پڇندئو ته تون ڪير آهين؟ ته ھو وڏي فخر سان ٿر جو نالو ائين وٺندو جو لڳندو ٿر ھڪ الڳ آزاد رياست يا ملڪ ھجي اھڙي انداز ۾ چوندو ٿري آھيان! جي پنھنجي ٻولي ۾ چوندو ٿڙيو آن! ٿر وڏن صوفي درويشن کي به پيدا ڪيو آھي. سائين عباس ٿري جھڙن عالمن کي به جنم ڏنو آھي. ھن ڌرتيءَ ڪيترائي عظيم عارف ڄڻيا آھن. تازو ھي ھن ٿر جي ھڪ سپوت عالم دين حاجي محمد صديق رھمون صاحب ڍاٽڪي ٻولي ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪري ٿر جي وڏي خدمت ڪئي آھي. ھڪ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آھي. مان ھن عالم دين کي نمي سلام ٿيو پيش ڪيان. ٿر جي دولتمند طبقي کي عرض ڪندس ته ھن عالم جي مدد ڪري ھي ترجمو ڇپرايو وڃي جيئن ھي ترجمو عام ٿري ماروئڙن تائين پھچي سگھي. پنهنجي ٻولي ۾ آھي قرآن مجيد جو ترجمو پڙھي ڪئين نه دلي خوشي ماڻيندا ۽ توھان کي ثواب جا اڻ مل انبار الله عطاءُ ڪندو

 

خالد ٿري /کوکراپارعمرڪوٽ

 

ناانصافين تي ٻڌل رياست گهڻو وقت هلي نه سگهندي

 

موجوده حڪمران يزيد بڻجي ويا امام حسين جيان جهاد ڪرڻو پوندو. سجاڳ نه ٿياسين ته ڌرتي ۽ تاريخ معاف نه ڪندي سنڌو درياءَ 7 ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو ۽ اسان جي جياپي جو واحد ذريعو آهي. ان مٿان ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪنداسين. سنڌ جو وڏيرو بي ضمير ۽ ويڪائو آهي. هنن وٽ سنڌ جي مفادن بجاءِ ذاتي مفاد اهم هوندا آهن. سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل دور مان گذري رهي آهي. ان  لاءِ سنڌ جي نوجوانن، هارين، مزدورن ۽ عورتن کي سنڌ جي مفادن  لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. جدوجهد ذريعي ثابت ٿي ويو ته سنڌ جي بقا ۽ وجود واري جنگ هر محاذ تي وڙهي سگهون ٿا. سامراجي قوتون هڪ ڊگهي منصوبابندي تحت ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهي اسان کي بي موت مارڻ چاهين ٿيون. سنڌو مٿان ٺهندڙ پاڻي منصوبو ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنڌو درياءَ جي پاڻي تي قبضي کي هرگز برداشت نه ڪبو. پاڻي بند ٿيڻ سان سنڌ جو عوام اڃ ۽ بک وگهي پاڻمرادو مري ويندو. ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ تي ضد ڪيو پيو وڃي اهو ضد خطرناڪ آهي. موري شهر ۾ دل ڏکوئيندڙ واقعي جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ شمس الدين عباسي کان عدالتي جانچ ڪرائي وڃي.

 

ارشاد شيخ/مينهل آباد لاڙڪاڻو

گٽر نالين جا فنڊ کائڻ جو رواج ڪڏهن عيب بڻبو؟‎

 

ماڊل يونين ڪاؤنسل: مثالي ٽائون ڪاميٽي. شاندار ضلعي ڪائونسل هڪ خواب، هڪ سوال. سموري سنڌ ۾ ڪا به اھڙي ماڊل يوسي ماڊل ٽائون ماڊل ضلعي ڪائونسل نه هوندي، جتي هڪ روپيو به سياسي رشوت طور نه کايو ويندو هجي. هي تلخ حقيقت آهي ته جتي به فنڊ اچن ٿا، اتي انهن جي ورڇ جو طريقو عوامي مفاد بدران ذاتي مفادن تي ٻڌل آهي. نالي ماتر چونڊيل نمائندن جي ترجيح عوامي ڀلائي نه، پر ذاتي خزانا ڀرڻ هوندي آهي. ڪارو منهن لڳو پيو آهي. ڀوتار، جيڪي خود کي عوام جا خيرخواهه ظاهر ڪن ٿا، اهي ئي اربن، کربن جا مالڪ بڻجي چڪا آهن. وٽن محل، گاڏيون، ڌن دولت تمام گھڻي ھجي ٿي پر افسوس، انهن کي گٽرن جا پئسا، نلڪن جا فنڊ به لذيذ لڳن ٿا. عوام جي بنيادي ضرورتن  لاءِ ايندڙ پئسا به سندن  لاءِ هڪ منافعي بخش موقعو بڻجي وڃن ٿا. هي ڀوتار، جن جي بک ايتري وڌي وئي آهي جو قبر ئي انهن جي بک کي ڀري سگهي ٿي، ڪامورن جي مدد سان يوسيز ، ٽائونن، ضلعي ڪائونسلن جا فنڊ لٽي رهيا آهن. اهي پئسا، جيڪي عام ماڻھن کي پاڻي، صفائي، صحت ۽ تعليم مهيا ڪرڻ  لاءِ آهن، اهي سندن بک جو ٻارڻ بڻجي ويا آهن. نتيجي ۾، بکين جي بک ويتر وڌي وئي آهي، عام ماڻهو اڃا به وڌيڪ تڪليف ۾ اچي ويو آهي ۽ ڀوتار پنهنجي محلاتن ۾ خوشحال ۽ بي نياز ٿي ويٺا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام اکيون کولي سوال ڪري ۽ اهڙي سياسي رشوت جي سسٽم کي للڪاري. جيستائين جوابدهي جو نظام مضبوط نه ٿيندو، تيسين نه ڪا ماڊل يوسي بڻبي، نه ماڊل ٽائون نه ئي عوام جي زندگي ۾ سچي تبديلي ايندي.

 

الھڏنو راهمون/ سجاول