پاڪستان جو حملو ۽ ڀارت کي مليل سبق

 

نيٺ پاڪستان به حملو ڪيو ۽ ڀارت کي خبر پئي ته اڃا به پاڪستان کي مقابلي ڪرڻ جي سگھه آهي. هو جيڪو روز  ڊرون جا پيو حملا ڪري اسان کي اسرائيلي سپورٽ جو پيو اطلاع ڪري تنهن کي خبر پئي ته پاڪستان هاڻي اڪيلو نه وڙهندو ان سان چين به وڙهندو، جو اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪيل آهي چائنه جي هو اها ضايع ٿيڻ نه ڏيندو. سو ملڪي ادارن جيڪو دير سان حملو ڪيو ان جو به سبب چائنه جي طرف کان صبر ڪرڻ جو چيل  هو. سو اسان به پئي سس پس ڪئي الائي هيل وري ڪارگل جيان اسان پوئتي  نه پير ڪيون تنهن دؤر۾ به ن ليگ جي حڪومت هئي ۽ هاڻي به هنن جي حڪومت آهي سو متان ڪو ڊونلڊ لالچ ڏئي جنگ کي ٽاري پر هن دفعي هن ريسلنگ جي ريفري جيان پئي مز ورتا ته ڏسون ڪير ٿو ڪنهن کي دسي، ته هو هن جو هٿ پڪڙي چوي هي آهي آمريڪه جو پسنديده ريسلر جيڪو ڌڪ کائي به ڄاڻي ۽ برداشت به ڪري سگهي ۽ وڙهاند لاءِ هر وقت تيار رهي سو هن دفعي آمريڪا جون سڀ اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ پاڪستان جي فوج پنهنجي نئين  نالي جو آپريشن ”بنيان مرصوص“ شروع ڪيو جنهن جو مطلب آهي فولادي ڀت. آپريشن بنيان مرصوص ۾ دشمن کي ناقابلِ شڪست قوم ٿي ڏيکاريو. اهو لفظ سورہ الصف (آيت 4) ۾ آيو آهي جتي الله تعاليٰ فرمايو:“بيشڪ الله اُنهن  ماڻهن سان محبت ڪندو آهي جو ان جي  رستي ۾ گڏجي وڙهندا آهن هڪ مٺ ٿي. الله سائينء هر هنڌ کولي کولي بيان ڪيو آ ته ڪافر توهان جا دوست ناهن ۽ انهن سان گهڻا واسطا نه رکو ۽ نه ئي قربتون وڌايو جو هو توهان جا راز به ڄاڻي وڃن ۽ توهان کي سازش ذريعي نقصان ڏين. جيئن اڄ تائين اسان کي آمريڪا استعمال ڪري وري هندوستان کي هٿيار ۽ سپورٽ ڏئي اسان مٿان دشمن بڻائي مسلط ڪيو. اڄ وري اهو اسان جو خير خواهه ٿي جنگ بندي جي دعويٰ پيو ڪري، پر خبردار جو ان شاطر مڪار دشمن جهڙي سڄڻ تي يقين ڪري پنهنجي عزم ۽ استحڪام کي ڪمزور ڪيو. الله اڄ به پنهنجن مجاهدين اسلام سان گڏ ۽ هر وقت حامي مددگار آ پوءِ اسان کي انشاء الله ڪو به نقصان نه ڏئي سگهندو جو اسان پنهنجي قومي اتحاد کي مستحڪم ڪيو. هاڻي قوم کي نه دشمن کي اکيون ڏيکارڻيون آهن ملڪ جي اتحاد خاطر تمام ننڍن ڏوهن ۾ گرفتار قيدي آزاد ڪيا وڃن. انهن جي مالي امداد ڪري ته جيئن هو جيلن مان محنت ڪرڻ جو ارادو کڻي ڏوهاري زندگي کان پاڻ کي پري رکن ۽ معاشري کي پاڪ صاف صحتمند ماحول ملي جنهن ۾ پنهنجن محافظن جو خوف نه پر انهن مان تحفظ جو يقين ملي. پاڪستان زنده باد قوم پائنده باد سنڌ شاد آباد انشاالله

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

پاڪستان وٽ تباهي جو سامان ڏسي دشمن جا پگهر نڪري پيا آهن

 

رافيل ڪيرائي پاڪستان ايئر فورس فضائي فورس جي پاور ڏيکاري ڇڏي هئي تنهن کان بعد ڪالهه بري فوج فتح ميزائيل سان دشمن تي حملو ڪري ڏيکاريو. فجر مهل JF-17 Thandar اڏام ڀري دشمن مٿان حملي آور بڻجي حملو ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پنهنجو دفاع ڪندي پاڪ فوج جي طاقت دنيا اڳيان ڏيکاري آهي جيڪو ذاتي دفاع خاطر دشمن کي جوابي ڪاروائي ڪري ڏيکاري ان جي تباهي جو سامان ميسر ڪيو ويٺو آهي. هن وقت تائين پاڪستان وٽ تباهي جو سامان ڏسي دشمن جا پگهر نڪري ويا ۽ ڇوهه ڇڏائجي ويا آهن پر هيل تائين سنگين صورتحال ڪجهه گهڻي اڳيان ناهي وئي. ٻنهي ملڪن کي کپي ته ڳالهيون ڪري وڌندڙ ڪشيدگي کان پاسو ڪن. ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي ليڊرشپ کان ڪم وٺن جنگ تباهي کان سواءِ ڪجهه ناهي بهتر هوندو ته ٻئي ملڪ هٿيارن جو استعمال ڇڏن. هن وقت پاڪستان ڀارت سان ميڊيا وار به خوب وڙهي رهيو آهي پاڪ فوج جو دشمن سان مقابلي لاءِ بلند حوصلو ۽ وڏو عزم آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

پاڪستانيءَ قوم جو، پاڪ فوج کي سلام

 

پاڪستان دنيا ۾ ھڪ عظيم ملڪ آهي جيڪو ھميشه پنھنجي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند رهيو آهي. پر پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي امن پسند ملڪ طور دنياسچاڻپ کي شايد ڪمزوري سمجھي رھيا ھئا. ڪجھه ڏينهن کان ڀارت مسلسل پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪري رھيو ھو  ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ٿيندڙ دھشتگردي جي واقعي ۾پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي خاطر انھيءَ جو ڪوڙو بي بنياد الزام پاڪستان تي لڳائي ھن خطي کي جنگ جي ور چاڙهي ڇڏيو. جڏهن ته ڀارت جي مسلمان دشمن وزيراعظم نريندر موديءَ ۽ انھيءَ جي انتهاپسند ساٿين رات جي اونداھيءَ ۾ پاڪستان جي مظلوم شھرين تي حملا ڪري معصوم ٻارڙن جو ناحق خون وھايو. مسلمانن جي عبادت گاھن، مسجدن تي حملا ڪري تمام ڪريل ۽ بزدل حرڪتون ڪيون، پر پوءِ به پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ قوم صرف پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو  ۽ پاڪستاني قوم تي حملا ڪندڙ جھازن کي واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڪارروائي جي دوران ڀارت جا پنج جنگي جھاز ڪيرايا ويا جن ۾فخر ڀارت رافيل جھاز به شامل آهن ۽ ڊرون به ڪيرايا ويا ۽ دنيا جي آڏو ڀارت جون بدمعاشيون وائکيون ڪيون ويون. پاڪستان صرف پنهنجي دفاعي حق استعمال ڪيو پر پاڪستان حالتون سمجھيون پئي ته ڇڪتاڻ واري صورتحال سان علائقائي صورتحال خراب ٿيندي، ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت رکندڙ  آهن جنگ نه ٿئي امن قائم ڪيو وڃي پر ڀارت جيڪو غرور ۽ تڪبر جي انڌي گهوڙي تي سوار ھو جنهن تمام ٻاراڻيون حرڪتون شروع ڪيون، جن ۾سنڌ طاس معاھدو ختم ڪرڻ، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جو رخ تبديل ڪرڻ به شامل ھو ۽ گڏوگڏ ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو به شايد نريندر موديءَ کي شوق به ھو، تڏهن ته ھن وري به پاڪستان جي سرحدن تي ڇڪتاڻ ڪري شھرين کي نشانو بڻايو. پاڪستان ۾ ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڊورن موڪلي پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪيو. اھڙي صورت حال ۾ پاڪستان وٽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ھو ئي ڪونه. ڀارت پاڪستان کي بار بار چلينچ ڪندو رهيو پاڪستان جي حڪومت ۽ فوج تمام گھڻو صبر ڪيو پر ڀارت انھيءَ جي صبر کي شايد ڪمزوري سمجهڻ لڳو. نيٺ جڏهن ڀارت جي انتها پسندن جي حڪومت ۽ نريندر موديءَ بار بار پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪيو ته پوءِ پنهنجي پياري پاڪستان جي بقاءَ سلامتي جي خاطر پاڪستان جي فوج حڪومت ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارت تي حملن جو فيصلو ڪيو ويو. انھيءَ وطن عزيز جي دفاع جي خاطر وڙھندڙ جنگ ۾ بنيان مرصوص آپريشن شروع ڪيو. پاڪستان ڀارت کي پھرين ئي منھن ٽوڙ جواب ڏئي چڪو ھو پر جڏهن تازو ڀارت تي حملا ڪيا ويا ته اھي حملا بزدل ڀارت جيان نه شھرين تي ڪيا ويا نه وري عبادتگاهن تي ڪيا ويا نه ئي رات جي اونداھيءَ ۾ڪيا ويا پر اھي حملا پاڪ فوج جي سپهه سالار آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قيادت ۾فجر جي نماز پڙهڻ دعا بعد ڏينهن جي روشنيءَ جي پهرين ڪرڻن جي شروعات سان ڪيا ويا انھيءَ پاڪستاني قوم جي دعائن سان پاڪ فوج جي حملن ڀارتي فوج انتهاپسندن جي حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ۽ پاڪستان جي عظيم بھادر فوج سمورا اٽيڪ پاڪستان جي سالميت تي خطرو ثابت ٿيندڙ جاين تي ڪيا ويا. مختلف فيلڊن، ايئرپورٽ، فوجي ھيڊڪواٽرن، چوڪين کي نشانو بڻايو ويو آهي. پاڪ فضائيه دشمنن جا حوصلا ئي خطا ڪري ڇڏيا ۽ بزدل ڀارت جو غرور تڪبر مٽيءَ ۾ ملي ويو. ڀارت کي پاڪستان پنهنجي اوقات ڏيکاري ڇڏي آهي. ڀارت جيڪي ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا آھن ۽ انھيءَ جو کيس حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. پاڪ فوج پنهنجي صلاحيتن حوصلن ۽ بھادري سان دشمنن کي ھميشه جي لاءِ سبق سيکاري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي فوج ڀارتي فوج کي پنهنجي صلاحيتن حوصلن جي بنياد تي جنگ اصولي طور ھارائي چڪي آهي. ڀارت جيئن اڇيون جھنڊيون چوڪين تي کوڙي ڀڄندو آهي ائين ھاڻي کيس شڪست قبول ڪندي پاڪستان جي دفاع جي لاءِ وڙھندڙ پاڪ فوج جي صلاحيتن کي مڃڻ گهرجي. پاڪستان جي فوج تي پاڪستاني قوم کي ناز آهي جنهن ڀارت جا ھوش خطا ڪري ڇڏيا آهن. اسان ڪروڙين پاڪستاني پاڪ فوج سان گڏ آھيون. کيس جنھن بھادري سان دشمنن جو مقابلو ڪري کين شڪست ڏني آهي کيس سلام پيش ڪيون ٿا.

 

وفا سانوڻ نوحاڻي/ ڪڙيو گهنور

 

عمرڪوٽ – مونيڪا ڌيءَ واشوديو ميگھواڙ جو اندوھناڪ قتل

 

اڄ صبح مونيڪا هڪ ننڍڙي معصوم نياڻي، پنهنجن ڀيڻ ڀائرن سان گڏ خوشيءَ خوشي اسڪول وڃڻ نڪتي. جمعي جو ڏينهن هو، ٻارهين وڳي موڪل ملي. مونيڪا ٻارن سان گڏ اسڪول کان ٻاهر نڪتي ته اوچتو نشي ۾ ڌت ڊرائيور هڪ تيز رفتار گاڏي سان اچي ويو. ان گاڏي مونيڪا کي زوردار ٽڪر هنيو. معصوم نياڻي هوا ۾ اڏامي وئي، زمين تي ڪري پئي، رت وهڻ لڳو. مونيڪا جي ڀاءُ خوف ۽ ڏک ۾، رت سان ڀريل مونيڪا کي ڀاڪر ۾ کنيو. مونيڪا جا ساهه آهستي آهستي وسامڻ لڳا. ڀاءُ، غريبن جو واحد آسرو – فرسٽ ايڊ، رت روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر رت بند نه ٿيو، سور وڌندو ويو. ۽ پوءِ… مونيڪا زندگيءَ جا آخري ساهه کڻي هميشه لاءِ وڇڙي وئي. مونيڪا! اسان کي خبر آهي، تنهنجي خون سان انصاف نه ٿيندو.

نه ڪو صحافي هن ظلم بابت لکندو،

نه ڪو سياستدان تڏي تي ايندو،

ڇو ته تون غريب جي ڌيءَ هئين…

۽ گاڏي، قاتل، ۽ طاقت – سڀ سندن هٿن ۾ آهن.

اهي قاتل کي آزاد ڪرائيندا،

سلھون ڪنداسين چوندي، رت جو سودو ڪندا،
وڏيرا، پٽيل، بااثر ماڻهو – ماءُ جي ممتا، پيءُ جو پيار نٿا سمجهن.

تنهنجو رت هن مٽيءَ تي وسامي ويندو، پر انهن جي ضمير تي ڪڏهن به دستڪ نه ڏيندو.

 

دادو پرمار/ عمرڪوٽ

 

شهيد محمد نواز سرخ سلام

 

١٢ مئي ٢٠٠٧ع جي ڏينهن جٿي هن ملڪ جي انصاف جي اعليٰ  عملدار جي پنهنجي ئي ملڪ ۾ دھشت گردن رستا روڪ ڪئي هئي. اتي ٽن معصوم نياڻين ۽ ٽن پٽن کان سندن سهارو پي وني کان ور ڀاءُ کان موڀي ڀاءُ ۽ ماءُ کان ان جو لخت جگر کسيو ويو. اسان جو دوست ۽ ساٿي محمد نواز ڪنراڻي ٺل شهر جو رهواسي روينيو کاتي جو ملازم۽ عوامي تحريڪ جو ڪارڪن ١٢ مئي ڏينهن سنڌ جي دل ڪراچي شهر ۾ ڏاڍ ۽ دهشت جي علامت بڻيل جنرل مشرف جي اتحادين آڏو قانون ۽ انصاف جو اقبال بلند ڪندي نياڻين ۽ سنڌياڻين جي ڍال بڻجي گولين جو کاڄ بڻيو. سندس سان گڏ پنجاهه کان وڌيڪ بي گناهه انسانن جو خون ڪراچي جي روڊن تي وهايو ويو. ارڙهن سال گذرڻ باوجود انصاف ۽ عدليا جي سربلندي لاءِ جان ڏيندڙ دوست محمد نواز ڪنراڻي سميت پنجاهه بي گناهه شهرين ۽ محب وطنن سان اڄ سوڌو انصاف نه ٿي سگهيو آهي. ملڪ جون عدالتون ۽ جج ٻارنهن مئي جي قتلام ۾ ملوث دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن آڏو بي وس بڻيل آهن، پر شهيد محمد نواز جا ٻچا، عزيز، دوست ۽ رفيق انصاف جي اوسئڙي ۾ آهن. نااميد ناهن، ته آخر ڪڏهن هن ملڪ جو ضمير جاڳندو ۽ شهيد محمد نواز سميت ٻارنهن مئي جي ڪونڌرن سان انصاف ٿيندو، قاتل ۽ جلاد ڪيفر ڪردار تي پهچندا. پنهنجي ئي ڌرتي تي گولين جو بک بنجڻدڙ محمد نواز جي قرباني هميشه  تاريخ ۾ ياد رکي ويندي. هن ساهه ڏيئي ويساهه کي قائم ڪيو. اميد ته شهيد انصاف سان انصاف ٿيندو. هن ملڪ ۾ ڏاڍ ۽ دهشگردي ذريعي مظلوم قومن جي حقن ۽ وسيلن تي راتاها هڻندڙ نروار ٿيندا. حقيقي جهموريت جو سج اڀرندو. سنڌ ۾ خوشحالي ايندي. اسان جي مئاسين، سفر ۾ اي ساٿي ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

 

شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد

 

هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻي جو تڪرار!!!

 

بنيادي طور تي هندستان کان پاڪستان ۾ وهندڙ دريائن جي ورڇ جي چوڌاري گهمي ٿو. هي مسئلو 1947 ۾ برطانوي هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿيو. اهم نقطا: 1. سنڌو پاڻي معاهدو (1960):  1960 ۾، عالمي بينڪ جي مدد سان، ٻنهي ملڪن سنڌو پاڻي معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي موجب: * پاڪستان کي ٽن اولهه دريائن تي حق مليا:  سنڌو، جهلم ۽ چناب . * هندستان کي ٽن اوڀر دريائن تي حق مليا:  راوي، بياس ۽ ستلج . * هندستان پاڪستان ڏانهن پاڻي جي وهڪري کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ محدود زراعت ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبن لاءِ مغربي دريائن کي استعمال ڪري سگهي ٿو. 2.  ڊيم منصوبن تي تڪرار:  پاڪستان اولهندن دريائن تي هندستان پاران ٺاهيل ڪيترن ئي ڊيمن ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبن تي اعتراض ڪيو آهي (جهڙوڪ  بگليار ڊيم  ۽  ڪشن گنگا پروجيڪٽ ) اها دعويٰ ڪندي ته اهي پاڪستان جي پاڻي جي فراهمي کي گهٽائين ٿا. 3.  موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ ضرورتون:  وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي چئلينجن سان گڏ، ٻئي ملڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري تڪرار اڃا به وڌيڪ حساس ۽ فوري ٿي رهيو آهي. 4.  سفارتي تڪرار: سياسي يا فوجي تڪرار دوران، پاڻي جي مسئلن تي خطرا اڪثر پيدا ٿين ٿا، جيتوڻيڪ سنڌو پاڻي معاهدو گهڻو ڪري جنگين دوران به برقرار رهيو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻي جو مسئلو ٻنهي قومن لاءِ اهم آهي. مستقبل جي تڪرار کان بچڻ ۽ ٻنهي پاسن لاءِ پاڻي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ معاهدي جو احترام ضروري آهي.

 

اياز بلوچ/ تنگواني

 

ڳوٺ ٿاني جو تڙ جي پرائمري اسڪول کي کوليو وڃي‎

 

ڳوٺ ٿاني جو تڙعلي نواز سهتو، ضلعي عمرڪوٽ جي يوسي ڪپلور  جي اُنهن پٺتي پيل علائقن مان آهي جتي اڄ تائين تعليم لاءِ بنيادي سهولت به ميسر ناهي. ڳوٺ  علي نواز سهتو ۾ هڪ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ته ڪيترا سال اڳ تعمير ڪئي وئي هئي، پر اها ڪڏهن به فعال ٿي نه سگهي. وقت گذرڻ سان اها عمارت به هاڻ زبون حالت ۾ اچي وئي آهي. سيميس ڪوڊ نه هجڻ سبب اسڪول کلي نه سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جا سوين معصوم ٻار تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم آهن. اهي ٻار روزانو پري وارن ڳوٺن جي اسڪولن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، يا ته تعليم کان مڪمل طور رهجي وڃن ٿا. هي صورتحال نهايت افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي. جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيو ويو ته هڪ پوري نسل کي علم کان محروم رکڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. اسين تعليم کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کان پرزور اپيل ڪريون ٿا ته ڳوٺ ٿاني جو تڙ  علي نواز سهتو جي اسڪول لاءِ سيميس ڪوڊ جاري ڪري، ان کي فعال بڻايو وڃي ته جيئن اسان جا ٻار به تعليم حاصل ڪري روشن مستقبل طرف وڌي سگھن.

 

قربان علي سهتو/ ٿاني جو تڙ

 

سنڌ پنھنجا آئيني حق گھري ٿي

 

پاڪستان جو آئين  1973ع آرٽيڪل 8 کان 28  بنيادي حق: برابري جو حق (آرٽيڪل 25): هر شهري کي برابر جا حق حاصل آهن، سنڌين کي به. ٻولي، ثقافت ۽ تعليم جو تحفظ (آرٽيڪل 28): هر قوم کي پنهنجي ٻولي، رسم، ۽ ثقافت برقرار رکڻ جو حق آهي. رهاڪن جي تحفظ جو حق (آرٽيڪل 15–19): سنڌين کي سندن ڌرتي تي آزاديءَ سان رهڻ، اظهار، تعليم ۽ روزگار جا حق حاصل آهن. آئين جي 18هين ترميم – 2010ع: صوبن کي وسيلن، تعليم، صحت ۽ ثقافت تي اختيار مليا. سنڌ کي پنهنجن وسيلن جي مالڪي حاصل ٿيڻ گهرجي. ڳولا ۽ وسيلن جي ترقيءَ ۾ سنڌ حڪومت جو اول حق آهي. 3. Council of Common Interests (CCI) وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ لاءِ ادارو. سنڌ جي شڪايت آهي ته CCI جون سفارشون سنجيدگيءَ سان نه ٿيون ورتيون وڃن. 4. Indus River System Authority (IRSA) درياهه جي پاڻي جي ورڇ لاءِ وفاقي ادارو. سنڌ مطابق، ان مان اڪثر پنجاب کي فائدو ملي ٿو، جنهن خلاف سنڌ جو آئيني ۽ قانوني حق آهي ته منصفاڻِي ورڇ ٿئي. 5. Natural Resource Ownership (آرٽيڪل 172(3)) آئين چوي ٿو ته قدرتي وسيلن تي وفاق ۽ صوبن ٻنهي جو حق آهي. مطلب: سنڌ کي پنهنجي ڪوئلي، تيل، گئس، سامونڊي وسيلن تي اختيار آهي، پر اڪثر وفاقي ادارا ان تي ڪنٽرول رکن ٿا. 6. وفاقي نوڪرين جو ڪوٽا سسٽم

آئين مطابق، صوبائي ڪوٽا لازمي آهي. سنڌين کي وفاقي نوڪرين، خاص ڪري اسٽيل مل، بندرگاهه، ريلوي ۽ ريگوليٽري ادارن ۾ برابري حاصل نه آهي، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي. مختصر ۾: سنڌ جا حق آئيني طور محفوظ آهن، پر عملي طور سندن ڀڃڪڙي ٿئي ٿي. سنڌ کي:

پنهنجي وسيلن تي مالڪي، پاڻي جي منصفاڻِي ورڇ، روزگار، تعليم، ٻولي، ۽ ثقافت جو تحفظ

۽ وفاقي ادارن ۾ مناسب نمائندگي. آئيني طور حاصل آهي – پر ان لاءِ شعوري جدوجهد، سياسي اتحاد ۽ قانوني واٽون اختيار ڪرڻ ضروري آهن. اسين سنڌ جا ماڻھو اوھان کان آئيني حقن جي گھر ڪيون ٿا اسين آئين جي حقن کان محروم ڇو آھيون، جيئن ته گئس به سنڌ ڏي ڪوئلو به سنڌ ڏي پئٽرول به سنڌ ڏي بجلي به سنڌ ڏي پورٽ به سنڌ مان پوءِ به اسان جي سنڌ ۾ ڪيترا ڳوٺ ۽ شھر گئس کان محروم، بجلي کان محروم ٻيون ڪيترن ئي شين کان محروم آخر ڇو ؟

 

ايڊووڪيٽ ھمير گھمرو/ پير ڳوٺ