سنڌ جي لاڙ پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ‎

 

سنڌ جي لاڙ پٽي هڪ زرخيز علائقو آهي، جتي ماڻهو پنهنجي گذر سفر  لاءِ زراعت ۽ مالداري تي ڀاڙين ٿا. پر هينئر انهي علائقي ۾ نهرن ۾ پاڻي نه هجڻ سبب وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي. نهرون خالي پيل آهن، جتي پاڻي وهڻ کپندوھو، اتي هاڻ مٽي اڏامي رهي آهي. سخت ڪاڙهي، تپندڙ موسم ۾ پاڻي جي کوٽ ماڻهن  لاءِ وڏي تڪليف بڻجي وئي آهي. ماڻهو پيئڻ  لاءِ پاڻي ڳولين ٿا ته چوپايا جانور به اڃ وگهي پريشاني ۾ گذاري رهيا آهن. فصل سڪي ويا آهن، زمينون ڏڪار جي ور چڙهي ويون آهن ۽ روزگار جا ذريعا ختم ٿيندا پيا وڃن. لاڙ پٽي جي ماڻهن  لاءِ هي صورتحال رڳو معاشي نه، پر حياتي ۽ موت جو سوال بڻجي وئي آهي. اها حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته هو نهرن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائين، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪن ۽ لاڙ پٽي جي ماڻهن جي پڪار جو نوٽيس وٺن. جيڪڏهن وقت تي قدم نه کنيا ويا ته هي بحران وڏي انساني الميي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.

 

الھڏنو راهمون سجاول

 

سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا

 

سنڌ جيڪا هن ملڪ جي سڀ کان پراڻي تهذيب، سياسي سجاڳي ۽ وسيلن سان مالا مال ڌرتي سمجهي ويندي آهي، اڄ هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي، جتي عام ماڻهو  لاءِ جيئڻ مشڪل ۽ سرڪاري سطح تي خاموشي عام ٿي وئي آهي. انهن حالتن جو وڏو سبب نااهلي، ڪرپشن، ناقص منصوبه بندي ۽ بنيادي مسئلن کان لاتعلقي آهي. سنڌ حڪومت  لاءِ هي لمحا فقط تنقيد جا ناهن، پر انهن کي تڪڙي جاچ، سڌاري ۽ عوام جي بنيادي مسئلن جي حل  لاءِ عملي قدم کڻڻ جو وقت آهي. پر ڇا واقعي حڪومت اهڙي سنجيدگي ڏيکاري رهي آهي؟ بدقسمتي سان جواب نفِي ۾ آهي. سنڌ جو سڀ کان وڏو زرعي ۽ شهري مسئلو پاڻيءَ جي کوٽ آهي. هڪ طرف ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو جهڙا وڏا شهر پيئڻ جي صاف پاڻي  لاءِ ترسي رهيا آهن، ته ٻئي طرف سانگهڙ، عمرڪوٽ، مٺي، بدين جهڙا پٺتي پيل ضلعا زرعي پاڻيءَ  لاءِ احتجاج تي مجبور آهن. پاڻي جي ورڇ جو نظام غيرمنصفاڻو آهي، جتي اثر رسوخ رکندڙ وڏيرا ۽ زميندار پنهنجا حصا ته پيا وٺن، پر عام هاري ۽ واٽر ڪورس جي آخر ۾ ويٺل آبادگار  لاءِ رڳو سڪل نالا ۽ اڻکُٽ دعوائون بچن ٿيون. سنڌ حڪومت جي ذميواري هئي ته اها پاڻي جي منصفاڻي ورڇ، نوان ڊرينيج نظام ۽ صاف پاڻيءَ جا منصوبا رٿي، پر اڪثر رٿائون فائيلن مان ٻاهر ئي نه نڪتيون. تعليم، جيڪا ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو بنياد هوندي آهي، سنڌ ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ٿيل آهي. هزارين اسڪول بند پيا آهن، جتي عمارتون ته آهن پر استاد نه، يا استاد آهن ته پڙهائڻ جو جذبو نه. ڪيترن ئي اسڪولن جا ڪمرا جانورن جي واڙن طور استعمال ٿين پيا. ٻهراڙي وارا والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بدران هاري طور وٺي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته نه پڙهائي آهي، نه سهولتون، ۽ نه ئي مستقبل جو ڪو واعدو. صحت جي شعبي ۾ به صورتحال انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. سرڪاري اسپتالون، خاص ڪري ضلع ۽ تعلقه سطح تي، علاج بجاءِ اميدن جي قتل گاهه بڻجي ويون آهن. نه دوائون آهن، نه ڊاڪٽر، نه ايمرجنسي سهولتون. ڪينسر، هيپاٽائٽس، ۽ ٻيون بيماريون عام آهن، پر سرڪار وٽ رڳو فوٽو سيشن  لاءِ ايمبولينسون آهن. سنڌ جي نوجوانن  لاءِ بيروزگاري انتهائي سنجيده مسئلو بڻجي وئي آهي. لکين پڙهيل لکيل نوجوان رڳو ان انتظار ۾ آهن ته سرڪار ڪڏهن نوڪرين جو اعلان ڪندي. پر، جڏهن به نوڪريون اينديون آهن ته انهن ۾ سفارش، رشوت ۽ ڌرپوءُ کي ترجيح ڏني ويندي آهي. ساڳئي وقت، مهانگائيءَ جي باهه عوام کي ساڙي رهي آهي. اٽو، کنڊ، کاڄ، دوائون، بجليءَ جا بل – سڀني شيءِ جا اگهه آسمان تي. پر حڪومت وٽ رڳو بيان آهن، عمل صفر آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي عوام جي ووٽن ۽ اعتماد جي ڪا به پرواهه آهي، ته هن وقت انهن  لاءِ احتساب، شفافيت ۽ بنيادي مسئلن جي حل  لاءِ فوري ۽ جرئت واري پاليسي اختيار ڪرڻ لازمي آهي. نه ته اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن ماڻهن جا صبر جا پيمانا لبريز ٿي وڃن ۽ ان وقت حڪومت  لاءِ حالتن کي سنڀالڻ ڏکيو نه، پر ناممڪن ٿي ويندو.

 

آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو

 

سنڌ سڀاڻي ڪھڙيون مصيبتون ڀوڳيندي؟؟

 

جلالپور شريف کان ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر اڳتي رسول بئراج وٽان جلالپور ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي. سنڌ کي سڪائڻ جي خوفناڪ حقيقت هي آهي ته 1960ع جي پاڪستان انڊيا سنڌو ماٿر پاڻي معاهدي موجب جهلم نديءَ مان کاٻي پاسي نڪرندڙ جهلم مان چناب کي پاڻي ڀرتي ڪندڙ رسول قادر لنڪ ڪئنال کي طئي ٿيل19000 ڪيوسڪن جي بجاءِ وڌائي 25000ڪيوسڪن تائين ڪيو ويو آهي، ( +6000 ڪيوسڪ ) اهو پاڻي چولستان  لاءِ ستلج نديءَ تائين پھچائڻ  لاءِ باقي ٻين لنڪ ڪئنالن کي پڻ وڌايو ويو آهي، قادر-بلوڪي (راوي ندي) اتان بلوڪي- سليمانڪي (ستلج) تائين پاڻي پهچايو پيو وڃي ان اضافي پاڻي تي چولستان رڻ کي آباد ڪيو ويندو. هتي اسان سنڌين جي ڳڻتيءَ جو سبب هي آهي ته جهلم ندي جا وهڪرا گذريل 65 سالن کان گهٽجي رهيا آهن پهريون موسمي حالتن سبب هاڻي اڳي جي ڀيٽ ۾ جهلم کي ڀرتو ڪندڙ برساتون گهٽجي ويون آهن. ٻيو برف جا گليشر به گهٽجي ويا آهن، ٽيون 1960ع جي معاهدي مطابق انڊيا، پاڪستان جي حصي ۾ آيل ٽنهي درياهن سنڌو چناب مان 14ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي منجهان 12ملين ايڪڙ فوٽ کڻي چڪو آهي. ان ڪري به مٿين درياهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. پنجاب اها کوٽ سنڌ کي سڪائي هر حالت ۾ کڻڻ چاهي ٿو. رسول بئراج وٽان ٻنهي طرفن واڌو پاڻي هاڻي هن ريت کنيو پيو وڃي. رسول-قادر لنڪ ڪئنال ۾ واڌو پاڻي6000 ڪيوسڪ جلالپور ڪئنال وسيلي 1350ڪيوسڪ ٻنهي واڌارن سبب جهلم نديءَ مان 38سيڪڙو کان مٿي واڌو پاڻي کنيو پيو وڃي. ڇا توهان سمجهو ٿا ته جهلم جي ڪمانڊ ايراضي تي شهر ڳوٺ وستيون وسنديون، باغ بستان فصل سڪائي ويران ڪري پنجاب سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي پورو ڏيندو هي ڪا عربي فارسي آهي جيڪا اسان کي سمجھه ۾ نه اچي؟ سياسي طرح ايڏي وڏي اڀار کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪري اسين آزادي ۽ انقلاب جي واٽ وٺي سگھياسون پي پر جي اسان وٽ منظم سياسي جماعتون هجن ها ته نتيجا ٻيا اچن ها. سياست جو سادو اصو اسان کي سمجهائي پيو ته هڪ دفعو عوامي اڀار جي ختم ٿئي ته عام راءِ جا ويساهه ٽٽڻ لڳندا آهن ٻيهر ان کي وري وڏي وقت ۽ وڏي مشڪل سان اڀاري سگهبو سو به منظم سياسي پارٽيون اهو ٽاسڪ پورو ڪري سگهنديون آهن.

 

اياز بلوچ /تنگواني

 

ويٽنگ لسٽ: سنڌ جي نوجوانن سان رچايل رياستي ٺڳي!‎

 

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ انهن نوجوانن کي اوهان وساري ڇڏيو، جن مقابلي جو امتحان پاس ڪيو، جسماني معيارن تي پورا لٿا، انٽرويوز ۾ پاڻ مڃايو پر اڄ به اوهان جي وزارتن جي خاموشيءَ جي عذاب ۾ مبتلا آهن. جي ها، اڄ ڳالهه ڪريون ٿا سنڌ پوليس جي ويٽنگ لسٽ ۾ ويٺل انهن نوجوانن جي، جن کي سرڪاري ڌنڌي جهڙي اهم ۽ حساس اداري ۾ شامل ٿيڻ  لاءِ “ميرٽ” تي چونڊيو ويو، پر پوءِ سندن قسمت فائيلن جي ڍير هيٺ دفن ٿي وئي. هن وقت سنڌ پوليس جي ويٽنگ لسٽ وارا اميدوار سخت اذيت ڀوڳي رهيا آهن. مان سوال پڇان ٿو او گهرو وزير صاحب، او آءِ جي سنڌ! او وزير اعليٰ سنڌ ڇا توهان سمجهو ٿا ته هي ويٽنگ لسٽ وارا نوجوان خاموش رهندا؟ نه! هاڻ نه رهندا. ڇاڪاڻ⁠ ته انهن جي حوصلي جي حد ختم ٿي چڪي آهي. هاڻ انهن جي ساهن ۾ صرف مايوسي ناهي، هاڻ سندن اکين ۾ نفرت جي چمڪ آهي، جيڪا توهان جي ڪرسيءَ  لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. هي صرف لفظن جي جنگ ناهي، هي هڪ تحريڪ جي شروعات آهي. هڪ اهڙي تحريڪ، جيڪا اوهان جي سڪون واري ننڊ کي اُجاگر ڪري ڇڏيندي. هي نوجوان ڪنهن جي مهرباني جا محتاج ناهن هي پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻن ٿا. جيڪڏهن حڪومت اڄ به انهن جي آواز کي نظرانداز ڪري ٿي ته پوءِ سڀاڻي اها باهه، جيڪا هنن جي سينن ۾ ٻري رهي آهي، سنڌ جي روڊن تي هوندي. پوءِ نه ڪنهن کي وردي بچائيندي، نه ڪنهن کي وزارت. اوهان ٽيئي گهرو وزير، وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پنهنجي پنهنجي عهدن جو قسم کاڌو هو، ته عوام جي خدمت ڪندؤ. پر اوهان ائين نه ڪري سگهيا.

 

حاڪم علي چانڊيو/ دادو

 

ماحول سان دوستي ڪندڙن مٿان ڪيس واپس ورتا وڃن

 

سرڪار وڻن جي واڍي تي ان ماحولياتي قتل عام ۽ ماحول مٿان دھشتگردي ڪري وڻن جو خاتمو ڪندڙن خلاف حق سچ ج آواز آواز بلند ڪندي سرڪار جو ڌيان ڇڪائڻ واري انسان ئ ماحول دوست فرض شناسي قومي خدمت ڪرڻ خلاف پوليس طرفان صحافي دوستن مٿان مٽياري پوليس آڏو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل کي انسان دشمني سمجھندي ان ناحق جي مذمت ڪجي ٿي.

جيئن ته جهنڊو مري /عثمان شاھ ھڙي جي ھنن صحافين پنهنجي پيشيوراڻي جوابداري کي نڀائيندي جرم خلاف سچ تي ٻڌل خبر شايع ۽ نشر ڪرايون آھن تنهن ڪري سندن ڪوبه ڏوھ نٿو سمجهيو وڇي ان  لاءِ ڪوڙو ھوائي توائي ڪيس واپس وٺي قانون ۽ انصاف جو بول بالا رکندي کين مڪمل طرح آزاد ڪيو وڇي. پوليس کي دوست دشمن جي سڃاڻ ڪرڻ گهرجي. مٽياري پوليس جي بالاآفيسر کي صحافين سان ناجائزي نه ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي.

ھن ڏس ۾، صحافي تنظيمون ۽ وڪيل ڀائر ھن مامري تي سينيئر صحافي “محترم دودو خان بلوچ” جو مڪمل ساٿ ڏيندي سندن قانوني اخلاقي ۽ مالي مدد  لاءِ ساڻن رابطو ڪيو وڃي. جيئن ظلم ڪندڙن جي دشمني پڌري ٿي سگهي… مھرباني..

 

منظور ڪالرو/ حيدرآباد

 

بينظير هاري ڪارڊ،هارين جا مسئلا ۽ ڪجھ صلاحون….

 

مجموعي طور75 فيصد باقاعدگي سان سنڌ صوبو زراعت تي دارو مدار رکي ٿو. آبادگار، هاري ۽ مالوند ماڻھو کان ويندي ٻھراڙي جو پورهيت طبقو به پنهنجي روزگار سان لڳل آھي ته اهو سلسلو به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان زرعي ڪاروبار ئي هوندو. ايئن هنن کي سرڪار پاران سهولتون ملڻ ۽ سهڪار هجڻ ضروري آھي. ڪجھه مهينن کان سنڌ حڪومت هارين ۽ آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آھي سو ساراھ جوڳو آھي. ان سموري عمل ۾ وري جيڪو بينظير هاري ڪارڊ وارو ڪم آھي سو اڃا وڌيڪ بهتر ۽ قابل تحسين آھي. بينظير هاري ڪارڊ واري سلسلي ۾ اداري پنهنجي ذميوارين ۽ اختيارن کي استعمال ڪندي بهتر کان بهتر ڪارڪردگي سامهون آندي آھي. سنڌ حڪومت جو سهڪار ته آھي ئي آھي پر زراعت جي وزير جو به زور آھي ته جيترو جلد ٿي سگهي بينظير هاري ڪارڊ جي داخلا گهڻي کان گهڻي ڪئي وڃي. پوري سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 2 لک 50 هزار کان مٿي بينظير هاري ڪارڊن جي داخلا ٿي چڪي آھي. جنهن ۾ 1 لک 30 هزار فارم لکت ۾ اچي چڪا آھن ۽ 1 لک 20 هزار کان مٿي فارم آن لائين ڀرجي چڪا آھن. جيڪڏهن مجموعي طور سنڌ حڪومت روينيو جي عملي کي سرگرم ڪري کاتن جي ويريفيڪيشن ڪرائي يا وري عملو بهتر کان بهتر سهڪار ڪري ته اهو عمل اڃا وڏيڪ تيز ۽ ترت ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ جڏهن مختلف هنڌن تان کاتيدارن ۽روينيو عملي جي ذميوارن کان معلوم ڪيو ويو ته ويريفيڪيشن ۽ کاتن جي تبديلي يا ٽرانسفر ۾ دير ڇو ٿي لڳي ته هنن جو چوڻ آھي ته کاتا سنڌ ۾ اڪثر طور ابن ڏاڏن يا خاندانن جي وڏن جي نالن تي آھي جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ به ناهن رهيا. خانداني ڇڪتاڻ کان ويندي مختلف وراثتن وارن سببن ڪري کاتا درست ۽ تيزي سان تبديل نٿا ٿين. پر جڏهن هاري ڪارڊ جي  لاءِ درخواست گذارن کان معلوم ڪيوسين ته آخر ڪار اهي ڪهڙا سبب آھن جو اوهان جا ھاري ڪارڊ جو فارم وقت سر جمع نٿو ٿئي؟ هنن جو چوڻ هو ته روينيو کاتي جي عملدارن جي ڪم ۾ سست رفتاري ۽ ڳڙي رشوت گهرڻ وڏي ۾ وڏو سبب آھي جو کاتا تبديل وقت سر نٿا ٿين. هنن متاثر کاتيدارن، آبادگارن ۽ هارين جو چوڻ آھي ته روينيو کاتي مان انهن رشوت خورن کي ٻاهر ڪڍي ترت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته حڪومت سنڌ ۽ زراعت کاتو بينظير هاري ڪارڊ وارو ٽارگيٽ ۽ مقصد وقت سر پورو نه ڪري سگهندي. مٿين ڳالهين کي سامهون رکي هيٺ ڪجھه تجويزون ڏجن ٿيون. سنڌ حڪومت کي کپي ته سڀ کان پهريان روينيو جي کاتي جي عملي کي ڪنٽرول ڪندي کاتيدارن جا کاتا جلد کان جلد تبديل ڪيا وڃن. کاتن جي ٽرانسفر واري ڪم کي شفاف رکڻ  لاءِ ڳري رشوتي نظام کي به ضابطي ۾ رکيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڇا ٿيندو جو کاتا فوري ۽ آساني سان ٺھي ۽ ملي ويندا ۽ هاري ڪارڊ واري ٽارگيٽ ۽ مقصد کي فوري طور مڪمل ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوندي. ان سان گڏوگڏ کاتن جي آزاد ۽ اپڊيٽ ٿيڻ سان کاتيدار ۽ هاري يا آبادگار سرڪار جي ٻين زرعي سهولتن، زرعي قرضن کي آساني سان حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ ٻيو ڇا ٿيندو ته مڪمل طور تي هڪ سروي به سامهون ايندي ته ڪيترا آبادگار ۽ هاري آھن ۽ انهن جي نالن تي ڪيتري زمين آھي. ان سلسلي ۾ حڪومت سنڌ کي کپي ته آبادگار ۽ هاري کي زرعي جنسن، ڀاڻ ۽ ٻج توڻي زرعي دوائن تي سبسڊي ڏئي. گذريل زرعي سيزن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي دوران وڏي تعداد ۾ هارين ۽ آبادگارن ڪڻڪ پوکائي ۾ DAP ڀاڻ مهانگو هجڻ سبب ڪڻڪ کي نه ڏئي سگهيا جنهن ڪري ڪڻڪ جي اها اپت نه لٿي جيڪا لهڻ کپندي هئي. ان  لاءِ حڪومت کي کپي ته ڀاڻ سميت زرعي جنسن، زرعي دوائن کان ويندي زرعي مشينري تي 50سيڪڙو سبسڊي يعني رعايت ڏيڻ کپي. ان حوالي سان حڪومت سنڌ ۽ زراعت کاتي جي اختيارين کي کپي ته سنڌ جي زراعت کي بهتر کان بهتر ڪري سٺا نتيجا ورتا وڃن. ان  لاءِ جيترو به جلد کان جلد ٿي سگهي آبادگار ۽ هارين توڻي زرعي صنعت ۽ ڪم ڪار سان لاڳاپيل حلقن کي کي مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۽ مسئلن ۾ مدد،رعايت ۽ تعاون ڪرڻ ۽ اوليت ڏيڻ ضروري آھي. جيڪڏهن سرسري جائزو ورتو وڃي ته سنڌ جو مجموعي طور شهري آبادي جي 25 سيڪڙو کي ڇڏي باقي سنڌ جو مڪمل آبادي سنڌ جي زراعت، زرعي ڪاروبار، مالوندي ڪاروبار سان لاڳاپيل آھي. پوءِ اهو هاري هجي، اهو آبادگار هجي، زميندار هجي يا ڪو انهن مان ئي عوامي نمائندگي ڪندڙ لوڪل نمائندو يا تڪ جو ايم پي اي يا ايم اين اي هجي سي پڻ زراعت سان وابسطا آھن. ان ڪري انهن کي خاص دلچسپي وٺي فوري طور زراعت کاتي جي بااختيار عملي کي سرگرم ڪرڻ کپي ۽ مٿين ڳالهين کي عملي شڪل ڏئي انهن کي لاڳو ڪرڻ کپي. سنڌ خوشحال تڏهن ٿيندي جڏهن زراعت بحال ٿيندي، زراعت جي بحالي لاءِ هاري خوشحال سنڌ خوشحال.

 

رحمت الله ٻرڙو

 

ھنڊياري اسڪول جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچايو

 

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ تعليم جي بھتري  لاءِ وڏي بجيٽ رکي ويندي آھي جيئن ٻار سٺي معياري تعليم حاصل ڪري سگھن پر سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي سڀ ڪجھه ابتڙ آھي جيئن ته اسان جي علائقي جي گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري اسڪول ھنڊياري تعليم کاتي جي نااھلي ڪري تعليم جي تباھي جو هڪ زنده مثال بڻجي ويو آهي، جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ انتظامي لاپرواهي سبب علم جي ڏيئو وسامي رهيو آهي. اڪثر استادن جي اسڪول ٽائيم ۾ مسلسل غير حاضريءَ ۽ شاگردن جي اسڪول کان بيزاري جو سبب بڻجي رھي آهي. هڪ طرف جتي سنڌ حڪومت تعليمي شعبي جي بهتري  لاءِ وڏا دعويٰ ڪندي نظر اچي ٿي، اتي ٻئي طرف اهڙا اسڪول آهن، جيڪي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ پاڻي، واش روم، فرنيچر، بجلي ۽ صاف ماحول کان به محروم آهن جنھن سبب شاگردن جي حاضري جي انگ ۾ مسلسل گھٽتائي ٿي رھي آھي. هن اسڪول جي حالت ڏسي لڳي ٿو ته ڄڻ تعليم کي دانسته طور خراب ڪري شاگردن جي تعليم تباھ ڪئي پئي وڃي. شاگرد جيڪي روشن مستقبل جا خواب کڻي ايندا هئا، هاڻ بي راهه ٿي ويا آهن ۽ ڪلاسن جو ماحول ويران نظر اچي ٿو والدين جي پريشاني ۽ مقامي آبادي جي مايوسي ايتري وڌي وئي آهي جو اسڪول ۾ شاگردن جي حاضري جو انگ ھروز گھٽجندو پيو وڃي ڇو ته اڪثر استاد ان وقت ئي اسڪول اچن ٿا جڏھن کين تعليم کاتي جي عملدارن جي اسڪول اچڻ جو اطلاع ملي ٿو حڪومت سنڌ ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي گهرجي ته فوري طور تي اسڪول ۾ اڪثر استادن جي غيرحاضري جو نوٽيس وٺي اسڪول کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن تعليم جي جوڳي بحالي ممڪن بڻجي سگهي. ھن اسڪول جا ٻار به معقول ۽ معياري تعليم جا حقدار آهن ان حق کان وڌيڪ دير تائين کين محروم رکڻ، صرف ناانصافي نه، پر نسلن جي مستقبل سان کيڏڻ جي برابر آهي.

 

ظھير احمد/ ھنڊياري ٺري ميرواھ