ڪراچي، سھراب ڳوٺ ۾ فليٽ خالي پيا ٿين، سنڌي وري به خاموش ڇو؟
ڪراچي جو سھراب گوٺ وارو علائقو جيڪو هڪ وقت “ننڍو قنڌار يا مني ڪابل” سڏبو هو، هاڻ هڪ نئين تبديلي جي واٽ تي بيٺو آهي. افغان مهاجرن جي واپسي سان، الآصف اسڪوائر، معمار ڪمپليڪس ۽ ان جي ڀرپاسي جي درجنين اپارٽمينٽس مان سوين فليٽ خالي ٿيا آهن. هي علائقو، جيڪو سالن کان بدامني، منشيات، هٿيارن ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ جي پاڇي هيٺ رهيو آھي، هاڻ هڪ نئين امڪاني تبديلي جي ڪُنڊ تي بيٺو آهي، پر افسوس، سنڌي قوم جا اڳواڻ، ڪاروباري طبقو ۽ سنڌ حڪومت سڀ خاموش آهن. سوين فليٽ خالي پيا ٿين، اگهه اڌ کان به گهٽ ٿي ويا آهن، پر سوال آهي: مقامي سنڌين کي ڇو نه آباد ڪيو پيو وڃي؟ 15-20 لک جا فليٽ هاڻ 6- 8 لک ۾ ملي رهيا آهن، مهاجرن جي واپسيءَ سبب قيمتون زمين تي اچي چڪيون آهن، پر نڪي پيپلز پارٽي وٽ ان حوالي سان ڪو پلان آهي، نڪي ڪنهن سنڌي پراپرٽي جو ڪاروبار ڪندڙ وٽ يا قومي تنظيم ان موقعي کي غنيمت ڄاڻي اڳڀرو قدم کنيو آهي. وري به خريدار ساڳيا غيرمقامي ماڻهو بڻجي رهيا آهن. ڇو ته اسان سنڌين وٽ يا ته حڪمت عملي ناهي، يا ته ارادو ئي ناهي. سنڌي پراپرٽي جو ڪاروبار ڪندڙ ڪٿي آهن؟ سنڌي هائوسنگ ايسوسيئيشنون ڇو خاموش آهن؟ قومپرست تنظيمون فقط ٻاهرين ماڻهن خلاف بيانن تي ئي ڇو اٽڪيل آهن؟ ۽ پيپلز پارٽي، جيڪا پاڻ کي سنڌ جي ڌرتي جي وارث سڏي ٿي، ان وٽ هن وقت لاءِ ڪا پاليسي ڇو ناهي؟ اڄ جيڪڏهن اسان، مقامي سنڌي، انهن خالي ٿيندڙ فليٽن کي نه وٺنداسين، ته سڀ ڪجهه ٻيهر ساڳين هٿن ۾ ويندو. پوءِ اسين ٻه سال پوءِ وري ساڳيا ڪالم لکنداسين، ساڳيون وڊيوز ٺاهينداسين، ساڳيا ماتم ڪنداسين، پر تبديلي لاءِ جيڪو موقعو اڄ آهي، اهو ٻيھر نه ملي سگھندو. اڄ جو وقت عمل جو آهي، تماشي جو نه. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مقامي سنڌين لاءِ فليٽ سبسڊي پاليسي آڻي. سنڌي ڪاروباري اڳتي اچي، گڏجي منصوبابندي سان اهي ملڪيتون خريد ڪن. سماجي تنظيمن کي گهرجي ته خالي ٿيندڙ عمارتن جي لسٽ جاري ڪري ۽ ماڻهن کي aware ڪري. قومپرست رڳو تقريرون نه، پر عملي قدم کڻن، ڌرتي بچائڻ لاءِ مالياتي حڪمت عملي رکن. هي وقت آهي جدوجهد جو، ڌرتي واپس وٺڻ جو ۽ پنهنجي شهرن ۾ پنهنجو حصو يقيني بڻائڻ جو. اڄ جيڪڏهن اسان ٻيهر سماجي تبديليءَ لاءِ اڳتي نه وڌياسين ته سڀ ڪجهه ٻيهر هٿ مان نڪري ويندو.
علي رضا سومرو/ڪراچي
جابرن خلاف قلم جي جنگ
جڏهن تلوار ظلم جي زبان بڻجي وڃي، تڏهن قلم جو حق جو آواز بڻجڻ ضروري آهي. تاريخ شاهد آهي ته جابر حڪمران، جبر تي ٻڌل نظام ۽ بي آواز سماج ڪڏهن به دائمي نه رهيا آهن. پر انهن جي مقابلي ۾ هميشه ڪجهه اهڙا ضمير جا قلمي سپاهي اُٿيا آهن، جن خاموشي کي چيري حق جي ڳالهه ڪئي آهي. اڄ به جڏهن ظلم نوان چهرا، نوان طريقا ۽ نوان نالا اختيار ڪري سماج تي ڇانيل آهي، تڏهن قلم جي ذميواري وڌي وئي آهي ته هو صرف لفظ نه لکي، پر حقيقتون وائکيون ڪري، جابري راڄ کي للڪاري. اھو وقت اچي چڪو آھي جابرن جو جيئڻ حرام ڪن ۽ اسان جي قلم ھاڻ پنھنجا حق لکڻ شروع ڪيا آھن، ۽ تاريخ اسان جا قلم ياد ڪندي ۽ جابر سماج کي ياد ڪندو ھميشه تاريخ سورھيه، جوان، جوڌا پٽ، تاريخ ۾ ياد رھندا.
ھڪ قلم ھڪڙو مان ڇا لکي ڇا لکان
او سنڌ منھنجي امان او سنڌ منھنجي امان
مختصر شاعري سنڌيءَ ۾ پيش ڪيان ٿو
—
لکي ٿو درد، خوشي ۽ هر دل جي ڳولي
ظلم آڏو رهي ٿو سدائين بي ڊپ،
انصاف جا خواب بُني ٿو بي حُب.
قلم نه رُڪي ٿو، نه ئي ٿڪجي ڪڏهن،
اُڀاري ٿو سوچن کي، ڏيکاري ٿو رستا نوان.
اُهو ئي ته هٿيار آهي علم جو،
بدلي ٿو تقدير، آهي قافلو حلم جو.
حبدارعلي ڪٻر/ ڳوٺ باگو وداداڻي
هڪ سرڪاري آفيسر جو پنهنجي دفتر سان پيار!
جهان کي ڏيو مبارڪون،
اسين پيا ڪاهيندا اچون……!
هر دور جي داداگيرن کان
نفرت آ مون کي نفرت آ۔۔۔۔۔۔!
جيئن ته باڊھ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آفيس (انبپر) جي اڳيان خالي سرڪاري پلاٽ تي ڪيترن ئي سالن کان مختلف لينڊ مافيا طرفان قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وقت جي آفيسرن قانون جي مدد سان کين ڀڄائي ڇڏيو آهي. گذريل 8- 10 ڏينهن کان مون کي مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون ۽ حراسمينٽ ڪيو ويو ۽ District and session Court ۾ مون تي ايف آءِ آر پڻ ڪرائي وئي. جنهن جي 22-02-2025 تي ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري هئي، جنهن ۾ مون نه سرڪاري وڪيل ۽ نه ئي وري ڪو پرائويٽ وڪيل ڪيو. درخواست گذار جي ليڊي وڪيل 15 منٽ پنهنجو موقف پيش ڪيو، ان کان پوءِ جج صاحب جي ريڊر مون کي چيو ته توهان جو وڪيل ڪاٿي آ، مون عرض رکيو سائين مان پاڻ پنهنجو موقف رکندس، ايتري ۾ جج صاحب ٻڌي ورتو فورن ريڊر کي حڪم ڪيو، ته هن کي ڳالهڻ ڏيو. مون جلدي ۾ محترم جج صاحب کي سلام ڪري پنهنجو چٽو ۽ واضح موقف پيش ڪيو. جڏهن مان ڳالهايان پيو ته ڪورٽ سڳوري اندر خاموشي ڇانئجي وئي، مون دل جو دل ۾ خيال ڪيو ته جج صاحب مون کان وڏا سوال ڪندو پر ائين نه ٿيو. جج صاحب مون کي غور سان ڏسي پيو محسوس ڪيم ڄڻ مان محبوب هجانس، مون سان رڳو پئي اکين سان ڳالهايو. جيئن ڪو عاشق پنهنجي ذهن ۾ محبوب اڳيان سوالن جي لاءِ ڳنڍيون ڀري ايندو آهي جڏهن محبوب سامهون اچڻ شرط ئي ذهن ائين خالي ٿيندو آ، جيئن واري کي زور سان ٻڪ ۾ جهلي بيهڻ. جج صاحب مون کي ڏسندو رهيو، ليڊي وڪيل جڏهن ڳالھائڻ لڳي ته جج صاحب ھٿ مٿي ڪري حڪم ڪيو Ok آ. جج صاحب پنهنجي ڪرسي ڇڏي پنهنجي اسٽڊي روم هليو ويو، ايتري ۾ ڪورٽ سڳوري خالي ٿيڻ لڳي سڀني وڪيلن مون کي حيرت مان پئي ڏٺو ۽ خوش عافيت ڪندا رهيا، مان پريشان ٿي پنهنجي بيلدار کي چيو ڪاٿي مان غلطي ته نه ڪئي. بيلدار وڏي خوشي ۾ چيو صاحب صفا ڀلو ڳالهايو توهان، ان ڪري سلام ٿا ڪن. ايتري ۾ باڊهه جو وڪيل نظير احمد ڪولاچي اچي خوشي مان مون سان مليو ۽ زوري چانھه جي لاءِ بار ۾ وٺي هليو ۽ مون کي دلجوئي جي لاءِ چيو سر توهان سٺو ڳالهايو. مون چيو سر هاڻي ڇا ٿيندو؟ چيائين هڪ ڪلاڪ کان پوءِ آڊر ايندو. الله ڪندو ڪيس ختم ٿي ويندو، توهان ڀلي وڃو. مون کي ڪيس جو نمبر whatsapp ڪيو. اتان هليو آيس، جيئن باڊھ گهر پهتس ته امڙ جي هٿ ۾ تسبيح هئي در ڏي ائين پئي نهاريائين ڄڻ ڪا وڏي تڙپ هجيس، جيئن ڪا مڇي کي پاڻي جي تڙپ هجي، مون کي در کان ڏسي چيائين پٽ ڇا ٿيو؟ امڙ جي پڇڻ سان ئي ڪولاچي صاحب جي ڪال آئي چيائين سائين ڪيس ڊسمس (Dismiss) ٿي ويو. مون امڙ جي پاڪ قدمن کي بوسا ڏئي چيو منهنجي امڙ ڪيس ختم ٿي ويو! منهنجو عرض باڊھ جي شعور رکندڙ دانشورن، اديبن، ليکڪن،،وڪيلن، ڏاهن، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ باڊھ جي درد رکندڙن کي آهي ته باڊهه جون سرڪاري عمارتون باڊهه جو اثاثو آهن انهن جي حفاظت باڊھ ۾ رهندڙن جو فرض آهي، تنهن ڪري اسان جو ساٿ ڏيو لينڊ مافيا ۽ قبضا مافيا کان.
ڊاڪٽر وسيم علي سومرو
آخر قوم جو ڌڻي ڪير ٿيندو؟
سنڌ ۾ ٿيندڙ فساد تي خاموشي ڇو؟ سنڌ جا وزير اڻڄاڻ بڻيل آھن يا ھنن کي خاموشي خاطر رکيو ويو آهي. سنڌ ۾ سنڌي شعور پنھنجي بقا خاطر مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آھي ۽ رياست ان شعور تي سرعام تشدد ڪري رھي آھي. رياست اسان جي شعور کان ايتري خوفزدا ٿي وئي آھي جو ھاڻ اسان جي شھيدن جا مڙھ ظاھر ڪرڻ کان به ڪيٻائي رھي آھي. جيڪو قانون اسان جي حفاظت لاءِ ٺاھيو ويو آھي اھو قانون رياست جي استعمال سان حق ھڙپي نٿو سگھي. جيڪو شعور رستن تي آھي ان شعور جي لتاڙ جيڪا رياست قانون ھٿان ڪرائي رھي آھي ۽ ان ۾ وڏو ڪردار حڪمرانن جو نظر اچي رھيو آھي اھو فقط عڪس آھي ڇو ته ھن خود به پنھنجا عضوا وڪڻي ڇڏيا آهن جنهن کي رياست جيئن چاھي ائين ئي چوري سگهي ٿي. اھڙن جبرن سان قومي شعور ۾ طاقت پيدا ٿي رھي آھي. اھا ھاڻي شايد پارلياماني تختن کي به مسلسل متحرڪ رهي ھنن جا تختا اونڌا ڪري سگهي ٿي.
صداقت ھمارے سینے میں ہے
حقیقت سے کیسے ہٹونگا
ہر طرف لہو بہنے لگا ہے میں قلم کی سیاہی سے کيسے لکهوں
لرز رہی ہیں جبر کی دیواریں اب ھمارے لاشے بهی زنداں کے زیور بنینگے
اب ہم ان کے قیدخانوں سے کيسے ڈرینگے
شھزاد زئور
هو ته پاڻيءَ لاءِ ويو هو…!
“هو ته پنهنجي حق لاءِ ويو هو، پاڻيءَ لاءِ ويو هو…” اهي لفظ آهن هڪ ماءُ جا، جيڪا پنهنجو جوان پٽ وڃائي ويٺي آهي. شهيد عرفان لغاري پاڻيءَ لاءِ آواز اٿاريو. اُهو آواز ظالم رياست برداشت نه ڪيو. هن وٽ نه هٿيار هئا، نه بغاوت، هن وٽ رڳو پاڻيءَ لاءِ تڙپ، ڌرتيءَ لاءِ درد ۽ حق لاءِ همت هئي. رياست جي هٿن ۾ وردي، هٿيار ۽ بندوقون هيون، پر عرفان جي هٿ ۾ رڳو سچ جي طاقت هئي. هو وڙھڻ نه ويو، هو ته رڳو حق گهرڻ ويو. پر افسوس! هن جي واپسي لاش جي صورت ۾ ٿي. ڄڻ هن ملڪ ۾ سچ ڳالهائڻ ئي سڀ کان وڏو ڏوھ بڻجي ويو آهي. ڄڻ پاڻي گهُرڻ، موت گهُرڻ برابر آهي. ڊاڪٽر ارسل ارباب جي پوسٽ مارٽم رپورٽ گواهي ڏئي ٿي ته هن جي وات ۽ نڪ مان ڪارو رت ۽ جھڳ نڪتي. سڄو جسم ڦوڪجي ويو هو، لاش مان سخت بدبو اچي رهي هئي ۽ ان جي باوجود، موت جو اصل سبب لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ انهن نشانين کي واضع لکڻ باوجود، موت جو سبب لکت ۾ نه ڏيڻ، هڪ نئين سازش جو در کولي ٿي. ڇا ڊاڪٽر به هاڻي بي وس بڻجي ويا آهن؟ شهيد جو لاش دفنائڻ لاءِ جلدبازي ڪئي وئي. وارثن کان اجازت نه ورتي وئي. موري ڀرسان ڳوٺ ماڙي ٻگھيو جي قبرستان ۾ مولوي محمد شاھ جي قبرستان ۾ ھٿيارن جي پھري ۾ دفنايو ويو. ميڊيا کي به جنازي کان پري رکيو ويو. اهو دفن نه، پر سچ کي دفن ڪرڻ وارو عمل هو. قبرستان جي ڀرسان به پوليس بيٺل هئي، ڄڻ لاش کان به ھنن کي ڪو خطرو آهي. ڪنهن به بيگناھ جو جنازو، جيڪڏهن بندوقن جي ڇانوَ ۾ پڙهيو وڃي، ته ان کي ناحق شهيد چئبو. ذوالفقار ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي ۽ هاڻي عرفان لغاري، تاريخ جي انهن صفحن تي نالا لکجن ٿا، جتي قلم کان اڳ رت وهندو آهي. جن جا جنازا به هٿيارن جي ڇانوَ ۾ ٿين، انهن جي زندگين ۾ ڪهڙي آزادي هوندي؟ عرفان لغاري جي ماءُ جي سڏڪن ۾، سڄي سنڌ جي پيڙا سمايل آهي. هوءَ چوندي رهي، “منهنجو پٽ ته پاڻي گهرڻ ويو هو…” اهو پاڻي جيڪو زندگي آهي، اهو حق جيڪو سنڌ جو آهي، پر ان جي بدلي ۾ کيس موت مليو. هن پٽ جي وڇوڙي سان رڳو هڪ گهر نه، پر پوري ڌرتي اڪيلائي محسوس ڪري رهي آهي. هي رڳو هڪ ماڻهو جو قتل نه آهي، هي هڪ سچ جي آواز جو قتل آهي.
آفتاب عالم مهر
رت ۾ رڱايل خاموشيون – موري مان اُٿندڙ سڏڪا
سنڌ جي مٽي اڄ به رت جي خوشبو سان ڀريل آهي، پر اها خوشبو ساهه ڀرڻ لاءِ نه، پر ساهه روڪڻ لاءِ آهي. موري ۾ جيڪو سانحو پيش آيو، اهو رڳو هڪ احتجاج نه هو ۽ نه ئي هڪ شهيد جو لاش – اهو تاريخ جي وات ۾ ڇڏي ويل هڪ اهڙو سڏڪو هو، جيڪو صدين تائين صدائن جي صورت ۾ گونجندو رهندو. پرامن احتجاج دوران سندس سيني کي گولين سان ٽارگيٽ ڪرڻ رڳو هڪ فرد تي وار نه هو – اهو سنڌ جي ساڃاهه، شعور ۽ جرئت تي حملو هو. هاڻي سوال اهو آهي: ڇا رياست، جيڪا عوام جي خدمت لاءِ ٺهيل هئي، اها واقعي ان حد تائين لهي سگھي ٿي جو شهيد جو لاش به وارثن کان ڦري وٺي؟ ڇا پوليس کي اهو اختيار ملي ويو آهي ته هو عوام کي بيحرمتيءَ سان لتاڙي، انهن جي وڪيلن تي وحشياڻو تشدد ڪري ۽ انهن جا ٻار به گم ڪري ڇڏين؟ حڪومت جا نمائندا ته لفظن جي دنيا ۾ مصروف آهن – ڪي بيان ڏين ٿا، ته ڪي الزام هڻن ٿا. پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ هر گولي، هر شيل، هر گرفتار ٿيندڙ نوجوان، هڪ نئين اذيت جو نالو بڻجي ويو آهي. مقتول جي ڀاءُ، يارھن ورهين جي فرمان لغاري کي اغوا ڪرڻ، زخمين کي علاج کان محروم رکڻ ۽ ڳوٺ کي جنگي علائقو بڻائي دوائن، راشن ۽ آزاديءَ تان بندش مڙهڻ – ڇا هيءَ اها رياست آهي جنهن کي اسين پنهنجو سڏيندا آهيون؟ موري جي ڳوٺن جي چوڌاري بيٺل پوليس وين جيئن ڪا دشمن ملڪي فوج هجي، هڪ اهڙي خاموش جنگ جو اشارو آهي، جتي هٿيار صرف هڪ پاسي آهن، پر زخمن جا نشان ٻئي پاسي، دلين اندر دفن ٿيل آهن. جيڪڏهن اسين اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي هر در تان رڳو لاش ئي نڪري سگهندا.
آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو
شهيد عرفان لغاري جو جنازو ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي
نماز جنازه اسلامي تعليمات مطابق هڪ خاص عبادت آهي جيڪا ميت لاءِ ادا ڪئي ويندي آهي. ان جي حيثيت فقهي لحاظ سان مختلف آهي: واجبِ ڪفايه، فرض ڪفايه ۽ احتضار. قرآن پاڪ، سنت، حديثن ۽ فقهه ۾ شهيد عرفان لغاري جي وارثن جي اجازت کانسواءِ غسل، ڪفن، نماز جنازه ۽ تدفين ڪرڻ شرعي قانون تحت ڏوهه آهي. وارثن جي اجازت کان سواءِ ميت جي نماز جنازه ۽ دفن ڪرڻ جائز ناهي. ترجيح هميشه مقتول جي سرپرست کي ڏني ويندي آهي. يعني قانوني وارث کانسواء جنازو نه ٿو پڙهي سگهجي ۽ نه دفن ڪري سگهجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪنهن مسلمان جو جنازو پڙهيو ويندو آهي ته پيش امام وارث کان اجازت وٺندو آهي ته نماز جنازه پڙهائجي؟ هو هاڪار ۾ جواب ڏيندو ته پيش امام تڪبير چوندو ۽ پويان بيٺل مسلمان ساڻس گڏ نماز پڙهندا. جيڪڏهن ڪنهن وارثن جي اجازت کان سواءِ اهو ڪم سرانجام ڏيندو ته مٿس گناهه ٿيندو ۽ قانوني طور سندس اهو عمل شرعي قانون جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو. اهو اخلاقي طور تي ظالمانه آهي. مورو سانحي ۾ عرفان لغاري جو لاش ٻه ڏينهن پوليس پنهنجي ڪسٽڊي ۾ رکي وارثن جي اجازت کان بغير دفنائي ڇڏيو. هاڻ قبر ڪشائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز
نيپرا کي ختم ڪيو
پنهنجي اخبار جي توسط سان جناب وزير اعظم پاڪستان جناب چيف آف آرمي اسٽاف و فيلڊ مارشل پاڪستان جناب چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا قوم پاڪستان تي رحم کائو هن موت مار گرميءَ ۾ 18- 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪري وري هر مهيني بل ساڻ ڊٽيڪشن بل اماڻڻ ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ نيپرا جهڙو فضول ادارو جيڪو قوم جي پئسن تي بار کان سواءِ ڪجھ ناهي جو ڪنهن صارف جي شڪايت تي وقتائتو قدم کڻڻ بجاءِ ويتر لکت پڙهت ۾ پيو وقت وڃائي جو اڄ تائين جيتريون به شڪايتون ڪيون هڪ جو به اڄ تائين نه ڪو فيصلو ڪري سگهيو، نه ئي تدارڪ لاءِ بجلي ڊسڪوز کي پابند ڪري سگهيو. پهريان اوور بلنگ جو عذاب هو هاڻي وري ايڪسس بلنگ جو آزار مطلب نالو بدل باقي بيماري اها پراڻي آ. رياست پاڪستان هڪ ادارو SIFC بڻايو ته جيئن ملڪي نظام کي درست ڪري هلايو وڃي بدقسمتي سان ان پنهنجي اصل مقصد تان هٽي ڪري ڪينال سسٽم ۽ فارمنگ جي لاءِ زمينون پنهجي نانءُ ڪرائڻ شروع ڪيون. نالو پاڪستان جي زرعي انقلاب جو ڏنو ويو پر ڪم اهو ئي جيڪو اڄ تائين ڊفينس هائوسنگ سوسائٽين وارا پيا ڪن مطلب قوم ويتر عذاب ۾. شهباز سرڪار پهريون دفعو فوج، ايف آءِ اي ۽ حساس ادارن کي بجلي جو نظام درست ڪرڻ جو گڏيل پلان جوڙڻ جو چيو جنهن جو نوٽيفڪيشن به نڪتو پر افسوس هتي ويتر بجلي جو نظام تباهه ٿي ويو جو بجلي ملڻ ئي محال ٿي وئي. ان لاءِ اسان تمام اختيارين کي قوم سان ٿيندڙ ٻٽي ظلم جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪنداسون ته بجلي صارفين کي هڪ بجلي نه پئي ملي ويتر ڊبل بل هڪ بجليءَ جو بل ٻيو کانچو هڻندڙن جو ڀتو سو اهو رياست لاءِ به وڏو سوال آ ته قوم کي جي ڪو رليف نه پيا ڏئي سگهو ته خدارا ظلم ته نه ڪيو ۽ ڊٽيڪشن جهڙو ظلم نه ڪيو ۽ بجلي جي صارفين کي گهر تائين محفوظ ڪنيڪشن ڏئي ريڊنگ مطابق بل ورتو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ 200 يونٽ استعمال ڪندڙ لاءِ 20روپيه في يونٽ جو بل ورتو وڃي ۽ نيپرا جهڙي فضول اداري کي ختم ڪري سڀ اختيار هڪ اداري SIFC کي ڏنو وڃي جو سڀ ادارا ان جو حڪم به جلد پيا مڃين ۽ ڪو دانهن ڪوڪ به نه پيو ڪري. پاڪستان جي قوم تي رحم ڪيو جو گذريل ستن سالن کان قدرتي آفتن سبب ڏاڍي ڪمزور ٿي آ.
استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور