پاڪ آرمي چيف کي فيلڊ مارشل عهدي تي ترقي!.

 

آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جو دفاع ڪندي دشمن کي جنگي ميدان ۾ شڪست ڏيندي ۽ ڪامياب آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي ڪاميابي تي پاڪستان جي سپهه سالار واري اعليٰ صلاحيت، حڪمت عملي ۽ پيشواراڻي مهارت تي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي ۽ پاڪ ائير چيف جي مدي ۾ واڌ پڻ ڪئي وئي آهي جيڪا ڪاميابي بري، بحري ۽ پاڪ فضائيه جي ڪاميابي ۽ فتح آهي جنهن فتح تي قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي جنهن فتح دنيا ۾ پاڪ فوج جو وقار بلند ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت پاڪ فوج جو سپهه سالار آپريشن ”بنيان مرصوص“  جي فتح تي دشمن جو مقابلو ۽ ملڪي دفاع ڪندي قوم اڳيان سرخرو رهيو آهي جنهن کي فيلڊ مارشل جو اعزاز مليو آهي جيڪو ڪاميابي ۽ فتح وارو اعزاز آهي پاڪ فوج جي تاريخ ۾ جنرل عاصم منير جنرل ايوب خان بعد ٻيو فيلڊ مارشل آهي جنهن اهو اعزاز ماڻيو آهي الله تعاليٰ جنهن کي چاهيندو آهي ان کي ڪاميابي ۽ فتح سان همڪنار ڪندو آهي آپريشن ”بنيان مرصوص“  پاڪ فوج جي فتح آهي هن خط ذريعي پاڪ فوج جي سپهه سالار کي اهو اعزاز ماڻڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي جيڪو ان جي اعليٰ صلاحيتن، جرئت، ڪمال حڪمت عملي ۽ پيشواراڻي مهارت سبب ممڪن ٿيو آهي ڏٺو وڃي ته جڏهن ڀارت جنگ طرف قدم وڌائي پهل ڪئي ته پاڪستان به پنهنجي دفاع ۾ جنگ جي آخري مرحلي تائين وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو ۽ ڀارت کي جوابي وار ڪندي پنهنجو دفاع ڪندو رهيو آپريشن ”بنيان مرصوص“  ڪامياب ميزائيل حملو هو جنهن ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو جڏهن پاڪ فضائيه پنهنجي ميزائيل نظام، ڊرونز، بهترين ايئر فورس جي استعمال سان گڏ جيمنگ ٽولز ذريعي ڀارتي دفاعي نظام کي ڍير ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڀارتي دفاعي نظام بي اثر ٿيو ان جا ڪمانڊ سينٽر بيڪار ٿي ويا ڀارت کي ڊرونز ۽ ميزائيلن جي مار سان ڌچڪو لڳو وڌيڪ ڌچڪو پاڪستان جي سائبر وار مان کيس لڳوجنهن کي جنگي ماهرن پاڪستان طرفان ڀارت مٿان تاريخ جو سڀ کان وڏو سائبر اٽيڪ قرار ڏنو آهي جيڪو پاڪ فوج جي مهارتي حملن جو ثبوت هو شايد ڀارت جنهن کي اندازو نه هو ته پاڪستان وٽ ڪي جديد جهاز ۽ ميزائيل آهن ۽ پاڪستان زبردست جنگ وڙهي سگهي ٿو.

 

محمد اسلم ماڪو

 

شھيد نصرالله گڏاڻي علمناڪ وڇوڙو

 

نصرالله گڏاڻي جڏھن زخمي ٿيو رات دير تائين سوشل ميڊيا تي خير خبر معلوم ڪرڻ لاءِ ايڪٽو ٿي ويا سين، ھن واقعي جي خوب مذمت به ڪندا رھيا سين ۽ صبح جو سوير اٿي سوشل ميڊيا تي شھيد جي خير خبر لھندا ھئا سين چويھه مئي جي نڀاڳي صبح جيئن مون موبائل آن ڪئي سوشل ميڊِيا تي نصر الله جي شھادت جون پوسٽون اچڻ شروع ٿي ويون ڄڻ ته منھنجي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو ھو، مون ڪنفرم ڪرڻ لاءِ دوستن ڏانھن ڪالون ڪيون ۽ ھنن چيو ته نصرالله شھادت جو جام نوش ڪري ڇڏيو آھي آئون دانھون ڪري ايترو رنم جو منھنجي گھر وارا پريشان ٿي ويا، ھنن کي منھنجي بيچيني جي خبر ھئي ھنن چيو ته نصرالله ڏانھن خير ته آھي مون چيو ھو اسان کان ھميشه لاءِ موڪلائي ويو آھي ۽ مان ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو آيس ته مونکان پھريان ڪجھه دوست موجود ھئا سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها ھئا ۽ ڏسندي ڏسندي سوين ماڻھو پھچي ويا جتي تمام وڏو تنبو ھنيو ويو ۽ شھيد جي اچڻ جو انتظار ٿيڻ لڳو ھر اک عالي ھئي ڪو پٿر دل ئي ھوندو جنھن جي اکين مان ڳوڙھا نه نڪتا ھوندا، نصرالله گڏاڻي جھڙو دلير صحافي مون ڪڏھن ناھي ڏٺو ھتان جا ڪرپٽ ڪامورا ھن جي پاڇي کان ڊڄندا ھئا ڇو جو ھو انھن سامھون ھنن جي ڪرپشن جا دفتر کوليندو ھو اوھان ھن جي آفيس ڏسو ھا ته جيئن ڪنھن ٿاڻي تان انصاف وٺڻ ويندو آهي ايئن ماڻھو نصرالله کان انصاف وٺڻ لاءِ ايندا ھئا، ھن جي صحافت کان وڌيڪ ھن جي سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ کي وڏو پاور ھيو ھن جڏھن به ڪنھن جي لائيو ڪئي ھن جو ايڪشن لازمي ٿيندو ھو ايتري قدر جو پوليس جنھن سان ناجائزي ڪندي ھئي اھو به نصر الله وٽ ايندو ھو. ھو صحافي سان گڏ سوشل ورڪر به ھو جڏھن ريتڪ ڪمار اغوا ٿيو ھن ڪئي ڏينھن ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو لڳايو ھو جڏھن ته ھن وقت سخت سردي به ھئي ۽ ھو ڏينھن رات ھتي موجود ھوندو ھو ڪئي اھڙا واقعا آھن جنھن جي ڪري ھنن مسڪينن کي انصاف مليو. نصرالله چوندو ھو منھنجي ظالمن سان جنگ آھي مونکي خبر آھي مان ماريو ويندس اوھان منھنجي مشن کي جاري رکجو ، ھن تي ڪئي ڀيرا حملا به ٿيا پر ھن حق سچ جي راھ نه ڇڏي ھن مٿان ڪئي ڀيرا ايف آءِ آرون به ٿيون ۽ اين پي او تحت ھن کي حيدرآباد جيل به موڪليو ويو پر ھن کي ڪير به جھڪائي نه سگھيو، نصرالله گڏاڻي ھڪ مسڪين گھراڻي جو ماڻھو ھو ھن جي گھر جو گذر سفر به ڏاڊو ڏکيو ھو، ھو ڪنھن سان شڪوهه نه ڪندو ھو ان ھوندي ڏک بک تي رھي پنھنجو سفر جاري رکندو ھو ۽ ھو سوشل ميڊيا تي ھن ستل قوم کي جاڳائڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو ھو ته جاڳو اچو منھنجا ٻانھن ٻيلي ٿيو، جيئن مان اوھان کي ھنن ظالمن کان انصاف ڏياري سگھان. توڙي جو ھن جا پنھنجا ٻچڙا بک تي ھوندا ھا ھو قوم جي ٻچڙن لاءِ جاکوڙيندو ھو، اھڙا ڪردار صدين کان پوءِ ايندا آھن جيڪي پنھنجي ماءُ جو فخر ھوندا آھن جنھن سڀني کي انصاف ڏنو اڄ ھن جي خون سان انصاف نه ٿي سگهي، نصرالله گڏاڻي جا قاتل ھن وقت تائين گرفتار ڪونه ٿي سگھيا آھن پوليس پنھنجي روائتي ڪاروائي کي جاري رکندي گھڻا ول وڪڙ ڏنا جيئن مرتضي’ ڀٽو ۽ محترم بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا ايئن ئي نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا 24 مئي تي شھيد جي پھرين ورسي آھي جڏھن قبر تي حاضري ڀريندا سين ھن جو اھو سوال ضرور ھوندو مان ھميشه اوھان جي حقن جي جنگ وڙھي ۽ شھيد ٿي ويس توھان لکين ۽ منھنجو قاتل آزاد.

 

علي حسن چڍڙ

 

سنڌ جو انقلابي آواز ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

 

اڄ 21 مئي 2025ع، سنڌ جي ان عظيم فرزند کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي سموري حياتي هارين جي حقن، انساني وقار، ۽ سنڌ جي سجاڳي لاءِ وقف ڪئي. اڄ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 55هين ورسي جي موقعي تي، اسين کيس سلامِ عقيدت پيش ڪريون ٿا.سنڌ جو قومي ترانو “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ” رڳو هڪ شعر ناهي، پر اهو سڏ آهي ان ڌرتيءَ جو، جنهن جي ھنج مان حيدر بخش جتوئيءَ جهڙا شعور سان ڀرپور سپوت جنم وٺن ٿا. هن تراني جو خالق، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پنهنجي شاعراڻي جذبن، سياسي سوچ، ۽ عملي جاکوڙ سان سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي ويو آهي.هو رڳو شاعر نه، پر تحريڪ جو علمبردار، ظلم خلاف بيٺل نظرياتي ڏاهو، ۽ هارين جو نجات ڏياريندڙ اڳواڻ هو. سندس جدوجهد جا نشان، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، اڄ به موجود آهن. اڌ بٽئي تحريڪ، سنڌ هاري ڪاميٽي، “هاري حقدار” اخبار ۽ بيشمار مضمون، ڪتاب، جلسا، جلوس، انهن سڀني جي پوئتي هڪ ئي فڪر بيٺل هو، سنڌ جو هاري آزاد هجي، بااختيار هجي، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو مالڪ هجي.ڪامريڊ جي ادبي، سياسي، ۽ سماجي خدمتون سنڌ جي تاريخي سرمايي جو حصو آهن. هن، ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي، طاقت جي پاسي نه پر سچ جي پاسي بيهڻ کي ترجيح ڏني. اهو قدم ان وقت جي لاءِ ڏاڍو دليرانه هو، جيڪو رڳو ساڃاھ وند ماڻهو ئي کڻي سگهن ٿا.اڄ جڏهن ملڪ ۾ ڏڪار، معاشي ناانصافي، جاگيرداري ۽ استحصال جا پاڇا موجود آهن، تڏهن ڪامريڊ جي فڪر جي گونج وڌيڪ اهم بڻجي ٿي. هو چوندو هو، “هي ڌرتي اسان جي آهي، ۽ ان تي رهندڙ هر هاري، مزدور ۽ پورهيت جو حق آهي ته هو آزاديءَ سان جيئي.”هن جو بنيادي فڪر، نظريو يا سوچ اهو ئي هو، ته ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن لاءِ، جاگيرداري، حڪمران طبقي ۽ استحصالي قوتن خلاف هڪ اهڙي انقلابي مزاحمت کڙي ڪئي وڃي، جيڪا صرف سياسي نعرن تائين محدود نه هجي، پر عملي سطح تي ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي.

اچو ته سندس ورسي جي موقعي تي اسين سمورا ساڃاھ وند، نوجوان، اديب، شاعر، دانشور ۽ ڪارڪن پنهنجو ضمير جاڳائي اهو وچن ڪريون ته،

اسين پنهنجو وقت، وسيلو، ۽ سموري طاقت يا قابليت سنڌ جي مظلوم ماڻهن لاءِ وقف ڪنداسين. اسين هارين جي حقن لاءِ وڙهنداسين، قلم ۽ جدوجهد سان ڪامريڊ جو مشن اڳتي وڌائينداسين. اسين پنهنجن ڪتابن، تقريرن، تحريڪن، جلسن، ۽ روزمرھ عمل سان اُن ڌرتيءَ جي خدمت ڪنداسين، جنهن جو خواب ڪامريڊ ڏٺو هو.

 

آفتاب عالم مهر

 

آخري دم تائين گجگوڙ سان ڳالهائيندڙ ادي حور النساءَ پليجو

 

انسان جي تاريخ ۾ اڪثر مرد عورت کي غلام ڪري رکيو آھي پر عورت پنهنجي حقن خاطر  پوئتي نه هٽي آھي عورت  مزاج ۾ نرم ضرور آھي پر بزدلي نه آھي دنيا جي عورتن جي همٿن ۽ مذاحمتن  جو جتي ذڪر  ٿيندو اتي سنڌ جي عورت جو ذڪر نه ٿئي هاڻي اها ڳالھه اڻٽر آھي،  سنڌ جي سورمين ۾ ڪيتريون ئي آھن جن پنهنجي مذاحمتي ڪردار کي سج جيان روشن رکيو آھي،  ادي حور النساءَ سنڌ جي هڪ اهڙي بي باڪ عورت آھي جنهن جي سڄاڻپ  انقلابي ليڊر رسول بخش پليجي جي ڀيڻ سان گڏ سندس همٿ حوصلي ۽  اڻ ٿڪ عورتن جي سجاڳي لاءِ ڪم خود شاهدي ٿو ڏي ته هن جنهن پوري زندگي سنڌ جي مظلوم عورتن ۾ سجاڳي جو ڪم ڪري انهن جي هزارن جي تعداد ۾ نه صرف سوچن کي تبديل ڪيو پر عملي ڪم ڪرڻ ۾ جو کين جو اتساھ بخشيو، اهو هڪ سنڌ جي تاريخ پنهنجي باب ۾ رقم ڪري ڇڏيو آھي، سندس اڻ ڳڻين خوبين مان هڪ خوبي اها هئي ته جڏهن اسٽيج تي ڳالهائيندي هئي ته سندس آواز ۾ شينهن جهڙي گجگوڙ هئي۽ عمر دراز هئڻ باوجود به سندس تقرير ۾ ڪڏهن  به  آواز جهڪو نه ٿيو .  هن بيماري جي  حالت ۽ ڪمزوري ۾ ڪڏهن به ڪٿي به ڪم کان نه ڪيٻايو  سنڌياڻي تحريڪ جي روح روان هئي هن پنهنجي ڀاءَ رسول بخش پليجي سان گڏ اهڙي طرح ڪم ڪيو جو پليجي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ به سنڌياڻي تحريڪ توڙي عوامي تحريڪ جي ساٿين کي سندس وڏو ڏڍ هو،  پاڻ  مزاحمت جي علامت هئي، هوءَ جڏهن به جنهن به جلسي ۾ ايندي هئي ته پنڊال ۾ جان پئجي ويندي هئي، هوءَ عوامي تحريڪ جي هر ورڪر کي ايئن ڀائيندي هئي ڄڻ سندس گهر جو ڀاتي هجي،  سنڌياڻي تحريڪ کي قائد انقلاب رسول بخش پليجو وڏن وارن واري فوج سڏيو آھي  ۽ يقينن انهي فوج جي ڪمانڊر ادي حور هئي، ادي حور جڏهن پنهنجي انقلابي ڀاءَ رسول بخش پليجو جا عورتن جي پڙھائي يا سندس ڳوٺ مگر پليجو جي تعليم ۾ ڪوششن جو ذڪر ڪندي هئي ته ٻڌندڙن جا وار ڪانڊارجي ويندا هئا،  هوءَ ھڪ نجي ڳوٺاڻي ۽ سادي عورت رهڻ پسند ڪندي هئي کيس  ڳوٺ جي عورت سڀ کان وڌيڪ پسند هئي، ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻي عورت ٻني ٻاري جي ڪم ڪري سخت جسم ۽ سردي گرمي ۾ به سخت هوندي هئي، جنهنڪري سنڌ جي تتل روڊن رستن تي حقن خاطر لانگ مارچ يا ريليون جلوس ۾ ٻھراڙي جي عورت وڌيڪ سروائو ڪندي آھي  هن ڪڏهن به فرمائش نه ڪئي عوامي تحريڪن جي  جلسن جلوسن احتجاجن ۾ لٽ ڌوڙ ۾ ڪارڪنن سان گڏ ڦٽاٽن جو ڀت کائڻ کي ترجيح ڏيندي هئي سندس سوچ ۽ خيال ۾ سنڌ جا ماروئڙا هئا هوءَ انهن جي سکن لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ۾ رهي لطيف جي هن سٽ کي ڄڻ ته پاڻ مشعل راھ بڻائي ته ”جا سانگين سڏائي سا مور نه مرڪي ماڙيئن “  پاڻ ڳيچ ڳيا وايون ڳايائين پر پاڻ اسان کي سندس اهڙيون شاگردياڻيون ڏئي وئي آھي جو ادي حور هميشا لاءِ عوامي تحريڪ يا سنڌياڻي تحريڪ جي جلسن جلوسن ۾ رهنمائي ڪندي رهندي،   اڄ ادي حور اسان ۾ نه رهي آھي پر سندس ڪردار سنڌ جي عورت جي ضرور  رهبري ڪندو رهندو۔

 

حسين آزاد

 

مهراڻ يونيورسٽي خيرپور کان ڳاڙھي پل تائين مين روڊ ٺهرايو

 

خيرپور جي مهراڻ يونيورسٽي کان ڳاڙھي پل تائين مين روڊ تي ترقياتي ڪم شروع آھي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ڪم ايترو ته سستي سان ٿا ڪن جو پوري هڪ مهيني کان ختم ئي نٿو ٿئي. ڪم هڪ ڏينهن هلي ٿو ته ٻئي ڏينهن ڪم بند آهي. مين روڊ جي ڪري عوام ڏاڍو پريشان آهي. جنھن مھل اسڪول جي موڪل ٿئي ٿي ته ڏاڍي رش ٿي وڃي ٿي. ايتري گرمي هوندي به ڪم تيزيءَ سان ڪونه ڪن ٿا. آخر هنن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي؟ اگر هي ڪم ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿئي ها ته 7 يا 8 ڏينهن ۾ ٿي وڃي ها پر هي ملڪ پاڪستان آهي جنھن کي جيڪو به ۽ جيئن به وڻي ڪم ڪن، بس ڀوتارن کي مال کارائي.هن ترقياتي ڪم جي ڪري 3 ڪالونين جا شاگرد ڏاڍا پريشان آهن، ٽالپر ڪالوني سٽيزن ڪالوني ۽ پيپلز ڪالوني ڇو جو شاگردن کي جيڪا شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي بس کڻڻ اينديون هيون سي هاڻي يا ته مهراڻ يونيورسٽي وٽ بيهن ٿيون يا وري ڳاڙھي پل تي کين لاھين ٿيون. ڇوڪرا ته وڃن ٿا پر نياڻيون ڪين وڃن؟اسان جي معاشري ۾ پهريائين نياڻين لاءِ گھڻائي مسئلا آهن، مان لوڪل گورنمينٽ وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪم جلد کان جلد ڪيو وڃي ته جيئن اسان شاگردن کي ۽ عوام کي وڌيڪ ڏينھن ذليل نه ٿيڻو پوي.

 

احد ميتلو / خيرپور ميرس

وَرِي مورَي جو جِيءُ جهورَي وِڌائُون

 

موري ۾ ڪئنال منصوبي ۽ زمينن تي والار خلاف ٿيل احتجاج دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ ھڪ ڳڀرو جوان شهيد ٿي ويو جڏهن ته اٺ ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جيڪو نوابشاهه کانپوءِ حيدرآباد ۾ وينٽيليٽر تي زير علاج آهي واقعي کان پوءِ مڇريل ماڻهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار جي گهر تي حملو ڪري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس پُرامن مظاهري تي فائرنگ ڪئي، جيڪو افسوسناڪ ۽ غيرقانوني عمل آهي. واقعي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي جو پوليس لاش رکي احتجاج ڪندڙن مٿان آنسو گيس هلائي کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تفصيل موجب گذريل ڏينهن مورو ۾ ڪئنالن ۽ زمينن جي والار خلاف لڳل پرامن ڌرڻي تي پوليس ۽ شرپسندن جي سڌي فائرنگ ۾ هڪ ڳڀرو جوان زاھد لغاري شھيد ٿي ويو، جڏهن ته اٺ ماڻھن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ ڪيترائي نوجوان ٿورو زخمي پڻ ٿي پيا جن کي مورو اسپتال ۾ آندو ويو،ٻئي پاسي ڪارڪنن پوليس مٿان پٿراءَ ڪندي ڊي ايس پي مورو غلام حسين ڏاهري سميت ۽ ڪجهه سپاهين کي زخمي ڪري وڌو، ان موقعي تي مڇريل ماڻهن مورو ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَالحسن لنجار جي بنگلي ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه سان گڏ باهه ڏئي ڇڏي، ٿوري دير بعد لنجار هائوس تي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ سولنگي ۽ زرداري برادري جا هٿياربند پھچي ويا جن پڻ سڌي فائرنگ ڪري مظاهرين کي نه رڳو ڇڙوڇڙ ڪيو پر ڪجهه نوجوان زخمي به ٿي پيا، قومي ڪارڪنن موجب ته پوليس ۽ لنجار پنهنجا خانگي ماڻهو گهرائي پرامن ڌرڻي مٿان نه رڳو حملو ڪيو پر ٽرالرن کي باهيون ڏياري ٽوڙ ڦوڙ ڪرائي آهي ته جيئن نوجوانن خلاف جواز پيدا ڪري سگهجي، مورو جيڪو محبتن جو شهر آهي، عالمن اديبن ۽ انقلابي شاعرن جو شهر آهي ان ۾ روزانو خون جي راند کيڏڻ جڳائي نه ٿو،ڪنهن شاعر ڪيڏو نه موري جي مانَ ۾ خوبصورت نظم چيو آهي

آءُ  پرين  تون  موري  ۾، دل جي ويھه هندوري ۾

 

دادو  کان  پوءِ  مورو آهي، مورو  ڀي  ڪو  ٿورو ناهي،

مورو جيءُ جو جهورو آهي، آءُ  جُهران  اِن  جهوري  ۾

آءُ   پرين  تون  موري  ۾،  دل  جي  ويھ  هندوري ۾.

 

جر اکين مان تو لاءِ هاريان، تنهنجي اکين جون واٽون نهاريان

واٽن کي ٿي روز ٻهاريان، گهوريان جند  هي گهوري ۾

آءُ   پرين  تون  موري  ۾،دل  جي  ويھ  هندوري ۾.

 

سنڌ جا ساٿي اچجانءِ اوري،محبت ونڊجانءِ مونسان موري

سنڌ تان ڏيندس جان هي گهوري، ڏاڍ ڏمر جي ڏوري ۾

آءُ   پرين  تون  موري  ۾،دل  جي  ويھ  هندوري ۾.

 

هن وقت سنڌ جي جياپي ۽ وجود جي بقا جي جنگ وڙهي پئي وڃي، ماضي ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کي به مورو جي دليرن ۽ ارڏن ماڻهن شڪست ڏني، پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي سنڌ کي حيات بخشي، جيڪڏهن پ پ پ حڪومت جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌ ڌرتي سان غداري ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي ته هر شهر مورو بڻجي ويندو، پوءِ توهان ڪنهن ڪنهن جي مٿان گوليون هلائيندئو! ڪنهن ڪنهن ڳڀرو جوان جا لاشا پنهنجي امڙين ۽ ونين ڏي موڪليندئو، ڪنهن ڪنهن جي اولاد کي توهان يتيم بڻائيندو! مظلوم ۽ يتيم جي آهه سڌو عرش تي پهچندي آهي، پوري قوم ڏسي چڪي آهي ته ڪينال ڪنهن رد ڪرايا آهن، پ پ جي ٺلهن ڪوڙن واعدن تي سنڌ جا ماڻهو مطمئن نه آهن. پرامن ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهن خلاف پوليس تشدد ڪري انهن کي اشتعال ڏياري تشدد لاءِ اڪسائي رهي آهي پوليس جو ڪم ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي پر اسان وٽ وڏيرن وزيرن ۽ سندن ڇاڙتن جي ونگار وهڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان جا جيڪي نتيجا نڪري رهيا آهن سي پوري قوم ڏسي رهي آهي، جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي ته پوءِ مورو ۾ هٿين خالي پرامن قومي ڪارڪنن تي سڌيون گوليون هلائڻ ۽ انھن جي رستاروڪ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، موري واقعي خِلاف فوري طور تي عَوامي رد عمل سامهون اچي ويو ڪنڊيارو، سَن ھاءِ وي، ڄامشورو، ڪراچي، حيدرآباد، پڪا چانگ مهراڻ هاءِ وي سميت مُختلف ھَنڌن تي روڊ بَند ڪيا ويا جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن واقعي خلاف مذمت ڪندي چيو ته مورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي ٿيندڙ وحشيانه، غير قانوني ۽ غير انساني تشدد جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اهو انتهائي حيران ڪندڙ عمل آهي ته پوليس اهلڪارن، مبينا طور تي مقامي هٿياربند ماڻهن سان گڏجي، غير مسلح شهرين ۽ پرامن مظاهرين تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جيڪي قانوني طور تي پرامن رهي پنهنجي آئيني ۽ جمهوري حق کي استعمال ڪري رهيا هئا.

مورو جهڙا واقعا بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ۽ جمهوري آزادين، شهري آزادين ۽ انساني زندگي جي تقدس تي سڌو حملو آهن.هن واقعي جي فوري، شفاف ۽ آزاد عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ڏوهه جي ذميوارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي، چاهي اهو وردي ۾ هجي يا وزارت ۾ هجي، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي.ڇو ته پرامن مظاهرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ رياستي طاقت جو استعمال آئين جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ڪنهن به جمهوري سماج ۾ ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. پوري قوم سمجهي ٿي ته تشدد جو هي عمل اتفاقي نه هو پر هڪ منظم منصوبو هو ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش هئي، ڇوته مورو ۾ هي ڌرڻو ڪو پهريون ڀيرو نه لڳو هو پر سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف مسلسل احتجاج جو حصو هو ،ڌرڻو چند ڪلاڪن بعد ختم ٿي وڃي ها،پر رياستي مشينري جي غلط استعمال ۽ سازشي اشتعال انگيز ماڻهن جي شموليت سان ڄاڻي واڻي معاملي کي وڌايو ويو. اهو عوام ۽ رياست جي وچ ۾ بي اعتمادي پيدا ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ قانوني احتجاجن جي دٻاءُ لاءِ بنياد رکڻ جي هڪ وسيع منصوبي جو حصو نظر اچي ٿو.هن واقعي بعد سنڌ بار ڪائونسل وزير داخلا جي حمايت ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري سنڌ تي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي جڏهن ته ڪراچي بار سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪاروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري، شهيدن سان پنهنجي همدرديء جو اظهار ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي ڇو ته خدا مظلوم سان ساٿ ڏيڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ناانصافي قانون بڻجي وڃي تڏهن مزاحمت فرض بڻجي ويندي آهي.توهان اڄ موري جو جيء جهوري وڌو آهي۔ توهان ڇا ٿا سمجهو ته اهڙن عملن سان توهان ڪامياب ٿي حڪمراني ڪندو!! بلڪل به نه۔ انهن بي گناهه شهيدن ۽ زخمي ڪارڪنن جي رت جي ڦڙو ڦڙو توهانکي حساب ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ اندر نئون انقلاب ايندو جيڪو توهانجي ڪاري قانون کي لتاڙي ڇڏيندو۔

 

اعجاز ممنائي