“ڪاميابي جا ڏهه اصول”‎

 

“ڪاميابي جا ڏهه اصول” نالي ڪتاب منهنجي لاءِ صرف پڙهڻ جي شيءِ نه، پر هڪ زندگي بدلائيندڙ تجربو آهي. هن ڪتاب کي ليکڪا مردولا اگروال لکيو آهي، جنهن جي سنڌي ترجمي جو سهرو انجنيئر مومن علي شاهه جي نالي آهي. ڪتاب مختصر هجڻ باوجود اندر ۾ انيڪ حقيقتون، تجربا، مشاهدا ۽ سکيائون سموئي ٿو. ليکڪا جي لکڻ جو انداز بلڪل سادو، سمجهائو ۽ دل سان ڳالهيون ڪندڙ آهي. ڪتاب ۾ بيان ڪيل اهي ڏهه اصول عام ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿا، پر جڏهن انهن جي گهرائيءَ ۾ وڃجي ٿو ته هر اصول پاڻ ۾ هڪ سبق، هڪ پيغام ۽ هڪ پختو ايمان بڻجي سامهون اچي ٿو. ليکڪا مطابق “اهي اصول هر انسان لاءِ آهن، بنا فرق جي ته هو ڪهڙي قوم، مذهب، نسل، ملڪ يا شعبي سان تعلق رکي ٿو.” سڀ کان پهرين ڪتاب اسان کي اهو سيکاري ٿو ته ڪاميابي جو مطلب هر ڪنهن لاءِ الڳ الڳ هوندو آهي. هڪ ڪاروباري لاءِ منافعو، رانديگر لاءِ رڪارڊ ٽوڙڻ، استاد لاءِ قابل شاگرد تيار ڪرڻ- اهي سڀ ڪاميابي جا مختلف رنگ آهن. مان پاڻ به سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته منهنجي لاءِ ڪاميابي ڇا آهي؟ ڪتاب هڪ سادو پر گهربل جواب ڏئي ٿو: ڪاميابي اها آهي، جڏهن اوهان پنهنجو طئي ڪيل مقصد حاصل ڪيو. ڪڏهن هدف وڏو هوندو آهي، ڪڏهن ننڍو، پر جڏهن اوهان ان تائين پهچو، اها ئي ڪاميابي آهي. شاگرد اڪثر پڇن ٿا ته مقصد ڪيئن حاصل ڪجي؟ ڪتاب جو ٻيو اصول چوي ٿو: پنهنجي پاڻ تي يقين رکو، اوهان اڳتي وڌڻ جو اڌ رستو طئي ڪري چڪا هوندا. خود اعتمادي ڪاميابيءَ لاءِ انڌاريءَ ۾ مشعل وانگر آهي. اسان جا مذهبي قصا به ايمان ۽ يقين جي قوت سان ڀريل آهن. ٽيون اصول آهي: پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ سکو. وقت جي رفتار سان پاڻ کي بدلائڻ سکڻو پوندو، ڇو ته وقت ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري. پراڻين غلطين مان سبق وٺو، پاڻ کي قابل بڻايو ته جيئن سماج ۾ اوهان جي قدر ٿئي. پنهنجي زندگيءَ جو واضح مقصد طئي ڪريو، ڇاڪاڻ ⁠ته مقصد کان سواءِ زندگي هڪ بي رخ جهاز جيان هوندي آهي، جيڪو ڪٿي به لنگهي سگهي ٿو پر منزل تي نه پهچندو. مقصد ڏانهن ويندڙ رستي جا چئلينج قبول ڪريو. مشڪلاتون اينديون، رڪاوٽون سامهون اينديون، پر همت نه هاريو- جيڪو اڳتي وڌندو، اهو ئي منزل ماڻي ٿو. پنهنجا پراڻا رڪارڊ پاڻ ٽوڙيو. اڄ پنهنجو مقابلو ڪنهن ٻئي سان نه پر پنهنجي گذريل پاڻ سان ڪريو. ڪوشش ڪريو ته هر نئون ڏينهن اوهان کي گذريل ڏينهن کان بهتر بڻائي. رفتار کان وڌيڪ رخ اهم آهي. ڪاميابيءَ جي سفر ۾ هر قدم جي رفتار سست هجي ته به ٺيڪ، بس اهو قدم صحيح طرف هجي. پنهنجي پاڻ کي قبول ڪريو ۽ بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪريو. ڪمزورين تي پردو نه وجهو، انهن کي سڃاڻو ۽ صحيح رستو ڏيو. هر انسان ۾ ڪا نه ڪا خاص خوبي هوندي آهي، ان کي سڃاڻڻ ئي ڪاميابيءَ ڏانهن پهريون قدم آهي. نظم و ضبط کي پنهنجو ساٿي بڻايو. وقت جي اهميت کي سمجهو. ڏينهن، مهينو، سال ته پري، پر ڪامياب ماڻهو سيڪنڊن جو به حساب رکندا آهن. ڪتاب چوي ٿو: “ڊسيپلين ڪاميابيءَ جي ماٺي ماتا آهي.” آخر ۾، ڪتاب جو سڀ کان ڀلو اصول: مثبت سوچ، اميد ۽ رجائيت. ڪڏهن ڪڏهن اسان جا خواب اسان جي خوفن جي اوندهه ۾ گم ٿي وڃن ٿا، پر هڪ مثبت سوچ ئي انهن کي ٻيهر روشن ڪري سگهي ٿي. خود تي يقين، اميد ۽ عملي قدم- اهي ئي ڪاميابيءَ جا بنيادي پٿر آهن. هي ڪتاب رڳو پڙهڻ لاءِ نه، پر سوچڻ، سمجهڻ ۽ جيئڻ لاءِ آهي. جيڪڏهن اوهان جي زندگيءَ ۾ مقصد آهي، ته هن ڪتاب جا اصول اوهان لاءِ رستو صاف ڪري سگهن ٿا.

 

عظيم حسن ميتلو/خيرپور ميرس

 

مورو جي خاڪ مان اُٿندڙ شعلو!

 

سنڌ جي تاريخ هميشه سياسي مزاحمت، قومي جدوجهد ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪندڙ ماڻهن سان ڀرپور رهي آهي. تازو مورو شهر ۾ جيڪو الميو پيش آيو، تنهن سڄي سنڌ کي ڏک، غم ۽ غصي جي باھ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.  زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري سميت ڪيترائي ڪارڪن پوليس جي سڌي فائرنگ جو نشانو بڻيا. شهيد جي رت مٿان جتي سوال اُٿيا، اتي احتجاجن جي باهه لنجار هائوس جي ساڙڻ ۽ روڊن جي بندش صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو. مورو ۾ پوليس فائرنگ سان شروع ٿيل هي بحران، هاڻي سياسي ۽ قانوني جنگ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. خبرن موجب، زاهد لغاري زخمن جا تاب نه سهندي جان وڃائي ويٺو ۽ شھيد ٿي ويو. شهيد جي وارثن، وڪيلن، سياسي اڳواڻن ۽ قومي تنظيم جسقم جي اڳواڻن عدالتي جاچ، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. پوليس جي هٿان ڪارڪنن جي قتل خلاف جڏهن قومي شاهراھ بند ٿي وئي ته مورو مڪمل طور تي جام ٿي ويو. لنجار هائوس تي حملو، باھ، هوائي فائرنگ، پوليس اهلڪارن ۽ ڪارڪنن جي ڌڪا ڌڪ، ڄڻ ته مورو اندر هڪ خانگي جنگ ڇڙي وئي هجي. شهيد زاهد لغاري جو لاش گچيرو باءِ پاس تي رکي ڌرڻو ڏنو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، نوشهروفيروز سميت سڄي سنڌ جي وڪيل برادري موري سانحي تي سراپا احتجاج بڻجي وئي. سنڌ جي مختلف بارن ۾ بار اڳواڻن پاران مذمت ڪئي وئي. شهيد جي وارثن جون شڪايتون رڳو پوليس سان ناهن، پر رياست جي خاموشيءَ سان به آهن. احتجاج ڪندڙن چيو آهي ته پنجويهه ڪلاڪن کانپوءِ به ڪو وزير، ايم اين اي، ايم پي اي يا ايس ايس پي ڳالهين لاءِ نه پهتو. فقط پوليس جي طرفان هوائي فائرنگ، ڳوڙها گيس ۽ گرفتاريون. موري مان ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي کي بدلي ڪيو ويو پر متاثرن کي انصاف اڃا تائين ملي ناهي سگهيو. مورو جي باهه رڳو عمارتن کي نه پر ضميرن کي ساڙي ڇڏيو آهي. شهيد زاھد لغاري هڪ دهشتگرد نه پر هڪ مزدور ۽ قومي ڪارڪن هو، جيڪو پنهنجي حقن لاءِ بيٺل هو. رياست جي هٿان سندس شهادت سنڌ لاءِ ڪارو ڏينهن بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن وقت سر عدالتي جاچ، جوابداري ۽ احتساب نه ٿيو، ته مورو جي هي باهه سڄي سنڌ ۾ پکڙجي سگهي ٿي.

 

آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو

غزه جتي انسانيت بک سان روز مري ٿي

 

غزه هڪ ننڍڙو علائقو، پر بي انداز دردن جو گهر. جتي هر صبح رت سان ڦٽي ٿي، جتي هر شام لاش کڻي اچي ٿي. جتي ماءُ جي هنجن مان ٻار لاش بڻجي نڪرن ٿا، جتي مسڪراهٽون وسامي ويون آهن ۽ جتي بک، خوف ۽ بمبارين جي وچ ۾ انسانيت ساھ کڻي رهي آهي. اڄ غزه جو حال اهو آهي جو دنيا جا سڀ لفظ ننڍا پئجي وڃن ٿا ۽ خاموشي به گناھ لڳڻ لڳي ٿي. اقوام متحده خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر امداد نه پهتي ته غزه جا 14,000 معصوم ٻار موت جي منهن ۾ هليا ويندا. هيءُ انگ ايترو ته وڏو آهي، جو تصور ڪندي به دل ڪنبي وڃي ٿي. معصوم ٻار، جيڪي رڳو کلڻ، کيڏڻ، پڙهڻ ۽ پيار جا طلبگار هئا، اهي اڃ بک، بيماري ۽ ڌماڪن جي شور ۾ پنهنجي زندگي وڃائي رهيا آهن. يزان نالي هڪ ننڍڙو ٻار، جنهن جي عمر ڏھ سال هئي، جڏهن هو فوت ٿيو ته سندس وزن صرف پنج ڪلو هو. بنا دوا، بنا خوراڪ، بنا اميد جي، هڪ اهڙو موت، جيڪو دل کي ڌوڏي وجهي ٿو. سندس تصوير، سندس سڪون سان بند ٿيل اکيون، دنيا جي بي حسي تي سڀ کان وڏو سوال بڻجي چڪي آهي. اهي اکيون جيڪي رڳو کلڻ لاءِ خلقيل هيون، اهي هاڻي بند ٿي ويون. اهي هٿ، جن کي رانديڪن سان کيڏڻو هو، هاڻي بي جان ٿي ويا. يزان رڳو هڪ نالو نه هو، هو هڪ سڏ هو، هڪ سوال هو، جنهن جو جواب دنيا اڃا نه ڏنو آهي. 19 مئي تي صرف پنج ٽرڪون غزھ ۾ داخل ٿيون، جڏهن ته اتي 23 لک ماڻهو قيد آهن. 87 گاڏيون، اهي به مهينن کانپوءِ، ڇا اهي انسانيت بچائڻ لاءِ ڪافي آهن؟ گڏيل قومن جي اداري جي سربراھ ٽام فليچر چيو ته، “اهي ٽرڪون سمنڊ ۾ ڦڙو آهن.” پر سوال آهي ته پوءِ دنيا جو ضمير ڪٿي آهي؟ جتي ٻار بک سان مري رهيا آهن، جتي ماءُ پنهنجي ٻار کي دفن ڪندي رڙيون ڪري رهي آهي، جتي بزرگ پاڻي جي هڪ ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن، اتي خاموشي به ظلم جو ساٿ بڻجي چڪي آهي. اها دنيا جيڪا گلوبل وارمنگ، فنڊنگ، سياست ۽ واپار لاءِ ته بيشمار فورم گڏ ڪري ٿي، پر جڏهن فلسطيني ٻارن جي جان جو سوال اچي ٿو ته اهي سڀ دروازا بند ٿي وڃن ٿا. ڇا انساني جان جي ڪا قيمت نه بچي آهي؟ ڇا فقط سياست ئي سڀ ڪجھ آهي؟ ڪٿي آهي انسانيت؟ ڪٿي آهن انهن انساني حقن جا محافظ؟ اسلامي دنيا، عرب ملڪ، انسانيت جا دعويدار ـ سڀني جي خاموشي، غزه جي رت سان ڀيٽي وڃي ٿي. پاڪستان کي اڳڀرو ٿيڻ گهرجي. OIC کي فوري طور ايمرجنسي اجلاس گهرائڻ کپي. مذمت ڪافي ناهي هاڻي عمل کپي. اسان عوام، جيڪڏهن غزه وڃي نٿا سگهون ته آواز بڻجي سگهون ٿا. شيئر ڪرڻ، ٽوئيٽ ڪرڻ، ماڻهن تائين حقيقت پهچائڻ هي سڀ ڪم اسان اڄ ئي ڪري سگهون ٿا. اڄ جيڪو خاموش آهي، اهو به ڏوهاري آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي دلين ۾ انهن ٻارن جو درد محسوس ڪريون، انهن مائرن جي رڙين کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريون، ۽ پنهنجي ضمير کان پڇون ته جيڪڏهن اهي ٻار اسان جا هجن ها ته اسان ڇا ڪيون ها؟ اسان جي اکين مان لڙڪ وهندا؟ اسان مدد لاءِ ڊوڙي وڃون ها؟ پوءِ ڇو اڄ اسين بي پرواھ بڻجي ويٺا آهيون؟ غزه جو سڏ فقط فلسطين جي فرياد نه آهي، اها پوري انسانيت جي للڪار آهي. اسان سڀني کي جاڳڻ کپي. اسان کي ٻارن لاءِ، ماءُ لاءِ، ساھ ڏيندڙ انسانن لاءِ اواز بڻجڻ کپي. اچو، هڪ ٻار جي کل بچايون. اچو، غزه لاءِ انسان بڻجي بيهون. اچو، تاريخ اڳيان پنهنجو ضمير صاف ڪريون.

 

آفتاب عالم مهر

 

ڪاڇي جا روڊ روڊس کاتي ۽ ٺيڪيدارن لاءِ سوني جھرڪي بڻيل ڪاغذي ڪاروائي ۾ روڊ مڪمل اصل حقيقت ۾ ڪاري وارا ڪک

 

ڪاڇي جي مرڪزي شهر ھيروخان کي حاجي خان جوھي  سان ملائيندڙ روڊ جا ڪروڙين روپيه ھڙپ ٿي ويا روڊ کنڊر بڻيل آھي روڊس کاتو کائو ۽ کارايو ۾ مصروف آھي. 2018ع ۾ ھيروخان کان ويندي جوھي تائين يعني حاجي خان روڊ جي تعمير لاءِ حڪومت طرفان ڪروڙين روپيه جاري ڪيا ويا جنهن کانپوءِ روڊ کي ڪاغذي ڪاروائي ۾ مڪمل ڄاڻائي 17ڪروڙ ھڙپ ڪيا ويا آھن. 7 سال  کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود ھن مهل تائين روڊ جو تعميراتي ڪم  مڪمل نه ٿي سگھيو آھي جنهن ڪري مسافر اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن. روڊس کاتي طرفان روڊ کي ڪاغذي ڪاروائي ۾ تعمير ڄاڻايو ويو آھي. اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ٿو ڪجي ته نوٽيس وٺي ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدارن سميت روڊس کاتي خلاف ڪاروائي ڪري ھيروخان حاجي خان روڊ جو تعميراتي ڪم ڪرائي ڪاڇي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

برڪت لغاري/ ھيروخان

 

فيلڊ مارشل اعزاز جي علامت ۽ ملڪي چيلينجز

 

فيلڊ مارشل (Field Marshal) هڪ اعليٰ ترين فوجي عهدو آهي، جيڪو عام طور تي ڪنهن ملڪ جي هٿياربند فوج جي سربراهه يا ڪنهن به آفيسر کي ڏنو ويندو آهي. اهو عهدو جنرل کان به مٿانهون هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهو اعزازي طور تي اُن آفيسرن کي ڏنو ويندو آهي، جن جنگين ۾ غيمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون هجن يا جن قومي دفاع ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هجي. گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جنرل عاصم منير ٻيو آفيسر آهي جنهن کي فيلڊ مارشل بڻايو ويو آهي، ان کان اڳ 1959ع ۾ صدر جنرل ايوب خان کي اِهو عهدو ڏنو ويو هو. سرڪاري طور تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عهدو آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪامياب حڪمت عمليءَ جي اعتراف طور ڏنو ويو آهي. هن عهدي سان ڪنهن خاص ڪمان جي ذميواري لاڳو نه هوندي، پر اهو رڳو هڪ اعزاز جي علامت سمجهيو ويندو آهي. فيلڊ مارشل فوجي آفيسرن ۾ سڀ کان سينيئر فائيو اسٽار آفيسر هوندو آهي. جديد دور ۾، هي لقب تمام گهٽ استعمال ٿيندو آهي ۽ ان کي هڪ فعال ڪمانڊ پوزيشن کان وڌيڪ قومي اعزاز طور ڏٺو ويندو آهي. پاڪستان ۾، اهو باقاعده پروموشن سسٽم جو حصو ناهي. ان جي بدران، اهو هڪ خاص ايوارڊ آهي جيڪو حڪومت طرفان ڏنو ويندو آهي. هي لقب موجوده يا اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف کي ڏئي سگهجي ٿو. اهو سڄي زندگي جو اعزاز آهي ۽ ان سان گڏ ان ۾ رسمي اهميت ۽ خاص مراعات به شامل آهن. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته جنگ جي ڪاميابي لاءِ سڌو سنئون رتبو ڏنو ويو هجي. جنرل عاصم منير کي ان اعزاز جي عزت کي سامهون رکي ملڪ جي دفاع لاء هر وقت اڳين صف ۾ بيهڻ گهرجي ڇوته سياسي قيادت کان عوام مايوس ٿي چڪو آهي. هن وقت اسان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جذبات جي بدران حقيقتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. شايد اهو اسان سڀني لاءِ بهتر رستو آهي.

 

اعجاز ممنائي/ نوشهروفيروز

 

سنڌ جي  نوجوانن لاء ناسور بڻيل جوا ۽ نشي جو مرض

 

سنڌ جي هر ننڍي  وڏي شھر وستي  واهڻ جتي به وڃبو نوجوان طبقي ۾ نشو ۽ جوا ٻئي مرض نظر اچن ٿا جيڪي  نئين  نسل  لاء وبا آهن پرانهن ٻنهي فعلن جو رواج ان ڪري وڌي ويو آهي جو اڄڪلھ اسان تعليم جي ويجهو ناهيون ۽ والدين  به پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ نگهداشت نه پيا ڪن غربت  ۽ بيروزگاري سبب هو پنهنجي اولاد کي آواره ڇڏي ڏين ٿا جنهن سبب اڄ جو ننڍو نسل انهن ٻنهي مرضن يعني جوا ۽ نشي ۾ وڪوڙجي چڪو آھي. انهن ٻنهي عملن جي سزا نشو  واپرائيندڙ ته ڀوڳين پيا پر ان جو سڀ  کان وڌيڪ نقصان انهن جي والدين کي به ڀوڳڻو پوي پيو. انهن ٻنهي ڪڌن ڪمن  جي ڪڍ لڳل نسل لاءِ نشو ۽ جوا ناسور آهن جنهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ قانون جون ڪيل ڪوششون به ڪارگر ثابت نه  ٿي رهيون آھن. نشي ۾ آئس، چرس، ڀنگ، شراب، مين پڙي، گٽڪو، زيڊ ايڪيھ، سوپارين جو واهپو نوجوانن ۾ ايتري  خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آھي جو اسي فيصد نوجوان نشي جا عادي آهن ۽ خوراڪ جيان نشو واپرايو پيو وڃي.  نشي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف نه پوليس ڪا اثرائتي ڪاروائي پئي ڪري نه وري ان جي روڪٿام لاءِ حڪومت  ڪو قانون تي عمل ڪرائي سگهي آهي. جنهن سبب معاشري ۾ ڦھلجندڙ ڪنهن به گندگي کي صاف ڪرڻ ڏاڍو مشڪل  ٿي وڃي ٿو ۽ نشي سان گڏ نوجوانن ۾ جوا به عام جام آھي. جوا ۽ نشي جا عادي معصوم ٻارن کان ويندي نوجوان به آهن. جوا  کيڏڻ  لاءِ گهروارن کان پئسو نه ملڻ سبب برائي وارن طريقن چوري چڪاري سان  پئسو وصول ڪري ڪنهن به صورت ۾ نشو واپرائن ۽ جوا کيڏن ٿا سو هن وقت سنڌ ۾ هي وبا نئين نسل کي ايئن نپوڙي رهي آهي جيئن  گهاڻي ۾ ڪمند پيڙهجي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کي فوري طور هن برائي کي بند ڪرڻ لاءِ اثرائتي ڪاروائي ڪرڻ  گهرجي جيئن نوجوان نسل برباد ٿيڻ کان بچي پون.

 

محمد  اسماعيل  لانگاھ   ڊرگھ   بالا  ڪاڇو

 

سيد غلام شاهه رضوي جو تاريخي قبرستان

 

ڳڙهي چاڪر جي اولھ طرف لڳ ڀڳ اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي هڪ تاريخي قبرستان واقع آهي، جيڪو سيد غلام شاهه رضوي جي نالي سان مشهور آهي. هي قبرستان رڳو مٽيءَ جو مڪان نه، پر بوزدار قبيلي جي شاندار تاريخ، بهادري ۽ نيڪ ناميءَ جو زندهه مثال آهي. هن پراڻي قبرستان ۾ بوزدار قبيلي جي معزز سردارن جا ٽي مقبرا موجود آهن، جن مان ٻه ڪري پيا آهن. باقي بچيل قبي ۾ ٽئين نمبر سردار چاڪر خان بوزدار اول ۽ چوٿين نمبر سردار سخي رامڻ خان بوزدار جون قبرون موجود آهن، جيڪي پڻ ويران ٿيڻ جي ڪناري تي آهن. قبي سان گڏ اتر طرف، صدين پراڻي هڪ دلڪش ۽ عاليشان مسجد پڻ موجود آهي، جيڪا هاڻي وقت جي بي رخيءَ سبب پنهنجو حسن وڃائي رهي آهي. مسجد جا ٻه پاسا مڪمل طور تي ڪري چڪا آهن. هي سمورا آثار نه صرف بوزدار قبيلي، پر پوري خطي جي تاريخي سڃاڻپ آهن. ان ڪري، اسان بوزدار قبيلي جي سردارن، معززن ۽ علم دوست ڀائرن کي عرض ڪيون ٿا ته: خدارا! اِهو تاريخي ۽ روحاني ورثو، جيڪو صدين کان پنهنجو وجود برقرار رکيو اچي ان جي فوري مرمت، سار سنڀال ۽ حفاظت جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي به پنهنجي شاندار ماضيءَ سان سڃاڻپ جو موقعو ملي سگهي.

 

علي  غلام ميرپورماٿيلو